Wednesday, July 26, 2017

برمودا سان وابسته يادون - الطاف شيخ

برمودا سان وابسته يادون
الطاف شيخ
برمودا ٻيٽ تي رهائش وارا چند ڏينهن ياد اچن ٿا جڏهن اسانجي جهاز جو ”برمودا ٽڪنڊي“ واري سمنڊ ۾ حادثو ٿيو هو ۽ جهاز جي بئالر جي مرمت لاءِ ۽ اتان ئي ڪجهه ڪارگو کڻڻ لاءِ اسانجو جهاز برمودا جي بندرگاهه ”هئملٽن“ ۾ لنگر اچي ڪيرايو.


هئملٽن برمودا جي گاديءَ جو شهر پڻ آهي. ائين ته نٿو چئي سگهان ته برمودا ٻيٽ تي سڀ کان وڏو شهر هئملٽن آهي. ڇو جو هئملٽن کان وڏو شهر ”سينٽ جارج“ آهي جيڪو هئملٽن کان اڳ 1815ع تائين برمودا جي گاديءَ جو هنڌ هو. ياد رهي ته ڪولمبس جي آمريڪا کي ڳولڻ بعد سگهو ئي 1511 ۾ برمودا ٻيٽ جي خبر پئجي وئي هئي جڏهن ”جئان برموديز“ نالي اسپين جو ڪئپٽن پنهنجي جهازLa-Garza  ۾ بارسلونا کان آمريڪا ڏي پئي ويو ته ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرندي کيس هي ٻيٽ نظر آيو هو. پر هن ٻيٽ تي ماڻهن جي رهائش سؤ سالن بعد 1609 ۾ تڏهن ٿي جڏهن انگلنڊ وارن جوSea Venture  نالي جهاز آمريڪا ڏي ويندي برمودا ٻيٽ جي ويجھو سمنڊ اندر موجود ٽڪرينReefs  سان ٽڪرائجي ڀڄي پيو. منجھس سوار ماڻهن تري هن ٻيٽ تي اچي پناهه ورتي ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي ٻيا به اچڻ لڳا ۽ برمودا جي سرسبز ڌرتي ۽ سٺي موسم ڪري اتي ٽِڪي پوڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا. ڏٺو وڃي ته برمودا جو هي شهر سينٽ جارج ان وقت کان 1815 تائين اٽڪل ٻه صديون گاديءَ جو شهر  رهيو. ان ڪري سينٽ جارج شهر کي برمودا جو تاريخي شهر سڏجي ٿو. برمودا ٻيٽ آهي ئي ڪيڏو! ڊيگهه ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين وڌ ۾ وڌ 22 ميل آهي. سو هئملٽن ۾ رهڻ دوران ٽئڪسي ۽ بسين ۾ اسان سينٽ جارج شهر به ويندا رهياسين جنهن جون گهٽيون هئملٽن وانگر اتر ڏکڻ ۽ اولهه اوڀر ڏي سڌيون نه پر سنڌ جي شهرن روهڙي ۽ شڪارپور وانگر هيون. پر اهو به لکندو هلان ته گهٽين جي سوڙهي ۽ وڙ وڪڙن وارو هجڻ جي باوجود ٽرئفڪ فل اسپيڊ تي هلندي نظر آئي جو ڪِٿي به ڪنهن قسمَ جي انڪروچمينٽ (ناجائز تجاوزات) نه هئي. ايتريقدر جو واٽهڙوءَ کي رستو به اتان ٽپڻو پيو ٿي جتي ٽرئفڪ پوليس طرفان نشان (زيبرا ڪراسنگ) لڳل هئو. اهو ئي حال مون اسپين جي لاس پاماس ٻيٽ، سئيڊن جي تاريخي شهر مالمو ۽ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڏٺو ته آڳاٽي قسم جي سوڙهين گهٽين باوجود انهن تان نه فقط ڪارون پر بسون به اسپيڊ سان هلي رهيون هيون پر هيڏانهن اسان جي ملڪ جي شهرن جا ويڪرا رستا هوندي به ڇا انڪروچمينٽ ۽ بدنظمي آهي. جتي ڪٿي ٽرڪون ۽ ٽرالر پارڪ ٿيل ملندا. دڪاندار پنهنجي سامان سان فٽ پاٿن کي ڀري ڇڏيندا ۽ واٽهڙو فٽ پاٿن تي جاءِ نه هجڻ ڪري مجبور ٿي پڪن رستن تان هلندا جيڪي ڪارن بسين لاءِ ٺهيل آهن. نتيجي ۾ ٽرئفڪ جئم يا حادثا ... . لاڙڪاڻي ۾ هڪ پوليس واري کي چيم ته: ”ان قسم جا حادثا روڪي به سگهجن ٿا“ ته هن ٺهه پهه وراڻيو: ”سائين اهي حادثا ئي ته اسان لاءِ رزق جو ذريعو آهن.“ ان وقت مونکي هن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ شايد توهان کي به نه آئي هجي ... . هن جو مطلب هو ته دڪاندار جن کان ڏهاڙي چانهه پاڻي جو خرچو ٿا وٺون انهن کي فٽ پاٿ تي سامان رکڻ کان ڪيئن منع ڪريون ... . ۽ انهن حادثن جي ڪري ئي ته ٻنهي ڌرين مان چار پئسا ڪمايون ٿا. يعني اسان وٽ ”ٽرئفڪ پوليس“ ٽرئفڪ کي روان ۽ با حفاظت هلڻ لاءِ سهڪار ڪرڻ بدران خاموشي ئي رهي ٿي ۽ پوءِ ڪو سگنل ٽوڙي ٻي گاڏي يا رستو ٽپندڙ ماڻهو کي وڃيو هڻي ته ڪنڊ ۾ لڪل اسانجو پوليس وارو چالان جي بندي کڻي علاؤ الدين جي جادوئي چراغ واري جن وانگر نموندار ٿيو پوي.
بهرحال مونکي هن وقت به سينٽ جارج شهر جا بي ترتيب رستا ياد پيا اچن خاص ڪري بندرگاهه جي ڀر وارا جتي King’s اسڪائر آهي جيڪو ”مارڪيٽ اسڪائر“ به سڏجي ٿو. جنهن جي ڀرسان واٽر اسٽريٽ آهي، ڊيوڪ آف يارڪ اسٽريٽ آهي ۽ اڳيان ويلنگٽن اسٽريٽ جيڪا، جتي ”فورٽ جارج“ وٽان گذري ٿي، اتان اتر اولهه  ڪنڊ ڏي جيڪو رستو وڃي ٿو ان جو نالو ”خيبر پاس“ آهي. رستن ۽ ڪجهه ٻين عمارتن جا نالا جيڪي اڃان ياد اٿم، اهي آهن: اولڊ مليٽري روڊ، وڪٽوريا روڊ، ترڪي هِل روڊ، بارڪ روڊ، پارڪ روڊ وغيره ۽ ”وائيٽ هارس تاورن“ _ جيڪا بندرگاهه وٽ جھوني ريسٽورنٽ آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ۾ سن 1815 ۾ جان ڊئون پورٽ نالي واپاري بزنيس خاطر اچي رهيو هو. سندس ڊپارٽمينٽل اسٽور اڄ به مشهور آهن.
برمودا جي هاڻوڪي گادي واري شهر ”هئملٽن“ جي ٻي ڳالهه آهي. آمريڪا جي واشنگٽن ڊي سي شهر وانگر هن جا روڊ ساڄي کاٻي ۽ هيٺان کان مٿي آهن. بندرگاهه کان بس ۾ چڙهي شهر جو چڪر هڻندا هئاسين يا ڀاڙي تي سائيڪل وٺي هئملٽن شهر جي گهٽين ۽ روڊن تي ائين هلندا هئاسين جيئن جپان جي شهرن ۾ خاص ڪري وڪاياما، نگويا ۽ آيوئي جهڙن ننڍن شهرن ۾. برمودا جي سرڪار ان ئي ڪوشش ۾ رهي ٿي ته ماڻهو ڪارن بدران سائيڪلون استعمال ڪن ڇو جو برمودا ٻيٽ سنگاپور کان به گهڻو گهڻو ننڍو آهي. ٽرئفڪ کي گهٽ رکڻ لاءِ برمودا ۾ اهو به قانون آهي ته ڪار فقط اهو خريد ڪري سگهي ٿو جيڪو برمودا جو شهري آهي ۽ هر گهر جو فقط هڪ فرد خريد ڪري سگهي ٿو.
هئملٽن جي بندرگاهه مان نڪرڻ سان جيڪي ڪجهه روڊ هن وقت ياد اٿم اهي آهن فرنٽ اسٽريٽ، چرچ اسٽريٽ، وڪٽوريا اسٽريٽ، ايليٽ اسٽريٽ، ايجنل اسٽريٽ، وڊيورن ايوينيو، ڪُئين روڊ، ڪورٽ اسٽريٽ، ڪنگ اسٽريٽ ... . وغيره. بندرگاهه کان ٻاهر نڪرڻ سان برمودا بئنڪ جي عمارت آهي جنهن جي پهرين ماڙ تي سِڪن جو ميوزيم آهي جنهن ۾ شروع کان هتي هلندڙ سڪا نظر اچن ٿا. ڪُئين اسٽريٽ تي هتي جي هسٽاريڪل سوسائٽي جو ميوزيم آهي. پارليامينٽ اسٽريٽ تي جتي چرچ اسٽريٽ اچي ٿي ملي اتي سيشن هائوس (پارليامينٽ بلڊنگ) آهي. هيءَ عمارت آئسلنڊ ۽ انگلنڊ جي پارليامينٽ بلڊنگن بعد دنيا ۾ ٽئين نمبر تي جھوني عمارت آهي.
هڪ دفعو وري لکندو هلان ته هن ٻيٽ يا هن ملڪ جو نالو برمودا نه پر ”برموداز“ آهي. ڇو جو هوائي جهاز مان مٿان يا وري پاڻيءَ جي جهاز ۾ هن ملڪ جي ويجھو پهچندائو ته توهان کي سمجهه ۾ نه ايندو ته ڪهڙو ٻيٽ برمودا آهي. مختلف سائيزن جا ننڍا ننڍا سوين ٻيٽ آهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن کي ڳڻجي ته ڪنهن کي سندس ننڍي سائيز جي ڪري درگذر ڪري ڇڏجي. ائين ته اٽڪل 500 کن ٻيٽ آهن پر ماڻهپي ۾ يعني چڱي خاصي سائيز ۾ 300 کن چئي سگهون ٿا جن مان به ڪي خالي پيا آهن ... . ڪي هيٺانهان هجڻ ڪري ڏينهن ۾ ايندڙ ٻه دفعا هاءِ ٽائيڊ ۾ ٻڏيو وڃن. دراصل هن قسم جي ٻيٽن لاءِ آئون پنهنجن شاگردن کي اهو ئي مثال ڏيندو آهيان ته جي شيشي جي جڳ کي مٿان ڪري هيٺ فرش تي هڻجي ته ان جي ڇا حالت ٿيندي؟ ۽ ڀور ڀور ٿيل جڳ جا ٽڪرا ڳڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هتي جيڪو وڏو ٽڪرو آهي ۽ جنهن کي مين آئلنڊ سڏجي ٿو ان ۾ هئملٽن شهر آهي دراصل اهو ئي برمودا آهي پر ٻيا ٻيٽ ويندي اهي جيڪي کٽ جيڏا ٿيندا اهي به برمودا سڏجن ٿا ۽ سڀ ملائي ”برموداز“ ملڪ ٿيو. انهن 300 يا 500 ٻيٽن جي جملي پکيڙ وٺجي ته سنگاپور ٻيٽ جو به ٽيون چوٿون حصو ٿئي ٿي. مشهور ملڪ مالديپ ۽ فلپين به ائين سوين ٻيٽن جا جھڳٽا آهن. ان ڪري انهن ٻيٽن جي انگريزي نالي جي آخر ۾S  آهي جيئن ته مالديپ جو Maldives ۽ فلپين جو Philippines نالو آهي.
برمودا ٻيٽ تي ٽوئرسٽ هوائي جهاز ذريعي اچڻ کان علاوه پاڻيءَ جي خوبصورت مسافر جهازن ذريعي پڻ اچن ٿا پر ڪروزر (وڏا مسافر جهاز) گهڻو ڪري آمريڪا کان اچن ٿا. اهي جهاز هئملٽن يا سينٽ جارج شهرن جي بندرگاهن ۾ لنگر ڪيرائين ٿا. جيڪي مسافر شاپنگ جا شوقين آهن اهي هئملٽن وارن جهازن ۾ اچن ٿا ۽ جيڪي تاريخي شيون ڏسڻ جا شوقين آهن اهي سينٽ جارج بندرگاهه وارن جهازن ۾ هن ملڪ/ٻيٽ تي پهچن ٿا. هي ڪروزر جهاز گهڻو ڪري نيويارڪ کان هر هفتي نڪرن ٿا. ٽي ڏينهن برمودا ۾ بيهي وري نيو يارڪ موٽن ٿا جنهن ۾ چار ڏينهن اوٽ موٽ جي سفر جا آهن.
اسان جي ڏينهن ۾ S.S Meridian نالي مسافر جهاز نيويارڪ کان هئملٽن پهتو هو. هي ٽيهه هزار ٽن وزني جهاز هو جنهن ۾ 553 ڪئبنون هيون جن ۾ 1100 مسافرن جي رهائش جي گنجائش هئي. ان کان علاوه 580 عملي جا ماڻهو هئا. هڪ ٻيو 47 هزار ٽنن جو M.V Horizon نالي جهاز جيڪو اڄ ڪلهه نيويارڪ کان برمودا هر هفتي پهچي ٿو ان ۾ 677 ڪئبنون آهن جن ۾ 1354 مسافرن جي رهائش جو بندوبست آهي. جهاز هلائڻ ۽ ٻين ڪمن ڪارين لاءِ هن جهاز تي عملي جا 650 ماڻهو مقرر آهن. ستن ڏينهن جي سفر ۽ رهائش جي ٽڪيـٽ اٽڪل 4 هزار ڊالر يعني 4 لک رپيا آهي. جيتوڻيڪ نيويارڪ کان برمودا هوائي جهاز جي رٽرن ٽڪيٽ 25 هزار رپين کان به گهٽ آهي. اهو به لکندو هلان ته برمودا جي هوٽلن ۾ رهائش تمام مهانگي آهي.
برمودا ٽڪنڊي جي رازن، ڳجهه ڳوهن ۽ سنسني خيز واقعن تي ته ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، پر برمودا ٻيٽ جي سونهن ۽ سُڪون ڀري زندگيءَ تي به ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن لکيو  آهي. ويندي شيڪسپيئر جيڪو ڪڏهن به برمودا نه آيو پر برمودا ٻيٽ بابت سياحن کان ٻڌي ٻڌي هو برمودا جو متوالو ٿي ويو. سندس ڊرامي Tempest ۾ هن ٻيٽ جو ذڪرٿيل آهي ... . يعني اهو انگريز چون ٿا ... . جيتوڻيڪ مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي. ڇو جو 1609 ۾ جڏهن جارج سمرس جي جهاز جو برمودا وٽ حادثو ٿيو ته ان جهاز جا ماڻهو پهريان هئا جيڪي برمودا ٻيٽ تي رهي پيا. هو جڏهن هن ٻيٽ تي آيا ته هنن کي ڪو به ماڻهو نظر نه آيو. ۽ انگريز شاعر ڊرامه نويس شيڪسپيئر جي زندگي تي نظر ٿي وجھجي ته هو 1564 ۾ ڄائو هو ۽ 1616 ۾ وفات ڪيائين ... . يعني برمودا ٻيٽ تي آيل پهرين ماڻهن بعد هو 7 سال رکي گذاري ويو.
بهرحال اهو ٿي سگهي ٿو ته هن آمريڪا ايندڙ ويندڙن کان اهو ٻڌو هجي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وچ ۾ برمودا ٻيٽن جو جھڳٽو آهي ... . ڇو جو هن ٻيٽ جي موجودگي جي خبر ته شيڪسپيئر جي ڄمڻ کان 50 سال اڳ پئجي چڪي هئي جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته اسپين جي ڪئپٽن کي هي ٻيٽ نظر آيا جن کي هن اسپين جي ملڪيت قرار ڏئي نقشي ۾ ڏئي ڇڏيو باقي پاڻ يا ٻيا پنهنجن جهازن کي وٺي اتي لنگر انداز نه ٿيا. باقي هڪ ٻئي انگريز شاعر ٿامس مورThomas Moore  جنهن جو آئرلئنڊ سان واسطو هو ... . اهو 1779 ۾ ڄائو هو ۽ 1852ع ۾ وفات ڪيائين، هو 1804 ۾ ڪجهه مهينن لاءِ برمودا اچي رهيو هو ۽ ان وقت تائين برمودا اسپين جي لاس پاماس ٻيٽ وانگر بلي بلي ٻيٽ ٿي چڪو هو جتي هر هڪ رهڻ چاهيو ٿي. ٿامس کي هن ٻيٽ جي سونهن تمام گهڻو متاثر ڪيو جو لکيائين:
Oh! Could you view the scenery dear
That now beneath my window lies.”
ٿامس مور لاءِ مشهور آهي ته هن جيترو برمودا بابت ادبي ۽ رومانوي مواد لکيو آهي ايترو ڪنهن ٻئي اديب نه لکيو هوندو. هو برمودا جي شهر سينٽ جارج جي جنهن ”هل ڪريسٽ گيسٽ هائوس“ ۾ رهيو هو اهو اڄ به آهي. ٿامس مور لاءِ مشهور آهي ته هو شهر جي هڪ اهم ماڻهو جي سهڻي ڪنوار ”نياNea  ٽَڪَرَ“ تي موهت ٿي پيو... . جنهن بابت هو هڪ هنڌ لکي ٿو:
Sweet Nea! Let us roam no more”
ٿامس لاءِ اهو به مشهور آهي ته هو پنهنجي گهر جي ڇت تان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ”نِيا“ جي ورانڊي ڏي تڪيندو رهندو هو جيئن هن جي جھلڪ پسي سگهي. ’نيا‘ جي مڙس کي نيٺ غيرت اچي وئي ۽ ٿامس کي هڪ ڏينهن سندس گهٽيءَ ۾ خوب ڊوڙايو ۽ ان بعد ان شهر (سينٽ جارج) مان لڏرائي ڇڏيو. جنهن گهٽيءَ ۾ ٿامس مور کي ڊوڙايو ويو هو اها گهٽي اڄ به موجود آهي ۽ سندس محبوبا نِيا جي ناليNea Alley  مشهور آهي. ٿامس کي اڄ به برمودا جو شاعر سڏيو وڃي ٿو جيتوڻيڪ هو برمودا ۾ فقط ٽي مهينا رهيو ۽ سندس محبوبا ”نيا“ لاءِ چيل شعرن جو بياض Ode to Nea مشهور آهي. پاڻ نه فقط شاعر هو پر اديب، ڳائڻو ۽ وندرائڻ واروEntertainer  پڻ هو. برمودا کانپوءِ هو آمريڪا هليو ويو جتي 1811 ۾ فلم ائڪٽريس ايلزبيٿ بيسي ڊائيڪ سان شادي ڪئي. انگريزي ادب ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب آهن.
برمودا کي انگريزي جي مشهور اديب مارڪ ٽوين به خوب مشهور ڪيو. هن برمودا بابت نه فقط Atlantic نالي ماهوار رسالي ۾ (78-1877ع دوران) احوال لکيو پر پنهنجي پهرين ڪتاب The Innocent Abroad ۾ به ڪافي لکيو آهي. هوMark Twain  هن ٻيٽ تي ايترو ته موهت هو جو مٿيون ڪتاب ڇپجڻ کان گهڻو گهڻو پوءِ هن پنهنجي هڪ دوست کي لکيو ته هن کان جي مرضي پڇي وڃي ته هو جنت کان وڌيڪَ برمودا کي ترجيح ڏيندو.
مارڪ ٽوين کان پوءِ جنهن اهم انگريزي اديب جو برمودا ۾ اچڻ ۽ برمودا تي لکڻ بابت ٻڌجي ٿو اهو اونيلEugene O’Neill  آهي جيڪو 1924ع ۾ پهريون دفعو برمودا ۾ اچڻ بعد بار بار ايندو رهيو. سندس The Great God Brown برمودا ۾ ئي لکيل آهي. هن جي ڌيءَ اُوناOona  هن ٻيٽ تي ڄائي، جنهن اڳتي هلي چارلي چپلن سان شادي ڪئي.
مٿين اديبن شاعرن کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي برمودا ۾ رهيا ۽ هن ٻيٽ بابت لکيو جيئن ته:
1.     Sinclair Lewis
2.     Hervey Allen
3.     James Ramsey Ullman
4.     James Thurber

وغيره وغيره.

No comments:

Post a Comment