Saturday, July 29, 2017

ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۽ صنعتي ترقي مٿان شوقينن جي عياشي جو تاثر عام آهي - ڊاڪٽر ايوب شيخ

ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۽ صنعتي ترقي مٿان شوقينن جي عياشي جو تاثر عام آهي
سعيو سامونڊين سين
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ٿائيلينڊ سان عالمي بيواجبي:
اوهان جڏهن به ڪنهن سان ذڪر ڪندا ته ”ٿائيلينڊ گهمي آيو آهيان“ ته جيڪي ماڻهو اهو ملڪ نه ڏسي آيا آهن سي، رڳو ان پروپئگنڊا آهر ئي پنهنجو پهريون خيال ٺاهي ڇڏيندا آهن ته ”فلاڻو عياشي ڪرڻ ويو هوندو“. اها پروپئگنڊا جهر جهنگ مشهور آهي. اولهه جا ملڪ ان کي ”سهولت“ ۽ اوڀر جا ملڪ ان کي ”بي خطر عياشي“ سڏيندا آهن. سڄي ٿائلينڊ ان حوالي سان ايتري ته مشهور ۽ بدنام رهي آهي جو ان جي ڪلچر، ان جي عقيدن ۽ ان جي صنعتن جي باري ۾ ۽ ان پاسي ماڻهن جو ڪڏهن به خيال نه ٿو وڃي. هونئن به، جنسي ڪاروبار، چڪلن، نائيٽ ڪلبن ۽ ان قسم جي سمورن ڌنڌن جي وڌنڌڙ تاثر جي باري ۾ ٿائي سرڪار ڪڏهن به اون نه ڪئي ۽ ڪڏهن به سنجيدگي نه ڏيکاري. هنن وٽ دنيا ڇا ٿي چوي؟ واري سوال بدران دنيا کين ڇا ٿي ڏئي؟ وارو سوال انهن جي لاءِ توڙي سندن غربت جي خاتمي لاءِ سڀ کان اهم ۽ وڏو سوال هيو.


سڄي ٿائلينڊ ۾ ۲۰۱۵ع ۾ جنسي ڪاروبار لاءِ سوا لک رجسٽرڊ عورتون Sex Workers هيون، جيڪي ٿائي مردن سان گڏ ڏوڪڙ آڻيندڙ هر پرديسيءَ سان دل وندرائي اجرت حاصل ڪري پنهنجي زندگيءَ جو گاڏو گهلينديون هيون. پر، ملڪ ۾ هاڻي اهو نئون موضوع آهي ته ٿائيلينڊ ۾ عورتن جو جنسي ڪاروبار هجڻ گهرجي يا نه؟
اها عورت جيڪا ملڪ جي اترئين علائقي مان بئنڪاڪ ۾ ان ڪري آئي آهي ته غربت مان جند ڇڏايان، تنهن لاءِ، شهر ۾ گهٽ محنت ۽ وڏي اجرت توڙي بهتر گذاري لاءِ تڪڙو ڌنڌو اهو ئي هيو ته هو ان ڪم ۾ لڳي وڃي ۽ ڪنهن نائيٽ ڪلب، ڪنهن شراب جي بار يا ڪنهن ڳاڙهي بازار جو حصو بڻجي وڃي. عام طور هر ٿائي عورت محنت ڪري روزانو ۹ کان ۱۰ ڊالر يا ۳۰۰ کان ۴۰۰ ٿائي باٿ ڪمائي ٿي، جيڪي پاڪستاني هڪ هزار ٿين ٿا. پر ڪابه جوان ڇوڪري يا سيڪس ورڪر روزانو ڏيڍ سئو ڊالر يا ۵۰۰۰ ٿائي باٿ ڪمائي ٿي. هو، ان گورک ڌنڌي ۾ موجود هجڻ کي هروڀرو سٺو نه ٿيون سمجهن، پر سرڪار پاران ڪنهن به نئين واٽ نه هجڻ کي اهم عذر ڪوٺين ٿيون. ڇو ته، اصولي طور، ٿائيلينڊ جو عوام ۹۵ سيڪڙو ٻڌ مت جو هئڻ سبب ان ڪرت ۾ هجڻ نه گهرجي، پر سرڪار پاران مسلسل ڪرپشن، ان بنياد تي مسلسل فوجي راڄن ملڪ جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا هئا. پر، ان سموري وهنوار ۾ هاڻي تيزيءَ سان تبديلي اچي رهي آهي.
ٿائيلينڊ ۾ ”سياحت“ کاتي جي ۲۰۱۵ع ۾ نئين وزير نالي ”ڪوبڪارن وتن ورانگڪل“ آئي آهي. ان هڪ سال ۾ سوا لک مان جنسي ڪاروبار ڪندڙ عورتن جي رجسٽريشن ۾ ۲۵ هزار گهٽتائي ڪئي آهي. هن اعلان ڪيو آهي ته ”دنيا جا سياح جيڪي ٿائيلينڊ جي بهترين ڪلچر ڏسڻ ۽ ان جو مشاهدو ڪرڻ بدران رڳو عورتن سان جنسي لاڳاپن واسطي اچن ٿا، سي مهرباني ڪري نه اچن.“
ان وزير جي اعلان سان ٿائي ڪلچر ۾ بحث شروع ٿيو آهي ته جي ”جنس“ جو ڪاروبار گهٽيو ته ڇا پوءِ ملڪ ۾ ايترا ڪروڙ سياح هر سال ايندا؟ پر وزيرياڻي ٿي چئي ته ”جي ملڪ کي هلائڻو ئي جنسي ڪاروبار تي آهي ته پوءِ دنيا جي هيڏي وڏي تهذيب جي ٿيندڙ نقصان جو ڇا ٿيندو“؟ ان بحث ۾ اهي ڀڙوا Pimp (جن کي دبئي ۾ پروموٽرز ڪوٺيو وڃي ٿو) اهي پڻ سوال پُڇي رهيا آهن ته پوءِ اسان لاءِ متبادل انتطام ڪهڙا آهن، جو هي ڌنڌو به اسان کان ڇڏايو ٿا؟
ٿائيلينڊ جون صنعتون:
ڪراچي ۾ اوهان ڪنهن به وڏي مارڪيٽ ۾ وڃو، اتي ٻارن جا ڪپڙا جهجهي انگ ۾ اوهان کي ٿائيلينڊ جا ئي ملندا. اهي ڪراچي ۾ ٽيڻي اگهه تي ۽ مڪاني طور تي بنهه سستا ملن ٿا. زراعت جي ميدان ۾ ڪهڙي ترقي آهي جيڪا چين ڪئي آهي ۽ ٿائيلينڊ پوئتي آهي؟ هن مهيني کان ٿائيلينڊ جي صنعتن ۾ خاص ڪري جاپان جيڪي روبوٽ انجڻون ٺاهيون هيون، اهي ڪتب اچڻ شروع ٿيون آهن. هاڻي ماهرن جي مدد سان اهي روبوٽ هڪ وقت سوين ماڻهن جو ڪم ڪندا، جنهن مان ٿائيلينڊ جي صنعتي ترقيءَ جو مقدار Volume جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. پر، دنيا ۾، خاص ڪري ايشيا جي ملڪن جي ميڊيا ۾، ٿائيلينڊ جو تاثر رڳو ”عياشي“ وارو ئي سامهون آيو آهي. ان صنعتي ترقي جي ڪري هاڻي ٿائيلينڊ هوبهو سنگاپور وانگر پير پائي رهيو آهي. پڙهندڙن يا شوقينن کي خبر هوندي ته سنگاپور ۾ هڪ سڄو زمانو ”عياشي“ سمورن سياحن جو محور هوندي هئي. پرڏيهه مان توڙي لوڪل نرتڪيون ناچ گهرن توڙي نائيٽ ڪلبن ۾ هر ديسيءَ توڙي پرديسيءَ جي دل وندرائڻ ۽ جنسي اڃ اجهائڻ جا سامان فراهم ڪنديون هيون. هاڻي سنگاپور پنهنجي پيرن تي بيهجي ويو آهي. هاڻي ان جي سياحت ”چڪلن“ جي تاثر مان نڪري اصل سياحت بڻجي پيئي آهي. اڄڪلهه جي انگن اکرن موجب، سنگاپور ۾ لوڪل جنسي ورڪر عورتون ۸۰۰ کان ۱۰۰۰ تائين آهن، جڏهن ته پرڏيهه مان ۱۲ يا ۱۳ هزار سيڪس ورڪر هر وقت موجود هجن ٿيون.
ٿائيلينڊ، ايشيا ۾ گاڏين ٺاهڻ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. دنيا جي ڪهڙي گاڏي آهي، جيڪا هتي نه ٺهندي آهي؟ هر قسم جون آرام واريون موٽر ڪارون، مرسڊيز، بي ايم ڊبليو، ٽويوٽا ۽ هنڊا ڪمپنين جا اڪثر ماڊل هاڻي جاپان بدران ٿائيلينڊ ۾ ئي ٺهن ٿا. جاپان اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو ملڪ جي سموري سيڙپ جو ۴۵ سيڪڙو ڏئي ٿو. گذريل ۱۰ ورهين کان چين به ٿائيلينڊ تي نظر وڌي آهي، پر ان جي سيڙپ ۱۰ سيڪڙو آهي. ٿائيلينڊ اڪيلو ملڪ آهي، جيڪو سموري ايشيا کي موٽر ڪارون سپلاءِ ڪندڙ سڀني کان وڏو ملڪ آهي.
ٿائيلينڊ جي ثقافتي دنيا ۽ عجائب خانا:
اسان بئنڪاڪ شهر جي روڊن تان پنڌ پنڌ گهمندا ان هنڌ پهتاسين، جتان وچ شهر مان هڪ نهر وسيلي سياح مهاتما گوتم ٻُڌ جي ياد ۾ ٺاهيل ”فو واٽ“ آياسين. ٿائيلينڊ ۾ Wat مندر يا آستان کي سڏين ٿا. ”فو واٽ“ اهو آستان آهي جتي گوتم ٻُڌ جو تمام وڏو مجسمو جنهن ۾ هن کي ليٽيل ڏيکاريو ويو آهي، سون جو ٺهرائي اتي رکيو اٿائون. ماڻهو ٽڪيٽ وٺي، اول ٻاهرين دالان کان ٿي اندر پهچي ٿو. ڪئين ايڪڙن تي ٻڌل اهي ڪل ست آستان آهن، جن مان سڀ کان وڏو ”فو واٽ“ آهي. اندر پهچڻ کان اڳ، مون خيال ڪيو ته ٿائي ماڻهو سياحن سان ڏاڍي ڪن ٿا.
هڪ هنڌ تمام وڏو گهنڊ آهي. ۱۰ باٿ ڀري، ڪپهه ويڙهيل ڪاٺ جو ڳرو هٿوڙو کڻي ان گهنڊ کي لڳائڻو آهي. جي آواز وڏو نڪتو ته اوهان جي من جون مرادون پوريون ٿينديون، پر جي آواز مڙيئي نڪتو ته اوهان کي وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ جو چيو ويندو، معنا ته ۱۰ باٿ ٻيا به ڀريو. عقيدي جي مت جا موڙهيل اهو نه ٿا سوچين ته ڪپهه چڙهيل سو به ڪاٺ جو ڳرو هٿوڙو ڪهڙا آواز ڪڍندو؟
هزارين سياحن جا لشڪر آهن. جن ۾ اولهه جي ملڪن جا ماڻهو وڌيڪ آهن. اندر داخل ٿيڻ کان اڳ، دروازي تي ڪپڙي جون سوين ڳوٿريون پيون آهن، جن ۾ سياه پنهنجا جوتا ۽ چپل وجهي ساڻ کڻي ٿو. سڀ گوتم ٻڌ جي ان اهم ترين عالمي مجسمي کي انتهائي ادب منجهان ڏسن ٿا. مجسمو ڇاهي؟ جناب گوتم ٻڌ سراپا سون جي جسم سان ڏيکاريو ويو آهي. اٽڪل ۲۲ فٽ ڊگهو اهو مجسمو سندس چهري کان شروع ۽ قدمن تي ختم ٿئي ٿو. سندس قدمن جي خاتمي سان گڏ، ڇا ڏسان ته، هڪ جهور پوڙهي عورت ننڍڙين پيالين ۾ ويهن ويهن باٿن جا سڪا وجهي رکي ٿي، سياح ويهه باٿ ڀري اها پيالي يا پتل جي وٽي هٿ ۾ کڻي، هڪ هڪ باٿ پنهنجي پنهنجي من جي مراد لاءِ قطار ۾ رکيل ننڍن ننڍن گوتمي مجسمن جي ڀنڍاري ۾ وجهندا هال خالي ڪندا وڃن ٿا.
آئون هڪ ڀيرو عامر خان جي فلم ”پي ڪي“ کي ياد ڪريان ٿو، پر ان ياد مٿان گوتم ٻڌ ٻن سببن جي ڪري ياد آيو. هڪ ته، هزارين سال اڳ، جنهن مهاتما گوتم ٻڌ زماني ۽ دنيا جي وحشتن خلاف ترياڪ ڪري دنيا ڇڏي بنواس ڪيو هو، سهڻي زال ۽ شهزادو پٽ ڇڏي جهنگ ۾ بڙ جي وڻ هيٺ تپسيا ڪئي هئي، تنهن ترياڪ دنيا گوتم ٻڌ کي انهن آستانن ۾ وري ان سون سان سٿي ڇڏيو اٿائون. جنهن سون جو هو مخالف هيو، تنهن سان کيس سٿي هاڻي ڪمايون پيا ڪن. مون کي ٻڌمت ياد آيو، جيڪو راجا ڏاهر جي زماني کان اڳ، سنڌ وطن جو ڌرم هيو. اسان ۾ جيڪا هٿ جوڙ آهي، اها تاريخي طور گوتم ٻڌ جي هٿ جوڙ يا ان جي بگڙيل شڪل آهي. سنڌ ۾، تاريخ نه لکي ويئي آهي، جنهن ۾ خبر پئجي سگهي ته ان زماني ۾ سنڌ ۾ ٻڌمت جڏهن هندومت ۾ بدلايو پئي ويو ته ان مذهبي ڪاهه جي ڪري ڪيترا انسان قتل ٿيا هوندا؟ انهن خلاف ڪيتري مزاحمت ڪئي ويئي هوندي؟ بس دين بدلجي ويو، ٻڌمت مان هندو مت ٿي ويو. ان سڄي سانحي تي يا عقيدائي ارتقا تي، نون لقائن تي سنڌ جي ڪنهن به مورخ نه لکيو آهي.

مون کي گذريل سال، سنڌ جي نامياري ڪاموري حميد آخوند صاحب ڪئناڊا ۾ هڪ تاريخ-ليکڪ جي اها ٿيسز ڏني هئي، جيڪا هن سنڌ ۾ ٻڌ مت جي دور تي لکي پي ايڇ ڊي ڪئي هئي. اسان جا پي ايڇ ڊي گهڻو ڪري سنڌي الف...ب کان اڳتي نه وڌي سگهيا آهن.

No comments:

Post a Comment