Monday, July 24, 2017

لاڙي لوڪن جا سٻاجهڙا سانگ - مشتاق باگاڻي

لاڙي لوڪن جا سٻاجهڙا سانگ
مشتاق باگاڻي
جڏهن وس ٿيندي آهي؛ ڪس ڀرجي ڀرجي پوندا آهن، تس ۽ تراءُ پلٽجي پوندا آهن، پٽين ۾ پالوٽ اچي ويندي آهي، ٻنڌيون جهري پونديون آهن، للر ۽ مليرڙو هيٺ پٽ تي ۽ گولاڙن جون وليون ڄارين، ڪنڊين ۽ ڪويڙن تي مٿي چڙهڻ لاءِ پرا ڪيو ڊوڙنديون وينديون آهن. گگرن، ڳاڱين ۽ منگهن جون سايون شالون پهريل ٽارڙيون ۽ فطرت جي جبلن تي ٿيل گلڪاري، باغ عدن جو ڏيک ڏيندي آهي. ٺٽي ننگر جي ڪاڇيلي پٽيءَ جا ماڻهو، مال جا ولر واري، ڏاند گاڏيون سينگاري، اجرڪن جون اوٽون ڏيئي، سنجهي ويل مٿي اتر پار جبلن ڏانهن، سانگ سٽيندا آهن.


جبلن ڏانهن ويندڙ هر واٽ سان، انهن مسڪين پيرن اگهاڙن پنهوارن جا پنهنجي مال سان قطاريل ڪٽنبن سميت قافلا روان دوان نظر ايندا آهن. ڳاڙهي پٽ تي مليري ڳاڙهين ڳئن جي ڳاڙهاڻ تي جڏهن شفق جي لالاڻ پوندي آهي ته سموريون بٺيون ۽ ريٽاوان ريٽ حلواڻ جهڙا ڳاڙها نظر ايندا آهن.
تاريخ ۲۸ جون تي، جبل جي پرين جو پارانڀو پهتو ته؛ واليءَ وس ڪئي آهي، جنگشاهي پٽ جا جبل به وٺا آهن، للر ۽ مليرڙو به موريو آهي. وس تي ڪا وراڻ ڪريج، ٿوهر ۽ ٿوڪ پنهنجي اکين سان اچي ڏسيج، سانگين سان گڏ ساوڪ جي سرهاڻ واري ٿڌڙي هوا جا ساهه کڻيج ۽ ڪو ليک ليکج ته من ڀنڀور جو ڪو بلو ٿئي.
موري کان هڪڙي هفتي جي موڪل وٺي، ڏهين جولاءِ تي حيدرآباد اچي ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيس. گاڏي جيئن ئي بارڻ نئين مٽي، ڪوهستان طرف هلڻ لڳي ته ساوڪ جي سڳنڌ ڀري خوشبوءِ ۽ جبل جي ڳاڙهي مٽيءَ جو هڳاءُ، هينئين ۾ هارجڻ لڳو. ساوا ويس پهريل جبل ۽ انهن جون بٺيون، استقبال لاءِ آتيون نظر اچڻ  لڳيون. هوا سرگوشيون ڪري، انهن جا پارانڀا پهچائيندي رهي.
جنگشاهيءَ ۾ منهنجا جوکيا به جانب دوست آهن؛ ڪرم علي، پيار علي، رحمت الله، ڪريم الله ۽ سليم جوکيو وارا. ساهه سان سانڍڻ وارا دوست موجود آهن، پر چري دل ٿري لوڪن وٽ وٺيو هلي ويهاري؛ ڊاڪٽر دين محمد راٺوڙ، ڊاڪٽر الهداد ڏهٽ ڊاڪٽر انور ڪوٽريو، ڊاڪٽر دولت ۽ هاڻ ڊاڪٽر حاجي بقا محمد راٺوڙ، خذ مت ۾ وري هدايت الله ۽ گلاب. هيءُ سڀ سٻاجهڙا، نيڪ دل انسان، جن وٽ ٽي راتيون ٽڪي مهمانيءَ جو خوب مزو ماڻيم.
اهي سچڙا ۽ سٻاجهڙا ٿري لوڪ، جن تي ٿر جي پس منظر ۾ مون شاعري به ڪئي آهي ۽ ٿر تي پنهنجي ڪنهن ايندڙ ڪتاب ۾انهن جو تفصيلي تذڪرو به ڪندس، انهن وٽ رهندي ۱۱ جولاءِ جي شام، سليم جوکيو موٽرسائيڪل ڪاهي اڳيان اچي بيٺو. چي؛ ”سائين هلو ته اوهان کي پنهنجا کيٽ ڏيکاريان.“ مون کي پنهنجي پراڻي دوست، قابل جوکئي جا کيٽ ڏسڻ جي ڏاڍي اڪير هئي. جتي اسان جون اڪثر رولاڪ راتيون، چاڙهيا پچاڙا ڪندي گذرنديون هيون. اهو دور، هاڻ تمام پوئتي هليو ويو هو. نه ماما مولڻ هو، نه رئيس تاج محمد، وڏڙو سکيرو، آچار، عوثن جمعدار، حسين جمعدار ۽ مڱيلڌي مور جهڙا ماڻهو، هيءُ پڊ ڇڏي هميشه ڪاڻ، هتان هليا ويا هئا. اسين گهمندا رهياسين. جبل تي حد نگاهه تائين ساواڻ نظر اچي رهي هئي. پٽ بصر جا گئونچ نڪري رهيا هئا. کٽالڙين جون وليون اڃا هاڻ ساهه کڻي رهيون هيون. منهگهن زمين مان نڪري اڃا پورو ٻوٽو ڪو نه ٻڌو هو. البت سڪل ڳاڱين جا ٻوٽا، ٽارين مان ساوا گئونچ ڪڍي رهيا هئا. ڪٿي ڪٻهه ته ڪٿي کيرول ۽ لنب جا ٻوڙا نظر اچي رهيا هئا. جبل جو سمورو فلورا، ڦٽي ڦاٽي اڃا هاڻ مٽيءَ  مان ٻاهر نڪري نروار ٿيو هو. کيٽن ۾ ڇٽيل تر، گواريون، جواريون، ٻاجهريون ۽ مڱ مورجي رهيا هئا. ڪن کيٽن ۾ آرڻ ڪيل هو ته ڪٿي ميها، ڪدو ۽ توريون پوکيل نظر آيون. پري پالهن پڊن ۽ بيحد خوبصورت بٺين تي آڙيُن جا ولر، رڍن جا ريوڙ ۽ ڳئن جا ڌڻ چرندي نظر اچي رهيا هئا. هنن ڏينهن ۾ هر طرف فطرت پنهنجي سموري سونهن سان نرالي نظر ايندي آهي.
بڻاٺ ٿيل بٺيون، وهنجي سنهنجي، ساوا ويس پهرينديون آهن. نئين ۽ ڍورن ۾، ڪٿي ڪٿي پاڻيءَ جا چکر نظر ايندا آهن ۽ مٿن پهرو ڏيندڙ ڪنڊين، ڄارين ۽ ڪويڙن جا وڻ، خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ ۽ جهومڻ لڳندا آهن. فطرت، ساري جبل کي ڪنوار وانگر سينگاري ڇڏيندي آهي ۽ انهن جبلن تي اهي سانگ ڪري آيل لاڙي لوڪ، ڄڻ ان ئي فطرت جا ڄاڃي هوندا آهن. مهمان نواز فطرت، پنهنجي ڄاڃين لاءِ هر قسم جو ڏٿ حاضر ڪري ڏيندي آهي ۽ انهن جي جانورن لاءِ گاهن، ٻوٽن، وڻن ۽ ولين جون جهالرون جوڙي بيهاريندي آهي.
ٻاٽڀڙن جا ولر، مٿي آسمان تي اڏامندي ٿي ڏٺاڻان. جي ڪٿي ڪو ولر ويٺل هو ته ٽاهه کائي اوچتو ڀڙڪو ڏيئي ٿي اڏاڻو ۽ ٻوليون ڪندو، کن پل ۾ اکين کان اوجهل ٿي ٿي ويو. ڪانگ ۽ ڪرڪٽيون، ڦديون ۽ ڦوسڙيون، ڳيرا، ٻاٻيها ۽ چيها ڪي وڻن تي ويٺل ته ڪي اڏامندي نظر اچي رهيا هئا. تترن جون رڳو تنواريون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. گدڙ، سها، لومڙيون ۽ ٻيا جانور، اڪثر رات جو، پنهنجي کاڌي جي تلاش ۾ نڪرندا آهن، البت ڪٿي ڪٿي ڪا لومڙي، اوچتو ظاهر ٿي ٽپا ڏيندي جبل جي ڪنهن بٺيءَ تي چڙهي لڪي ٿي وئي.
سليم جوکيو، مون کي پنهنجا کيٽ گهمائيندو ڪيرئي مڪان تي وٺي هليو، جتي قابل جوکئي جو کيٽ هو. جنگشاهي نئين جي ڪنڌيءَ تي، قابل جوکئي جي جهوپڙي هوندي هئي، جنهن کي چؤڌاري ڍنگرن جي واڙ ڏنل هئي. لڪڻ جهڙو سنهڙو ڊگهڙو، ڪڪين مچن وارو قابل، مرڪي اسان جو استقبال ڪندو هو. هڪ گڏهه، ڪتي، سائيڪل، هڪ-نالي بندوق ۽ اهو کيٽ، هن جي سموري موڙي ۽ ملڪات هئي. اتي ئي شڪاري اچي گڏ ٿيندا هئا. ڪچهريون مچنديون ۽ رهاڻيون رچنديون هيون، چاڙها پچاڙا ٿيندا هئا. قابل سان هر ڪو پيار ڪندو هو. هن وٽ موکيءَ وارا مٽ ڪو نه هئا. البت پلر جو پاڻي دلن ۾ ڀري رکندو هو. ڌراڙ، پانڌي ۽ شڪاري، اتي اچي پاڻي پي، اڃ اجهائيندا هئا. قابل هر ڪنهن کي پيار ڏيڻ وارو مڻيادار مڙس هو. اڄ اها نئين، اهو مڪان، سڀ ڪجهه موجود هو، پر قابل ڪو نه هو. اسان کي ديوين جي جهنگ ۽ پٿرن جي ڳين قابل جون مرڪون ۽ سلام پهچايا. ٿورو پريان، پالارين جي اٺين جون جهوڪون هيون. پوهڙو پالاري اوٺار اسان کي ڏسي ويجهو آيو. چيائين؛ ”سائين جنهن کي اوهين ڳولي رهيا آهيو اهو ته اوچتو الائي ڪيڏانهن هليو ويو.“ ديوين جي وڻن ڏانهن اشارو ڪري چيائين؛ ”او هتي هئي قابل جي جهوپڙي ۽ واڙ!“ اسان موٽر سائيڪل واري، واپس ورياسين. شام ٿي رهي هئي. وقت قلابازيون کائي، ستٽيهه سال پوئتي موٽي ويو. اهو ۱۹۸۱ع جو زمانو هو.
ڪرم علي واري وليز جيپ، ڪرڙوڍ پر ڪراڙپ ڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙندڙ، مرڪندڙ منٺار قسم جو ماڻهو ماما مولو، اسان جو ڊرائيور ٿيندو هو. پويان رڌ-پچاءَ جي سموري سامان سان سٿيل جيپ ۽ بندوقن سان ويٺل هوندا هئا؛ ڪرم علي، پيار علي، رئيس تاج محمد جوکيو، موسو جوکيو ۽ رحمت الله جوکيو. جيپ جنگشاهيءَ کان نڪري، ڪنڀار کان ٿيندي، نڪ ڇنو تي پهچندي هئي. جتي سها، تتر ۽ ٻاٽيرا جام هوندا هئا. اڳيان هڪ لڙهو واري بٺي ايندي هئي، جتي اڪثر برفت ذات وارا پورهيت پٿر ڪڍندي ڏسبا هئا.
سهو، تتر ۽ ٻاٽيرو هتي به جام هو. اڳيان اڃ-ماريو ايندو هو. جتي گجڻن، سرڪين ۽ برفتن جا کيٽ هوندا هئا. شڪار گهڻو هو، اڃ-ماريو کان اڀرندي، لوٽ-ماڻ نئين هوندي هئي. هيءَ بيحد خوبصورت نئين هئي. هن کان الهندي طرف ڳاڙهو تراءُ مشهور هو. هيءُ شڪار جو دُن هوندو هو. پياڪ تي ٻاٽيرو جام ايندو هو. وٽي وارو ڍورو جنهن کي ڪرنجهڙو به سڏيندا هئا.
پياڪ تي ٻاٽيرو ايندو هو. ان تلاءَ تي، آئون چوڌري عمر بروهيءَ سان به گهڻو گڏجي ايندو هوس. جنت-واري، جتي اسان جي جانب دوستن صادق علي پالاري، سچو پالاري، ترڪ علي پالاري ۽ منور پالاري وارن جا کيٽ ۽ مڪان هوندا هئا. اتي به اسان ويندا هئاسين، کاکڙ ۾ به سهو ۽ ٻاٽيرو جام هو. اسان جي جيپ، هاڻ مرئو-مڪان پهچندي هئي. جتي سورا ۽ پالاري رهندا هئا. انهن جا کيٽ تراءَ به اتي هئا. اتان اڀرندي، ڦرندي اڪري واري بٺي ايندي هئي. اتي جاکرن ۽ سورن جا کيٽ هئا. ان کان اتر طرف، عرسي سوري جو تلاءُ هوندو هو. ان جي ڀرسان سانوڻ وڏيري جو تلاءُ هو. ان کان ٿورو ڏکڻ، لالا-وارو-تلاءُ  هو. اهي سڀ تلاءَ، برسات ۾ ڀرجي بيهندا هئا. انهن مان ڪن ۾ سال جو ڳپل حصو ته ڪن ۾ سڄو سارو سال پاڻي موجود هوندو هو. جيڪو ماڻهن توڙي جهنگلي جيوت لاءِ، انتهائي اهم هو.
اتي ابل ڦنگ واري بٺي هوندي هئي. جنهن مان ڪنهن دور ۾ ماربل پٿر نڪرندو هو. ان کان ڏکڻ طرف، سوار ذات وارن جو تراءُ هو.
ماما مولڻ، هاڻي جيپ کي لاڙي مارو جبل تي ايندو هئو. هتي شڪاري، تازي ڪتا ساڻ ڪري، سنڀري تنبري، سهن جي شڪار لاءِ ايندا هئا. هتي، ماروءَ جي الهندي پاسي کان، جوکين جا کيٽ شروع ٿيندا هئا. ٿورو اولهه طرف، کاهوڙاڻي دوريشن جو آستانو هو.  حاجي حسين جوکيو مجاور هوندو هو. هر سال، ميلو لڳرائيندو هو.
کاهوڙاڻي کان اتر طرف ويندي، ڄٻڙ جي بٺي ايندي هئي. ان ڊگهي بٺيءَ جي ڊيگهه اٽڪل ٻه ڪوهه کن هئي. بٺي جي اوڀر طرف، پکو پير هو. ڪورئڪو-ڏاٺ مان، ڪنهن زماني ۾ گگرال جام نڪرندو هو. ڪوري، گگر چٽيندا هئا. ان کان الهندي، حاجي علي مراد جو تراءُ هو. هتي اچي، اسين مانجهاندو ڪندا هئاسين. شڪارين جا ٿاڪ، نماڻان جهنگ ۽ جبل، پلر جي پاڻي سان ڀريل تراءَ، تترن جون تنوارون ۽ فطرت جي سموري سونهن موجود هوندي هئي. اتي انهن پڊن تي مانجهاندو ڪري نڪري پوندا هئاسين، باولاڻين جي کيٽن کان ٿيندا، ڪاري جبل جي وٽ ۾ پهچندا هئاسين، جتي بازي وارو تراءُ هو. ان جي صاف شفاف پاڻيءَ مان، هٿ-منهن ڌوئي، تازا توانا ٿي اٿندا هئاسين. اسان جو اڳيون پڙاءُ هوندو هو؛ وسيل-واري-بٺي.
وسيل ۽ الهه رکئي جوکئي وارن ڳوٺن جي چوڌاري، ڄانڱري ٻيرين جا تمام گهڻا وڻ هوندا هئا. ڄاريون به گهڻيون هونديون هيون. ڄانڱري ٻير ۽ مٺا پيرون هنن پڊن جو قيمتي ڏُٿ سمجهيو ويندو هو. ڪنهن نه ڪنهن ڀيري، اسان جو مانجهاندو وسيل-واري-بٺيءَ تي به ٿيندو هو. اتان هلي، اتيت-واري-تراءَ کان ٿيندا، وري الهندي طرف جوکين جا کيٽ ۽ ٻنيون نهاريندا، مال-ماڙي وڃي رسندا هئاسين.
مال-ماڙي-نئين، ڪاري-اري جي اتر طرف کان نڪري، مال-ماڙيءَ مان ٿيندي، رن-پٽياڻي مٽي، گهارو ڪريڪ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن ۾ ڍوري واري ڍورو، جلالجي واري نئين، گونڊي وارو ڍورو، ڀاشار جو پاڻي ۽ ڃوڃاڻ وارو پاڻي، ڀرٿي ٿيندو هو. مال-ماڙي جي ڏکڻ طرف، براد-وارو-تراءُ هو. هن ۾ سڄو سال، پاڻي موجود هوندو هو. براد کان ڏکڻ طرف، رئوف جوکئي جو ڳوٺ، ڀاڏ-مڪان، سکيري جوکئي جو ڳوٺ، ان کان اڃا اولهه طرف مڪان-آرجي، ٺڪر-واري-بٺي ۽ رڻ-پٽياڻي جا ڳوٺ هئا. ڀاڏ کان ڏکڻ طرف، مزار-تل-مڪان هو، هتي تتر به جام هوندو هو ۽ سياري ۾ تلور به گهڻي لهندي هئي. مال-ماڙي مٽي، هنن مڪانن، کيٽن ۽ ڍورين کان ٿيندا، اچي پهچندا هئاسين، ڪيري-جي-مڪان. هتي، قابل جوکئي وٽ رات رهبي هئي. قابل جي ڀونگيءَ جي اتر پاسي، ڪنڊي-سڃ-جو-تڙ هوندو هو. هن تي ڪرڪاڻ، ڪرڪر يا انڌيون ڪٽيون گهڻيون اينديون هيون، جيڪي راتوري پاڻيءَ جون پياڪ هونديون هيون. قابل جوکئي جي جهوپڙيءَ تي، رات رهي صبح جو هر ڪو وڃي پنهنجي ڪندو هو.
اهي سڀ سفر، ٿيل شڪار ۽ سڄڻن جون ساروڻيون، دماغ جي چرخي تي ڦرنديون رهيون ۽ جنگشاهي اچي وئي.
جڏهن پوي ٿي ياد، ساڃهه سپرين جي
فريادون فرياد، ناگهه وڃن نڪريو. (شاهه)

No comments:

Post a Comment