لاڙڪاڻي مان
واٽ ويندي
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ واٽ
ويندي لکندي چار هفتا مڪمل ٿي رهيا آهن، جن جي شروعات ضلعي گهوٽڪي کان ٿي هئي، ان
بعد ضلعو ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي ڳوٺ، ڳوٺ ۽ واهڻ وستي وڃڻ لاءِ گاڏي
ڊوڙائڻي پئي. ڪن علائقن، خاص ڪري درياهه جي اندر ۽ ڪچي واري علائقي ۾ جتي اڳ عام
ماڻهو نه ويندو هو يا خوف محسوس ٿيندو هو، هاڻي صورتحال بلڪل مختلف هئي. حالانڪ ان
جي باوجود به اسان کي احتياط ۽ محتاط سان رهڻ جا مفت مشورا ملندا رهيا ۽ سج لٿي
کان اڳ ئي واپس موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي رهڻ جو چيو ويو هو. اتفاق سان شڪارپور ۾ هڪ
علائقو جاڳڻ آهي، ان لاءِ حڪم هو ته جلدي واپس ايندا ۽ ڪو واقفڪار گڏ کڻندا. ان
لاءِ ايم پي اي شهريار مهر جو باڊي گارڊ گڏ هليو. بهرحال ان کانپوءِ قافلو ضلعي لاڙڪاڻو
پهتو، لاڙڪاڻي شهر لاءِ سنڌ ۾ عام پهاڪو مشهور هو ته ”هُجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“
پر سالن کان هلندڙ اهو پهاڪو زماني جي گردش سبب تبديل ٿي هن طرح بڻجي ويو ”هُجئي
ناڻو ته ڇَڏَ لاڙڪاڻو.“ ان لاڙڪاڻي ”گهمڻ“ ۽ ”ڇڏڻ“ ۾ فرق جو سبب شايد هڪ نه پر گهڻا
ڪارڻ هجن! پر لاڙڪاڻي کي سنڌ ۾ سياستدانن جي سرزمين چيو وڃي ٿو، جنهن وڏا ڪامورا ۽
علم وارا انسان سنڌ ۽ پاڪستان کي ڏنا، پر انهن انسانن ڪڏهن سنڌ ۾ ”واهه واهه“ ڪرائي
ته ڪڏهن پنهنجي ڪردار ۽ وقت جي تقاضا ۽ سياسي مصلحت سبب سنڌ واسين کي ڏک به رسايو.
البته لاڙڪاڻي جي هر انسان جا ماضي ۾ ڇڏيل نشان سندس ويندڙ واٽ تي واضح ۽ صاف نظر
اچن ٿا.
اسان
جي لاڙڪاڻي پهچڻ تي بدين ضلعي مان ڪڍڻ جي ليکڪ الهه بچايو جمالي سوال ڪيو ته لاڙڪاڻي
وارن کان معلوم ڪريو ته ”اصل ۾ هڪ لاڙ“ ۽ ٻيو ”ڪَاڻُو“ يعني ٻئي پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي
ويا ”لاڙڪاڻو“ ان جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ سنڌ ۾ ضلعا ته کوڙ ٺهي چڪا آهن، پر تاحال
انهن جا سرزمين تي حڪومت طرفان ڌار، ڌار ضلعي جي سطح تي الڳ نقشا في الحال تيار نه
ٿيا آهن، ان ڪري لاڙڪاڻو، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي جو نقشو جيڪب آباد، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ
ضلعي وانگر هڪ ئي هلندڙ آهي. لاڙڪاڻو هلڻ ۽ ڇڏڻ واري مشوري کانسواءِ هاڻي ”شهيدن“
جي سرزمين جي شهر طور به مشهور آهي، ان لاءِ ”شهادت“ جو طريقو ڪهڙو به هجي،
”شهادت، شهادت“ آهي، جنهن ۾ شهيد جو رتبو ”ڦاسي“ هجي، ”وِهه جو ڍُڪَ هجي“ واٽ
ويندي حق جي راهه ۾ شهادت هجي يا بيگناهه واٽ ويندي ڪا انڌي گولي هجي، پر هر بي
سبب، بيگناهه لاڙڪاڻي واسي جو هڪ ئي ذات جو موت شهادت ۽ شهيد هجڻ جي واضح علامت
آهي، ان ڪري هاڻي لاڙڪاڻو شهيدن جو شهر سمجهيو وڃي ٿو. هڪ نقشو لاڙڪاڻه ۽ قمبر-
شهدادڪوٽ جو آهي.
سنڌ ۽
بلوچستان جي هن پٽي ۾ قبوسعيدخان کان ڪچي پل تائين پيئڻ جو صاف پاڻي ته ميسر نه
آهي، پر ڪو عام پاڻي به نه آهي. هتان کان خضدار (بلوچستان) 260 ڪلوميٽر جي فاصلي
تي آهي. قبوسعيدخان طرف سيفل مگسي ۽ پٽ فيڊر جو پاڻي اچي ٿو. هن علائقن جي هڪ ڳوٺ
فقير عبدالرزاق ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪٿي به ڪو هينڊ پمپ (نلڪو) يا ٽيوب ويل جَرَ (زمين)
جو کارو پاڻي هئڻ سبب لڳائڻ نه رڳو مشڪل پر ناممڪن به آهي. حڪومت پاران ڪابه واٽر
سپلاءِ اسڪيم نه آهي، ان ڪري هتي پيئڻ جي پاڻيءَ جو واحد ذريعو بارش جو گڏ ڪيل پاڻي
يا ڍورن، کَڏن ۽ تلائن ۾ بيٺل پاڻي آهي، جيڪو حرام، حلال جانورن سان گڏ اشرف
المخلوق وارا پيئن ٿا. ان لاءِ هتان جي عوام پاران ڪجهه ماڻهن چيو ته ڀوتار ۽ اسان
جي سِرَن جا سائين ۽ سردار سدائين مٿي تي هٿ گهمائي چونڊن جي ڏينهن ۾ ووٽ ته وٺي وڃن
ٿا، پر اسان جي بي حال زندگيءَ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به نٿا ڏين. ان ڪري هتان جي مسڪين
ماڻهن ڏوراپا ڏنا ۽ ڏک سور جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان به شينهن ٻڪريءَ وانگر هڪ
ئي گهيڙ تان پاڻي پي رهيا آهيون. جتي عورتون ڪپڙا به ڌوئي رهيون آهن ته ڪتا به پاڻي
پي رهيا آهن، اها هڪ وڏي بدقسمتي آهي. حالانڪه هن سنڌ- بلوچستان پٽي کان اندر سي
پيڪ جا سبز باغ ٽڙي رهيا آهن، پر پيئڻ جو پاڻي نه آهي، هنن ماڻهن جو خيال هو ته
اليڪشن ۾ ووٽ وٺي ويندڙ ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو وارو ڪم آهي. يعني اميدوار ڪامياب ٿيڻ
کانپوءِ ٻي اليڪشن تائين هتان جي عوام کي وساري ڇڏين ٿا.
جنهن
وقت اسان جي گاڏي هن روڊ تي هلي رهي هئي ته عين ان وقت سنڌ- بلوچستان جي هن هاءِ
وي تي پاڪستان ۾ ملڪ جي واحد فراري موٽر ڪارن جي ريس جو فائنل رائونڊ هلندڙ هو،
عجيب ڪاريون، سفيد گاڏيون خضدار، شباڻي بلوچستان کان شهدادڪوٽ سنڌ طرف طوفاني رفتار
سان روڊ تي هوا سان ڳالهيون ڪندي فرڙاٽ ڪندي لنگهي رهيون هيون ۽ گاڏين جا مڊگارڊ
به ڪڍيا ويا هئا.
ريس کي
نادر مگسي کٽڻ ۾ سدائين ڪامياب ٿيندو رهيو آهي. هن ريس کي زندگيءَ ۾ پهريون ۽ شايد
واحد ۽ آخري دفعو ڏسڻ جو اتفاقي موقعو قدرتي طور مليو هو، جيڪو اصل ۾ خواب ۽ خيال
۾ به نه هو.
اڄ آچر
25 ڊسمبر قائداعظم محمد علي جناح باباءِ قوم جو جنم ڏينهن آهي. هيءَ تحرير سياست
جي حوالي سان وري قائد عوام ذوالفقار ڀٽو جي شهر مان لکي رهيو آهيان. ريڊيو پاڪستان
پاران قائداعظم محمد علي جناح جو هفتو ملهايو پيو وڃي. راقم الحروف ريڊيو جو بي
انتها شوقين آهي ۽ هر وقت ۽ هر هنڌ ريڊيو جو سيٽ گڏ هوندو آهي. ان ڪري سنڌ جي
مختلف ضلعن گهوٽڪي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، قمبر ۾
ريڊيو گڏ هو، پر هنن ڇهن ضلعن جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ حيدرآباد ريڊيو جو آواز صبح کان
رات تائين ڪٿي به صاف ڪوالٽي ۾ ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو. حالانڪه بجلي بند هئڻ جي باوجود
به ڪيترن ئي علائقن ۾ حيدرآباد ريڊيو آواز نه هو. ڪٿي ڪٿي درياهه ۽ ڪچي وارن
علائقن ۾ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن هئڻ بدران ڪا غير
ملڪي ريڊيو اسٽيشن آهي. حالانڪه غير ملڪي ريڊيو اسٽيشن هنن شهرن ۾ صاف ۽ واضح ٻڌڻ
۾ اچي رهيون هيون، پر حيدرآباد ريڊيو 100 ڪلو واٽ طاقتور هاءِ ٽرانسميشن جو ڪو حال
نه هو. حالانڪه هنن شهرن جو حيدرآباد سان زميني فاصلو 300 ڪلوميٽر هو. هن ڀٽڪيل
روح جهڙي آواز لاءِ پروڊيوسر (دريچي پروگرام) سهيل ملڪ کي ٻڌايو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ
سيد نور اظهر جعفري ۽ سائين ذوالفقار هيسباڻي کي به اطلاع ڏنو ويو. هنن (HPT) مٽياري ۾ انجنيئر عبدالقدير سان رابطو ڪرڻ لاءِ نمبر ڏنو، ان کي ٻڌائڻ
کانپوءِ ڪجهه حالت بهتر ضرور ٿي پر برقرار نه رهي. هن سلسلي ۾ حيدرآباد ريڊيو وارا
خود هنن علائقن جو چڪر لڳائي سگهن ٿا يا راقم سان گڏ دورو ڪن ته اڇا ڪارا پاڻهي پڌرا
ٿي پوندا ۽ حيدرآباد جي آواز جي دعويٰ ڪندڙن کي خبر پئجي ويندي ته فري ڪونسي تان
نشريات غائب ۽ گم ٿيل آواز کي ڪيئن تلاش ڪجي؟
هي لکڻ
وقت اڄ 24 ڊسمبر (ڪالهه( برصغير جي عظيم گلوڪار محمد رفيع جو جنم ڏينهن هو، جنهن
35 يا 36 هزار گانا ڳايا آهن، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام
به شامل آهي. ان کانسواءِ 23 ڊسمبر تي برصغير جي مشهور ڳائڻي نور جهان جي ورسي به
هئي، جنهن پڻ محمد رفيع سان گڏ گانا رڪارڊ ڪرايا هئا ۽ ان به سنڌي فلمن ۾ آواز جو
جادو جاڳايو هو ۽ خاص ڪري فلم ڌرتي ۽ آڪاش ۾ شهزادي گلفام جو لکيل ”اي ڪاش نه اڀري
ها هي سورج محبت جو“ مشهور ٿيو هو. هت اهو به ياد رهي ته پي ٽي وي جي مشهور ڊرامي
ديوارين ۾ ”بات هي جٺ هي“ چوڻ واري مشتاق جسڪاڻي جي ورسي آهي.
No comments:
Post a Comment