Friday, July 28, 2017

ٿي آيس ٿر مان - مٺل جسڪاڻي

ٿي آيس ٿر مان...
مٺل جسڪاڻي
ٿر جو ڪجھہ حصو اڳ ۾ ئي اکين سان آئون پاڻ ڏسي آيو ھئس. اھي يادگيريون، ڪڏھن ڪڏھن، ڪنھن نجي ڪچھري ۾، ڪڏھن ڪنھن سان تہ ڪڏھن ڪنھن سان، ڪڏھن ڪھڙيون تہ ڪڏھن ڪھڙيون خبرون، آئون زباني طور ڪندو رھيو آھيان.
ٿر کي مون مددگار اکين سان تہ تمام گھڻا دفعا، تمام گھڻو ويجھي کان ڏٺو آھي. ڪڏھن ڪنھن جي تحرير، ڪڏھن ڪنھن جي تقرير، ڪڏھن ڪٿي ڪچھري ۾، ڪڏھن تصويرن سان، تہ ڪڏھن فلم، ڊاڪيومينٽري، ڊرامي ۾...


ان ھوندي بہ ٿر وڃڻ لاءِ پيو سنبرندو ھئس، ڪيترا ئي دفعا رٿائون ڪيم، پر نيٺ ھڪ عجيب ۽ غريب طريقي سان، وفا مولابخش قمبراڻي سان ٿر گھمڻ جي صلاح تي ھا ڪيم، تہ لاڳيتا چار پنج جمعا سنبت ۾ گذرڻ کان پوءِ، نيٺ گذريل جمع (16 سيپٽمبر 2016ع) تي ڀاءُ علي جسڪاڻي جي ڀلائي سان، نيٺ ٿر مان ٿي آيس.
ٿر وڃڻ جھڙو نہ ھئس، ڪي اھڙيون حالتون ۽ واقعا ٿي پيا، جنھن ڪري، ڪنھن بہ صورت ۾ ٿر وڃڻ نہ کپندو ھو، پر وفا ۽ نسيم بلوچ مَ ڇڏ ٿي لڳا، ان ڪري ٿي آيس.
ٿر وڃڻ کان وري اچڻ ۽ ھي ٻہ اکر لکڻ تائين، انتھائي عجيب صورتحال سبب، عجيب ڪيفيتن مان گذري رھيو آھيان، اميد تہ سڻائي ٿيندي.
ٿر جو سربستو احوال ڏبو، تصويرون بہ ڏيکاربيون، پر تڪڙ ڪانہ ڪبي.
مون منھنجي ڪنھن بہ دوست، واقف کي نہ ٻڌايو ھو، تہ ڪو اوھان جي ڀرپاسي اچان پيو. وفا ھي پروگرام آرگنائيز ڪيو ھو، نسيم سندس ٻانھن ٻيلي ھو، علي سھوليتڪاري ۾ مددگار ھو، آئون جسماني طور ساڻن گڏ ئي گڏ ھئس، پر ذھني طور مون گھتون گھڻيون پئي ھنيون.
ٽنڊوڄام کان پوءِ پھرين ڪچھري شفيع فقير سان سندس اڪيڊمي ۾ عمرڪوٽ ۾ ٿي، جتي اسان مانجھاندو بہ ڪيو.
عمرڪوٽ مان نڪتاسين تہ چيلھار ۾ ڀارومل امراڻي اسان جي آجيان ڪئي ۽ راڻا سر بہ گڏجي ھليو، جتان پوءِ اسان رات جو مٺي وڃي پھتاسين.
مٺي ۾ پھرين گڊي ڀٽ تي وياسين، جتي اسان کي ڳولي اچي مليو سڪندر ھاليپوٽو ۽ پوءِ پھتو مڪيش چنداڻي، تہ اسان سڀ گڏجي وڃي سلامي ڀري سائين ھيمن داس چنداڻي جي، اتي سندس پٽن ۽ پاڻ بہ اسان کي جيءُ ۾ جايون ڏنيون. تمام سٺي ڪچھري ٿي، رات جي ماني ٿي، پوءِ سائين ھيمن ۽ سندس فرزندن جي چوڻ باوجود اسان سڪہدر ھاليپوٽو سان گڏجي سندس جڳھہ تي پھتاسين. اتي سڪندر جي والد سائين طالب ۽ سڪندر جي ڀاءُ اسان جي آجيان ڪئي.
دعا سلام، رسمي خير آفيت کان پوءِ آھستي آھستي ھي ڪو آرامي ٿيو.
صبح جو سڪندر ناشتو ڪرائي، پوءِ گڏجي ھليو پيارو شواڻي ڏانھن، جتي سائين نور احمد جنجھي ۽ شرما صاحب بہ ھئا.
پيارو شواڻي وٽ بھترين آءُ ڀڳت ٿي، پوءِ اتان آياسين صادق فقير ڪاليج مٺي ۾ تہ جيئن دولت رام کتري کي ساڻ کڻي، ننگرپارڪر مان گھمي اچون، پر دولت اھڙيون ڳالھيون ڪيون، جنھن ڪري اسان کي ان مان ھٿ تہ ڪڍڻا پيا، پر وچن ڪرڻو پيو تہ واپسي تي رات جي ماني وٽس کائبي.
مٺي مان ننگر ويندي، ڳچ پنڌ تائين آئون ڪڙل ھئس، ڇو تہ منھنجي مرضي ھئي تہ اسان سان ڪو مقامي ماڻھو گڏ ھجي، وفا ۽ نسيم ان جو انتظام نہ ڪري سگھيا، آئون ڪنھن سان رابطي ۾ نہ ھئس.
آخرڪار اسان صبح جو مٺي مان نڪتاسين ۽ شام جو اڍين وڳي واپس اچي پھتاسين.
مٺي کان ننگر پارڪر تائين جيڪي جايون جڳھيون اسان کي سجھيون پئي ۽ اسان جي گاڏي جتي پھچي پئي سگھي، اھي گھمي واپس ٿياسين تہ اسلام ڪوٽ ۾ وفا ۽ نسيم بلوچ جي گڏيل دوست شاھنواز خاصخيلي وٽ چانھن پيئڻ تائين ويٺاسين، اتي گھڻو مون ٿورو شاھنواز ڳالھايو ۽ پوءِ موڪلائي موٽياسين.
واپسي دوران ھلندي گاڏي ۾ ٿر ڪوئل اٿارٽي گھمڻ لاءِ وياسين، پر اتي موجود چوڪي وارن وزٽ جو طريقو ٻڌايو، ان ڪري چوڪي تان ئي واپس ٿياسين.
واپسي ۾ مٺي ۾ دولت رام اسان جي انتظار ۾، ھر ھر پئي رابطو ڪيو، ان ڪري اسان سڌا وياسين المھراڻ اسڪول، جتي يوٿ فورم وارن محمد رمضان جوڻيجو کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي ھئي.
اتي ڪاروائي اڳ ۾ شروع ٿي چڪي ھئي، ھلندي پروگرام ۾ اسٽيج تان اسان کي ڀليڪار ملي، مون کي بہ ڳالھائڻ لاءِ سڏ ٿيو. ڳالھايم. پروگرام جي پڄاڻي کان پوءِ اسان ۽ نور احمد جنجھي دولت رام جي رات واري ماني کائيندي، ڪچھري ڪندي، موڪلائي، اسان اچي سڪندر ھاليپوٽو وٽ رھياسين.
مٺي ۾ اسان جون ٻہ صبحوئون سڪندر جي والد سائين طالب سان ڪچھري ٿي. ان جو بہ احوال ڏبو.
مٺي ۾ بہ راتيون رھي، واپس صبح جو گڊي ڀٽ تان ٿي ۽ اسان جو روٽ وايا بدين طئہ ٿيو.
مٺي مان گھمندا اچي ڪلوئي شھر ۾ شاعر يقين سان ڪچھري ڪئي، ان وٽ چانھن جا چسڪا وٺي، سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي بدين روانا ٿياسين.
بدين ۾ اشرف راھوڪڙو اسان کان بچڻ لاءِ واھہ لوڙھايو، پر اسان بہ نہ مڙياسين، ھن پاڻي جو گلاس بہ نہ پياريو، اسان کيس کنڀي وڃي ديھہ جھڳڙي نڪتاسين، جتي ماما گنھور، رئيس نور محمد ۽ ٻين ڳوٺ وارن سان ڪچھري بہ ڪئي، مشاعرو بہ ٿيو، ماني سميت مانجھاندو بہ، پوءِ اتان موڪلائي روانا ٿياسين تہ اشروف راھوڪڙو اسان کان تلھار مان ڀڄي ويو، سندس مددگار ٻہ عمراڻي ھئا.
ٽنڊو محمد خان ۾ وفا ۽ سڪندر جو گڏيل دوست سائين واحد سومرو جو فرزند اسان جي انتظار ۾ ھو، جنھن سان صرف چانھن پيئڻ تائين گڏ ھئاسين. اتان پوءِ حيدرآباد ۾ وفا کي ڇڏي، ٽنڊوڄام مان نسيم کي روانو ڪري، رات جو آئون ۽ ڀاءُ علي پنھنجي گھر پھتاسين.

اھڙي ريت آئون بہ ٿي آيس ٿر مان، تفصيل پوءِ، ڪجھہ تصويرون حاضر آھن، ٻيون پوءِ...

No comments:

Post a Comment