يورپين يونين جي پارليامينٽ
طرفان سڪاروف ايوارڊ ماڻيندڙ عراقي ڇوڪريون
Notes from Europe
عبدالله مورائي
وار اڇا
ڪارا گڏيل، اکين تي نظر جو چشمو، ڳچيءِ ۾ ڪئميرا، هٿ ۾ قلم ۽ نوٽس وٺڻ لاءِ نوٽ بوڪ،
مون سان ڪنهن ڌاري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين، ٿورو غور ڪيم ته اسپينش (Spanish) ۾ ڪجهه چئي رهيو هو. چيومانس ته تنهنجو ڏوهه ناهي مونکي گهڻا ماڻهو
اسپينش سمجهندا آهن پر مان آهيان لطيف جي ننگري سنڌ جو. سندس انگريزي دٻي ۾ ٺڪريون،
منهنجي اسپينش دٻي ۾ ٺڪريون، رڳو ايترو سمجهه ۾ آيو ته پاڻ ڏکڻ آمريڪا (South
America) جي ملڪ ڪولمبيا (Colombia) جو صحافي آهي.
يورپين
يونين جي پارليامينٽ ۾ دنيا جي گهڻن ملڪن جا صحافي پيا ايندا ويندا آهن. هاڻي تازو
ڊسمبر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ مون سميت اسٽاڪهولم (Stockholm) ۾ رهندڙ ڪجهه صحافين جن ۾ پولينڊ، چيڪ ريپبلڪ، فنلينڊ، لٿوينيا ۽
سئيڊن جا صحافي دوست شامل هئا، يورپين يونين جي پارليامينٽ ۽ سودرتارن يونيورسٽي
جي هڪ هفتي جي دعوت تي اسٽراسبرگ (Strasbour) رانس ۾
موجود سندن پارليامينٽ ۾ گهرايو ويو. هن گهر جي 751 ڀاتين کي يورپ جا 375 ملين ماڻهو
ووٽن ذريعي چونڊين ٿا ۽ کين پنجن سالن تائين اهو اختيار ڏين ٿا ته سندن ۽ سندن کنڊ
جي معاملن جو فيصلو اُهي ڪن. پارليامينٽ جي پريس آفيسر ٽيا (Tiia) اسان کي اتي پهچڻ تي ڀليڪار ڪئي ۽ اسان کي هر ضروري شيءِ بابت ڄاڻ
ڏني.
هر سال
يورپين يونين جي پارليامينٽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن يا ادارن کي هڪ ايوارڊ ڏيندي
آهي. ايوارڊ روس جي نيوڪليئر سائنسدان آندري سڪاروف (Andrei
Sakharov) جي نالي سان ڏنو ويندو آهي. سڪاروف سندس
انساني حقن بابت ڪيل ڪوششن جي ڪري 1975 ۾ نوبل پيس پرائيز (Nobel
Peace Prize) پڻ ماڻيو هو. هن سال جي سڪاروف
ايوارڊ لاءِ چئن ماڻهن جا نالا فائنل ڪيا ويا، جن مان ڪنهن هڪ يا ٻن کي اهو انعام
ملڻو هو. پهريون نالو هو ترڪي جي صحافي ڪن ڊنڊر جو، جيڪو انڪره مان نڪرندڙ هڪ
اخبار جو ايڊيٽر ان چيف هيو. سندس مطابق ته هن پنهنجي صحافتي ذميواري نڀائيندي اها
خبر اخبار ۾ لڳائي ته ترڪي جا ڳجها ادارا شام ۾ ويڙهاڪن کي هٿيار پيا ڏين ۽ ان جو
هن وڊيو ۽ فوٽو ثبوت پڻ ڏنو. ان کانپوءِ همراه تي غداريءَ جو ڪيس شروع ٿيو، پنج
سال ڏهه مهينا قيد جي سزا، خوني حملا ان کان علاوه. بهرحال هي همراهه ترڪي مان ڀڄي
نڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.
ٻيو
نالو هو تاتارين جي ڪريميا (Crimea) ۾ مجلس يا
تاتارين جي پارليامينٽ جي اڳواڻ، اڳوڻي سوويت يونين (Soviet
Union) جي پاليسين جي مخالف ۽ انساني حقن لاءِ ڊگهي
۾ ڊگهي بک هڙتال ڪندڙ، جيڪا 303 ڏينهن تي مشتمل هئي، يوڪرين جي پارليامينٽ جي
ميمبر مصطفيٰ ذحيميلوو (Mustafa Dzhemilev) جو، جنهن
جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته جڏهن هي رڳو ڇهن مهينن جو هو ته ڪريميا مان تاتارين کي
سوويت يونين جي اختيارين تڙي ڪڍيو، جن ۾ هن جو خاندان پڻ شامل هو. هي ازبڪستان (Uzbekistan) ۾ وڏو ٿيو ۽ 18 سالن جي عمر ۾ هن اتي ڪريميا جي نوجوانن تاتارين
جي تنظيم (Union of Young Crimean Tatars) جوڙي ۽ لڳاتار
ڪوشش ڪندا رهيا ته هنن کي پنهنجي وطن ۾ واپس اچڻ ڏنو وڃي ۽ 1966ع کان 1986ع تائين
هنن جي ڪوشش تمام گهڻي رهي ۽ آخرڪار هي 45 سالن کانپوءِ پنهنجي وطن ۾ واپس اچڻ ۾ ڪامياب
ٿيو. پر هاڻي وري جڏهن يوڪرين ۽ ڪريميا وچ ۾ مسئلو پيدا ٿيوته روس مداخلت ڪئي ۽ ڪريميا
کي يوڪرين کان في الحال ڌار ڪرائي ڇڏيو ۽ هي همراهه هڪ دفعو وري پنهنجي وطن جي
آزادي لاءِ تيار بيٺو آهي.
ٽئين
نمبر تي نالو هو عراق جي ٻن ڪردش ڇوڪرين جو، جن حقيقت ۾ هن سال سڪاروف ايوارڊ (Sakharov
Prize) حاصل ڪيو. ايوارڊ ماڻيندڙ انهن ٻن ڪردش ڇوڪرين
ناديه مراد (Nadia Murad) ۽ لامييا آجي بشر (Lamiya
Aji Bashar)، جيڪي داعش جي چنبي مان پاڻ
بچائي ڀڄي نڪتيون هيون، سندن مٿان ٿيل ظلم ڏاڍو ڏکوئيندڙ هيو.سندن مطابق داعش جڏهن
سندن علائقي تي قبضو ڪيو، سڀ کان پهريان انهن اتان جي مردن کي ماريو ۽ عورتن کي
پنهنجي قبضي ۾ ورتو، بلڪه هڪ ٻئي ۾ ورهايو. دل ڀرجي وئي ته وري انهن عورتن کي اڳتي
وڪڻي ڇڏيو. انهن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڻ جڏهن اتان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون ته ٽي ڄڻيون
هيون، جن مان هڪ جو لئنڊ مائن (Land Mine) تي پير آيو
۽ ان اسان جي اڳيان دم ڏنو ۽ باقي اسان ٻه ڄڻيون اتان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويونسين. جڏهن
هو پاڻ مٿان ٿيل ظلم بابت ٻڌائي رهيون هيون ته هال ۾ ويٺل گهڻن ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ
هيا. هنن چيو ته اسان رڳو ٻه ناهيون، اهڙيون کوڙ ڇوڪريون داعش جي قبضي ۾ آهن، جن
کي آزاد ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
هاڻي
گهڻا دوست اهو پڙهي سوچيندا هوندا ته اسان جو ڇا وڃي انهن ڇوڪرين سان ۽ سندن مٿان ٿيل
ظلم سان؟ يا ترڪي جي صحافي سان يا ڪريميا جي تاتاريءَ سان؟ اسان پنهنجي گهر خوش ويٺا
آهيون. پر سائين ائين ناهي، شين تي ٿوري سوچ ويچار ڪجي ته بيچيني وڌيو وڃي. ڪنهن
سوچيو هو ته شام جي اها حالت ٿيندي! اتي به اسان وانگر انسان رهندا هيا، سکي ستابي
زندگي، روز مرهه جي زندگي جو وهنوار، دمشق جو حسن، سياحن ۽ زيارتين جي اچ وڃ،
اوچتو جو ڦرڪو ڦريو، هڻي ملڪ جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏين. ماڻهو گهر گهاٽ ڇڏي زندگي بچائڻ
لاءِ جيڏانهن آيو تيڏانهن نڪري پيا. هاڻي به يورپ جي ڪافي ملڪن ۾ پڙهيل لکيل شامي
آيل آهن، جن ڪڏهن به اهو تصور نه ڪيو هوندو ته شايد انهن کي ائين پنهنجا گهر ڇڏڻا
پوندا.
منهنجي
خيال ۾ داعش جهڙيون قوتون اهڙن ملڪن ۾ اوچتو ظاهر ٿي سگهن ٿيون، جتان جو ملڪي ڪارونهوار
صحيح نه هلندو هجي، افرا تفري جو ماحول هجي، پوليس پنهنجي منهن سان هجي ۽ عدالتون
پنهنجي منهن سان. سياستدانن کان ويندي آفيسر شاهي ۽ جتي عوام جي گهڻائي به بدعنوان
هجي. اهي ته ٿيون اندريون خرابيون پر ان کان وڌيڪ فڪر ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته
اسان آسپاس جي ملڪن ۾ ٿيندڙ تبديلين تي ڪيتري گهري نظر رکون ٿا ۽ آسپاس ٿيندڙ
تبديلين جا اسان تي ڪيترا ۽ ڪهڙا اثر پوندا؟ چوڻ جو مقصد ته اندروني معاملا سلجهائڻ
سان گڏوگڏ ٻاهرين دنيا تي اک رکڻ پڻ تمام ضروري آ. 18هين ترميم کانپوءِ شايد اها ڪنهن
حد تائين صوبن جي پنهنجي ذميواري پڻ هئڻ گهرجي ته هو پنهنجي آسپاس ٿيندڙ چرپر
مطابق ڪنهن حد تائين ڪا پاليسي يا ڪي قانون ٺاهن ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل پڻ ڪرائين.
نه ته پوءِ خدا ئي حافظ آ.
No comments:
Post a Comment