Saturday, July 29, 2017

ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۽ صنعتي ترقي مٿان شوقينن جي عياشي جو تاثر عام آهي - ڊاڪٽر ايوب شيخ

ٿائيلينڊ جي ڪلچر ۽ صنعتي ترقي مٿان شوقينن جي عياشي جو تاثر عام آهي
سعيو سامونڊين سين
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ٿائيلينڊ سان عالمي بيواجبي:
اوهان جڏهن به ڪنهن سان ذڪر ڪندا ته ”ٿائيلينڊ گهمي آيو آهيان“ ته جيڪي ماڻهو اهو ملڪ نه ڏسي آيا آهن سي، رڳو ان پروپئگنڊا آهر ئي پنهنجو پهريون خيال ٺاهي ڇڏيندا آهن ته ”فلاڻو عياشي ڪرڻ ويو هوندو“. اها پروپئگنڊا جهر جهنگ مشهور آهي. اولهه جا ملڪ ان کي ”سهولت“ ۽ اوڀر جا ملڪ ان کي ”بي خطر عياشي“ سڏيندا آهن. سڄي ٿائلينڊ ان حوالي سان ايتري ته مشهور ۽ بدنام رهي آهي جو ان جي ڪلچر، ان جي عقيدن ۽ ان جي صنعتن جي باري ۾ ۽ ان پاسي ماڻهن جو ڪڏهن به خيال نه ٿو وڃي. هونئن به، جنسي ڪاروبار، چڪلن، نائيٽ ڪلبن ۽ ان قسم جي سمورن ڌنڌن جي وڌنڌڙ تاثر جي باري ۾ ٿائي سرڪار ڪڏهن به اون نه ڪئي ۽ ڪڏهن به سنجيدگي نه ڏيکاري. هنن وٽ دنيا ڇا ٿي چوي؟ واري سوال بدران دنيا کين ڇا ٿي ڏئي؟ وارو سوال انهن جي لاءِ توڙي سندن غربت جي خاتمي لاءِ سڀ کان اهم ۽ وڏو سوال هيو.

ڀوپال رياست جون بيگمات - الطاف شيخ

ڀوپال رياست جون بيگمات
الطاف شيخ
هاڻ سوال آهي ته ڀوپال جي نوابي رياست ڪڏهن کان شروع ٿي ۽ هن گهراڻي جو بنياد ڪنهن رکيو؟
ڀوپال رياست ۱۷۲۳ع ۾ قائم ٿي جنهن جو باني افغانستان جي شهر تيراح جو اورڪزئي پٺاڻ سردار دوست محمد خان هو. دوست محمد ۱۶۷۲ع ۾ ڄائو ۽ ۳۰ سالن جي ڄمار ۾ (۱۷۰۳ ڌاري) مغل شهنشاهه اورنگزيب جي فوج ۾ سپاهي جي حيثيت ۾ دهليءَ ۾ اچي رهيو. هوشياري ۽ دليري ڪري هو تڪڙو تڪڙو مٿاهين درجي تي پهچندو ويو. اورنگزيب جي وفات بعد مغل گهراڻي جي ڪمزورين جو فائدو وٺندي هن ڀائرسا واري علائقي (جنهن جو پاڻ ان وقت گورنر هو) جي خود مختياري جو اعلان ڪيو. ان بعد ڀر وارن علائقن تي به قبصو ڪري پاڻ ان جو حاڪم ٿي ويٺو. ويندي ڀر واري گوند سلطنت جنهن جي راڻي ڪملا پتي کي هو ڀاڙي تي سپاهي سپلاءِ ڪندو هو تنهن جي مرڻ تي سندس وارث پٽ کي قتل ڪري اها سلطنت به ڀوپال رياست ۾ ملائي ڇڏيائين. پنهنجي هن رياست جي گادي جو شهر پهرين اسلام نگر ڪيائين ان بعد اڳتي هلي ڀوپال ٿيو. اسلام نگر ڀوپال ضلعي ۾ آهي. جنهن وقت نواب دوست محمد خان هنن علائقن تي قبصو ڪري ڀوپال رياست ٺاهي.... يعني ۱۷۲۳ ڌاري ته ڀوپال هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. انهن ڏينهن ۾ ڀوپال جي ڀر وارو شهر جگديسپور هڪ سکيو ستابو ۽ سٺو شهر  هو جنهن جو دوست محمد ”اسلام نگر“ نالو رکي پنهنجي رياست جي گادي جو شهر بڻايو. ڀوپال جي هنن نوابن مان ڪيترن اسلام نگر ۾ جنم ورتو.... ويندي بيگم شاهجهان جنهن لنڊن جي ڀر واري شهر ووڪنگ ۾ مسجد ٺهرائي.

Friday, July 28, 2017

آمريڪا ۾ برف تي گاڏي هلائڻ- ثريا ڪپري

آمريڪا ۾ برف تي گاڏي هلائڻ
اَلرٽ رهو، آهستي هلو، ڪنٽرول ۾ رهو
ثريا ڪپري
(نيو جرسي آمريڪا)
اسان وٽ يعني اتر اوڀر آمريڪي صوبن ۾ نومبر کان سخت سيءُ شروع ٿي وڃي ٿو. برفباري جي باقائده شروعات ته ڊسمبر کان ليکي وڃي ٿي پر  ڪڏهن ڪڏهن نومبر کان ئي گرمي پد ايترو هيٺ  هليو وڃي ٿو، جو جي مينهن پوي ته اهو برف ٿي  پائوڊر جي شڪل ۾ آهستي آهستي هيٺ ڪري ٿو، جنهن کي اسين برفباري ڪوٺيون ٿا. سو برفباري صرف ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن سياري ۾ مينهن وسندو آهي. اسان وٽ ڊسمبر کان وٺي فيبروري تائين ته باقائدي برفباري جو موسم رهندي آهي جيڪا  اڪثر  هن مهينن دوران گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٽن برفاني طوفانن کي به وٺي ايندي آهي.

ٿي آيس ٿر مان - مٺل جسڪاڻي

ٿي آيس ٿر مان...
مٺل جسڪاڻي
ٿر جو ڪجھہ حصو اڳ ۾ ئي اکين سان آئون پاڻ ڏسي آيو ھئس. اھي يادگيريون، ڪڏھن ڪڏھن، ڪنھن نجي ڪچھري ۾، ڪڏھن ڪنھن سان تہ ڪڏھن ڪنھن سان، ڪڏھن ڪھڙيون تہ ڪڏھن ڪھڙيون خبرون، آئون زباني طور ڪندو رھيو آھيان.
ٿر کي مون مددگار اکين سان تہ تمام گھڻا دفعا، تمام گھڻو ويجھي کان ڏٺو آھي. ڪڏھن ڪنھن جي تحرير، ڪڏھن ڪنھن جي تقرير، ڪڏھن ڪٿي ڪچھري ۾، ڪڏھن تصويرن سان، تہ ڪڏھن فلم، ڊاڪيومينٽري، ڊرامي ۾...

ماضيءَ جي ياد بڻجي ويل رُڪ ريلوي اسٽيشن - مير اعظم علي ٽالپر

ماضيءَ جي ياد بڻجي ويل رُڪ ريلوي اسٽيشن
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ هن واٽ ويندي جي سلسلي کي لکندي چار هفتا ٿي رهيا آهن. حالانڪه انصاف جي پوري زندگي هڪ واٽ تي بيٺل آهي، جيڪا ڪڏهن ملي ٿي ته ڪڏهن بيهي رهي ٿي ۽ ڪڏهن ته اها زندگي جي واٽ تي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. اها زندگي جي واٽ تي هلندي هلندي انسان پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي واٽن تان گذرندي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڳالهين کي ڏسي ٿو ۽ مشاهدو ڪري ٿو، ان کانسواءِ انسان جي زندگي ۾ ان واٽ جون واٽ ويندي يادگيريون هڪ اڻ مِٽ سرمايو به بڻجي وڃن ٿيون، جڏهن هن واٽ ويندي تي پهرين گهوٽڪي، ان بعد ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد کان ٿيندي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ پئرس طور مشهور کٽاڻ واري شهر شڪارپور پهچڻ ٿيو ته ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ڄڻ شڪارپور ڪنهن نڀاڳي جي نظر جو شڪار ٿي ويو هجي. لکي در، هاٿي در، صديق جي ماڙي واري شهر جا رستا روڊ تباهه، هرطرف روڊن تي قبضا ٿيل هئا، ڄڻ ته سنڌ ۾ شهرن اندر قبضا هڪ ثقافت بڻجي وئي آهي. البته شڪارپور ماضي ۾ سنڌ جي ڪتب خاني جو مرڪز هو، جتان سنڌي ڪتاب، رسالا نڪرندا هئا. شڪارپور جي زمين اهل علم، تعليم وارن جي زمين هئي ۽ ورهاڱي تائين هتي کوڙ سارو علم اڇي تي ڪارو چڙهندو هو ۽ عوام ان کي پڙهندو هو.

برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا- الطاف شيخ

برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا
الطاف شيخ
ائين ناهي ته ڪو پاڻي وارا جهاز ٻڏن نٿا يا انهن کي حادثا درپيش نٿا اچن. ٽائٽينڪ جهڙو پنهنجي زماني جو مضبوط ۽ ماڊرن جهاز به ٻڏي ويو. اهو ڪهڙو سمنڊ آهي جنهن ۾ جهاز يا ٻيڙيون نٿيون ٻڏن. پر جيترا جهاز سمنڊ جي هن ٽڪنڊي ۾ ٻڏا آهن بلڪه غرق ٿيا آهن انهن جو تعداد حيرت انگيز آهي ۽ جنهن پئٽرن يا نموني سان برمودا ٽڪنڊي ۾ جهازن جا حادثا ٿين ٿا اهو نرالو ۽ مختلف آهي. هوائي جهاز ته مٿان هيٺ ڪري ٿو ته زمين يا ٽڪرين سان ٽڪرائي ٽڪرا ٽڪرا ٿيو وڃي. ان وقت تيل جي ٽانڪي ڦاٽڻ سان ان کي اهڙي ته باهه وڪوڙيو وڃي جو لاش به نٿا سڃاڻجن. يا سمنڊ ۾ ڪرڻ سان هيٺ هليو وڃي ۽ ماڻهو ٻڏيو وڃن. پر پاڻيءَ جي جهاز ۾ ڪو حادثو ٿيڻ بعد بچاءَ لاءِ ڪافي وقت ملي ٿو. ٽائٽينڪ جهاز جو برف جي ڇپ (Iceberg) سان ٽڪر ٿيڻ ڪري منجھس يڪدم پاڻي داخل ٿي ويو ۽ اهو تکو تکو ٻڏڻ لڳو ته به ڪافي ڪلاڪ لڳي ويس .... ۽ اهو ٽائيم ايترو هو جو مسافر آرام سان جهاز ۾ موجود لائيف بوٽن (ٻيڙين) ذريعي ٻڏل جهاز کان پري ٿي سگهيا ٿي پر مسافرن کي اها به خبر نه هئي ته ٻيڙيون جهاز جي ڪهڙي ماڙ تي آهن ۽ ڪهڙن مسافرن لاءِ ڪهڙي ٻيڙي آهي.

Thursday, July 27, 2017

لاڙڪاڻي مان- مير اعظم علي ٽالپر

لاڙڪاڻي مان
واٽ ويندي
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ واٽ ويندي لکندي چار هفتا مڪمل ٿي رهيا آهن، جن جي شروعات ضلعي گهوٽڪي کان ٿي هئي، ان بعد ضلعو ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي ڳوٺ، ڳوٺ ۽ واهڻ وستي وڃڻ لاءِ گاڏي ڊوڙائڻي پئي. ڪن علائقن، خاص ڪري درياهه جي اندر ۽ ڪچي واري علائقي ۾ جتي اڳ عام ماڻهو نه ويندو هو يا خوف محسوس ٿيندو هو، هاڻي صورتحال بلڪل مختلف هئي. حالانڪ ان جي باوجود به اسان کي احتياط ۽ محتاط سان رهڻ جا مفت مشورا ملندا رهيا ۽ سج لٿي کان اڳ ئي واپس موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي رهڻ جو چيو ويو هو. اتفاق سان شڪارپور ۾ هڪ علائقو جاڳڻ آهي، ان لاءِ حڪم هو ته جلدي واپس ايندا ۽ ڪو واقفڪار گڏ کڻندا. ان لاءِ ايم پي اي شهريار مهر جو باڊي گارڊ گڏ هليو. بهرحال ان کانپوءِ قافلو ضلعي لاڙڪاڻو پهتو، لاڙڪاڻي شهر لاءِ سنڌ ۾ عام پهاڪو مشهور هو ته ”هُجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“ پر سالن کان هلندڙ اهو پهاڪو زماني جي گردش سبب تبديل ٿي هن طرح بڻجي ويو ”هُجئي ناڻو ته ڇَڏَ لاڙڪاڻو.“ ان لاڙڪاڻي ”گهمڻ“ ۽ ”ڇڏڻ“ ۾ فرق جو سبب شايد هڪ نه پر گهڻا ڪارڻ هجن! پر لاڙڪاڻي کي سنڌ ۾ سياستدانن جي سرزمين چيو وڃي ٿو، جنهن وڏا ڪامورا ۽ علم وارا انسان سنڌ ۽ پاڪستان کي ڏنا، پر انهن انسانن ڪڏهن سنڌ ۾ ”واهه واهه“ ڪرائي ته ڪڏهن پنهنجي ڪردار ۽ وقت جي تقاضا ۽ سياسي مصلحت سبب سنڌ واسين کي ڏک به رسايو. البته لاڙڪاڻي جي هر انسان جا ماضي ۾ ڇڏيل نشان سندس ويندڙ واٽ تي واضح ۽ صاف نظر اچن ٿا.