Saturday, March 19, 2011

منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد به نه سمجهه...! - الطاف شيخ


منهنجي زال کي اهڙو پير مرشد به نه سمجهه...!
الطاف شيخ
پاڻ ملائيشيا ۾ رهندڙ روهڙي جي هڪ نوجوان ڳوٺاڻي علي (غلام علي سولنگي) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن سان منهنجي ڪوالالمپور ۾ پنج ڇهه سال کن اڳ ملاقات ٿي ته ان وقت هن جو ٽن سالن کان هلندڙ سائبر ڪيفي جو بزنس ٺپ ٿي ويو هو. هن ٻڌايو ته هن جي انٽرنيٽ جي ڪيفي تمام سٺي طرح هلي رهي هئي. اها روزانو آس پاس جي علائقي جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ٽٻ رهي ٿي. پر پوءِ بدقسمتي سان پاڙي جي تامل انڊين جو هن جي ڪيفي ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس اچي وئي ۽ ماڳهين ڪيفي کي بند ڪرڻو پيو.

Friday, March 18, 2011

ڇا شادي بعد نوڪري ضروري آهي؟ - الطاف شيخ

ڇا شادي بعد نوڪري ضروري آهي؟
الطاف شيخ
علي (سڄو نالو غلام علي سولنگي) سان منهنجي پاڪستان ۾ پهرين کان نه ملاقات هئي نه ڄاڻ سڃاڻ. اڄ کان ست اٺ سال اڳ جڏهن ملائيشيا ويو هوس ته سنڌ جي مشهور ليکڪ سائين جمال ابڙو صاحب جي پٽ اطهر ابڙو جي گهر ڊنر تي عليءَ سان ملاقات ٿي هئي. اطهر انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪمرشل سيڪريٽري هو. هن ٻڌايو ته سنڌ جي ڪجهه ڳوٺن جا شاگرد، پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ بزنيس مين مون سان ملڻ ٿا چاهين. هنن منهنجا ملائيشيا بابت ڪجهه ڪتاب پڙهيا آهن، جيڪي مون 1980ع کان 1990ع واري ڏهي ۾ ملائيشيا ۾ رهڻ دوران لکيا هئا. ڊنر تي جيڪي آيا انهن ۾ علي به هڪ هو. هالا جي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ تاراچند ٻڌايو ته؛ ”عليءَ جي هتي ڪوالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما (روڊ) تي هڪ سائبر ڪيفي آهي.“
”سائين ٽن سالن کان هئي ۽ خوب ڪمائي ٿي رهي هئي.“ عليءَ درستي ڪئي.

Wednesday, March 16, 2011

اسان جي ملڪ جو بيروزگار ڇا ڪري؟




اسان جي ملڪ جو بيروزگار ڇا ڪري؟

گذريل دفعي آئون ڪوالالمپور آيو هوس ته هوائي جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ڪجهه ڪراچي جا مسافر ويٺل هئا، جيڪي ڪنهن ٽريول ايجنسي جي معرفت پنجن ڏينهن لاءِ ملائيشيا گهمڻ آيا هئا. جهاز مان لهي سامان کڻڻ وقت آئون هنن سان ڳالهين ڳالهين ۾K.L  ايئرپورٽ جي مين گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس. هنن ۽ ڪجهه ٻين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن لاءِ مني بسون بيٺل هيون، جن ۾ چڙهي هو ڪوالالمپور پنهنجي هوٽل ڏي روانا ٿي ويا ۽ ڪن کي اتان سڌو پينانگ يا ملاڪا وڃڻو هو، سو هو پنهنجي ٽوئرسٽ ڪمپني طرفان آيل بسين ۾ روانا ٿي ويا ۽ مون کي شهر وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ڪرڻي پئي. مون کي ان وقت به حيرت ٿي ته اسان جي اڏام توڙي ان وقت آيل ٻين ملڪن جي اڏامن مان هيترا سارا مسافر لٿا سي ڪيڏانهن ويا. هڪ ٻه پبلڪ بسون به بيٺيون هيون، پر ان ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مڪاني ماڻهو جن کي وڏي بئگ بدران مختصر سامان هو، اهي انهن ۾ چڙهي روانا ٿي ويا. مون کي پوءِ خبر پيئي ته هڪ مسافر لاءِ ڪوالالمپور ايئرپورٽKLIA  کان ڪوالالمپور شهر جي مرڪز ۾ اچڻ لاءِ سڀ ۾ سستي ۽ تيز رفتار سواري ايئرپورٽ جي اندران هلندڙ اليڪٽرڪ ٽرين آهي، جيڪا KILA- Express سڏجي ٿي ۽ شهر جي وچ واري ۽ وڏي ۾ وڏي ريلوي اسٽيشنSentral  تي اچيو ڇڏي. سو هن ڀيري تڪڙ ڪري ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ بدران ”ڪُليا ايڪپريس“ جو پڇيم. هڪ آسٽريليا کان آيل پيرسن جوڙو به ان ڏي وڃي رهيو هو، سو انهن سان گڏوگڏ لفٽ ۾ چڙهي ٻه فلور هيٺ آياسين. ڀتين ۽ لفٽ تي بهKLIA Express  جا تير لڳل هئا، جن کي فالو ڪري سگهجي ٿو. مون وانگر ٻين به ڪيترن مسافرن کي اها خبر نه هئي ته ٽڪيٽ ڪٿان وٺجي. اسان سمجهيو گاڏيءَ اندر ملندي پر پوءِ لهڻ وقت اتان وٺي گيٽ مان نڪتاسين.
هن ٽرين ۾ منهنجي هڪ پاسي کان هي آسٽريليا جا پيرسن هئا، ٻئي پاسي هڪ ويهه پنجويهه سالن جو پاڪستاني نوجوان اچي ويٺو. پاڻ سان آندل وڏي بئگ، سامهون سامان رکڻ جي رئڪ ۾ هٿيڪي ڪرڻ بدران پنهنجي اڳيان جهلي بيٺو. هن ٻڌايو ته هو لاهور کانPIA  ذريعي هتي مهيني جي ٽوئرسٽ ويزا تي آيو آهي. هو بئگ جي ٽٽڻ ڪري سخت پريشان هو، جنهن ۾ هن هٿ جي اڻيل غاليچن جا سئمپل، هتي وڪڻڻ لاءِ آندا هئا. مون پنهنجي بئگ جي چوڌاري ٻڌل رسو کولي کيس ڏنو.
”پوءِ ڀلا توهان جي بئگ جو ڇا ٿيندو؟“ هن پڇيو.
”منهنجي بئگ ته في الحال صحيح آهي،“ مون ٻڌايومانس، ”پر پنهنجي تجربي موجب آئون بئگ کي رسين سان به ٻڌي نڪرندو آهيان ۽ ان کان علاوه هڪ يا ٻه وڏا شاپر به بئگ ۾ وجهي ڇڏيندو آهيان، جيئن رستي تي جي بئگ کلي پوي ته ساڳيو سامان ان ۾ واپس سموئجي نٿو سگهجي.“
هو ملائيشيا پهريون دفعو آيو هو ۽ بيحد هيسيل هيسيل لڳي رهيو هو. ڪافي ميل پوک مان گذرڻ بعد ڪجهه عمارتون نظر آيون ٿي ته هن هر دفعي پڇيو ٿي ته ڇا ڪوالالمپور اچي ويو. چوڌاري پام آئل جي وڻن جي پوک کي ڏسي هن سمجهيو ته اهي ناريلن جا وڻ آهن. پام آئل جو وڻ ناريل سان ڪافي ملي ٿو. منهنجي پڇڻ تي ته هو ڪيڏانهن وڃڻو آهي ته هن ٻڌايو ته ڪنهن پاڪستاني واقفڪار جي ٻڌائڻ مطابق هو پاڪستان مسجد وٽ رهائش لاءِ ڪنهن سستي مسافرخاني ۾ رهي شهر ۾ مختلف دڪانن تي وڃي هي مال کپائيندو. اهو ٻڌي مون کي افسوس ٿيو ته اسان جي ملڪ جا ڪيترائي وسوڙيل ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ٻاهر وڃي مختلف شيون وڪڻڻ آسان ڪم آهي، پر پوءِ پرديس ۾ اچي دربدر ٿين ٿا. ڇو جو جيڪي غاليچن، ڀرت ۽ پاڪستاني يا انڊين ڊريسن جا هتي رهندڙ بزنيس مين آهن، انهن جو ئي وڪرو نٿو ٿئي. پر ان ۾ هتي رهندڙ پاڪستاني ماڻهن جو به ڏوهه آهي، جيڪي پنهنجي وطن جي غريب ۽ بيروزگار نوجوانن کي ان قسم جون غلط صلاحون ڏين ٿا ۽ پوءِ هو قرض کڻي ٽڪيٽون وٺن ٿا ۽ سامان کڻي هتي رلندا رهن ٿا. ڪجهه نه کپڻ تي اهي صلاحون ڏيندڙ کانئن سندن مال اوڻي پوڻي ۾ وٺي کين ڀڄايو ڪڍن. هونءَ به هڪ گهمڻ جي ويزا تي آيل ٽوئرسٽ قانوني طرح نوڪري يا بزنيس نٿو ڪري سگهي. هو هميشه خوف ۽ خطري جي زندگي گذاري ٿو. پنهنجي وطن ۾ ماڻهو فقط انهن کي ڏسن ٿا، جيڪي بچيو وڃن ۽ چار پئسا ڪمايو اچن. انهن کي نٿا ڏسن جيڪي هتي ملائيشيا يا عرب ملڪ جي جيلن ۾ سزا جي زندگي پيا گذارين.
”ڀلا هتي جي ڪسٽمس نه پڇيو ته هيڏي وڏي بئگ فقط غاليچن سان ڇو ڀري آيو آهين؟“ مون پڇيومانس. ”نه- الله جا شڪر آهن، بچاءُ ٿي ويو،“ هن ٻڌايو، ”هنن کولي به نه ڏٺي ۽ اهو به چڱو جو هيءَ بئگ ان بعد لفٽ مان نڪرندي ٽٽي پئي. پر....“
هو اهو چئي ماٺ ٿي ويو.
”پر ڇا؟“ مون پڇيو.
”مون کي پنهنجن پاڪستاني ڪسٽمس وارن لاهور ايئرپورٽ تي ڏاڍو ڦريو. چون ته تون وڃي نٿو سگهين. مون چيو مانِ ڇو نه؟ مون کي ويزا آهي، رٽرن ٽڪيٽ آهي، پاسپورٽ صحيح اٿم.... هنن کي منهنجا غاليچا اک ۾ هئا سو مون کي مجبورن کين رشوت ڏيڻي پئي نه ته اجايو خواري ٿئي ها.“
هن کي جڏهن خبر پيئي ته منهنجو ملائيشيا سان ڪافي واسطو رهيو آهي ته هن مون کان پڇيو ته هن کي هتي ڪا نوڪري يا پورهيو ملي سگهندو يا نه؟
”هنن وٽ سندن ماڻهو گهٽ آهن، پئسو ۽ پراجيڪٽ گهڻا اٿن، جن لاءِ هنن کي هنرمند ڪاريگرن کان مزور، نوڪرن ۽ ڪلارڪ ڪڙن جي ضرورت آهي، جيڪي هو گهڻي ڀاڱي ڀرواري ملڪ انڊونيشيا مان گهرائين ٿا، جيڪي ورڪ پرمٽ تي ملائيشيا تي اچي نوڪري ڪن ٿا.“ مون هن کي ٻڌايو.
”پر اسان جي ملڪ جا به ڪيترائي ماڻهو ٽوئرسٽ ويزا تي اچي نوڪري ۽ بزنيس ڪن ٿا.“ هن ٻڌايو.
”اها مون کي خبر ناهي ته اهي ان قسم جو غير قانوني ڪم ڪيئن ڪن ٿا ۽ نه ڪنهن کي ان جي صلاح ڏيندس. هونءَ هتي جي اخبارن ۾ اڪثر ايندو رهي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي فئڪٽري يا ڪنسٽرڪشن جي ڪم تي ڇاپو لڳو ۽ هيترا غير قانوني طرح ڪم ڪندڙ ڌارين کي پنهنجي ملڪ ڊيپورٽ ڪيو ويو يا جيل ۾ وڌو ويو. ان مان ظاهر آهي ته هتي غير قانوني طرح ڌارين ملڪن جا ”جابس“ لاءِ ايندا رهن ٿا.“
دراصل سالن کان ملائيشيا حڪومت جي اها پاليسي ڏسندو اچان ته هو پاڻ ئي ڍر ڏين ٿا، جيئن ڌارين ملڪن جا ماڻهو هنن وٽ غير قانوني طرح اچن جو اهڙي ريت هنن کي پنهنجن ڪارخانن، ٻنين ٻارن (پام آئل ۽ رٻڙ جي پوک) وغيره لاءِ سستو لئبر ملي پوي ۽ پوءِ وري رکي رکي اعلان ڪندا ته غير قانوني ڌارين کي چتاءُ ٿو ڏجي ته هو فلاڻي تاريخ اندر پنهنجي پنهنجي ملڪ موٽي وڃن جو ان بعد اسان سختيءَ سان وٺ پڪڙ ڪنداسين ۽ ڏوهارين کي سخت سزا ڏينداسين. پوءِ رکي رکي ڇاپا هڻي ڪافي غير قانوني ڌارين کي پڪڙين به ٿا ۽ هنن کي جيل جي سزا کان علاوه گذريل دفعي ڦٽڪا به هنيائون (Caning به ڪيائون) جنهن تي دنيا جي هيومن رائيٽس ايجنسين گوڙ به ڪيو.
ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جي گرم ۽ مينهوگي واري موسم ۾ پام آئل ۽ رٻڙ جي پوکن ۾ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اڳ ۾ سالن تائين هن ملڪ ۾ رهندڙ ڏکڻ هندستاني (تامل) اهو ڪم ڪندا هئا. هاڻ انهن جون نوجوان ٽهيون لکي پڙهي آفيسر ٿي ويون آهن يا پئسو اچڻ ڪري هو آرام وارا ڌنڌا ڪري رهيا آهن. سو ظاهر آهي، انهن پوکن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ کين ڀرواري ملڪ انڊونيشيا جي غريب ماڻهن جي ئي ضرورت آهي. انهن پوکن (Plantations جاگيرن) جا امير مالڪ انڊونيشيا يا ڏکڻ هندستان پاسي کان قانوني طرح مزور گهرائڻ بدران حڪومت کي اک ٻوٽ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ته هو غير قانوني طرح ايندڙ مزورن تي سختي نه ڪري. ڇو جو غير قانوني آيل مزور نه ميڊيڪل گهرندو ۽ نه پگهار ۾ واڌارو. هو هر وقت ڊپ ۾ رهي پورهيو ڪندو. اهو حال شهرن ۾ ڪنسٽرڪشن ورڪ تي آهي. سڄي ملائيشيا ۾ روڊن رستن کان وٺي گهر، عمارتون، ڪاليج، اسپتالون، پليون، پيٽرول پمپ وغيره ٺهندا رهن ٿا، جنهن لاءِ هنن کي ٽيڪنيڪل کان نان ٽيڪنيڪل ماڻهن جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪم لاءِ ڪجهه ڪمپنيون قانوني طرح فلپين، بنگلاديش، پاڪستان، انڊيا ۽ سريلنڪا مان ورڪ ويزا تي ماڻهو گهرائين ٿيون. ڪجهه ڪمپنيون قانوني طرح سان گڏ غير قانوني آيل ماڻهن کي گهٽ پگهار يا گهٽ سهولتن جي پورهئي ۾ لڳايو ڇڏين. پوءِ اهڙن ماڻهن بابت سندن هم وطن خبرچار لهيو، هو به نوڪري جي ڳولا ۾ ٽوئرسٽ ويزا تي هليا اچن ٿا. پوءِ ڪن کي ملي ٿي، ڪي جهلجيو پون. پر جن کي نوڪري ملي ٿي اهي به هر وقت خوف جي زندگي گذارين ٿا. هر وقت پوليس کان لڪندا وتن ۽ هيڏانهن هوڏانهن آزاد انسان وانگر گهمڻ ڦرڻ کان لنوائين ٿا.
بهرحال منهنجي پاڪستاني دوست غلام علي سولنگي جو اهو ئي مشورو آهي ته ٺڳ ايجنٽن کان خبردار رهجي. جيڪڏهن ڪا نوڪري ملي به ٿي ته ان ڪمپني جو ليٽر ملائيشيا جي سفارت خاني يا قونصل خاني ۾ ڏيکاري ان جي تصديق ڪجي، ڇو جو ڪيترا ملائيشيا پهچي رلي وڃن ٿا ۽ هتي پهچي کين خبر پوي ٿي ته ان جعلي ليٽر ذريعي هنن کي ايجنٽ ڦري ويو.
ڪي ايل سينٽرل اسٽيشن تي پهچي مون هن لاهور جي نوجوان کان موڪلايو ۽ آئون پنهنجي ميزبان علي کي ڳولڻ لڳس. اسٽيشن کان ٻاهر روڊ ڏي نڪتس ته مون کي احساس ٿيو ته هيءَ ته تمام وڏي اسٽيشن آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي گيٽ ۽ مين روڊ آهن. ظاهر آهي، هيءَ اسٽيشن نه رڳو ڪوالالمپور ريلوي اسٽيشن جو مقصد پورو نٿي ڪري، پر سڄي شهر ۽ اوسي پاسي کان ايندڙ اليڪٽرڪ ريلن جي به جنڪشن آهي. مون گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيا، پر عليءَ جو نه هو اتو نه هو پتو. هيڏي ٽرئفڪ ۽ مسافرن جي پيهه پيهان ڪري مون کي هڪ خوف به محسوس ٿيو، جيڪو هڪ ٻهراڙي جي سڪون ڀري زندگي جي رهواسي کي ڪراچي يا حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ پهچڻ سان ٿئي ٿو. آئون اڃا سوچي رهيو هوس ته هاڻ ڇا ڪريان. عليءَ کي فون ڪريان يا ان ريل جو پڇايان جيڪا مون کي هن جي گهر ڀرسان واري اسٽيشن سيگامبوٽ پهچائي، يا ٽئڪسي ڪريان ته اتي پاسي کان ايندڙ هڪ نوجوان سڌو مون وٽ پهچي پڇيو ته آءٌ الطاف آهيان. منهنجي ”ها“ ڪرڻ تي هن بئگ کڻائي ۽ عليءَ کي ان هنڌ اچڻ لاءِ فون ڪيو.
”دراصل علي اسٽيشن جي هن پاسي ڪار پارڪ ڪري توهان جو انتظار پيو ڪري. منهنجو نالو شفيق خان آهي، آئون به روهڙي جو آهيان ۽ عليءَ جي آفيس ۾ عليءَ وٽ ڪم ڪريان ٿو.“
ٽرئفڪ جام هجڻ ڪري علي ڪار کي اسان واري طرف ڏي آڻي نه سگهيو ۽ اسان کي هن ڏي پهچڻ لاءِ فون ڪيائين. اسان بئگ کي سندس ڦيٿن تي گسڪائيندا هن وٽ پهتاسين. هو قميص ملئي نموني جي پجامي ۽ ٽوپي ۾ هو.
”چئبو ته جمعي نماز پڙهي ورتئي“ مون پڇيو.
”بس هاڻ پڙهي پهتو هوس. پاڻ سان گڏ شفيق کي به آندم جيئن توهان کي ڳولڻ ۾ جلدي ٿئي.“

Monday, March 14, 2011

ايئر ايشيا- سستي ٽڪيٽ واري هوائي ڪمپني

ايئر ايشيا- سستي ٽڪيٽ واري هوائي ڪمپني

ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS جو هوائي جهاز جنهن ۾ چڙهي اسان کي ڪوالالمپور وڃڻو هو سو چئن ڪلاڪن جي دير بعد ابو ڌابي کان ڪراچي پهتو ۽ اسان مسافر هڪ هڪ ٿي منجهس چڙهياسين. هٿن ۾ جهليل سامان سيٽن مٿان ٺهيل خانن ۾ هٿيڪو ڪيوسين. جهاز هلڻ لاءِ سڀني کي ڪمربند ٻڌڻ لاءِ چيو ويو. سگريٽ نه ڇڪڻ جو چتاءُ ته چڙهڻ وقت کان چمڪي رهيو هو ۽ K.L ايئرپورٽ تائين ائين ئي رهيو جو هيءَ اڏامNon  Smoking هئي يعني سڄي واٽ (سفر جا ڇهه ئي ڪلاڪ) بنا سگريٽ ڇڪڻ جي ويهڻو هو. ڪجهه سال اڳ هر ملڪ پهرين پنهنجين ڊوميسٽڪ (اندروني) اڏامن ۾ سموڪنگ بند ڪرائي ۽ هاڻ آهستي آهستي بين الاقوامي اڏامن ۾ به بند ڪئي وئي آهي. بلڪه دنيا جي مڙني سڌريل ملڪن ۾ بسين، ريل گاڏين ۽ سرڪاري آفيسن ۾ سگريٽ نوشي ڏوهه قرار ڏني وئي آهي، جنهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارو سزاياب ٿئي ٿو. سگريٽ ڇڪڻ جا نوان شوقين اها ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکن. بهرحال هتي هاڻ اسان پرسڪون ٿي ويٺاسين ته جهاز جي ڪئپٽن (پائليٽ) مسافرن کان معافي ورتي ته سندن اڏام کي ڪن فني خرابين ڪري دير ٿي ۽ اسان کي ان جي ڪري انتظار ڪرڻو پيو. اهو چئي بس ڪيائين ته مون سمجهيو ته هاڻ هو هلڻ لاءِ ٻڌائيندو ته.... اسان جو جهاز هيترن ميٽرن جي بلندي تي هيتري رفتار سان پرواز ڪندو، هيتري وقت تي ڪوالالمپور پهچندو، جتي جي موسم ۽ ٽيمپريچر هي هي هوندو.... وغيره. پر هن اهو چئي اسان سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو ته.... ”جهاز تي هڪ مشڪوڪ بئگ چڙهي وئي آهي ان جي Status جي جيسين خبر پوي تيسين توهان کي ڪجهه گهڙيون انتظار ڪرڻو  پوندو...“ اهڙن موقعن تي اهي گهڙيون چند هجڻ بدران اينگهي به پونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سڀني مسافرن جو سامان لهرائي، سامان جي سڃاڻپ ڪرائي ويندي آهي. جنهن ۾ وڏو وقت لڳي سگهي ٿو. جهاز تي ڪجهه دير ايئرپورٽ طرفان واسطيدار اٿارٽي جا آفيسر ايندا ويندا رهيا ۽ پوءِ جهاز جو دروازو بند ٿيو ۽ پائلٽ هلڻ جو اعلان ڪيو.
جهاز تي ماني Serve ٿيڻ بعد اسان ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي ملائيشيا ۾ داخل ٿيڻ جا اميگريشن فارم ڏنا ويا. اهي هر ملڪ جا اڪثر هٿ جيڏا يعني پاسپورٽ جي سائيز جا ٿين ٿا. انهن جو مٿيون اڌ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ(Arrival/ Entry)  جو ٿئي ٿو. ان تي پنهنجو نالو، پاسپورٽ نمبر، اڏام جو نمبر ۽ ڪن ڪن ملڪن ۾ ته رهائش جي ائڊريس ۽ فون نمبر به لکائيندا آهن. بهرحال هن فارم کي آرام سان پنهنجي نالي جي صحيح اسپيلنگ سان (جيڪا پاسپورٽ ۾ لکيل آهي) پُر ڪجي. ايئرپورٽ تي پهچڻ وقت اميگريشن آفيسر توهان کان اهو فارم ۽ پاسپورٽ گهرندو ۽ هو ضروري چڪاس بعد پاسپورٽ ۽ ان فارم تي ٺپا هڻي، ان فارم جو مٿيون اڌ پاڻ وٽ رکندو يعني هن معلومات وارو ماڻهو سندس ملڪ ۾ داخل ٿيو ۽ فارم جو باقي اڌ توهان کي پاسپورٽ سان گڏ واپس ڪندو. آمريڪا ۽ يورپ جي ته ڪيترن ملڪن ۾ اهو باقي اڌ پاسپورٽ جي ڪنهن صفحي سانStaple  ڪري واپس ڪن ٿا ۽ مسافر کي ٻڌائين به ٿا ته اهو باقي فارم قابو رکجو ۽ ملڪ ڇڏڻ وقت واپس ڪجو. پر ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اهو سوچي ته هر هڪ کي ان جي اهميت جي خبر هوندي نه Staple ڪن ۽ نه ٻڌائين. نتيجي ۾ ڪيترا نوان ماڻهو جيڪي پهريون دفعو سفر ۾ نڪتا آهن، انهن کان اهو ڪارڊ (فارم) جو اڌ حصو هيٺ مٿي ٿيو وڃي ۽ پوءِ اهو ملڪ ڇڏڻ تي ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر جي گهُر تي ڪارڊ نه ڏيڻ عجيب مونجهارو پيدا ڪري ٿو.
دنيا جي ايئرپورٽن تي لهي پوءِ ماڻهو اميگريشن ڪائونٽر ڏي روانو ٿئي ٿو جتان پاسپورٽ تي ان ملڪ جي دخول (Entry) جو ٺپو هڻائي پوءِ چرندڙ بيلٽ تان پنهنجو سامان کڻي اڳيان بيٺل ڪسٽم آفيسرن وٽان لنگهي ٻاهر نڪرڻ بعد هو بس يا ٽئڪسي ۾ چڙهي ٿو پر ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي جهاز مان لهڻ بعد ڪٿي به اميگريشن جا ڪائونٽر يا ڪسٽم آفيسر نظر نٿا اچن. ايئرپورٽ کان واقف مسافر اڳيان بيٺل ٽرين ۾ وڃيو سوار ٿين ۽ نئون ۽ ايئرپورٽ کان اڻ واقف مسافر منجهيو پوي ته هي ڇا آهي. ٽرين شايد شهر ڏي پئي وڃي ان ۾ ڪيئن چڙهان جڏهن منهنجي بئگ مون کي ملي ناهي. دراصل اها جاءِ جتي هوائي جهاز مان لهجي ٿو اها هڪ ننڍڙي ٻيٽ مثل آهي جنهن تي ايئرپورٽ جي اندروني عمارت واڌو (Plus) جي نشاني وانگر آهي. هن واڌو نشاني جي چوڌاري مختلف ملڪن جا جهاز اچيو لڳن ٿا جن مان مسافر لهي اندر بلڊنگ ۾ داخل ٿين ٿا. هن واڌو شڪل واري عمارت ۾ فقط ڊيوٽي فري دڪان ۽ ريسٽورنٽون آهن ۽ هيءَ عمارت سيٽلائيٽ بلڊنگ سڏجي ٿي. اميگريشن جي قطارن يا سامان (بئگيج) جي ملڻ لاءِ هتي نه جاءِ آهي ۽ نه بندوبست. مسافر جهاز مان لهي هن بلڊنگ ۾ بيٺل اليڪٽرڪ ٽرام ۾ چڙهن ٿا جيڪا ”ايئرو ٽرين“ سڏجي ٿي. اها ٽرين ٽن ٽن منٽن جي وقفي تي ڇٽي ٿي ۽ مسافرن کي ٽن منٽن جي سفر بعد 3 ڪلوميٽر کن پري هڪ ٻي ٺهيل عمارت ۾ اچيو پهچائي جيڪا ’مين ٽرمينل بلڊنگ‘ سڏجي ٿي. اتي پهچي ٽرام مان لهڻ بعد اميگريشن آفيسرن جا ڪائونٽر نظر اچن ٿا جتي آيل مسافر جو پاسپورٽ وغيره چيڪ ٿئي ٿو. انهيءَ دوران مسافرن جو سامان به اتي پهچيو وڃي.
پاسپورٽ تي ٺپو هڻائي پوءِ پنهنجو سامان ڳولي اڳيان ڪسٽم آفيسر کي ڏيکارڻ بعد مسافر آجو آهي ۽ مين گيٽ مان نڪري ٽئڪسي، بس يا ميزبان جي ڪار ۾ روانو ٿي سگهي ٿو. ايئرپورٽ کان ڪوالالمپور جو شهر 50 کن ڪلوميٽر پري آهي. بس ۾ وڏي بئگ سان سفر ڪرڻ ڏکيو آهي. ٽئڪسي 150 کان 200 رنگٽ وٺي ٿي جيڪي پنهنجا ٽي چار هزار رپيا ٿيو وڃن. ان ڪري مسافرن جي آسان ۽ سستي سفر لاءِ هتان (جتي توهان پنهنجي سامان جي ڪسٽمس چيڪ ڪرايو ٿا KLIA –Express ٽرين هلي ٿي جنهن جي 35 رنگٽ ٽڪيٽ آهي ۽ پورن 28 منٽن ۾ وچ شهر ۾ اچيو ڇڏي. اها تيز رفتار ۽ وڌيڪ Safe پڻ آهي ۽ توهان وٽ ڪيترو به سامان هجي هن ۾ رکي سگهو ٿا. ٽئڪسي ۾ گهڻو ڪري اهي چڙهن ٿا جن کي ڪوالالمپور شهر وڃڻ بدران ان کان پهرين ايئرپورٽ جي آس پاس وارن شهرن جهڙوڪ شاهه عالم، پتراجايا، سائبر جايا يا سريمبان وڃڻو هجي. ڇو ته سيپانگ علائقو جنهن ۾ ملائيشيا جو هي ڪولالمپور وارو بين الاقوامي ايئرپورٽ KLIA آهي اهو ڪوالالمپور شهر جي بلڪل ڏکڻ ۾ نينگري سيمبيلان رياست جي بارڊر تي آهي. هي علائقو سيچانگ (Cyber Jaya) کان مشهور آهي. سائبر جايا سمجهو ته ملائيشيا جي ”سليڪن وئلي“ آهي. هي شهر 1997ع ۾ ٺهيو. منجهس 250 انٽرنيشنل ڪمپنيون آهن.
ڪوالالمپور جو هي ايئرپورٽ 1998ع ۾ کليو. هن کان اڳ سبانگ وارو ايئرپورٽ هوندو هو جيڪو هاڻ سلطان عبدالعزيز شاهه ايئرپورٽ سڏجي ٿو. اسان جي ڏينهن ۾، يعني 1991ع تائين به سبانگ وارو ايئرپورٽ جيڪو ڪراچي جي اڳوڻي ايئرپورٽ جيڏو مس هو، هتي لاءِ ڪافي هو. پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٽوئرسٽن جي ايڏي ته ڌم وڌي وئي جو هنن کي يڪدم نئين هنڌ تي نئون ايئرپورٽ ٺاهڻو پيو جنهن جو 1993ع ڌاري فيصلو ٿيو ۽ پورن ساڍن چئن سالن اندر هي ايئرپورٽ 1998ع وارين اقوام متحده (ڪامن ويلٿ) جي راندين تي مڪمل ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو روزانو 25000 مستري ۽ مزدور ڏينهن رات هن ايئرپورٽ تي ڪم ڪندا هئا.
ملائيشيا پهريون ايشيائي ملڪ آهي جنهن ڪامن ويلٿ راندين جي ميزباني جهلي. ڪامن ويلٿ ملڪن جي راندين جو هي سورهون مقابلو 11 سيپٽمبر 1998ع کان 21 سيپٽمبر 1998ع تائين هليو جن ۾ 70 ملڪن جي 3638 رانديگرن حصو ورتو. انهن مان 34 ملڪن کي ميڊل مليا. پاڪستان جي ڀاڳ ۾ هڪ چانديءَ جو ميڊل آيو جيڪو لائيٽ ويٽ باڪسنگ جي مقابلي ۾ علي اصغر کٽيو. هي اسٽيڊيم جنهن ۾ رانديون ٿيون نئشنل اسٽيڊيم نالي بڪت جليل ۾ آهي ۽ ملائيشيا جو وڏي ۾ وڏو اسئٽڊيم آهي جنهن ۾ وهڻ لاءِ 87400 سيٽون آهن پر هڪ لک کن ماڻهو اچيو وڃن. هي اسئٽڊيم دنيا ۾ 25 نمبر وڏو اسئٽڊيم آهي ۽ فٽ بال جي اسئٽڊيم کان ڏهون نمبر آهي. هن اسٽيڊيم ۾ 2001 ۾ سائوٿ ايسٽ ايشين گيمز به ٿي چڪيون آهن.
هونءَ ڏٺو وڃي ته ملائيشيا اڳوڻي وزيراعظم محمد مهاتر جي ڏينهن ۾ دنيا ۾ مشهور ۽ ظاهر ٿيو. دنيا جي ڊگهي عمارت، پينانگ ٻيٽ کي ملائيشيا جي سرزمين سان ڳنڍيندڙ ڊگهي پل، سائبر جايا ۽ پتراجايا جهڙا ماڊرن شهر،  بحري جهازن ۽ هوائي جهازن جي ڪمپنين کي وڌائڻ ۽ دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ، خوبصورت هوائي اڏو ۽ ان تان مسافرن کي شهر تائين آڻڻ جو بندوبست، مختلف يونيورسٽين جو ٺاهڻ ۽ انهن ۾ تعليم جي معيار کي ايڏو بلند رکڻ جو دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد انهن ۾ اعلى تعليم لاءِ اچن ٿا، جهنگل ۽ جبلن واري ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇائي ڇڏڻ، ڪوالالمپور جهڙي ڳتيل شهر ۾ اليڪٽرڪ ۽ مونو ريل گاڏيون هلائڻ، عوام لاءِ روزگار مهيا ڪرڻ ۽ سندن صحت جو اونو رکڻ سان هُن هِن ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن جي قسمت بدلائي ڇڏي.
اسان جو پاڪستاني دوست انجنيئر يوسف شاهه جيڪو گذريل 25 سالن کان ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني MAS ۾ ڪم ڪري رهيو آهي تنهن ٻڌايو ته دنيا ۾ فقط ڇهه اعلى درجي جون هوائي ڪمپنيون آهن جن کي Skytrax طرفان فائيو اسٽار اسٽئٽس مليل آهي، انهن ۾ MAS هڪ آهي. (ٻيون پنج هوائي ڪمپنيون هن ريت آهن: ڏکڻ ڪوريا جي ASIANA، هانگ ڪانگ جي ڪئٿي پئسفڪ، عرب امارات جي ’قطر ايئرويز‘، سنگاپور جي SIA ۽ انڊيا جي ’ڪنگ فشر‘.)
ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني MAS جو سڄو نالو ”ملائيشين ايئر لائين سسٽم برحد“ آهي. ملائيشيا جي ڪيترين ڪمپنين جي نالي جي آخر ۾ ”برحد“ يا ”سنديرين برحد“ اچي ٿو. ملاڪا ۾ رهندڙ ميرپورخاص جي مير عطا محمد ٽالپر جي هتي ملائيشيا ۾ ديسي جڙين ٻوٽين ۽ دوائن جي ڪمپنيءَ جو نالو ”سنڌ هيلٿ ڪيئر سنديرين برحد“ آهي. اهڙي طرح روهڙي جي غلام علي سولنگي جي ڪوالالمپور ۾ جيڪا سرجيڪل اوزارن جي ڪمپني آهي ان جو نالو ”فرئگو امپيڪس سنديرين برحد“ آهي. سنديرين برحد لفظن جو شارٽ فارم “Sdri- Bhd” لکيو وڃي ٿو. برحد جي معنى لميٽيڊ آهي. ملئي لفظ برحد بنيادي لفظ (root word) ”حد“  مان نڪتل آهي جيڪو لفظ اسان جي سنڌي، اردو، عربي وارو ساڳيو آهي يعني Limit. ان حد لفظ مان ملئي جا ٻيا لفظ ”سرحد“ (بائونڊري)، برحد (لميٽيڊ) وغيره جڙيا آهن، سينديري (Sendiri) دري لفظ مان آهي معنى اڪيلو، پاڻمرادو. ان مان ٺهيو آهي سنديرين معنى پنهنجو پاڻ يعني ”پرائيويٽ“.
ملائيشيا جي هيءَ قومي هوائي ڪمپني 1947 MAS ۾ ”ملاين ايئرويز“ جي نالي سان شروع ٿي. ملائيشيا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملڻ بعد هن جو نالو ”ايئرويز ملائيشيا“ رکيو ويو ۽ پوءِ سنگاپور وارن سان گڏجي هن ڪمپني جو نالو ”ملائيشيا سنگاپور ايئرويز“ رکيو ويو. ان بعد 1987ع ڌاري هن ڪمپني جو هاڻوڪو نالو MAS رکيو ويو. اسان واري جهاز جي هڪ جهوني فلائيٽ انجنيئر ٻڌايو ته MAS کي اڄڪلهه 82 مسافر هوائي جهاز ۽ 5 ڪارگو کڻندڙ هوائي جهاز آهن.
ملائيشيا جي هن سرڪاري هوائي ڪمپني MAS کان علاوه ملائيشيا کي ٻيون به ننڍي پئماني جون هوائي ڪمپنيون آهن آهن جيئن ته ايئر ايشيا، برجايا ايئر، فائر فلاءِ، سلور فلاءِ ايئر لائين، ماس ونگس وغيره. سستين ٽڪيٽن ڪري ايئر ايشيا هن پاسي جي تمام گهڻي پاپولر آهي جيڪا ملڪ اندر ۽ ولايت جي ڪيترن ئي هوائي اڏن تي وڃي ٿي. ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستانين کي اهائي شڪايت آهي ته جيڪر هن هوائي ڪمپني ايئر ايشيا جا هوائي جهاز پاڪستان ۾ به وڃن ته هنن جي ڀاڙي ۾ وڏي بچت ٿي وڃي.
Air Asia ڪمپني 1996ع کان هلي رهي آهي ۽ کيس هن وقت 96 مسافر جهاز آهن جن ۾ انڊونيشيا ۽ ٿائلنڊ جا جهاز به شامل آهن. هن ڪمپني جي جهازن جي ٽڪيٽ سستي آهي پر هڪ دفعو خريد ڪرڻ بعد واپس نٿي ٿي سگهي ۽ مسافر کان اڏام ڇٽڻ (مِس ٿيڻ) تي پئسا موٽي نٿا ملن. هن اڏام جي جهازن ۾ ماني ٽڪي يا چانهه ڪافي پئسن تي ملي سگهي ٿي جيئن ڪنهن هوٽل ۾ وڃي کائجي هنن جهازن ۾ شراب ۽ سوئر به Serve نٿو ٿئي.

Wednesday, March 09, 2011

ڊيئر الطاف هاڻي اسان کي پنهنجي آتم ڪٿا پڙهايو - نصير مرزا

ڊيئر الطاف هاڻي اسان کي پنهنجي آتم ڪٿا پڙهايو
نصير مرزا

حقيقت ۾ الطاف شيخ جي اک ڪئميرا به آهي ته قلم به! ۽ هاڻي ته ٻڌو اٿم، هڪڙي ڊجيٽل ڪئميرا، جيڏانهن به هو وڃي ٿو هُن جي ڪلهي ۾ هر وقت لٽڪندي نظر ايندي آهي ۽ اها ڳالهه هن بابت مون سان ڪئي ڪنهن؟
منهنجي هالائي دوست: سهيل ابڙي!

حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه

حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه

ملائيشيا (MAS) جا هوائي جهاز جيڪي هميشه وقت تي اڏامن پر اڄ اسان واري جهاز جي اڏام وئي ٿي ليٽ ٿيندي! ٽي وي جي اسڪرين تي ڪوالالمپور ڏي ويندڙ ملائيشيا جي هن جهاز جي اڏام ڪنفرم ٿيڻ بدران Delay ئي ٿيندي رهي. اسان کان پوءِ PIA جي ڪوالالمپور ڏي اڏام هئي، اها به وئي هلي. اسڪرين تي اسان جي اڏام جو وقت 3 ٿي پوءِ 4 ٿيو، مون يڪدم پنهنجي ميزبان عليءَ کي پنهنجي موبائل فون ذريعي نياپو موڪليو ته اسان واري اڏام سمجهه ته 5 ڪلاڪ کن ليٽ پهچندي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ايئرپورٽ تي ترسڻ يا هوائي جهاز ۾ ڊگهو سفر ڪرڻ ۾ مون کي ڪابه بوريت نٿي ٿئي، پر هن سفر ۾ جهاز جي Delay ڪري مون کي پنهنجي ميزبان جو خيال ٿي رهيو هو. اسان کي ڪهڙي خبر ته اڄ هي ڪم ٿيندو. اسان ته سمجهيو ٿي ته ٻين ڪمپنين جون اڏامون ليٽ ٿي سگهن ٿيون، پر سنگاپور، ڪئٿي (هانگ ڪانگ)، امارات (دبئي) ۽ MAS جون هرگز نه. وقت تي پهچڻ جو سوچي به مون عليءَ کي ايئرپورٽ يا K.L سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ اچڻ کان روڪيو ٿي.
”ڏس علي اجايو پنهنجي ڪار ۾ پيٽرول ساڙي مون کي ايئرپورٽ تان وٺڻ ڇو ٿو اچين، جڏهن ته ايئرپورٽ تي گيٽ مان نڪرڻ کان اڳ ايئرپورٽ وارن جي KLIA ايڪسپريس ملي ويندي، جيڪا 37 رنگٽن (ملائيشيا جي ڊالرن) ۾ مون کي 28 منٽن ۾ شهر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن K.L Sentral تي اچي لاهيندي.“
اڄ کان چار پنج سال اڳ ڪوالالمپور ويو هوس ته علي جالان ڪلنگ ڏي رهيو ٿي، پر هاڻ هن ٻڌايو ته شادي بعد تمن سيجاهتر (Taman Sejahter) ۾ رهي ٿو. ملئي لفظ تمن جي معنيٰ پاڻ وارو چمن آهي يا کڻي چئجي ته گلشن آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ گلشن اقبال، گلشن فيصل، گلشن حديد يا گلستان جوهر آهي، تيئن ملائيشيا جو هر شهر تمنن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪجهه هن ريت نالا آهن: تمن روسا، تمن ميلاتي، تمن ڊيسا، تمن سيٽيا ونگسا، تمن مالوري، تمن برونگ، تمن ماتا هري.... وغيره. هي ماتا هري انگريزي فلم وارو نالو ناهي. ماتا هري ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”سڄ“ آهي. جيتوڻيڪ لفظي معنيٰ ماتا معنيٰ اک ۽ هري معنيٰ ڏينهن يعني ’ڏينهن جي اک‘. سو ملئي ماڻهن لاءِ ٿيو سج. جيئن ماتا ڪچنگ ميوي جي لفظي معنيٰ ٻليءَ جي اک آهي جو اهو ليچي جهڙو ميوو ٻلي جي اک سان مشابهت رکي ٿو.
بهرحال اسان وارو علي (حاجي غلام علي سولنگي) جنهن علائقي (  Taman Sejahterگلشنِ سڪون) ۾ رهي ٿو، اهو ڪوالالمپور جي هڪ اهم ۽ وڏي روڊ ”جالان ڪچنگ“ تي آهي، جتان منهنجو سالن جا سال لنگهه رهيو. جڏهن ملاڪا ۾ نوڪري دوران ڪي ايل (ڪوالالمپور) اچڻ ٿيندو هو يا جڏهن جهاز تي هوندو هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ (بندرگاهه) ۾ اچي بيهندو هو ته K.L اچڻ لاءِ هن روڊ تان به مٽبو هو. ڪوالالمپور ۾ اليڪٽرڪ ٽرين (KTM Komuter) شروع ٿيڻ تي هڪ لائين جو هتان به لنگهه ٺاهيو ويو ۽ علي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو، ان جي بلڪل ويجهو هن ٽرين جو Segambut (سيگامبوت) نالي اسٽاپ آهي. منهنجو اهو ارادو هو ته K.L (ڪوالالمپور) جي هوائي اڏي تان KLIA- Express ٽرين ۾ چڙهي شهر جي وچ واري مرڪزي (Central) ريلوي اسٽيشن، جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ايس“ سان Sentral لکيو وڃي ٿو، پهچي پوءِ ٻي ٽرين وٺي عليءَ جي گهر ڀرسان واري اسٽيشن سيگامبوت پهچي وڃان جو ”ڪي ايل سينٽرل“ ۽ ”سيگامبوت“ اسٽيشن جي وچ ۾ فقط ٻه کن اسٽيشنون: بئنڪ نيگاراءِ پترا آهن. سيگامبوت پهچي پوءِ عليءَ کي فون ڪريان ته اتان اچي وٺي وڃي يا اڃان به بهتر اهو ٿيندو ته اتان ٽئڪسيءَ ۾ علي جي گهر ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي. نه ملڻ تي عليءَ کي فون ڪجي ها. بهرحال چار پنج ڪلاڪ ليٽ ٿيڻ تي عليءَ جي جمعي نماز به ويندي هلي. هونءَ جو جهاز پنهنجي صحيح وقت اٺ وڳي صبح تي پهچي ها ته نائين وڳي تائين آئون K.L سينٽرل تي پهچي وڃان ها ۽ عليءَ کي ان وقت پنهنجي ڪار پارڪ ڪرڻ لاءِ گهڻي جدوجهد نه ڪرڻي پوي ها. ڇو جو سينٽرل اسٽيشن ايڏي مشغول ترين ريلوي اسٽيشن آهي جو ڏينهن چڙهڻ سان پارڪنگ جي جاءِ نٿي ملي، جيتوڻيڪ سٽي گورنمينٽ طرفان اسٽيشن جي آسپاس ٻه هزار کن ڪارن جي پارڪنگ ٺاهي وئي آهي.
ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز جي انتظار ۾ ڪلاڪ ٻه کن لکپڙهه ۾ گذاريم. رات جا ٻارنهن به ٿي ويا هئا. آئون سوير سمهڻ ۽ اٿڻ وارو ماڻهو آهيان. ويتر سفر جي تياري ۾ منجهند جو به ڪلاڪ اڌ سمهي نه سگهيو هوس، سو ننڊاکڙو محسوس ڪري رهيو هوس. شولڊر بيگ کي وهاڻي طور استعمال ڪري ڪجهه دير ليٽڻ ٿي چاهيم. مون جهڙي ڊگهي ماڻهوءَ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ٽي کن سيٽون خالي هجڻ ضروري آهن، پر چوڌاري ڪٿي ڪٿي ڪا هڪ سيٽ نظر آئي ٿي. هر هڪ ٽن ٽن، چئن چئن سيٽن تي قبضو ڪري ستو پيو هو. دل ۾ چيم ته ڏاڍي ڳالهه ٿي. اهڙو جي هوس پهرين اچي ها ته ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي ٻن سيٽن تي قبضو ڪري ڇڏيان ها. ڀرسان لنگهندڙ ايئرپورٽ جي عملي جي همراهه کان پڇيم ته هي چوڌاري جيڪي ستا پيا آهن، انهن جي فلائيٽ ڪيڏي مهل آهي؟
”سرڪار ڪجهه ته توهان واري فلائيٽ جا ماڻهو آهن ۽ ٻيا اهي آهن، جن جي اڏام صبح جو آهي، پر سڀاڻي شهر ۾ هنگامي هجڻ جي خطري کان هينئر ئي ايئرپورٽ تي اچي ويا آهن.“
مون ليٽڻ جو ارادو لاهي ڪجهه واڪ ڪرڻ ۽ چانهه پيئڻ جو سوچيو. هِتان هُتان ڦري ٽئاليٽ ۽ ٽيليفون بوٿ وٽان لنگهيس ته ڪنڊ تي ٺهيل دخل پويان ايئرپورٽ اٿارٽي جا ٽي چار آفيسر سنڌيءَ ۾ زور زور سان خبرون ڪري رهيا هئا. اتي ڪو بم ڦاٽي ها ته به مون کي حيرت نه ٿئي ها. ڪراچي جي هن هوائي اڏي تي ڦرندي مون کي به 40 سال ٿي ويا آهن، پر اهڙو نظارو منهنجي ڪنن يا اکين نه پسيو. هاڻ مڙي ئي گذريل 10 سال ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي آفيسر نظر اچي ٿو، پر يڪا چار پنج آفيسرن جو سنڌي هجڻ ڪمال جي ڳالهه آهي. شايد اهي ڪرشما آصف زرداري جي عوامي حڪومت ڪيا هجن. آئون ان ڪائونٽر وٽ بيهي چرين وانگر اکيون ڦاڙي هنن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لڳس. ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. ههڙيون ڪچهريون مون ننڍي هوندي لاڙڪاڻي ۾ باهه جي مچ تي ٻڌيون هيون. جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾ سياري جي موڪل ٿيڻ تي پنهنجي ڪلاس ميٽ اختر علي عباسي جي ڳوٺ ”ڳوٺ وليد“ ۾ هفتو کن وڃي رهيو هوس. هي همراهه خبرن ۾ ايڏو محو هئا جو هنن کي ڪا دير هوش نه آيو ته ڪو اوپرو ماڻهو سندن ڀرسان بيهي سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي. آخر هڪ همراهه کي خيال اچي ويو ۽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته "Can I Help you?" ان سان گڏ ٻيا به ماٺ ٿي ويا.
”سائين ڪچهري جاري رکو. ان جي ڪشش ۾ آئون به پنڊ پهڻ ٿي ويو هوس.“ مون چيو ۽ هو هاڻ مون کي حيرت مان گهورڻ لڳا ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ هي آهي ڪير جو ايترو فري ٿي رهيو آهي. هو هڪ دفعو هڪ ٻئي ڏي سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته آيا آئون هنن مان ڪنهن جو واقفڪار ته نه آهيان.
”سائين توهان جو تعارف؟“ هنن مان هڪ عزت سان پڇيو، جيتوڻيڪ منهنجا ڪم جڏا هئا جو آئون ڪا دير سندن ڪائونٽر وٽ بيهي کين ائين چتائي ڏسي رهيو هوس، جيئن ڪو ٻار چڙيا گهر ۾ پڃري اندر جانورن کي ڏسي. پر هنن مون کي عمر ۾ وڏو ۽ ڏاڙهي سان پير مرد سمجهي ڪس ڪسرون درگذر ڪري پنهنجي طرفان اخلاق جو مظاهرو ڪيو. مون سندن پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ بدران چيو:
”مون ته سوچيو هو ته پهرين توهان کان پڇندس ته توهان جو ڪهڙي ڪهڙي ڳوٺ سان تعلق آهي.“
”سائين اهو به ٻڌائينداسين. اسان جا ته نالا به قميصن تي لڳا پيا آهن، پر توهان جي به ته سڃاڻپ ٿي وڃي.“
”ها سائين ضرور،“ مون چيو، ”آئون شايد ان غلط فهمي ۾ هوس ته سالن کان لکندو اچان ۽ اخبار وارا منهنجي هر ڪالم سان گڏ فوٽو به ڏيندا اچن، سو ٿي سگهي ٿو ڪو سڃاڻي وڃي.“ منهنجو اهو چوڻ تي ٻن ڄڻن يڪدم سڃاڻي ورتو، بلڪ هڪ چوڻ لڳو ته ”ڏسو ته صحيح اڄ ئي توهان جو هڪ ڪالم اڙدو اخبار امت ۾ پڙهيو اٿم.“ هو مون کي چانهه لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا.
”سچي ڳالهه اها آهي ته چانهه پياريندائو ته توهان جي مهرباني ٿيندي،“ مون ٻڌايو مان، ”آئون چانهه لاءِ ئي وڃي رهيو هوس.“
هنن ڪائونٽر جو ننڍڙو دروازو کولي مون کي اندر ڪيو ۽ هڪ ڄڻي ڪرسي خالي ڪري ڏني ۽ ٻيو چانهه وٺڻ لاءِ نڪتو.
بهرحال هن وقت جڏهن ملائيشيا جو سفرنامو لکڻ ويٺو آهيان ۽ چانهه جي ٻاڙ کنيو اٿم ته ان رات واري ايئرپورٽ اٿارٽي وارن جي گرما گرم چانهه ياد اچي وئي اٿم. کانئن سندن اي ميل ائڊريسون ورتم جو فون کي پنهنجي ملڪ ۾ به بند رکندو آهيان. هنن ٻڌايو ته سندن کاتي ۾ سنڌ جا ماڻهو هن وقت به اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. هي هڪ عجيب اتفاق ٿيو آهي جو اڄ رات اسان جي هڪ ئي وقت ڊيوٽي لڳي آهي. هينئر ڪو ڪم ڪار يا ويجهي اڏام ناهي سو ويٺا ڪچهري ڪريون. هنن ٻڌايو ته هو هن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪافي پراڻا آفيسر آهن ۽ سندن چونڊ تڏهن ٿي هئي، جڏهن سائين غوث علي شاهه ڊفينس منسٽر هو. آفيسرن جي ڳالهه ڪندي هنن نرگس گهلوءَ جي ڪافي تعريف ڪئي ته هوءَ جڏهن سندن ڊپارٽمينٽ جي باس هئي ته هرهڪ جو خيال رکندي هئي. دل ۾ سوچيم ته کين اها خبر ناهي ته اها اسان جي مائٽ (منهنجي زال جي سوٽ) آهي. ظاهر آهي هنن کي ڪهڙي خبر ته مون هالا جي شيخ جي هڪ ماسي دادو جي گهلن ۾ پرڻجي وئي هئي. بهرحال نرگس جي تعريف ٻڌي خوشي ٿي. هنن ٻڌايو ته هنن جو اتر سنڌ جي مختلف ڳوٺن سان تعلق آهي. هڪ ته شڪارپور جو محمد علي منگي صاحب هو ۽ ٻين ۾ هڪ محمد وزير عباسي، اشفاق احمد شيخ ۽ عبدالقادر شيخ هئا. هڪ يا ٻن جو نالو هن وقت ذهن ۾ نه پيو اچي. چانهه پي مون اٿڻ جي ڪئي.
”سائين اڏام ۾ ته اڃان ٽي چار ڪلاڪ آهن، ويهو ته ڪچهري ڪريون.“ هنن صاحبن زور ڀريو.
”يارو هاڻ موڪلاڻي ناهي ٿوري دير لاءِ سمهي ٿو پوان. انشاءَ الله اي ميل تي رابطو رهندو.“
آئون هنن کان موڪلائي سمهڻ لاءِ ڪي لڳاتار ٽي خالي سيٽون ڳولڻ لڳس.

Monday, March 07, 2011

الطاف شيخ جو سيلف پورٽريٽ -الطاف شيخ

الطاف شيخ جو سيلف پورٽريٽ

الطاف شيخ
جنڊي، ڪاشي ۽ پڻ تعليم جي حوالي سان مشهور حيدرآباد جي ڳوٺ هالا نوان ۾ 14 نومبر، 1944ع تي منهنجو جنم ٿيو. ننڍپڻ هالا ۾ ئي گذريو. سال ۾ ٻه چار دفعا حيدرآباد ۾ اچڻ ٿيندو هو، جتي مهنجا ناناڻا (سنڌ زميندار هوٽل ۽ فاران هوٽل وارا) سومرا رهيا ٿي. تن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم ۾ چار درجا هوندا هئا ۽ صبح توڙي شام جو اسڪول وڃڻو پوندو هو. هالا جي پرائمري اسڪول جا هڪ ٻه استاد سائين عبدالهادي شيخ، يارمحمد تورپيو، محمد بچل قريشي، ۽ سائين محمد اشرف ۽ اهڙي طرح انگريزي اسڪول جا ٽيچر سائين عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، محمود ابڙيجو، محمد خان گاجڻي ميمڻ (جيڪو بعد ۾ ABL  بئنڪ جو صدر به ٿيو) اڄ به ياد ٿا اچن ته انهن جو قدر ٿو ٿئي ۽ سندن فرض ادائيگي، محنت ۽ ايمانداريءَ کي مڃڻو ٿو پوي، جن مون جهڙن هزارين شاگردن کي دل و جان سان تعليم ڏني. اڳتي هلي مون به ڏهاڪو کن سال ماستري ڪئي پر ماڊرن طريقن Audio Visual Aids سان. اڄ جي پڙهائي کان انوقت جي نوڪري ڪيڏي سخت هوندي هئي، جڏهن هڪ ماستر صاحب فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ جي مدد سان ٻارن کي پڙهائيندو هو.