Friday, July 10, 2015

سچ وڏي شيءِ آ... عبدالله مورائي

سچ وڏي شيءِ آ...
عبدالله مورائي
پنهنجي پاڻ کي تيز پوندڙ برف کان بچائيندي اچي اسانجي رڌڻي جي دريءَ کان بيٺو، جتي آءٌ ماني پچائي رهيو هوس. چيائين؛ ”ڀيا ميري لئي ڀي دو روٽي بناهي لو. ادهر ڪونسي امي ديک رهي هي.“
مون مشڪندي چيومانس؛ ”ٺيڪ هي آجائو.“

Monday, June 29, 2015

سخيءَ کان شوم ڀَلو الطاف شيخ

سخيءَ کان شوم ڀَلو
الطاف شيخ
ڪو زمانو هو جو ورلي ڪو ٻاهر ويندو هو پر اڄ ڪلهه شهرن جا ته ڇا پر ڳوٺن جا ماڻهو به ولايت ويندي نظر اچن ٿا.... مرد عورتون، ڇوڪرا ڇوڪريون.... پوءِ ڪي نوڪرين لاءِ ته ڪي تعليم لاءِ، ڪي ڪانفرنسون ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ته ڪي بزنيس ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ.

Friday, June 26, 2015

اسانجا ڀيل مينگهواڙ ۽ سيد قريشي شاگرد - الطاف شيخ

اسانجا ڀيل مينگهواڙ ۽ سيد قريشي شاگرد
الطاف شيخ
سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر دوران اهو محسوس ڪيم ته ليڪچر ٻڌڻ لاءِ ڪافي شاگرد ۽ شاگردياڻيون آيل هيون.... تقريباً سڄو هال ڀريل هو ۽ سڀ فضيلت وارا پئي لڳا. سنڌ يونيورسٽي بابت اهو Image جيڪو اڪثر ٻاهر جي دنيا ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته غنڊا گردي گهڻي آهي.... ان جي جھلڪ به نظر نه آئي. سوالن جوابن مهل به ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ذهين سوال پڇي رهيون هيون..... آئون، جنهن کي سنڌ جي شاگردن سان هميشه اها شڪايت رهي آهي ته هو انگريزيءَ ۾ ڪمزور آهن.... حيرت جي حد تائين مختلف نظر آيا! هر شاگرد نه فقط انگريزيءَ ۾ سوال ڪري رهيو هو پر تمام سٺي accent ۾ ڳالهائي رهيو هو. شامَ جو پروفيسر ڊاڪٽر يوسف پرديسيءَ جي گهر ڊنر تي هن ۽ ٻين مهمانن ٻڌايو ته هاڻ سنڌ يونيورسٽي جو ماحول بهتر ٿيندو وڃي ان جا ٻه اهم سبب اهي آهن جو هڪ ته داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ٿئي ٿو ۽ فقط اهي شاگرد اچن ٿا جيڪي پڙهائي جي معاملي ۾ سنجيده آهن ۽ گهڻن جا والدين غريب آهن ۽ انهن جي ٻارن کي اهو ئي فڪر رهي ٿو ته هو صحيح طرح تعيلم حاصل ڪري غريب مائٽن جو پئسو سجايو ڪن. ان کان علاوه رينجرس به ڪافي سختي ڪئي آهي ۽ وڏيرائپ ۽ داداگيري جي ڪلچر کي يونيورسٽي ۾ پلجڻ کان روڪيو آهي. بهرحال اها ڳالهه اسان لاءِ سٺي آهي ۽ اسان هن صوبي جا ماڻهو اهوئي چاهينداسين ته سنڌ يونيورسٽي تي ”بند يونيورسٽي“ يا ”غنڊه گرديءَ“ جو لڳل ٽِڪو ڌوپجي وڃي ۽ اها هڪ دفعو وري اهو اوج ماڻي جيڪو سندس پنجاهه سٺ واري ڏهاڪي ۾ هو جڏهن صحيح تعليم هئي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي تعليم يافته شاگردن پنهنجي ملڪ ۽ ولايت ۾ نالو پيدا ڪيو.... ملائيشيا، ايران ۽ عرب ملڪن جا شاگرد به تعليم لاءِ ڄامشورو آيا ٿي. رڳو فلسطيني، سوڊاني ۽ سومالي ۽ يمني ڪونه آيا ٿي.... پوءِ آهستي آهستي هن يونيورسٽي جو ماحول خراب ٿيڻ لڳو. شاگرد سياست، هنگاما، ڪاپي ڪلچر، بنا پڙهڻ جي ڊگري ملڻ ڪري في الحال شاگردن ته سمجھيو ته عيش ٿي ويو. ويندي اهي ڌارين ملڪن جا شاگرد جن ۾ پڙهڻ جو افعال نه هو اهي هن يونيورسٽي جو رخ رکڻ لڳا. پر ان جو نتيجو خراب ان ريت نڪتو جو ملائيشيا ۽ برونائي جي مختلف تعليمي ادارن لاءِ پاڪستان جي اميدوارن..... خاص ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي گرئجوئيٽ کي رکڻ لاءِ انهن ئي منع ڪئي ٿي جيڪي سنڌ يونيورسٽي مان پڙهي آيا هئا. اهڙي طرح هڪ ٻئي ايشيائي ترقي يافته ملڪ کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ پروفيسر کتو ٿي هنن انڊيا جي ممبئي يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ رکيو پر سنڌ يونيورسٽي جو نه. ڇو جو چونڊ ڪرڻ وارو واسطيدار جپاني سنڌ يونيورسٽي مان M.Phil ڪري ويو هو ۽ هو سنڌ يونيورسٽي جي پڙهائي ۽ ماحول کان واقف هو. افسوس جو ماضي قريب تائين سنڌ يونيورسٽي جو Image ڏاڍو خراب رهيو. پر هاڻ هن هال ۾ منهنجي ليڪچر کي ٻڌڻ وارن شاگردن کي فضيلت سان ليڪچر ٻڌندو ۽ ذهين سوال ڪندو ڏسي مونکي خوشي ٿي ته ويندي سنڌي ڊپارٽمينٽ جا شاگرد به سٺي انگريزي ڳالهائي رهيا آهن .... ملائيشيا ۾ ڪيترا سال آئون به سليڪشن بورڊ تي هوس ۽ آئون ڏسندو هوس ته اسان جي يونيورسٽين جا گرئجوئيٽ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ ٽيچر چونڊ واري ڪميٽي جي سوالن جا جواب سٺي انگريزيءَ ۾ نه ڏئي سگهندا هئا. ان جي مقابلي ۾ سري لنڪن، بنگلاديشي ۽ انڊين فر فر انگريزي ڳالهائي ججن کي متاثر ڪري وٺندا هئا.

Monday, June 15, 2015

ورق ورائيندي حيران ڪُن حقيقتون - فضل سليمان قاضي

ورق ورائيندي حيران ڪُن حقيقتون
فضل سليمان قاضي
بنيادي طور تي پرائمري اسڪول عظيم درسگاهه تصور ڪيو ويندو آهي، جتي شاگرد جي تعليم سان گڏ تربيت جو پڻ آغاز ٿئي ٿو. ڪجهه اسڪول پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ وصفن جي ڪري تمام گهڻو مشهور ٿيندا آهن. جهڙي طرح انگلينڊ ۾ HARROW and ETON اسڪول مشهور آهن.

Saturday, June 06, 2015

لاهوت لامڪان جو روحاني سفر - زوار عبدالستار درس

لاهوت لامڪان جو روحاني سفر
زوار عبدالستار درس
رمضان المبارڪ جي 9 تاريخ کان بلوچستان صوبي جي خضدار ضلعي ۾ شاهه بلاول عرف جيئي شاهه نورانيءَ جو قديم ترين ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي جنهن کي ”لاهوت لامڪان“ وارو ميلو به سڏيو ويندو آهي. هن ميلي ۾ پاڪستان جي چئني صوبن مان زائرين هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ انهن زائرين جي اڪثريت سيوهڻ شريف ۾ حضرت لال شهباز قلندر رحه جي سالياني عرس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد سيوهڻ کان جابلو رستي ذريعي انتهائي دشوار ترين سفر پيرين پيادو طئي ڪري اتي پهچندي آهي. سنڌ ۾ سينه به سينه اها روايت هلندي پئي اچي ته سيوهڻ کان لاهوت لامڪان تائين ان جابلو رستي تي سڀ کان اڳ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پيرين پيادو سفر ڪري ان راهه کي نروار ڪيو. ان دشوار ترين جابلو پنڌ ۾ ڪيترين ئي جاين تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جا چِلو ڪٽڻ وارا مقام کوهه ۽ هڪ مسجد به آهي جيڪا شاهه لطيف رحه جي نالي سان مشهور آهي، ان کانسواءِ شاهه جو رسالو ۾ موجود ٻه سُر سر کاهوڙي ۽ سُر رامڪلي به ان جو ثبوت آهن، جن جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه خود اهو دشوار ترين جابلو سفر ڪري ان پنڌ جي ماڳن مڪانن جو مٿي ڄاڻايل سُرن ۾ مُفصل ذڪر ڪيو آهي، شاهه سائين اهو سفر اختيار ڪندڙ لاهوتين جون صفتون هن طرح بيان فرمائي ٿو ته:

Monday, May 25, 2015

رام جي رام کي ڀيٽا - الطاف شيخ

رام جي رام کي ڀيٽا
الطاف شيخ
سال کن اڳ شاهه لطيف يا شايد سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ ڇوڪريءَ فون ڪيو ته هوءَ منهنجي لکڻين تي پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز لکڻ جو ارادو رکي ٿي. آئون ڪنهن گهري سوچ ۾ پئجي ويس. مونکي ماٺ ۾ ڏسي هن پڇيو ته آيا سندس آواز مون تائين پهچي پيو يا نه؟
”جي ها. ٻڌي رهيو آهيان“، مون وراڻيو مانس، ”پر آئون سوچي رهيو آهيان ته……“
”جي، سر! چئو“

Sunday, May 03, 2015

اسانجو سُپر هاءِ وي - الطاف شيخ

اسانجو سُپر هاءِ وي
الطاف شيخ
ڪراچي کان حيدرآباد آئي مونکي چار سال کن ٿي ويا هئا. چار سال وڏو عرصو آهي جنهن ۾ مڪي، مديني ۽ جدي کان ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ جڪارتا جهڙن شهرن ۾ ته تمام وڏي تبديلي ۽ ماڊرنائيزيشن اچيو وڃي ۽ ڪو زمانو هو جو چئبو هو ته پئرس جا رستا آرسيءَ جيان ٿا چمڪن.... اڄ ڪو ايشين يا آفريڪن اهڙي وائي نٿو واري جو ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا جهڙا آفريڪي ملڪ هجن يا فلپين، سنگاپور ۽ ويٽنام جهڙا ايشيائي ملڪ.... ڪنهن به شهر کان ٻاهر نڪر ته ڇا سهڻا ۽ مضبوط رستا آهن..... ڀلي پيا مينهن وسن توهان بي ڊپا ٿي گاڏيون هلايو.... اسانجو هر ڳالهه ۾ مقابلو انڊيا سان رهي ٿو ۽ اسان جا اخبار وارا انڊيا جي ڪنهن روڊ حادثي يا ٽرئفڪ جئم جي خبر وڏن چَشڪن سان ڏين ٿا جنهن کي پڙهي اسان جا ماڻهو سمجھن ٿا ته انڊيا ۾ ڪا ڀينگ پئي وسي پر اڄ انڊيا جا به شهر توڙي روڊ رستا ماڊرن ملڪن جي مقابلي ۾ آهن. هنن جون وقت جون پابند ۽ هر سهوليت سان پُر ريل گاڏيون ۽ بسون ڏسو ۽ رستن تي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٺهيل انهن جا اسٽاپ ۽ اسٽيشنون ڏسو.... هڪ ميلو ۽ رونق هوندي آهي ۽ ماڻهو ڏينهن رات بي ڊپا ٿي سفر پيا ڪن. اسانجي جھانگارا باجاره، شاهه پنجو، سڪرنڊ ۽ باڊهه جهڙن هندوستاني ڳوٺن جون بس اسٽاپ واريون هوٽلون ڏسو ته اهي به بين الاقوامي سهولت واريون آهن تڏهن ته يورپي ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ انڊيا گهمڻ ۽ موڪلون گذارڻ اچن ٿا....