آدمخورن جي شهر ۾...
الطاف شيخ
انگريزن جي ريل گاڏي هلائڻ تي ڪينيا ۽ يوگنڊا جي ڪيترن ئي قبيلن خاص ڪري ناندي قبيلي احتجاج ڪيو. هڪ ته ريل جا پٽا جهنگ ۽ هنن جي وستين مان گذريا ٿي ۽ انهن پٽن ۽ ريل گاڏين لاءِ مڪاني ماڻهن کي عجيب خوف، وسوسا ۽ شڪ شبها هئا ته ريل گاڏي جي وجود سان سندن تباهي اچي ويندي. هنن قبيلن لڳاتار ڏهه سال کن 1895ع کان 1905ع تائين سخت مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پر انگريزن هر صورت ۾ ريلوي لائين وڇائي ريل گاڏي هلائي پوءِ ساهه پٽيو. ريل جي ڪم لاءِ انگريز حاڪم ننڍي کنڊ مان مستري ۽ پورهيت گهرائيندو رهيو ۽ جتي هنن کي سٺي پگهار جي آفر ڏني وئي ٿي، اتي هنن لاءِ آفريڪا ۾ ڪيترائي خطرا به لاحق هئا. هن ريلوي لائين جي تياريءَ ۾ اڌ کن ننڍي کنڊ جا سک، پنجابي، پٺاڻ ۽ مڪاني ورڪر موت جو شڪار ٿيا، جن مان گهڻا مليريا، سؤ پيرين، نانگ بلائن، وڇن جي ڏنگن وگهي مري ويا. ڪجهه ته جنگلي جانورن جو به کاڄ ٿيا. هيءَ ان دور جي ڳالهه آهي جڏهن ريلوي لائين جو ڪم ساوو (Tsavo) وٽ هلي رهيو هو ته ڪيترا سک توڙي مڪاني شيدي ورڪر اتي جي ٻن آدمخور شينهن جي حملن جو شڪار رهيا. هي ٻه شينهن دنيا ۾ Tsavo Maneaters جي نالي سان مشهور آهن. هنن جي مرڻ بعد هنن جي کلن ۾ بهه ڀري اصلي وانگر ٺاهيا ويا، جيڪي هاڻ شڪاگو فيلڊ ميوزيم ۾ رکيل آهن. نئروبيءَ کان ممباسا، باءِ روڊ ويندي سلطان همود، ڪب ويزي (Kibwezi) ۽ انديئي شهرن بعد هي Tsavo شهر اچي ٿو، جنهن جي نالي اِهي آدمخور شينهن دنيا ۾ مشهور آهن. اڄ جي هن ماڊرن ۽ سهڻي شهر ۾ ريلوي اسٽيشن جي هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ ريسٽورنٽ ۾ چانهه پيئندي آئون هڪ صدي اڳ جو زمانو سوچيندو رهيس، جڏهن اسان جي کنڊ جا غريب سک، پنجابي ۽ پٺاڻ پنهنجون زالون ۽ معصوم ٻچا پٺيان ڇڏي روزگار لاءِ هتي جي سخت گرمي ۽ جيتن ۽ نانگ بلائن سان ڀريل جهنگ ۾ اچي ڪم ڪيو ٿي ۽ سندن گهر ڀاتين کي سندن ۽ سندن ڪمايل ناڻي جي پهچ بدران سندن موت جي خبر ملي ٿي. امرتسر ۽ پشاور ۾ رهندڙ ماڻهن، مڇرن ۽ مليريا جو ته سوچي سگهيو ٿي پر هنن کي ڪهڙي خبر ته هنن جا پيارا جنهن ڌرتيءَ تي ڪم ڪن ٿا اتي اهڙا به شينهن آهن، جيڪي هرڻ، ٻڪري يا ٻئي ڪنهن جانور کي مارڻ بدران ستل انسانن کي گهلي وڃن ٿا.