اجنبي عورت سان ڳالهائڻ ۾ خطرو
الطاف شيخ
جهاز ڪوالالمپور مان اڏامڻ بعد سنگاپور مان ٿيندو ممبئي پهتو. ڇهه ڪلاڪن جو هي سفر توڙي ممبئي ايئر پورٽ تي اٺ ڪلاڪن جو Stay لکڻ پڙهڻ ۽ ننڊن ۾ گذريو ۽ هاڻ ممبئي کان نئروبي جي ڊگهي اڏام ۾ لنچ بعد وقت گذارڻ خاطر مون ڀر ۾ ويٺل مسافرن سان خبر چار ڪرڻ ٿي چاهي. هونءَ به چوندا آهن ته وقت پاس ڪرڻ جو سٺو طريقو اهو ئي آهي ته ٻئي سان حال احوال ڪجي ۽ وٺجي. جيلن ۾ ساڳي ڪوٺڙيءَ ۾ بند قيدي اهو ئي ڪندا آهن. ڊگهن سفرن تي پاڻي جي جهاز ۾ سوار به اهو ئي ڪندا آهن. منهنجي ڀر واري سيٽ تي هڪ عورت هئي. هوءَ ڪا ٽين ايجر ڇوڪري به نه هئي. نوجوان عورت چئي سگهجي ٿو. بهرحال مون کان ڪافي ننڍي هئي. سهڻي به ضرور هئي. گهڻي نه ته ڪجهه ڪجهه ڪپڙن ۽ ٻه چار پاتل زيورن مان امير به لڳي ٿي. جنهن سٺي هئنڊ رائٽنگ ۾ هڪ پني ڀور تي ڪجهه Notes لکيا ان مان هوءَ پڙهيل ڳڙهيل به لڳي ٿي. مرد يا عورت سان ڳالهائڻ جي شروعات ڪرڻ مون لاءِ مسئلو نه رهيو آهي، ڀلي کڻي پهرين جي سڃاڻپ نه هجي. پر ويجهڙائيءَ ۾ هڪ لطيفو پڙهڻ ڪري هاڻ آئون ٻڏ تر محسوس ڪري رهيو هوس. اهو لطيفو پهرين توهان به پڙهو. هڪ هوائي اڏام ۾ مون جهڙي هڪ مرد مسافر پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريءَ سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هن کي چيو ته، ”سفر ڊگهو آهي. ڳالهه ٻولهه سان وقت گذريو وڃي. ڇو نه پاڻ ڪنهن ٽاپڪ تي هڪ ٻئي جي خيالن جي ڏي وٺ ڪيون.“ ”مثال طور ڪهڙي عنوان تي؟“ ڇوڪريءَ پڇيو. دل پشوري جي شوقين مرد مسافر خوش ٿي چيو: “مثال طور فضائي آلودگي يا گلوبل وارمنگ وغيره تي.“ڇوڪريءَ چيو، ”ڳالهه ٻڌ! مونکي پهرين هن ڳالهه جو جواب ڏي. ٻڪري، گڏهه ۽ مينهن ٽئي جانور گاهه کائين ٿا پر اهو ڇو آهي ته ٻڪري ڦولڙيون لاهي ٿي، گڏهه لِڏ ۽ مينهن ڇيڻو؟“ همراهه چپ ٿي ويو. ڇوڪريءَ چيس: ”توکي خبر آهي Shit جي به ڪانه، سو هليو آهين گلوبل وارمنگ ۽ Atmospheric Pollution جهڙن اشوز تي بحث ڪرڻ.“ ڪنهن عورت سان ڳالهائڻ جو جوکم سوچي سمجهي کڻجي، ان ڪري مون به هن اڏام ۾ چپ رهڻ جو ئي سوچيو پر جيئن منهنجي پاڙيسرياڻيءَ مون کان ٻه ٽي سوال پاڻ ڪيا ته آئون به پهلوان مڙس ٿي پيس جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”هسبنڊ مئن“ به سڏيندا آهن. ”هيءَ فلائيٽ نئروبي لوڪل ٽائيم مطابق ڪنهن وقت پڄندي؟“ هن پڇيو ۽ ان بعد اهو به پڇيو ته آئون نئروبي وڃي رهيو آهيان يا اڳيان ڪمپالا (يوگنڊا...) وغيره، ته مون يڪدم پنهنجو تعارف ڪرائي ٻڌايومانس ته آئون مئرين انجنيئرنگ جو پروفيسر آهيان ۽ نئروبيءَ ۾ هن اڏام مان لهي رات اتي ترسي ٻي ڏينهن باءِ روڊ ممباسا ويندس.پاڻ ٻڌايائين ته هن جا ماءُ پيءُ گجراتي آهن ۽ هن جي وڏن جو ڳوٺ کمڀاٽ آهي پر پاڻ ڄائي نپني ڪمپالا ۾ ۽ بنيادي تعليم ڪمپالا ۽ نئروبيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد ڊاڪٽري جي اعليٰ تعليم انگلنڊ مان حاصل ڪئي ۽ هينئر هوءَ يورولاجسٽ آهي. ڊاڪٽر رجني ديشمک اهو ٻڌائي مون کان پڇيو ته مون کي حيرت ته لڳي هوندي ته هوءَ گجراتي ٿي يوگنڊا ۾ ڪيئن ڄائي نپني! ”نه مونکي ان تي حيرت بلڪل نه لڳي آهي“، مون ٻڌايومانس، ”مون کي خبر آهي ته هن پاسي يعني يوگنڊا، ڪينيا، تنزانيا پاسي، گهڻي عرصي کان گجراتي، هندو، آغا خاني، سنڌي هندو ۽ بلوچ رهن ٿا. هاڻ ته ڪيترائي انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ لڏي ويا آهن، پر سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو جهاز ممباسا ۽ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ٻين بندرگاهن ۾ ايندو هو ته اسان جي ڪيترن ئي سان ملاقات ٿيندي هئي. هو هن تَر جي واپار تي ڇانيل هئا. بهرحال مون کي هڪ ٻي ڳالهه جي ضرور حيرت ٿي آهي.“ ”ڪهڙي ڪهڙي؟“ هن اها ڳالهه جهٽ پٽ معلوم ڪرڻ ٿي چاهي ۽ جيسين آئون چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪوپ کي ايئر هوسٽس حوالي ڪريان، مون ڏٺو ته هن جي چهري تي تمام گهڻو تجسس هو. جواب ۾ دير ڪرڻ تي هن وري پڇيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي. ”ڪا خاص ڳالهه ناهي. مون سمجهيو ٿي ته يورلاجسٽ فقط مرد ٿيندا هوندا.“ مون کيس ٻڌايو ته اهڙي طرح آئون اهو سمجهندو هوس ته گائنڪالاجسٽ فقط عورتون ٿين ٿيون. پوءِ 1960ع ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ هوس اسان جي حيدرآباد جي سول اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر سالارزار نالي ٻڌوسين ته اهو گائنڪالاجسٽ آهي، ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾، جتان هن وقت آئون اچي رهيو آهيان 1985ع تائين هڪ به ليڊي ڊاڪٽر نه هئي گائناڪالجسٽ سڀ مرد هئا. چيني ۽ انڊين عورتون ته ڇا سلطانن جي مسلمانن زالن جي ڊليوري به مرد ڊاڪٽرن ڪئي ٿي. بهرحال ڊاڪٽر رجني بيحد دلچسپ شخصيت لڳي، يا ته هن کي به ڳالهائڻ جي عادت هوندي يا هوءَ به وقت پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ هئي جو هوءَ ڪجهه مون بابت ۽ منهنجي پروفيشن بابت پڇندي رهي، ڪجهه پاڻ بابت ۽ سندس ڊاڪٽري فيلڊ بابت ٻڌائيندي رهي. سندس ڪجهه ميڊيڪل ڄاڻ جون ڳالهيون خاص ڪري بڪين (گردن) ۾ پٿريون پيدا ٿيڻ بابت ڪجهه نقطا پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي لکي رهيو آهيان، ڇو جو هن مرض ۾ ايڏو ته شديد سور ٿئي ٿو جو هڪ دفعي جهاز جي خلاصيءَ کي اها تڪليف ٿيڻ تي اسان کي جهاز موڙي بندرگاهه جو رخ ڪرڻو پيو. عام حالتن ۾ مريض کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي دوا ڏيئي جهاز کي مقرر ڪورس تي ئي رکيو وڃي ٿو جيسين شيڊول مطابق جهاز منزل تي پهچي ۽ پوءِ اتي مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. مون اها ڳالهه ڊاڪٽر رجنيءَ کي ٻڌائي ته ڪيئن اسان هڪ دفعي اسپين جي بندرگاهه بارسلونا مان لنگر کڻي ميڊيٽرينين سمنڊ جي مالٽا ٻيٽ ڏي روانا ٿياسين ته رستي تي جهاز جي هڪ پوڙهي خلاصيءَ کي گردي ۾ پٿريءَ جو اهڙو ته شديد سور ٿيو جو هو ڪرڙي وانگر پئي ڦٿڪيو. اسان کيس هر قسم جا Pain Killer ڏنا ته جيئن ڏينهن ٻه هو آرام ۾ اچي وڃي ته کيس مالٽا پهچي اتي اسپتال داخل ڪرايون. ڇو جو اسان جو وقت تي، مالٽا پهچڻ به ضروري هو. پر مريض کي ايڏي ته بي چيني ٿي جو انساني جان بچائڻ ڪارڻ اسان وري پٺيان پير ڪري بارسلونا موٽياسين جتي ڊاڪٽرن هن جي يڪدم آپريشن ڪئي. ”بلڪل صحيح ٿا چئو“، ڊاڪٽر رجنيءَ چيو، ”پٿريءَ جو هي سور عورت جيDelivery Pains وانگر بيحد شديد ٿئي ٿو. توهان کي خبر آهي ته قديم زماني جا حڪيم چوندا هئا ته گردي جون پٿريون مردن کي قدرت طرفان عورت جي ٻار ڄڻڻ جي سور جو احساس ڏيارڻ جو ذريعو آهي.“ڊاڪٽرياڻيءَ جو اهو ئي مطلب هو ته مريضن کي ان وقت فرحت محسوس ٿئي ٿي جڏهن هيءَ اذيت رسائيندڙ پٿري پيشاب ذريعي خارج ٿئي ٿي.
گردي ۾ پيدا ٿيندڙ هي پٿريون مختلف ڪيميائي جزن جون ٿين ٿيون جيڪي گردن ۾ ڦاسي بيهن ٿيون. انهن پٿرين ۾ ڪي ته ايڏون ننڍڙيون ٿين ٿيون جو انهن کي فقط دوربين سان ئي ڏسي سگهجي ٿو ته ڪي بادام جيڏيون به ٿين ٿيون.
ننڍيون پٿريون مثاني مان ٿينديون پيشاب مان نڪريو وڃن پر وڏيون پٿريون پيشاب جي ناليءَ ۾ ڦاسيو پون ۽ سخت سور جو سبب بڻجن ٿيون ڇو ته گردن کان مثاني تائين واري نالي تمام سوڙهي ٿئي ٿي.
تقريباً ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾، گردي جي پٿري سان واسطو پوي ٿو. هڪ اندازي مطابق پنجن مريضن ۾ چار مرد ٿين ٿا.
هڪ دفعو گردي مان پٿري نڪرڻ بعد پنجاهه سيڪڙو ان ڳالهه جو امڪان رهي ٿو ته ڇهه ست سالن بعد توهان وري ان تڪليف ۾ مبتلا ٿي سگهو ٿا.
گردي جي پٿرين کي سرڪندڙ پٿريون به سڏين ٿا جو اهي گردن مان سِرڪي پيشاب جي ناليءَ ڏي اچن ٿيون ۽ پوءِ ماٺ مٺوڙي ۾ خارج ٿيو وڃن يا پنهنجي موجودگيءَ جو قيامت خيز اعلان ڪن ٿيون.
گردي ۾ پٿريءَ جون علامتون هي آهن: چيلهه وٽ پٺيان سخت سور جيڪو لهڻ جو نالو نه وٺي.
پيشاب ۾ رت جو اچڻ يا پيشاب جو رنگ گلابي نظر اچڻ.
پٿري جيڪڏهن پيشاب جي ناليءَ ۾ لهي ٿي ته پيشاب ۾ ساڙو ۽ هر هر اچڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
گردي ۾ جيڪي پٿريون يا هڪ پٿري ٿئي ٿي اها گهڻو ڪري ڪئلشيم واري ٿئي ٿي. ڪئلشيم جيتوڻيڪ انسان جي نارمل کاڌي جو صحتمند جزو ٿئي ٿو، جيڪو هڏن ۽ مشڪن (Muscles) لاءِ ضروري آهي. فالتو ڪئلشيم گهڻو ڪري گردا، پيشاب ۾ ٻاهر ڪڍي ڇڏين ٿا پر ڪن ماڻهن جي گردن ۾ ڪئلشم اتي ئي رهجيو وڃي ۽ پٿريءَ جي شڪل اختيار ڪري ٿو. هڪ ٻي پٿري جيڪا Struvite سڏجي ٿي ان ۾ مئگنيشيم ۽ امونيا جا پراڊڪٽ ٿين ٿا. اهڙين پٿرين جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر مريض کي لوڻ ۽ چڪنائي وارين شين جي استعمال لاءِ منع ڪري ٿو.
پيشاب ۾ گهڻي تيزابيت ڪري جيڪا پٿري ٿئي ٿي اها يورڪ ائسڊ واري پٿري سڏجي ٿي ان ۾ مريض کي گوشت گهٽ کائڻ کپي.
هر صورت ۾ گهڻي کان گهڻو پاڻي پيئڻ کپي. ڪوشش ڪري ڏينهن ۾ ٻارهن گلاس پاڻي پيئجي. چانهه يا ڪافي گهٽائي ڇڏجي. علاج لاءِ ڊاڪٽر دوائون به ڏئي سگهي ٿو، جيئن ڪئلشيم يا يورڪ ائسڊ پٿريون نه ٺهن.
اڳ ۾ پٿري ڪڍڻ جو طريقو صرف وڍ ڪٽ هو يعني سرجري هو، پر هاڻ اهڙا به طريقا نڪري پيا آهن جن ذريعي پٿري کي ختم ڪري سگهجي ٿو. انهن مان هڪ ته لِٿو ٽرپسي (سڄو نالو: Extracorporeal shock wave lithotripsy يعني ESWL)سڏجي ٿو. هن ۾ ڊاڪٽر شاڪ ويوز ذريعي وڏي پٿريءَ کي ڀڃي ذرڙا ڪري ٿو جيڪي پيشاب ذريعي نڪريو اچن. گردي جي پٿري هڪ هلڪي سرجري ذريعي به ڪڍي وڃي ٿي جيڪا (Tunnel Surgery) سڏجي ٿي. هن ۾ سرجن مريض جي پٺ ۾ هڪ سنهڙو سوراخ ڪري ان ۾ هڪ اوزار وجهي پٿريءَ کي ڪڍيو وٺي. هن کي نيفرو لٿوٽومي پڻ سڏجي ٿو.
گردي يا پيشاب جي ناليءَ ۾ ڦاٿل پٿري کي يوريٽرو اسڪوپ ذريعي به ڪڍيو وڃي ٿو Ureteroscope هڪ ڊگهي ٽيوب جهڙو ٿئي ٿو جيڪو مريض جي پيشاب واري ناليءَ (Urethra) مان لنگهائي اڳيان مثاني (Bladder) ۽ Ureter تائين پهچايو وڃي ٿو. يريٽر اها سوڙهي نالي آهي. جنهن ذريعي پيشاب گردن مان مثاني ۾ پهچي ٿو. هن ٽيوب ۾ ڪئميرا به ٿئي ٿي جنهن ذريعي ڊاڪٽر پٿريءَ کي ڏسي ان کي ڀڃي به سگهي ٿو ته ڇڪي ٻاهر به ڪڍي سگهي ٿو.
بهرحال هن مرض جي ماهر ڊاڪٽرياڻيءَ جو اهو ئي ميسج آهي ته اسان کي گهڻي کان گهڻو پاڻي پيئڻ کپي، ڏينهن ۾ 12 کن گلاس، جيئن اسان جا گردا گند ڪچري کان هر وقت صاف رهن.
No comments:
Post a Comment