Sunday, June 12, 2011

ڪجهه اڇا پنا ۽ قلم ضروري آهي - الطاف شيخ


ڪجهه اڇا پنا ۽ قلم ضروري آهي
الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ نوڪري دوران هڪ دفعي اسان جي آفيس وارن اسان مان ڪنهن هڪ کي وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ممباسا موڪلڻ چاهيو ٿي جتي جي هڪ انجنيئرنگ ڪاليج يا شايد نيول اڪيڊمي ۾ “مئرين بئالرن ۽ فيول ٽيڪنالاجي” تي هفتو کن ليڪچر ڏيڻا هئا. هي ڪم نوڪري جي معاهدي مطابق اسان لاءِ ضروري نه هو پر انتظاميه چاهيو ٿي ته اسان ڌارين مان ڪو وڃي ته سندن اداري جو سٺو نالو ٿي سگهي، آخر ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي جيتوڻيڪ نوڪري جي معاهدي ۾ نه آهن پر انتظاميه ڪَس کائي اسان کي فائدو ڏئي ٿي.
هي پهريون دفعو هو جو اسان مان ڪنهن کي ايڏو پري وڃڻ لاءِ چيو ويو هو نه ته ملائيشيا جو ملائيشيا ۾، خاص ڪري ملائيشيا جي ڏاکڻي شهر اپوح جي پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ جتي مئرين انجنيئرنگ به پڙهائي وئي ٿي ۽ جنهن لاءِ جپاني انجنيئر رکيا ويا هئا پر هاڻ هنن جي وڃڻ ڪري ان سبجيڪٽ جو بار اسان جي اداري کنيو هو ۽ هر مهيني ڏيڍ بعد، ڏينهن ٻه پڙهائڻ لاءِ مون کي موڪليو ويو ٿي. هي ڪم اهڙو هو جنهن ۾ ڪو مالي فائدو نه هو پر هڪ نئين شهر ۾ وڃي، نون ماڻهن ۽ نوجوان شاگردن سان ملي مون کي خوشي ٿي ٿي ۽ اپوح شهر جون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون لکڻ جو موقعو مليو. اسان مان ڪجهه ڌاريان ان ڪم لاءِ تيار ضرور ٿيا پر جڏهن خبر پين ته ان ڪم جا پئسا کين ملڻ بدران اسان جي آفيس واري اداري کي ملندا ته هو ڍرا ٿي ويا. ان ڊيوٽي لاءِ پئسا نه ڏيڻ جو انتظاميه طرفان اهو سبب ڏنو ويو ته جيڪڏهن آچر واري ڏينهن يعني موڪل واري ڏينهن تي جي پڙهائڻو پوندو ته ان ڏينهن جا پئسا اسان کي ضرور ملندا باقي هفتي جي ڏينهن جا پئسا نه ملندا، جو هفتي جا ڇهه ڏينهن پڙهائڻ اسان جي ڊيوٽي ۾ شامل آهي. چاهي ملاڪا پڙهايون يا اپوح شهر ۾. بهرحال اپوح شهر ۾ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جو اوٽ موٽ ڀاڙو، فور اسٽار هوٽل ۾ رهائش، ماني ٽڪي، ٽئڪسي جي ڀاڙي سان گڏ روزاني چانهه پاڻيءَ جو خرچ آفيس طرفان ڏنو ويو ٿي. ۽ هاڻ ڪينيا جي هن بندرگاهه ممباسا ۾ وڃڻ لاءِ به ساڳيا اصول هئا. ممباسا پري هجڻ ڪري ڪنهن به رضا مندي نه پئي ڏيکاري.

اسان جي پاڪستاني ساٿين اهو خيال ڪيو ته ڪم ۾ انتظاميه جي مدد ڪجي ته هو به خوش ٿيندا ۽ اسان جي ملڪ جي به تعريف ٿيندي. هنن جو خيال ته نيڪ هو پر کين اهو ڪم Un pleasant ٿي لڳو. هو ميڙ ٺاهي مون وٽ اهو سوچي آيا هئا ته اپوح وانگر ممباسا لاءِ به من آئون کڻي هائوڪار ڪريان.
“ڀائي آخر آئون ڇو وڃان؟” مون کانئن پڇيو.
“توهانجي ان ۾ دلچسپي به آهي.”
“لاحول ولا! ڇا مطلب؟ ممباسا ۾ منهنجي ڪا پراڻي ساهيڙي رهي ٿي!”
“نه سر!” هنن چيو، “اسان جو مطلب آهي ته توهان کي سفرنامو لکڻ لاءِ مختلف جاين گهمڻ جو شوق آهي.”
“اهو ته صحيح آهي جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجهه ڊيوٽي جي مجبوري ڪري آهي. پر توهان سچ پچ ٻڌايو ته توهان کي وڃڻ ۾ قباحت ڇو ٿي ٿئي.”
منهنجي ان سوال جي جواب ۾ هنن هي نقطا ٻڌايا.
  هو ٽيچنگ لائين ۾ اڃا هاڻ داخل ٿيا آهن ان ڪري ڪنهن اوپري هنڌ تي، بنا تياريءَ جي پڙهائڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا. صحيح آهي. سالن کان پڙهائڻ ڪري مون لاءِ اها ڏکي يا پريشاني جي ڳالهه نه هئي.
  ٻي نقطو جنهن کان منهنجا هم وطني ساٿي ڀڄي رهيا هئا اهو ممباسا تائين پهچڻ جو ٿڪائيندڙ سفر هو. ملائيشيا مان ڪابه اڏام سڌو ممباسا ڏي وڃڻ واري نه هئي. ڪوالالمپور مان ممبئي وڃڻو پيو جتي ٻي اڏام لاءِ اٺ ڪلاڪ ايئرپورٽ تي انتظار ڪرڻو هو ۽ پوءِ ڪينيا جي گادي واري شهر نئروبي ۾ پهچي ٽن ڪلاڪن بعد ٻي اڏام ۾ ممباسا پهچڻو هو. اهو ٻڌي مون کين هائوڪار ڪئي جو ايئرپورٽ تي انتظار ڪرڻ يا هوائي جهاز جو ڊگهو سفر مون لاءِ مسئلو نه هو. مسئلو ته پاڻيءَ جي جهاز ۾ سفر ڪرڻ ۾ به نه آهي. بشرطيڪ اهو به هلائي ڪو ٻيو، اسان رڳو ننڊون ڪندا رهون يا اخبارن لاءِ ڪالم لکندا رهون. ايئرپورٽ يا هوائي جهاز جي ماحول جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي. خاموشي، ٿڌڪار ۽ چوڌاري خوشبوءِ ئي خوشبوءِ... جنهن وقت دل چوي سوچجي، جنهن وقت دل چوي ڪا پراڻي ڳالهه ياد ڪري لکجي، يا ڀر ۾ ويٺل مسافرن سان خبر چار ڪجي. چانهه، ماني سڀ ڪجهه اتي جو اتي ملندو رهي... ٻيو ڇا کپي؟ ناروي جي هڪ ايئرپورٽ اوريسنڊ ۾ موسم جي خرابيءَ ڪري اسان جي اڏام 24 ڪلاڪ ليٽ ٿي وئي. اوريسنڊ ننڍڙو شهر بلڪ فشنگ وليج آهي جنهن ۾ ايترن مسافرن کي ٽڪائڻ لاءِ ڪا وڏي هوٽل به نه هئي. سڀني مسافرن کي ايئرپورٽ جي صوفن تي ويهي وقت گذارڻو هو. ايئرپورٽ کان ڪو ٻاهر به نڪري نٿي سگهيو جو سخت طوفان ۽ برفباري ڪري ٿڌ جو پد ڪاٽو ويهن کان به هيٺ هو. ايئرپورٽ جي چوڌاري ڪنهن شيشي جي دريءَ ۾ تر جيتري به سير هئي ته اتان اندر ايندڙ ٿڌي هوا جسم کي ڄڻ ڇريءَ وانگر ڪپيو ٿي. سڀ مسافر پريشان هئا. منهنجي ته ڄڻ الله ٻڌي. ڪائونٽر تان ڏهه ٻارهن ڪورا ڪاغذ وٺي اچي پراڻيون ڳالهيون لکڻ شروع ڪيم. پنج ڇهه صفحا لکي ڪائونٽر تان چانهه ۽ بسڪٽ وٺي ٿي آيس. ماني جو بندوبست نه هو پر هوائي ڪمپنيءَ طرفان اسان مسافرن کي هر وقت چانهه، ڪافي، بسڪيٽ ۽ سئنڊوچ ملڻ جو مفت بندوبست هو. پورڪ جي خيال کان مون لاءِ سئنڊوچ يا پيزا ۽ برگر ممنوع هئا، ان هوندي به ٺلهي چانهه ۽ بسڪٽ به غنيمت هئا. ڪلاڪ ٻه لکيم ٿي ته ڪلاڪ ٻه سوچيم ٿي ۽ اهڙو ڪلاڪ ٻه ويٺي ويٺي جهوٽو به کائي ورتم ٿي. خبر ئي نه پيئي ته ڪيئن اک ڇنڀ ۾ 24 ڪلاڪ گذري ويا ۽ اعلان ٿيڻ تي اسان پنهنجو سفري ٿيلهو کڻي اچي جهاز ڀيڙا ٿياسين. ۽ ان ڳالهه جو اظهار جيڪڏهن ٻين مسافرن سان ڪريان ها ته پڪ مارَ ڏين ها جيڪي ايئرپورٽ تي ايڏو انتظار ڪري اڌ چريا ٿي پيا هئا.
اهڙن موقعن تي ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ اسان جو درويش صفت انگريز پرنسپال ياد ٿو اچي جيڪو اسان کي هر وقت ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪجهه لکڻ لاءِ زور ڀريندو هو. چوندو هو ته جنهن کي پڙهڻ جي عادت پئجي ويندي اهو جنگل ۾ اڪيلو به بور نه ٿيندو. اسان ان وقت اٺين ڪلاس ۾ پهتا هئاسين ۽ هي ڪاليج پيٽارو بدران ميرپورخاص جي بلڊنگ ۾ عارضي طور هو ته ڪرنل ڪومبس جيڪو سيڪنڊ ورلڊ وار ۾ جپانين جو قيدي (POW) به ٿي رهيو هو، اهو انگلينڊ کان اسان وٽ پرنسپال ٿي آيو. پهرين هفتي ئي هو اسان کي بس ۾ وهاري ميرپورخاص ڀرسان وهندڙ جهلوري نالي هڪ شاخ تي گهمائڻ لاءِ وٺي هليو. اسان سڀ ڳوٺن جا هئاسين ۽ ان جهلوريءَ کان وڏيون شاخون ته اسان جي ڳوٺن ۾ وهندي ڏٺيون هيونسين. اسان کي پنهنجي هن گوري پرنسپال تي ڏاڍي حيرت ٿي. اسان ته جڏهن گهمڻ جو ٻڌو ته اسان ته اهو ئي سوچيو ته هو اسان کي بس ۾ حيدرآباد وٺي ٿو هلي جتي صدر جي نيو ميجيسٽڪ سئنيما ۾ انگريزي فلم پڻ ڏيکاريندو پر هي اسان کي ڌوڙاٽيل پاڻيءَ واري جهلوري شاخ جي ڪناري تي وٺي آيو. اسان مان ڪجهه ان ميرانجهڙي پاڻيءَ ۾ جهڙي تهڙي سئمنگ به ڪئي ۽ گپ لڳل پيرن ۾ بوٽ پائي وري اچي هاسٽل جي باٿ روم ۾ وهنتا هئاسين. ٻيو ڏينهن آچر جو هو. هاسٽل جي ميس ۾ اسان جو پرنسپل نموندار ٿيو ۽ چيائين ته هو جهلوري شاخ جي ٽرپ بابت ڪجهه ڳالهائيندو. اسان سمجهيو ته هو اسان کي جهلوري شاخ تي وٺي هلڻ  ۽ بور ڪرڻ لاءِ افسوس جو اظهار ڪندو ۽ ان جي بدلي ۾ اڄ حيدرآباد وٺي هلڻ لاءِ چوندو. پر اهي سڀ اسان جا ٻليءَ وارا خواب هئا. ڪرنل ڪومبس پنهنجي ڪڙڪدار آواز ۾ چيو ته ڪالهه توهان کي آئون جهلوري شاخ تي گهمائڻ لاءِ وٺي ويو هوس. اڄ توهان پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ان سير تي انگريزيءَ ۾ مضمون لکو جنهن جو عنوان ٿيندو:
Our Trip to Jhilory
اسان ته اهو ٻڌي ويتر پريشان ٿي وياسين ته ”کايا پيا ڪڇ نهين، گلاس توڙا بارا آنا” وارو حساب ٿيو. پر سائين اهو پهريون ۽ آخري دفعو نه هو. پنج سال جيڪي اسان ڪئڊٽ ڪاليج ۾ گذاريا اهي پنج ئي سال ڪرنل ڪومبس اسان جو پرنسپال رهيو ۽ هن خبر ناهي اسان کان لئبرري جا ڪيترا ڪتاب پڙهايا ۽ ڪيترا مضمون لکرايا ۽ ڪيتريون تقريرون ڪرايون جو اڄ سندس مون جهڙا ڪيترائي شاگرد لکڻ پڙهڻ جا Addict (عادي) ٿي پيا آهن. هنن کي اڪيلائي ۽ بک به نٿي ستائي جيڪڏهن هنن کي پڙهڻ لاءِ ڪو ڪتاب آهي يا لکڻ لاءِ ڪجهه اڇا پنا ۽ قلم آهي.

No comments:

Post a Comment