غلام زئنزيبار کان آيا ٿي
الطاف شيخ
روايتن موجب عمان جا عرب اٺين صدي کان اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارن بندرگاهن ۾ رهڻ لڳا هئا. هنن جون سڙهه تي هلندڙ ڌائو (ٻيڙيون) جيڪي اڄ جي سنڌونديءَ ۾ هلندڙ ٻيڙين سان ڪافي ملن ٿيون. بحراحمر (Red Sea) ايراني نار (Persian Gulf) ۽ عماني نار مان نڪري، چوماسي وارين هوائن جي آڌار تي آفريڪا کنڊ جي اوڀر وارو ڪنارو ڏيئي هيٺ ڏکڻ ۾ موزمبق ملڪ تائين پهتيون ٿي ۽ ڇهن مهينن بعد south west monsoon) لڳڻ تي اهي واپس گلف جي ملڪن ڏي ويون ٿي. رستن تي صوماليه، ڪينيا ۽ ٽانگا نيڪا جيڪو هاڻ زئنزيبار سان ملي تنزاني ٿيو آهي) جي ڪناري جي تڙن تي ترسيون ٿي ۽ مغديشو، ممباسا دارالسلام ۽ زئنزيبار جهڙا نالا اڄ به انهن هنڌن جي تن ڏينهن جي اوج جي ياد ڏيارين ٿا.
انهي اوائلي آيل عماني عربن لاءِ رهائش لاءِ سڀ کان بهترين جاءِ زئنزيبار ٻيٽ هو جيڪو ٻيٽ جي صورت ۾ الڳ ٿلڳ به هو ته ساڳي وقت آفريڪا کنڊ جي سرزمين کان پري به نه هو. سن 975ع ڌاري حسن بن علي پنهنجن ڇهن پٽن سان شيراز (ايران) کان لڏي زئنزيبار ۽ اوڀر واري ننڍڙي ٻيٽ پيمبا تي اچي رهيو. زئنزيبار ٻيٽ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ اڄ به ان وقت جي مسجد قائم آهي. ٻيٽ جو اهو علائقو قضم قاضي سڏجي ٿو ۽ ان مسجد تي 1107جو سن اڪريل آهي. 1499ع ۾ پورچوگال جو مشهور جهاز واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊهوپ لتاڙي هن ٻيٽ تي پهتو ۽ پوءِ سورهين صدي جي شروعات وارن سالن تائين ٻيا ايندڙ پورچو گالي هن ٻيٽ زئنزيبار ۽ موزمبق تي پنهنجو ديرو ڄمائيندا ويا ۽ ڪيترن ڳالهين ۾ مڪاني سردارن سلطانن جي انتظامي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ لڳا.
1698ع ۽ 1699ع جي وچ واري عرصي ۾ عمان جي عربن ۽ مڪاني شيدي سهالين گڏجي پورچاگالين کي گهٽ ۾ گهٽ هن ٻيٽ زئنزيبار تان تڙي ڪڍيو. 1744ع ۾ ممباسا جي حاڪم جنهن جو تعلق ماضوري خاندان سان هو. عمان جي خلاف انقلاب آندو پر زئنزيبار جي ماڻهن عماني سلطان سان وفادار ٿي رهڻ جو اعلان ڪيو. ماضوريءَ وارن جي زئنزيبار خلاف جدوجهد سڄي صدي هلندي رهي تان جو عمان جو ابو سعيدي حاڪم سلطان سيد بن سلطان 1837ع ۾ ماضوري وارن کي نتيجي خيز شڪست ڏني. ان بعد 1840ع ۾ سلطان سيد پنهنجي گادي جو هنڌ مسقط (عمان) مان ڦيرائي زئنزيبار ٻيٽ قائم ڪيو. هن لاءِ به عمان جي گرم سرد موسم کان زئنزيبار جي موسم بهتر هئي. هر وقت جهڙ ڦڙ ۽ پاڻي موجود هو. عمان ۾ ڌنڌو به جهڙو تهڙو هو زئنزيبار ۾ لونگن ۽ ڦوٽن جهڙن مسالن سان گڏ عاج ۽ شيدي غلامن جهڙين شين جو وڪرو وڌيڪ اپت وارو هو. عمان جي گادي جو هنڌ زئنزيبار ٿيڻ تي هن ٻيٽ کي اڃا به وڌيڪ مشهوري ملي ۽ ڏينهون ڏينهن هڪ وڏو تجارتي مرڪز ٿيندو ويو. خاص ڪري عاج ۽ حبشين جي وڪري کان آفريڪا جي جنگلن ۾ آزاد ڦرندڙ هاٿين جي ڌڻن کي ماري انهن جو عاج هن ٻيٽ تي آندو ويو ٿي جتان اهو يورپ ۽ چين جي مارڪيٽن ڏي روانو ٿيو ٿي. ترڪي جي حرمن لاءِ غلام ۽ کدڙا، بلخ ۽ بخارا کان سنڌ جي ميرن ٽالپرن ۽ هند جي راجائن لاءِ شيدي غلام زئنزيبار کان موڪليا ويا ٿي جيڪي آفريڪا کنڊ جي اندرن حصن ۽ گهاٽن جنگلن مان ڦاسائي واڪ ۽ وڪري لاءِ زئنزيبار پهچايا ويا ٿي.
اڻويهين صدي جي اڌ تائين زئنزيبار ٻيٽ ايڏو طاقتور ۽ بااثر ٿي ويو جو آفريڪا جي اڀرندي ڪناري وارن ملڪن خاص ڪري ڪينيا ۽ تنزانيا ويندي صوماليا ۽ زائر تائين، جي واپارين منڊين تي زئنزيبار جو ڪنٽرول هليو ٿي. 1856ع ۾ سلطان سيد جي وفات کان پوءِ زئنزيبار جو عمان سان ڳانڍاپو ڪٽجي ويو. 1890ع ۾ برٽش حڪومت غلامن جي واپار تي مڪمل پابندي وڌي ۽ زئنزيبار کي هانگ ڪانگ وانگر Protectorate بڻائي رکيو. يعني اندروني طرح حڪومت برطانيا وارن جي هلي ٿي پر ظاهري طرح حاڪم عماني سلطان هو.
1913ع کان پوءِ برطانيا طرفان هن ٻيٽ زئنزيبار تي انگريز ريزيڊنٽ رهڻ لڳو ۽ 1926ع ۾ ليجسليٽو ڪائونسل ٺاهي وئي جنهن جا ميمبر جيتوڻيڪ برٽش ريزيڊنٽ جي چونڊ سان مقرر ٿيا ٿي پر سياست ۽ تجارت تي اڃا به عربن ۽ انڊين جو هٿ رهيو. آفريڪا کنڊ جي مڪاني زبان سواحليءَ کان وڌيڪ عربي هلي ٿي. انڊين واپارين ۾ گجراتي، سنڌي هندو، پارسي ۽ آغا خاني گهڻا هئا. اڄ به انهن قومن جا ڪافي ماڻهو هن ٻيٽ تي رهن ٿا. 1936ع ۾ عماني سلطان سيد خليفا بن هاروب جي سلور جوبلي ملهائي وئي هئي. ان موقعي جو شهر جي مين روڊ پوسٽ آفيس جي ڀرواري جو فوٽو ڪٿان مليو اٿم جنهن ۾ مختلف قومن جا ماڻهو قطار ۾ بيٺل آهن. سلطان ان وقت جي اعليٰ ڪار ۾ لنگهي رهيو آهي. هن گهٽيءَ ۾ ان وقت گوا (انڊيا) جي رهاڪن جا گهڻا دڪان هئا جو گوا پورچوگال جي هٿ ۾ هو ۽ پورچوگال گوانين کي جن جن ملڪن ۾ پاڻ رهياٿي اتي هنن کي سهولتون ڏنيون ٿي. بهرحال انهن گواني دڪانن، ڊي سلوا، المينڊا، وغيره وغيره جي وچ ۾ هڪ وڏو بورڊ سنڌي واپاري چوئٿ رام (B.Choitranm) جو پڻ نظر اچي رهيو آهي. بعد ۾ ٻيا دڪان بند ٿي ويا يا ملڪ بدلجي ويا پر چوئٿ رام جو دڪان اتي ئي رهيو. اڄ به ان سنڌي هندوءَ جا دڪان آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پکڙيل آهن.
اخبارن وارن يا ڪتاب جي پبلشر مٿي بيان ڪيل تصوير ڇاپي ته ان ۾ دڪانن ۾ مٿي گهرن جو انڊين نمونو پڻ ڏسي سگهو ٿا. جيڪو آفريڪا جي عمارتسازي کان بلڪل مختلف ڪراچي جي ايلفي، سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ، ڪوالالمپور جي باتو روڊ جي دڪانن جهڙو آهي. جيڪي دڪان پڻ انگريزن جي دور حڪومت ۾ ننڍي کنڊ جي واپارين لاءِ ٺهيا.
هن پاسي آغا خاني (اسماعيلي) به تمام گهڻا رهيا ٿي خاص ڪري هن ٻيٽ زئنزيبار تي ڪمپالا (يوگنڊا) ۾، دارالسلام (ٽانگا نيڪا جي گادي واري شهر ۽ بندرگاهه) ۾ ممباسا ۽ نئروبي ۾ جن اڳتي هلي 10 آگسٽ 1946ع تي آغا خان کي دارالسلام ۾ هيرن ۾ توريو هو. ڪنهن زماني ۾ دارالسلام جو ميئر عبدالڪريم ڪريمجي به زئنزيبار جو آغاخاني رهاڪو هو. هن جا وڏا يمن کان لڏي زئنزيبار آيا هئا.
No comments:
Post a Comment