Monday, June 27, 2011

آدمخورن جي شهر ۾...- الطاف شيخ


آدمخورن جي شهر ۾...
 الطاف شيخ
انگريزن جي ريل گاڏي هلائڻ تي ڪينيا ۽ يوگنڊا جي ڪيترن ئي قبيلن خاص ڪري ناندي قبيلي احتجاج ڪيو. هڪ ته ريل جا پٽا جهنگ ۽ هنن جي وستين مان گذريا ٿي ۽ انهن پٽن ۽ ريل گاڏين لاءِ مڪاني ماڻهن کي عجيب خوف، وسوسا ۽ شڪ شبها هئا ته ريل گاڏي جي وجود سان سندن تباهي اچي ويندي. هنن قبيلن لڳاتار ڏهه سال کن 1895ع کان 1905ع تائين سخت مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پر انگريزن هر صورت ۾ ريلوي لائين وڇائي ريل گاڏي هلائي پوءِ ساهه پٽيو. ريل جي ڪم لاءِ انگريز حاڪم ننڍي کنڊ مان مستري ۽ پورهيت گهرائيندو رهيو ۽ جتي هنن کي سٺي پگهار جي آفر ڏني وئي ٿي، اتي هنن لاءِ آفريڪا ۾ ڪيترائي خطرا به لاحق هئا. هن ريلوي لائين جي تياريءَ ۾ اڌ کن ننڍي کنڊ جا سک، پنجابي، پٺاڻ ۽ مڪاني ورڪر موت جو شڪار ٿيا، جن مان گهڻا مليريا، سؤ پيرين، نانگ بلائن، وڇن جي ڏنگن وگهي مري ويا. ڪجهه ته جنگلي جانورن جو به کاڄ ٿيا. هيءَ ان دور جي ڳالهه آهي جڏهن ريلوي لائين جو ڪم ساوو (Tsavo) وٽ هلي رهيو هو ته ڪيترا سک توڙي مڪاني شيدي ورڪر اتي جي ٻن آدمخور شينهن جي حملن جو شڪار رهيا. هي ٻه شينهن دنيا ۾ Tsavo Maneaters جي نالي سان مشهور آهن. هنن جي مرڻ بعد هنن جي کلن ۾ بهه ڀري اصلي وانگر ٺاهيا ويا، جيڪي هاڻ شڪاگو فيلڊ ميوزيم ۾ رکيل آهن. نئروبيءَ کان ممباسا، باءِ روڊ ويندي سلطان همود، ڪب ويزي (Kibwezi) ۽ انديئي شهرن بعد هي Tsavo شهر اچي ٿو، جنهن جي نالي اِهي آدمخور شينهن دنيا ۾ مشهور آهن. اڄ جي هن ماڊرن ۽ سهڻي شهر ۾ ريلوي اسٽيشن جي هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ ريسٽورنٽ ۾ چانهه پيئندي آئون هڪ صدي اڳ جو زمانو سوچيندو رهيس، جڏهن اسان جي کنڊ جا غريب سک، پنجابي ۽ پٺاڻ پنهنجون زالون ۽ معصوم ٻچا پٺيان ڇڏي روزگار لاءِ هتي جي سخت گرمي ۽ جيتن ۽ نانگ بلائن سان ڀريل جهنگ ۾ اچي ڪم ڪيو ٿي ۽ سندن گهر ڀاتين کي سندن ۽ سندن ڪمايل ناڻي جي پهچ بدران سندن موت جي خبر ملي ٿي. امرتسر ۽ پشاور ۾ رهندڙ ماڻهن، مڇرن ۽ مليريا جو ته سوچي سگهيو ٿي پر هنن کي ڪهڙي خبر ته هنن جا پيارا جنهن ڌرتيءَ تي ڪم ڪن ٿا اتي اهڙا به شينهن آهن، جيڪي هرڻ، ٻڪري يا ٻئي ڪنهن جانور کي مارڻ بدران ستل انسانن کي گهلي وڃن ٿا.
 
ڪينيا جي هن روهڙي ۽ ڪوٽڙي جهڙي شهر جو نالو Tsavo نديءَ تان پيو آهي، جيڪا هن شهر مان لنگهي ٿي. درياه اڪرڻ لاءِ هن مٿان پل ٺهيل آهي، جيڪا 1898ع ۾ ريلوي جي هلندڙ ڪم دوران ٺهرائي وئي هئي. هن پل ٺهرائڻ جو پروجيڪٽ برطانيا جي آرمي جي هڪ ڪرنل جان هينري پئٽرسن حوالي هو. هن شهر Tsavo سان وابسته اُنهن آدم خور شينهن جي مون کي به خبر نه پوي ها ته اهي ڪي اهڙا مشهور آهن، پر ڪينيا اچڻ کان فقط مهينو ٻه اڳ مون کي مٿين ڪرنل پئٽرسن جي ڪتاب “The Man-Eaters of Tsavo” جا ڪجهه چئپٽر پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ هڪ فلم ”دي گهوسٽ ائنڊ دي ڊارڪ نيس“ ڏٺم جيڪا ساوو جي آدمخور شينهن بابت آهي، هيءَ فلم 1996ع جي آهي، ساوو (Tsavo) جي هنن ٻن آدمخور شينهن بابت هڪ ٻي بيحد پراڻي فلم، Bawana Devil جي نالي سان پڻ آهي، جيڪا 1952ع ۾ ٺهي هئي. ساوو جي بس اسٽاپ تي هڪ بڪ اسٽال واري ٻڌايو ته ان فلم جي سي ڊي نئروبي ۽ ممباسا جي وڊيو دڪانن تان ملي وڃي ٿي.
انگريز آفريڪا ۾ اڄ کان 110 سال کن اڳ ممباسا بندرگاه کان ڪمپالا (اڄ جي يوگنڊا جي گاديءَ جي شهر) تائين جيڪا ريل جي لائين وڇرائي رهيا هئا ان لائين کي ساوو (Tsavo) نالي ڳوٺ وٽان به لنگهڻو هو، جتي اها لائين شهر مان لنگهندڙ درياه تي پل ٺاهي، ان مٿان ٽپائڻي هئي. هي شهر (ويندي نئروبي) اڄ ماڊرن ٿا لڳن نه ته ان وقت سواءِ ممباسا ۽ ملينڊي جي ٻيا سڀ ڳوٺڙا هئا ۽ چوڌاري سخت گهاٽو جهنگ ۽ جانور هئا. رات جي وقت ڪو به اڪيلو پنهنجي ڪئمپ کان پري وڃي نٿي سگهيو. جهنگ جا جانور جڏهن ڪنهن کي اڪيلو ڏسن ٿا ته ان تي ته حملو ڪن ٿا پر ٽولن ۾ ويٺلن جي ويجهو ويندي ڊڄن ٿا. ٻي ڳالهه ته ڪو به جانور پاڻ تي حملو ٿيندو ڏسي، يا خوف جي صورت ۾ انسان ذات تي حملو ڪري ٿو، نه ته عام حالتن ۾ هو ننڍن جانورن کي کائي پيٽ گذر ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا جانور به پيدا ٿين ٿا، خاص ڪري شينهن ۽ چيتا وغيره، جن جي زبان انساني رت تي هريو وڃي ۽ اهي ٻي شڪار جي هوندي به هر وقت انسان جي ڳولا ۾ رهن ٿا.
ساوو (Tsavo) جي هنن ٻن نر آدمخور شينهن وڏي عرصي کان مڪاني شيدين کي پئي کاڌو ۽ هي شينهن مڪاني ماڻهن جي وٺ پڪڙ کان زور هئا. 1898ع ۾ جڏهن انگريزن ”ممباسا ڪمپالا ريلوي لائين“ جي سلسلي ۾ ساوو نديءَ تي ڪم شروع ڪيو ته سڄا سارا 9 مهينا هي شينهن انڊيا جي سک، پنجابي ۽ پٺاڻ ورڪرن کي رات جو سندن تنبن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿي ويا. هنن مزورن شينهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه ڪيو. ڊيڄارڻ لاءِ سڄي سڄي رات باهيون ٻاريون، نغارا وڄايا، پر هي شينهن اهڙا نود ۽ بي ڊپا هئا جو باز نٿي آيا. ان بعد مزدورن جي ڪئمپن جي چوڌاري هتي جي سخت ڪنڊن وارن وڻن Bomas جا لوڙها ٺاهيا ويا، پر هي شينهن انهن کي به هٽائي يا انهن جي هيٺان ريڙهيون پائي اندران ماڻهو کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ٿي. آخر سوين مزور ڪم ڇڏي ساوو مان ڀڄي ويا ۽ پل ٺهڻ جو ڪم رڪجي ويو. ان بعد هن پل جي پروجيڪٽ انچارج پئٽرسن ڪيترن قسمن جا ڪوڙڪا منڊيا پر ڪاميابي نصيب نه ٿيس. هي شينهن ڪٿان نه ڪٿان ماڻهو کڻي ٿي ويا. آخرڪار 9 ڊسمبر 1898ع تي پهريون شينهن ٿري ناٽ ٿري جي گوليءَ سان ماريو ويو.
پورن ٽن هفتن بعد ٻيو شينهن وٺ ۾ اچي ويو ۽ کيس گوليءَ سان ماريو ويو. پهرين شينهن جي ڊيگهه ورتي وئي ته اها نڪ کان پڇ جي آخري ڇيڙي تائين 9 فٽ 8 انچ هئي يعني 3 ميٽر ٿي. سندس لاش کي اٺ ماڻهن کڻي ڪئمپ تائين پهچايو ويو. پل ٺاهڻ وارا مستري ۽ مزور ڪم تي موٽي آيا ۽ هيءَ پل جنهن جي ڀر واري ريسٽورنٽ ۾ چانهه پي پوءِ اڳتي جي سفر تي روانو ٿيس، فيبروري 1899ع ۾ ٺهي راس ٿي. هنن ٻن شينهن ڪيتريون انساني جانيون هضم ڪيون، ان جو چڱي طرح رڪارڊ ناهي. هڪ اندازي موجب 135 ماڻهو چيا وڃن ٿا جن ۾ 35 کن انڊيا جا پورهيت مزور هئا ۽ باقي مڪاني قبيلن جا شيدي هئا.
پئٽرسن پنهنجي ڪتاب The Man-Eaters of Tsavo ۾ لکي ٿو ته، ”مون پهرين شينهن تي مارٽني انفيلڊ رائيفل ذريعي گولي هلائي جيڪا هن جي پٺئين حصي ۾ لڳي ۽ هو ڀڄي ويو. ان بعد هو وري ٻي رات آيو ۽ مون مٿس گولين جو وسڪارو ڪيو، ان هوندي به هو مون تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ پويان پير ڪيائين. اسان سندس پيرا کنيا ۽ صبح ڌاري هڪ هنڌ مئل ڏٺوسين. ٻئي شينهن کي 5 گوليون لڳڻ جي باوجود هُو اسان تي حملو ڪندو رهيو. ان بعد مارٽني هينري ڪاربائين ذريعي هن کي ماريو.
انهن ٻنهي شينهن جي کل پئٽرسن جي ڊرائنگ روم ۾ اٽڪل اڍائي ڏهائيون سال وڇائي رهي. 1924ع ۾ آمريڪا جي شڪاگو فيلڊ ميوزم وارن پئٽرسن کان هنن ٻن شينهن جون کلون 5000 ڊالرن ۾ خريد ڪيون ۽ انهن ۾ بهه ڀري انهن کي اصلي صورت ۾ پنهنجي موزيم ۾ رکيو، جيئن ايندڙ ٽهي هنن شينهن کي ڏسي انهن غريب ماڻهن جو سوچين جن کي هنن چيري ڦاڙي کاڌو هو.
ڪيترا ماڻهو اهو سوچين ٿا ته اهي ڪهڙيون مجبورين هيون جن جي ڪري هنن شينهن ڪنهن ٻئي جانور کي کائڻ بدران هر وقت انسانن جو گوشت کاڌو ٿي؟ توهان هن تَر جي ماڻهن کان پڇندائو، يعني هن شهر ساوو ۽ ڀر وارن شهرن ووئي (Voi)، مارياڪاني يا ممباسا مان ته توهان جو مختلف ٿيورين سان واسطو پوندو جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
·         انهن ڏينهن ۾ مٿئين علائقي ۾ رنڊرپيسٽ نالي وبا پکڙي هئي، جنهن ۾ اهي سڀ جانور گهٽجي ويا جن تي شينهن جو گذر ٿئي ٿو. نتيجي ۾ هو انسانن کي کائڻ لاءِ مجبور ٿي ويا.
·         ساوو (Tsavo) شهر جا اهي شينهن آدمخور ان ڪري به ٿيا هجن جو انهن ڏينهن ۾ زئنزيبار ڏي ويندڙ غلامن جا قافلا هتان وهندڙ نديءَ وٽان لنگهندا هئا. انهن قافلن ۾ مري ويل غلام اڪثر هن نديءَ ۾ اڇليا ويندا هئا ۽ هن نديءَ جا واگهه ۽ شينهن ماڻهن جا لاش کائي کائي آدمخور ٿي پيا. ياد رهي ته عماني عرب ۽ ڪجهه يورپي قومن جا ماڻهو انهن ڏينهن ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڃي نوجوان شيدين کي ماري ڪُٽي يا نشو پياري زنجيرن ۾ ٻڌي غلام بنائيندا هئا. پوءِ اهي غلام زئنزيبار پهچايا ويندا هئا، جن مان ڪجهه وڪرو ٿي سنڌ پهچندا هئا ته ڪجهه عرب رياستن ۾، ته ڪجهه ترڪي جي حرمخانن ۾، جتي هنن کي کدڙو ڪري گهر جي ڪم ڪارين ۽ سريتن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ رکيو ويندو هو. ان جو احوال مون واري سفرنامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ اچي چڪو آهي. بهرحال هتي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اهي شيدي غلام گهڻي موچڙي مار، بک يا نشي وگهي رستي تي مري به ويندا هئا، جن کي هتان ساوو وٽان لنگهندي درياهه ۾ لوڙهيو ويندو هو.
·         ڪيترن جي اها به ٿيوري آهي ته ريلوي لائين تي ڪم ڪندڙ ڪيترائي هندو سندن ساٿيءَ جي مرڻ تي هن کي اڌ گابرو ساڙيل حالت ۾ ڇڏي ڏيندا هئا جن کي کائڻ ڪري هي شينهن آدم خور ٿي پيا.
·         ڪيترن جو اهو به چوڻ آهي ته ٻن شينهن مان جيڪو پهريون ماريو ويو هو ان جا ڪنهن حادثي ۾ ڏند ڀڄي پيا هئا ان ڪري هو قدرتي طرح شڪار ڪرڻ بدران تنبن ۾ ستل ماڻهن کي ڇڪي ويندو هو.
·         بهرحال اڄ ڪلهه ڪينيا جي حڪومت ۽ عوام اهو چاهي ٿو ته اهي ٻئي شينهن آمريڪا جي شڪاگو ميوزم کان واپس حاصل ڪري ڪينيا جي نئشنل ميوزيم ۾ رکيا وڃن.

No comments:

Post a Comment