Wednesday, June 22, 2011

واسڪوڊاگاما ڪو چڱو مڙس به نه هو - الطاف شيخ


واسڪوڊاگاما ڪو چڱو مڙس به نه هو...
الطاف شيخ

آفريڪا کنڊ جا جيڪي سڀ کان گهڻا فضيلت وارا، ماڊرن ۽ بهتر امن امان وارا ملڪ آهن ۽ جن ۾ ڪيترين قومن ۽ مذهبن جا ماڻهو آزاديءَ سان رهن ٿا، انهن مان ڪينيا هڪ آهي. سندس گاديءَ واري شهر نئروبيءَ جي به وڏي ڌوم آهي، جيڪو آفريڪا سان گڏ ايشيائي ۽ برطانوي شهر لڳي ٿو، جتي عرب، سک، انگريز، پارسي، آغاخاني، مسلمان ۽ هندو به نظر اچن ٿا. سئنيما ٿيٽرن جي ٻاهران انگريزي، عربي ۽ هندي فلمن جا پوسٽر به نظر اچن ٿا. نئروبي شهر اوچين عمارتن ۽ خوبصورت پارڪن جو شهر آهي، جنهن جي Skyline ڏسڻ وٽان آهي. شهري سهولتن سان پُر هي شهر لنڊن، ممبئي، لاهور ۽ قاهره وانگر آڳاٽو لڳي ٿو، پر توهان کي حيرت ٿيندي ته جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ان وقت نه هن ملڪ جو نالو ‘ڪينيا’ وجود ۾ آيو هو ۽ گاديءَ جو شهر نئروبي يا ان جو نالو! 1843ع ته ماضي بعيد ٿيو. جنهن کي 167 سال ٿي ويا... 120 سال اڳ به نه ڪينيا هو ۽ نه نئروبي. سال 1899ع ۾ انگريزن ممباسا کان ڪمپالا تائين جڏهن ريلوي ٿي ٺاهي ته انهن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ (جيڪي اڄ ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ آهن) هڪ هنڌ درياهه نئروبيءَ وٽ ريلوي ڊپو ٺاهيو، جيڪو پوءِ وڌي وڌي ڳوٺ ۽ ننڍو شهر ٿي ويو ۽ نئروبي سڏجڻ لڳو، ۽ ڪينيا ملڪ جو نالو ته 1920ع تائين به وجود ۾ نه آيو هو. 

اڄ وارو ڪينيا ۽ يوگنڊا وارو علائقو جيڪو انگريزن جي قبضي هيٺ هو، “برٽش اِيسٽ آفريڪا” پروٽريڪٽوريٽ سڏيو ويو ٿي. ان بعد، هن حصي جو نالو، هتي جي مشهور جبل مائونٽ ڪينيا تان، Kenya رکيو ويو. ڪينيا ملڪ جي بيهڪ، ڏاڍي سٺي هنڌ تي آهي. هندي وڏي سمنڊ سان لڳولڳ خط استوا وٽ آهي. جڏهن انگريزن هن علائقي تي قبضو ڪيو ته هن پاسي اڄ وارن ملڪن جون نه سرحدون هيون نه ملڪن جا نالا. ممباسا، دارلاسلام ۽ زئنزيبار جهڙا شهر ۽ بندرگاهه پراڻا ۽ آڳاٽا هجڻ ڪري سندن پري پري تائين هاڪ هئي. اڄ جي هن ملڪ ڪينيا جي اتر ۾ اٿوپيا ۽ سوماليا آهي، ڏکڻ ۾ تنزانيا ۽ اولهه ۽ اتر اولهه ۾ يوگنڊا، دنيا جي مشهور ڍنڍ وڪٽوريا ۽ سوڊان آهي. پورچوگالي پهريان يورپين هئا، جيڪي اوڀر آفريڪا جي ڪناري تي پهتا. 1498ع ۾ پورچوگالي ناکئو(Navigator)  ۽ کوجي (Explorer) پنهنجي سڙهن واري ٻيڙي کي ڪيپ آف گڊ هوپ وارو خوفناڪ سمنڊ ٽپائي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي مشهور بندرگاه ممباسا ۾ اچي پهتو. هتان پوءِ هو انڊيا آيو ۽ اڳيان چين تائين سمنڊ رستي وڃڻ جي يورپين کي معلومات ٿي. هتي اهو لکندو هلان ته ائين نه آهي ته ڪو يورپين کي انڊيا يا چين وغيره جي خبر نه هئي. مارڪوپولو ته ان کان به اڳ چين پهتو هو ۽ ٻين کي به خبر هئي ۽ هنن جو واپار وڙو به هليو پئي پر اهو سمورو ڪم خشڪي رستي ٿيو ٿي، هو عرب ۽ ايران ملڪن مان ٿيندا، چين هليا ويا ٿي. هنن جو سفر اٺن جي قافلن تي ٿيو ٿي .ڪٿي ڪٿي ايراني نار سمنڊ ۽ بحر احمر جهڙا سمنڊ هنن جهازن رستي ٽپيا ٿي. پر هنن کي اها خبر نه هئي ته ميڊيٽرينين سمنڊ مان جبرالٽر وٽان ٻاهر نڪري جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچجي ٿو، اتان آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ سان آفريڪا جي وچ اوڀر واري ڪناري (ممباسا، دارالاسلام، زئنزيبا وغيره) ۾ پهچي سگهجي ٿو. جتان انڊيا جو ڪنارو اوڀر ڏي سڌو ئي سڌو آهي. ترڪي جي عثمانيه سلطنت جڏهن يورپين جا ترڪي، ايران، عربستان ۽ مصر وٽ خشڪي جا رستا روڪيا ۽ هنن جي واپار تي بندش هنئي، ته پوءِ يورپين مجبور ٿي پيا ته ڪاراه ڳولجي، نتيجي ۾ پورچوگال ڪامياب ٿيو ۽ آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري جهازران واسڪوڊاگاما ممباسا پهچي ويو. پورچوگال جي لئه ٿي وئي ۽ ڪئين سالن تائين هنن ممباسا يا اوڀر آفريڪا جي ڪناري جي ٻي ڪنهن بندرگاه تائين پهچڻ جو نقشو راز ۾ رکيو. هي ائين آهي جيئن اڄڪلهه مختلف کاڌن ٺاهڻ جا طريقا نه فقط ڪتابن ۽ اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا پر ٽي وي چئنلن تان چوويهه ئي ڪلاڪ ڏيکاريندا رهن ٿا. پر اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ ڳوٺن جون پوڙهيون ڪنهن کي آچار سنڌڻ يا ٻاجهريءَ جي ماني پچائڻ جي ترڪيب به نه ٻڌائينديون هيون.ا ڄ دنيا جي سڀني سمنڊن جا نقشا آهن، سمنڊ جو هڪ هڪ ميل ماپيل ۽ مئيل آهي. ڪنهن هنڌ ڪو جهاز ٻڏي ٿو ته ان جي به نقشي ۾ نشاندهي ٿيو وڃي ته هن هنڌ تي سمنڊ هيترو اونهو آهي، جتي جهاز ٻڏل آهي. ان ڪري ان مٿان هلندي خيال ڪجو. سڄي سال جا چارٽ ملن ٿا، جن کي المناڪ سڏجي ٿو، ان ۾ اڳواٽ لکيل آهي ته فلاڻي ڏينهن تي فلاڻي وقت تي وير چڙهندي ۽ فلاڻي وقت تي لهندي، جنهن کي ڌيان ۾ رکي جهاز جو رخ موڙيو وڃي ٿو. نقشا به نه رڳو پني جا پر اليڪٽرانڪ ٿي پيا آهن، توهان کي بندرگاه ۾ پهچي دڪان تان نئين نقشي وٺڻ جي ضرورت ناهي. ڪمپيوٽر تي آٽوميٽڪ نيون ڳالهيون ظاهر ٿي وڃن ٿيون. پر واسڪوڊاگاما وارو اهو زمانو هو جڏهن ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته آفريڪا کنڊ ڪٿي ٿو دنگ ٿئي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪيڏانهن ٿو وڃي. واسڪوڊاگاما جي انڌي واري لٺ هلڻ بعد اسين تصور ڪري سگهون ٿا ته هن جي ڪيڏي لئه ويٺي هوندي ۽ ٻين يورپي ملڪن جا ناکئا سوچ ۾ پئجي ويا هوندا ته هي ڪيئن ٿا انڊيا پهچن! واسڪوڊاگاما اهو راز پنهنجي ملڪ جي بادشاه کي ئي ٻڌايو هوندو ته سائين هتان پورچوگال کان نڪ سامهون ڏکڻ ڏي ويس پوءِ کاٻي پاسي اوڀر ڏي ٻه ٽي ڏينهن هلي پوءِ اتر ڏسي وڌيس ته ممباسا اچي ويو ۽ پوءِ ممباسا کان اوڀر ڏي ويس ته ٻن ٽن هفتن جي سمنڊ بعد ڪوچين (يا ڪاليڪٽ) انڊيا جو ڪنارو اچي ويو. بهرحال اها ڳالهه اڄ جي دور ۾ به ڪا وڏي ڪانه آهي، پر ان وقت جڏهن ڪاٺ جا سڙهه تي هلندڙ ٻيڙا هئا، کاڌي پيتي جا مسئلا هئا، سمنڊن جي خبر نه هئي، سو ٻين يورپي درويشن جو ته ساهه ٿي ويو. جيڪي پنهنجا ٻيڙا آفريڪا کنڊ جي ڇيڙي تائين وٺي به آيا ته اهي ڪيپ آف گڊ هوپ جي خطرناڪ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته ممباسا کي ڪو پورچوگالين ڳولي نه لڌو پر هنن پورچوگال کان ممباسا تائين پهچڻ جو رستو ڳولي لڌو. جيستائين ممباسا بندرگاهه جو سوال آهي ان ۾ ته واسڪو ڊا گاما جي پهچڻ کان ٻه صديون اڳ عرب، ايراني، ڪڇي، سنڌي، ملباري ۽ گجراتي وڻجارا پئي آيا ويا، جو هو اتي ئي هندي وڏي سمنڊ جي بندرگاه ۾ هئا ۽ چؤماسي جي هوائن جو ايڏو بهترين سسٽم آهي جو سال جا مهينا مقرر ٿيا پيا هئا ته ڪهڙن مهينن ۾ هوا جو رخ ڪيئن هوندو ۽ ڪيڏانهن وڃڻ کپي. واسڪوڊاگاما به ممباسا تائين پنهنجي مڙسي سان پهچي ويو، پر پوءِ به انڊيا جي رستي جي خبر ڪانه ٿي پيس. پوءِ هڪ هندستاني ناکئي جي مدد سان انڊيا جي اولهه واري ڪناري تي پهتو. ان بعد هو اهڙو سياڻو ٿي ويو جو پورچوگال پهچي هڪ ٻئي پويان چڪر هڻندو رهيو.
ايتري قدر جو ستن سال اندر، 1505ع ۾ پورچوگال جا جنگي جهاز ڊان فرانسڪو ڊي الميڊا جي ڪمانڊ ۾ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري وٽ پهچي ويا ۽ هنن مڪاني ماڻهن سان جنگ جوٽي قلوا (Kilwa) فتح ڪيو. قِلوا اڄ واري تنزانيا جي ڏاکڻي حصي ۾ هڪ ٻيٽ آهي. هتي ڪجهه سٽون واسڪو ڊا گاما (Vasco Da Gama) بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو پنهنجي ملڪ پورچوگال جو ته هيرو مڃيو وڃي ٿو پر اسان جي ننڍي کنڊ ۽ آفريڪا جي اوڀر وارن ڪنارن تي هڪ ظالم ۽ بدمعاش پڻ سڏيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو سائوٿ آفريڪا جي هڪ ميوزيشن ماسيڪيلا جو سامراجن خلاف Anti Colonialist راڳ آهي، جنهن جو عنوان آهي “واسڪو ڊي گاما – دي سيلر مئن” جنهن جي هڪ مصرع آهي؛ “Vasco Da Gama was no friend of mine” بعد ۾ هن بيٺڪي راڄ خلاف هڪ ٻيو گانو “Colonial Man” پڻ ٺاهيو. واسڪوڊاگاما جتي پنهنجي ملڪ لاءِ جهاز رانيءَ جون راهون ڳوليون ۽ انڊيا ۽ آفريڪا مان خوب ريشم، سون، عاج ۽ مصالحا ڦري پورچوگال کي امير ڪيو ۽ پنهنجن ماڻهن (پورچوگالين) ۾ هيري جو درجو حاصل ڪيو. اتي عرب، انڊين، مسلمان، آفريڪا جا شيدي کيس گاريون به ڏين ٿا، جن جي گهرن کي هن شخص بارود ذريعي باهيون ڏنيون، جن جا بندرگاهن ۾ بيٺل جهاز ساڙيا، ايتريقدر جو هڪ دفعي حاجين جي جهاز جي اچڻ جو ٻڌي واسڪوڊاگاما گجرات وٽ سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻ لڳو.
مڪي کان جيئن هي “مِري” نالي مسافر جهاز هندستان جي ڪناري جي ويجهو پهتو ته هنن پورچوگالين حاجين کي پنهنجين بندوقچين ذريعي ڏهڪاءُ پيدا ڪري، سڀ مال متاع ڦري ورتو. ان بعد سڀني حاجين کي هڪ جهاز جي هڪ فالڪي (گدام) ۾ بند ڪري سڄي جهاز کي تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيو.

No comments:

Post a Comment