پورچوگال کان ممباسا ۽ ڪاليڪٽ
الطاف شيخ
ڪينيا جي بندرگاه ممباسا ۾ پهچڻ واري پهرين يورپي واسڪوڊاگاما جو واسطو پورچوگال سان هو. هو 1469 ۾ پورچوگال جي ڏاکڻي بندرگاه سائينس(Sines) ۾ نوسا سنيهورا ڪليسا گهر جي ڀر واري گهر ۾ ڄائو، جتي اڄ ڪلهه سندس قد آدم مورتي(statue) به نظر اچي ٿي. انهن ڏينهن ۾ هي بندرگاه هڪ ننڍڙو فشنگ وليج (مهاڻن جو ڳوٺ) هو. پاڻ بنيادي تعليم ڀر واري شهر ايوورا(evora) مان حاصل ڪيائين، جتي لڳي ٿو ته هن مئٿس ۽ نيويگيشن به ضرور پڙهي هوندي. ان کان علاوه ڳوٺ جي مهاڻن ۽ ناکئن کان هن تارن جي معلومات(Astronomy) پڻ سکي هوندي جو انهن ڏينهن ۾ رستو ڳولڻ يا سڃاڻڻ جو وڏي ۾ وڏو اوزار ناس جي دٻليءَ جي سائيز جو قطب نما هو، جنهن ۾ گول ڦرندڙ سئي هر وقت اتر طرف اشارو ڪري ٿي. نيويگيشن جو باقي سڄو ڪم تارن جي بيهڪ ۽ چرپر کي جانچڻ سان هليو ٿي. ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به اسانجا ڪيترا ئي مهاڻا فقط ۽ فقط تارن کي نظر ۾ رکي دبئي، ايران ۽ ڀوڄ، کنڀاٽ کان وڃيو نڪرن. ڪمزور ٻيڙين ۽ سمنڊ تي لڳندڙ طوفانن ڪري هو توائي ٿيو وڃن، سندن ٻيڙا به ٻڏيو وڃن پر هو نه رستي کان ۽ نه وري منزل کان ڀٽڪن ٿا. ڪراچيءَ جي علائقي ماريپور، يونس آباد، گريڪس ۽ شمس پير تي ڪجهه اهڙن ناکئن سان به آئون مليو آهيان، جيڪي بنا ڪنهن Navigation aids (سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي اوزارن) جي فقط تارن جي مدد سان جبوتي ۽ مساوا (صوماليا) کان وڃيو نڪرن. پر هنن کي پنهنجن وڏن يا استادن کان اها ڄاڻ مليل آهي ته ڪهڙو بندرگاه ڪٿي آهي. واسڪوڊا گاما جي ڪيس ۾ هن کي تارن ذريعي رستو ڳولڻ يا پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ جو علم ضرور هو پر هن کي پهرئين دفعي اهو معلوم نه هو ته ممباسا يا انڊيا ڪٿي آهن. بلڪ هن کي اها به پڪ نه هئي ته ائٽلانٽڪ سمنڊ ذريعي اتي پهچي سگهجي ٿو.
جنهن ڳوٺ ۾ واسڪوڊاگاما پيدا ٿيو اتي ننڍپڻ کان هن کي ٻيڙيون هلائڻيون پيون ۽ جيئن اسان جا مهاڻا، انڊيا ۽ ايران جي سامونڊي علائقن ۾ به وڃيو نڪرن تيئن پورچوگال، اسپين ۽ فرانس جا مهاڻا به نه فقط هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ وڃي نڪتا ٿي پر وجهه ملڻ تي اتان ڦرلٽ به ڪري آيا ٿي. هي يورپي سڀ هاڻ سڌريا آهن ۽ هڪ ٻئي سان وڙهڻ بند ڪيو اٿن. تن ڏينهن ۾ غربت به اوج تي هئي. ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن مان آندل ڦر جي مال مان يورپي خوشحال ٿيا.
1492ع ۾ پورچوگال جي سيتوبل بندرگاه ۾ جيڪو لسبن جي ڏکڻ ۾ آهي، ڪجهه فرينچ جهاز داداگيري ڪري اچي بيهي رهيا. ان وقت جي پورچوگالي بادشاه جان ٻئي(Jhon II) واسڪوڊاگاما کي ڪجهه فوج سميت ان بندرگاه ڏي موڪليو ته هو فرانس جا جهاز سوگها ڪري اچي، جيڪو ڪم هن خير خوبيءَ سان سر انجام ڏنو ۽ سندس واه واه ٿي وئي ته ڊاگاما نه فقط سٺو جهازران آهي پر داداگير به آهي.
يورپ جي ماڻهن کي اها ڄاڻ پئجي چڪي هئي ته چين، انڊيا، ملايا ۽ ڏور اوڀر پاسي نه فقط مصالحا پر ريشم، سون، عاج، هيرا جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال آهي. ٻي ڳالهه ته مال ته گهڻو ئي آهي پر هو ٽيڪنيڪلي هوشيار نه آهن. نه اٿن بم بارود نه ماڊرن جهاز- جهڙا يورپين ٺاهي ورتا هئا. هاڻ هو ان چڪر ۾ هئا ته انڊيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ پهچڻ جو سامونڊي رستو ڳولجي ته آيا آهي به يا نه ۽ جي آهي ته ڪٿان ڪٿان ڦري وڃجي. ظاهر آهي، انهن ڏينهن ۾ اڄ وارا نقشا يا ائٽلس ڪٿي هئا، جن کي ڏسي ٻار به ٻڌائي سگهي ٿو ته فلاڻي ملڪ ۾ پهچڻ لاءِ سامونڊي رستو آهي يا نه؟ ۽ جي آهي ته ڪيئن پهچي سگهجي ٿو. نه وري تن ڏينهن ۾ هوائي جهاز يا سئٽلائيٽ هئا جن ذريعي خبر پئجي سگهي ته دنيا جي گولي تي سمنڊ ڪٿي ڪٿي آهي ۽ ڌرتي ڪٿي ڪٿي آهي.
انڊيا واري ڪامياب سفر کان اڳ واري سفر ۾، واسڪوڊاگاما سمنڊ تي مهينو کن رهڻ بعد موٽي ويو. سندس 120 ماڻهن مان 50 کن به ڪي مس بچيا.
ان بعد 8 جولاءِ 1497ع تي واسڪوڊاگاما چئن جهازن جو ٻيڙو وٺي لسبن (پورچوگال) کان روانو ٿيو. ڏٺو وڃي ته انهن ڏينهن جي جهازن ۾ سفر ڪرڻ، جنهن ۾ نه کاڌي جو سامان نه پاڻي جو بندوبست رهيو ٿي، خودڪشي ڪرڻ برابر هو. واسڪوڊاگاما جيڪي چار جهاز پاڻ سان کڻي هيڏي وڏي سفر تي هليو هو، ان جون ماپون ۽ وزن موجود آهن. اڄ جا ڪل تي هلندڙ لوهي جهاز جن کي اسان ننڍو سمجهون ٿا اهي به 600 فٽ کن ڊگها ٿين ٿا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ويهه پنجويهه هزار ٽن وزن کڻن ٿا ۽ وڏا جهاز ته هڪ لک ۽ ان کان به مٿي ٽنن جا جهاز آهن. ان جي مقابلي ۾ واسڪوڊاگاما جي چئن جهازن کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ سڀ ۾ وڏو جهاز‘Sao Gabrial’ جيڪو واسڪوڊاگاما پاڻ ٿي هلايو، فقط 178 ٽن جو هو، جنهن جي ڊيگهه 90 فٽ مس هئي! ائٽلانٽڪ يا هندي وڏي سمنڊ ۾ جڏهن موسم خراب رهي ٿي يا ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ اسان جي اڄ جي لوهي جهازن جي به حالت اها هوندي آهي جو چيچاٽ پيا ڪندا آهن، ڄڻ ته اجهو ٿا وچ تان اڌ ٿين ۽ رکي رکي وڏي ڇول تي ائين مٿي کڄي وڃڻ بعد هيٺ اچي ڦهڪو ڪندا آهن، جو ڄڻ آنڊا ٿا ٻاهر نڪرن. هر هڪSeasickness جي اثر هيٺ هوندو آهي، جيسين ان علائقي مان ڏينهن اڌ بعد جهاز گذري وڃي. اڄ جا جهاز انجڻ جي ڪري هلن به تکو ٿا، پر انهن ڏينهن جي سڙهن وارن جهازن جو سوچجي ته ڇا حال هوندو! جتي جهاز هلائيندڙن کي سڄي ڏينهن ۾ مانيءَ جو هڪ ويلو به مس ٿي نصيب ٿيو ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي هر وقت اڻاٺ رهي ٿي. سندن جهاز انجڻ بدران سڙهن جي زور تي هليا ٿي، جيڪي هوا جا پابند هئا. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته؛ واسڪوڊاگاما جڏهن ممباسا کان انڊيا لاءِ نڪتو هو ته کيس هندستان جي هڪ گجراتيءَ صحيح وقت تي ممباسا جي ڀرواري بندرگاه مالنديءَ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ هو 23 ڏينهن بعد انڊيا جي بندرگاه ڪاليڪٽ ۾ اچي پهتو. واپسي تي هو چؤماسي‘Monsoon’ جي هوائن کي ڌيان ۾ رکڻ بنا تڙ تڪڙ ۾ ڪاليڪٽ کان روانو ٿيو. نتيجو اهو ٿيو جو مالندي کان ڪاليڪٽ جو 23 ڏينهن جو سفر ڪاليڪٽ کان واپس مالندي پهچڻ لاءِ 132 ڏينهن ۾ پورو ٿيو. يعني هنن کي ساڍا چار مهينا سمنڊ تي گذارڻا پيا. هن سفر ۾ واسڪوڊاگاما جي 170 ماڻهن مان 90 کن ماڻهو رستي تي مري ويا هئا ۽ باقي جيڪي بچيا، انهن مان به ڪيترا هڏن ۽ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي پيا جيڪا بيماري سمنڊ تي صحيح غذا نه ملڻ ڪري اڄ به عام آهي.
واسڪوڊاگاما جي جهاز کان علاوه باقي جيڪي 3 جهاز هئا، انهن مان ٻه ته اڃا به ننڍا هئا. انهن ٻن ننڍن جهازن مان هڪ کي سيڌي سامان سان ڀريو هئائون جيڪو جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ ته ٽپي ويو پر ان بعد اوڀر آفريڪا ڪناري وٽ خليج سائو براس(Sao Bras) پهچي ناکئن سميت ٻڏي ويو. يورپ ڇڏڻ وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪيپ وردي نالي ٻيٽ آهن. جن تي اڄ تائين پورچوگالين جو قبضو آهي. يورپ کان آمريڪا ويندي اسان به هڪ ٻه دفعو ڪيپ وردي ٻيٽ تي جهاز لنگر انداز ڪري جهاز ۽ خلاصين لاءِ تيل ۽ سيڌو سامان ورتو هو. واسڪوڊاگاما جي ڏينهن ۾ به اها روٽ عام هئي، يعني يورپ ڇڏڻ بعد ڪيپ وردي ٻيٽ تي ساهي پٽي پوءِ آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تي جهاز آيا ٿي.
واسڪو ڊاگاما هن ٻيٽ کان پوءِ آفريڪا جي اڄ واري ملڪ سيراليون تائين ڪنارو ڏئي آيو، پوءِ هن ڏکڻ ڏي سڌو رخ ڪيو ۽ سڄا سارا ٽي مهينا، هو کُلئي سمنڊ ۾ اٽڪل 6000 ميلن کان مٿي جو سفر ڪري پوءِ ڪيپ آف گڊ هوپ تي مڙيو ۽ ڪناري جي ڀرسان جتي هنن 25 ڊسمبر وارو ڪرسمس ڊي ملهايو، ان هنڌ جو نالو ناتال رکيائون. سائوٿ آفريڪا جو اڄ وارو ناتال شهر اهو ئي آهي.
ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙڻ بعد، هو آفريڪا جو اوڀر وارو ڪنارو وٺي اتر ڏي وڌڻ لڳا. موزمبق ملڪ جيڪو پوءِ پورچوگال جي ڪالوني ٿي رهيو، ان وقت ان جو حاڪم مسلمان سلطان هو. واسڪوڊاگاما کي اها ڄاڻ هئي ته آفريڪا جي هن ڪناري وارن بندرگاهن ۾ عربن جو وڏو اثر آهي. هن کي اهو ڊپ هو ته متان هتي جا مڪاني ماڻهو عيسائين جي خلاف هجن، سو واسڪو ڊاگاما پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪيو ۽ موزمبق جي سلطان سان ملاقاتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پر سگهو ئي مڪاني ماڻهو هنن جي مختلف حرڪتن ڪري شڪي ٿي پيا. جيئن لارينس آف عربيا (رچرڊ برٽن) هڪ مسلمان ٿي حاجين سان گڏ پئي هليو. ڪنهن کي به هن تي شڪ نه هو ته هو ڪو عيسائي آهي، پوءِ هڪ ڏينهن هو مڪي شهر ۾ جبي ۾ بيهي پيشاب ڪري رهيو هو ته پري کان هڪ ٻار ڏسي دانهون ڪيون ۽ ٻين جي به هن تي نظر پئجي وئي. اهڙي طرح واسڪو ڊاگاما به ڪن ڳالهين ۾ ظاهر ٿي پيو، جيڪي اسلام يا عرب ڪلچر کان مختلف هيون. پوءِ ته مڇريل ماڻهن هن کي موزمبق مان ڀڄائي ڪڍيو. بندرگاه ڇڏڻ وقت ماڻهن کي ڊيڄارڻ خاطر هن شهر ڏي توبن ذريعي ڪيترا ئي گولا وسايا.
موزمبق مان نڪرڻ کان پوءِ واسڪوڊاگاما پنهنجن ٽن جهازن سان گڏ (چوٿون جهاز جنهن ۾ سيڌو سامان هو، اهو ته ٻڏي چڪو هو) اڄ واري ڪينيا ملڪ جي ڪناري جي ويجهو اچي لنگر انداز ٿيو ۽ قذاقن وارا ڪم ڪرڻ لڳو. يعني عرب سوداگرن جا ٻيڙا جيڪي ممباسا ۽ زئنزيبار ڏي آيا ٿي ۽ جيڪي بنا هٿيارن جي هئا انهن کي هنن پنهنجي Cannons (توبن) ذريعي ڊيڄاري، ڌمڪائي لٽ مار ڪئي ۽ پنهنجاز جهاز ڀريا. ان بعد چڱا مڙس ٿي ممباسا بندرگاهه ۾ داخل ٿيا پر ماڻهن جي پاڻ لاءِ نفرت محسوس ڪري اتان ڀڄي نڪتا ۽ پوءِ ڪجهه مٿي اتر ۾ مالندي بندرگاه ۾ اچي لنگر ڪيرايو جتي هنن جو دوستاڻو آڌرڀاءُ ڪيو ويو جو هن بندرگاه مالندي جا وڏيرا ۽ سردار ممباسا جي چڱن مڙسن سان وڙهيل هئا ۽ ان قسم جون حالتون يورپي ڦورن کي وڻيون ٿي جو هنن گهر جي جهيڙي ۾ ٽپي هڪ ڌر جو پاسو کڻي فائدو حاصل ڪيو ٿي. بهرحال مالندي (Malindi) بندرگاهه ۾ رهي واسڪوڊاگاما هڪ سونهون ناکئو هٿ ڪيو جنهن کي هندي سمنڊ ۽ ان تي لڳندڙ هوائن جي ڄاڻ هئي. ڪي ٿا چون ته هي عرب نيويگيٽر ابن مجيد هو ته ڪن جو چوڻ آهي ته اهو گجراتي مسلمان هو، جنهن واسڪوڊاگاما جي رهنمائي ڪئي ۽ انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ وٺي آيس. ڪاليڪٽ جو انهن ڏينهن ۾ زمورين نالي حاڪم هو. پورچوگالين چاهيو ٿي ته هنن کي گجرات ۾ واپار جي اجازت ملي پر مڪاني ماڻهن ۽ عرب سوداگرن سخت مخالفت ڪئي. واسڪوڊاگاما پنهنجا ڪجهه ماڻهو ڇڏي وطن وريو. 8 جولاءِ 1497ع تي هو پنهنجي ملڪ جي لسبن بندرگاه کان نڪتو هو ۽ آگسٽ 1499ع ۾ پورن ٻن سالن بعد وطن پهتو. ان بعد 12 فيبروري 1502ع تي هو وري ٻي سفر تي نڪتو پر ان کان اڳ پورچوگال جي هڪ ٻئي ناکئي پيڊرو ڪابرال کي ان روٽ تي انڊيا موڪليو ويو. هي اهو نيويگيٽر آهي جنهن اڳتي هلي برازيل ڳوليو. ڪابرال انڊيا پهتو ته خبر پيس ته سندس هم وطني جن کي واسڪوڊاگاما ڪاليڪٽ ڇڏي ويو هو، انهن کي مڪاني ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو آهي. مڪاني ماڻهن جي پاڻ لاءِ مخالفت ڏسي هن ڪاليڪٽ شهر تي سخت بمباري ڪئي. ان بعد ڪوچين آيو جتي هن جو وڏي مان شان سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ۽ انڊيا ڇڏڻ وقت سندس جهاز کي سلڪ، ريشم ۽ سون سان ڀريو ويو. ان بعد جڏهن واسڪوڊاگاما ٻئي سفر تي آيو ته پاڻ سان جنگي جهاز وٺي آيو ۽ اوڀر آفريڪا وارو بندرگاه قلوا جيڪو عربن جي هٿ ۾ هو ان تي حملو ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ان بعد انڊيا جي بندرگاه ڪاليڪٽ ۾ بيٺل 29 جهاز تباه ڪيا ۽ ڪاليڪٽ جي حاڪم زمورين واسڪوڊاگاما کي واپاري سهولتن جي نالي ۾ هر شيءِ لکت ۾ ڏئي ڇڏي ۽ هو خوش ٿي پورچوگال موٽيو. ان بعد هو جڏهن ٽئين سفر ۾ ڪاليڪٽ آيو ته 1524ع ۾ مليريا وگهي مري ويو ۽ کيس انڊيا جي شهر ڪوچي ۾ سينٽ فرانسز چرچ ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾ 1539ع ۾ هن جا هڏا ڪڍي سون ۽ هيرن سان جڙيل پيتيءَ ۾ رکي پورچوگال موڪليا ويا جتي لسبن ۾ دفن ڪيا ويا اُن مٿان سندس وڏو مقبرو ٺهيل آهي.
واسڪوڊاگاما ۽ سندس زال ڪاٽرينا کي ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ هئي، جن مان هڪ پٽ Estevao انڊيا جو يارهون گورنر 1540ع کان 1542ع تائين ٿيو. هڪ پٽ “ال وارو” ملاڪا (ملايا) جو ڪئپٽن به ٿيو. ياد رهي ته ملاڪا (ملايا) تي پهرين پورچوگالين قبضو ڪيو، ان بعد ڊچ آيا ۽ پوءِ اهي پَٽَ انگريزن حوالي ٿيا. بهرحال ڏٺو وڃي ته پورچوگال کي طاقتور ۽ امير بنائڻ ۾ واسڪوڊاگاما جو وڏو هٿ رهيو. اهو ئي سبب آهي جو پورچوگالي هن کي وڏو پير ٿا سمجهن. انڊيا جي رياست گوا، جيڪا انڊيا جي آزاديءَ تائين به پورچوگال جو حصو سمجهي وئي ٿي، ان جي هڪ بندرگاه جو نالو اڄ به “واسڪوڊاگاما” آهي. چنڊ تي هڪ گهِٻCrater جو نالو به واسڪوڊاگاما آهي. برازيل ۾ ٽي فٽ بال ڪلب اهڙا آهن جن جو نالو واسڪوڊاگاما آهي. ڏکڻ هندستان جي ڪيرالا صوبي جي هڪ شهر ڪوچيءَ ۾ هڪ ڪليسا گهر جو نالو پڻ واسڪوڊاگاما آهي. ڪيپ ٽائون شهر جي هڪ ٻهراڙيءَ واري علائقي جو نالو پڻ واسڪوڊاگاما آهي. پورچوگال جي گاديءَ واري شهر لسبن ۾ ته ڪيترن رستن ۽ چوواٽن جي نالن کان علاوه هڪ پل ۽ هڪ ٽاور نما بلڊنگ جو نالو هن نيويگيٽر جي نالي پويان رکيل آهي.
No comments:
Post a Comment