ڪينيا جا اسڪول وڏيرن جون اوطاقون ڇو نه آهن؟
الطاف شيخ
پاڻ ڪينيا جي تاريخ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هن علائقي ۾ پورچوگالين ۽ عماني عربن جي زور بعد انگريزن ڌاڪو ڄمايو. هندي سمنڊ جي ٻئي پاسي، ويندي سري لنڪا، ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ انگريزن جي هٿ ۾ هو. انگريز نه فقط پنهنجو پاڻ ۾ آرگنائيز هئا پر هنن هڪ مضبوط فوج ۽ نيوي قائم ڪري رکي هئي، ان ڪري ڪنهن مڪاني حڪومت يا يورپي طاقت کي همٿ نٿي ٿي ته انگريزن جو مقابلو ڪري. هنن ڦرلٽ جي باوجود ايشيائي توڙي آفريڪي ملڪن ۾ تعليم، عدل انصاف، ريلوي، ٽپال ۽ تار جا ادارا قائم ڪيا. منهنجو ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو آهي پر جهڙو ٽپال ۽ ريل جو سسٽم انگريزن جي ڪالونين ڪينيا، يوگنڊا، نائجيريا، هانگ ڪانگ، پاڪستان، انڊيا، ملائيشيا وغيره ۾ آهي، اهڙو ڪنهن به فرينچ، پورچوگالي، هسپانوي، جرمن يا اطالوي ڪالونين ۾ نظر نٿو اچي، پوءِ اهي ملڪ کڻي موزمبق، لئانڊا هجن يا سينيگال ۽ لبنان.
ڪينيا ۽ يوگنڊا واري علائقي تي جيئن ئي انگريزن جو قبضو ٿيو، تيئن هنن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن کان اڳ پورچوگالين جو يا عمان جي عربن جو واسطو فقط ڪناري وارن شهرن (يعني بندرگاهن) سان رهيو ٿي. پر انگريز جتي به رهيا هنن اندر تائين Explore ڪيو ۽ مال حاصل ڪري پنهنجي ملڪ موڪليو. هتي آفريڪا ۾ به چانهه، ڪافي ۽ ٻين شين جي پوک ۽ ڪچي مال کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ريلوي جو ڪم شروع ڪيو، جيئن مال کي اندروني آفريڪا کان ممباسا بندرگاه تائين پهچايو وڃي جتان بحري جهازن رستي هنن انگلنڊ جي بندرگاهن ڏي موڪليو ٿي.
ريل جي هلڻ ڪري جتي انگريزن ۽ مڪاني ماڻهن جي ڪمائي ۽ سک ٿيو اتي مڪاني ماڻهن ۽ مختلف افريڪي قبيلن جي زندگي ڏکي ٿي ۽ هو هنن ڌارين جي خلاف ٿي پيا. هنن لاءِ اهو برداشت ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته سندن زمينن جا مالڪ ڌاريان ٿي پون.
پورچوگالين توڙي انگريزن اچڻ سان مڪاني ماڻهن کي جيتوڻيڪ عيسائي بنائي ٻئي جهان ۾ سندن سک جي ضمانت ڏني پر هاڻ هي شيدي ڏسڻ لڳا ته ڏورانهن ڏيهن کان هي جڏهن هتي آيا ته بائيبل هنن جي هٿن ۾ هئي، ۽ زمين مڪاني شيدين جي هئي. هاڻ روز بروز زمينون انگريزن جي قبضي ۾ ٿينديون وڃن ۽ بائيبل سندن هٿن ۾. ريل جي ٺهڻ ۽ انگريز پوليس ۽ فوج جو اندر تائين ڪنٽرول رکڻ ڪري انگريزن جي اچڻ جو تعداد وڌندو ويو. هو شڪار خاطر جهنگلي جانورن کي هڪ طرف مارڻ لڳا ته ٻئي طرف زمينن تي زوريءَ قبضو ڪري ان تي پنهنجي حساب سان پوکون ڪرڻ لڳا. انگريزن جي قانون موجب ڪو به مڪاني شيدي زمين تي ڪليم نٿي ڪري سگهو. ان جا مالڪ انگريز هئا.
آگسٽ 1914ع ۾ ٻي عالمي جنگ شروع ٿي. ان بعد انگريزن جو آفريڪن ۽ ايشين ملڪن تي وڌيڪ مارو ٿيو. ڪينيا ۾ 30 هزار انگريز اچي رهيا، جن چانهه ۽ ڪافي جي پوک تي ڪنٽرول ڪيو. کين سياسي عهدا پڻ ڏنا ويا. مڪاني ماڻهن ۾ انگريزن خلاف احتجاج ٿيڻ لڳا، جن کي هو في الحال ڏنڊي جي زور تي دٻائڻ لڳا. ٻي عالمي لڙائيءَ بعد انگريزن جي اها طاقت نه رهي. سگهو ئي انڊيا جي آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد، هنن آفريڪي ملڪن کي به راهه ڏيکاري ۽ ڪيتريون ئي تحريڪون اهڙيون نمودار ٿي پيون جن انگريزن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿي ڪرڻ چاهيو. انهن تحريڪن ۾ سڀ کان مشهور ۽ طاقتور تحريڪ مائو مائو (Mau Mau) هئي، جنهن جي گوڙ ڪرڻ تي انگريزن 1952ع کان 1959ع تائين امرجنسي هنئي. هيءَ امرجنسي آڪٽوبر 1952ع ۾ لڳي، جنهن کان فقط 6 مهينا اڳ فيبروري جي مهيني ۾ انگلنڊ جي بادشاه جارج ڇهين جي وفات تي، سندس ڌيءُ ايلزبيٿ راڻي ٿي جيڪا اڄ به موجود آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ان وقت ايلزبيٿ جيڪا اڃان شهزادي هئي، نئروبي گهمڻ آئي هئي. نئروبي ۾ منهنجي گائيڊ نئروبي جي ٽري ٽاپس هوٽل ڏيکاريندي چيو هو: ”سر هيءَ اها هوٽل آهي، جنهن ۾ گهڙڻ وقت ايلزبيٿ، شهزادي هئي ۽ نڪرڻ وقت راڻي بڻجي وئي.“
مون کي هن گائيڊ جي ڳالهه پهرين سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ خبر پيئي ته ايلزبيٿ جي نئروبي واري دوري ۾ ڪينيا جي چيف جسٽس سر هوريس هيڪٽر (جيڪو 1951ع تائين سلون جو چيف جسٽس هو ۽ هاڻ هتي ڪينيا ۾ بدلي ٿي آيو هو) 5 فيبروري 1952ع تي ايلزبيٿ کي نئروبيءَ جي مٿين هوٽل ۾ سرڪاري طرح ڊنر ڏني. ڊنر دوران هنن کي اطلاع مليو ته انگلنڊ جو شهنشاهه (ايلزبيٿ جو پيءُ) جارج ڇهون وفات ڪري ويو. ظاهر آهي، هن جي مري وڃڻ بعد وسيعت موجب، انگلنڊ جي تخت ۽ تاج جي مالڪياڻي ايلزبيٿ ٿي وئي. يعني هوٽل مان نڪرڻ وقت هوءَ راڻي هئي.
ڪينيا جي آزادي جي تحريڪ ۾ مڪاني ماڻهن جي آواز کي ڪافي حد تائين گهُٽيو ويو. مائو مائو تحريڪ جي ماڻهن کي Detention ڪئمپن ۾ بند ڪري مٿن سخت کان سخت ظلم ڪيا ويا. ان ڪم پٺيان برطانيا جي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل جي به آشيرواد هئي. برطانوي فوج ۽ مڪاني ”ڪنگس آفريڪن رائيفل“ جي سپاهين مائو مائو تحريڪ جا اٽڪل 4700 ماڻهو ماري ڇڏيا، جيڪي هنن جي حساب سان تحريڪ جا 42 سيڪڙو ماڻهو ٿيا ٿي. 21 آڪٽوبر تي مائو مائو جي هڪ ليڊر ديدان ڪيماٿي جي قتل بعد في الحال ٺاپر اچي وئي ۽ ظاهري طرح ائين ئي لڳو ته مائو مائو تحريڪ کي شڪست اچي وئي. پر انگريز به سمجهي ويا ته هاڻ چل چلائو جو وقت اچي ويو آهي ۽ حڪومت جون واڳون ڪنهن چمچي حوالي ڪري، ميلو متل ڇڏي هلجي. پر هنن جهڙو ماڻهو چونڊرائڻ چاهيو ٿي اهو چونڊجي نه سگهيو. 1957ع ۾ انگريزن آفريڪن جي ليجسليٽو ڪائونسل جي اليڪشن ڪرائي. انگريزن مطابق Moderate قسم جي سياسي پارٽي جو ڪو سياستدان چونڊجي نه سگهيو. اليڪشن مخالف پارٽي KANU (ڪينيا آفريڪن نئشنل يونين) کٽي ۽ جومو ڪينياتا حڪومت ٺاهي، جيڪو اڳتي هلي 12 ڊسمبر 1963ع تي ڪينيا کي خود مختياري ملڻ تي ملڪ جو پهريون صدر ٿيو. 1978ع ۾ ڪينياتا جي وفات تي ڪينيا جو صدر ڊئنيل ارپ موئي (Deniel Arap Moi) صدر ٿيو ۽ سال بعد 1979ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ هو بنا مقابلي جي صدر چونڊيو ۽ پوءِ ته هر اليڪشن ۾ صدر ٿيڻ جو ڄڻ ته هن کي ٺيڪو ملي ويو. هڪ ئي ماڻهوءَ کي ايڏو پاور ملڻ ڪري هو ڄڻ بادشاه سلامت ٿي پيو. 2002ع ۾ مس مس منجهانئس جان ڇٽي ۽ عوام کي نئين صدر وائي ڪباڪي (Mwai Kibaki) جي صورت ۾ روشنيءَ جو تروڙو نظر آيو. وائي ڪباڪي ڪينيا جو ٽيون صدر آهي ۽ سندس تعلق NARC (نئشنل رينبو ڪوليشن) سياسي پارٽي سان آهي. پاڻ گذريل اليڪشن جيڪا 2007ع ۾ ٿي ان ۾ به کٽيائين ۽ ملڪ جي صدارت جي ٻي ٽرم جو قسم نامون به کنيائين. پاڻ 1931ع ۾ ڪينيا جي نائيري (Nyeri) ضلعي ۾ ڄائو. اٽليءَ جي هڪ عيسائي تبليغي جماعت ذريعي هن کي عيسائي بڻائي ايميلو اسٽينلي نالو رکيو، پر هي اڄ تائين وائي ڪباڪي سڏجي ٿو.
ڪباڪي ننڍي هوندي کان پڙهائيءَ ۾ هوشيار هو ۽ هميشه پهريون نمبر آيو ٿي. پنهنجي ضلعي جي اسڪولن مان پڙهي او ليول ڪيائين. هو پنهنجي ڳوٺ جي ٻن پوڙهن سپاهين مان بيحد متاثر هو، ان ڪري هن پاڻ به سپاهي ٿيڻ چاهيو ٿي، پر انگريز حڪومت هن کي اهو چئي فيل ڪري ڇڏيو ته هن جو ڪيڪويو (Kikuyu) قبيلي سان تعلق آهي، جيڪو قبيلو انگريزن جي ڪينيا ۾ موجودگي جي سخت خلاف هو. ان کان علاوه ايمبو ۽ مُيرو قبيلا پڻ اهڙا هئا، جيڪي انگريزن جي خلاف هئا ۽ انگريز انهن کي به پنهنجي فوج ۾ ان خوف کان ڀرتي نٿي ڪرڻ چاهيو ته متان سڀاڻي هو سندن خلاف نه ٿي بيهن. بهرحال ڪينيا جي هن موجوده صدر ڪباڪي فوج ۾ نه چونڊجڻ ڪري ڪمپالا جي ماڪريري يونيورسٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي هن جا سبجيڪٽ ايڪانامڪس، هسٽري ۽ پوليٽيڪل سائنس رهيا. هو پنهنجي ڪلاس جي شاگردن ۾ پهريون نمبر آيو ۽ بي اي آنرس جي ڊگري ايڪانامڪس ۾ حاصل ڪيائين. گرئجوئيشن بعد ڪباڪيءَ شيل ڪمپنيءَ ۾ اسسٽنٽ سيلز مئنيجر جي حيثيت سان نوڪري شروع ڪئي. ساڳئي سال هن کي برٽش يونيورسٽي جي ڪنهن تعليمي اداري مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ جي اسڪالر ملي. ڪباڪيءَ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس مان پبلڪ فائننس ۾ مٿاهين پوزيشن سان ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد 1958ع ۾ هو ليڪچرار جي حيثيت سان ڪمپالا جي ماڪريري (Makerere) يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ لڳو. 1962ع ۾ ڪباڪيءَ جي هڪ اسڪول هيڊ ماستر جي ڌيءَ لوسي مٿونيءَ سان شادي ٿي، جيڪا اڄ ڪينيا جي فرسٽ ليڊي سڏائي ٿي. کين چار ٻار آهن. جن مان ٻيو نمبر جِمي ڪباڪي سياستدان جي حيثيت سان اڀري رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳ ميڊيا ۾ اها خبر آئي هئي ته صدر ڪباڪيءَ کي ميري وامبوئي نالي ٻي زال به آهي، جنهن مان وانگوئي نالي ڌيءَ به آهي. جن ڏينهن ۾ آئون ممباسا ۾ هوس ته ڪباڪيءَ پنهنجي فرسٽ ليڊي لوسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري ميڊيا اڳيان ان خبر جي سختيءَ سان ترديد ڪئي. هن ٻڌايو ته هن کي فقط هڪ زال آهي.
بهرحال ڪينيا جي شيدي صدر يا شيدي وزيرن کي هڪ زال هجي يا ٻه يا چار. پر هڪ ڳالهه جيڪا آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ بيحد متاثر آهيان ته هي آفريڪا جا سياستدان جن کي دنيا ڪارو چئي ٿي، جاهل چئي ٿي، جنگلي چوي ٿي يا اسين کين ڪاوڙ مان شيدي چئون ٿا يا پيار مان ڏاڏا، هڪ ڳالهه مڃڻ لائق آهي ته هو اسان جي سياستدانن کان وڌيڪ سلجهيل ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهن. ان ڪري مون ڄاڻي واڻي ڪينيا جي هن موجوده صدر ڪباڪيءَ جو ننڍپڻ جو احوال لکيو آهي ته هو هڪ ڳوٺ جو ٿي ڪري ڳوٺ جي اسڪولن مان پڙهي يونيورسٽين تائين پهتو، جتي هن نه رڳو ڊگريون حاصل ڪيون، پر سڄي ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيائين. ان جي مقابلي ۾ اسان جي ڪيترن سياستدانن جي ٿرڊ ڊويزن ۾ B.A به نه ٿيل هوندي. ٻي ڳالهه اها ته نئروبيءَ کان ممباسا بس ۾ ويندي منهنجو ڪيترن ئي سنڌ جي قمبر، چنبڙ، ٺري ميرواه، سرهاڙي ۽ قبو سعيد خان جهڙن ڳوٺن مان لنگهه ٿيو، جتي جا صاف سٿرا ۽ سهڻين عمارتن وارا اسڪول ۽ منجهن مرڪندڙ چهرن وارن ٻارڙن جا ميڙ ڏسي دل ۾ خيال آيو ته وڏيرا ۽ سردار ڪينيا جي ڳوٺن ۾ به موجود آهن پوءِ ڪينيا جي ڳوٺن جا اسڪول اسان جي اسڪولن وانگر وڏيرن جون اوطاقون يا گڏهن جا وٿاڻ ڇو نه آهن؟ اسان جي ڳوٺن ۾ ته ڏاڙهين وارا ٽيچر به اغوا ٿيو وڃن ۽ هتي ڪينيا جي ڳوٺن جي اسڪولن جون ڪوئلن جهڙيون سهڻيون ماسترياڻيون، اسڪرٽ پائي پيون هلن ته به کين ڊپ ناهي. ان کان علاوه ناروي ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن جون ٽوئرسٽ عورتون به ڪينيا جي ڳوٺن ۾ کنڊهرن ۽ جهنگلن جو سير ڪنديون وتن. سچي ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪينيا، يوگنڊا، موزمبق يا سينيگال، دنيا لاءِ خوفائتا ملڪ نه رهيا آهن، اڄ دنيا جا ماڻهو اسان جهڙن ملڪن ۾ ايندي ڊڄن ٿا، ڀلي کڻي اسان وٽ موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي يا اروڙ ۽ گورک هل جهڙيون تاريخي ۽ تفريحي مقام هجن!
No comments:
Post a Comment