آفريڪا ۾ تعليم ۽ هڪ کان وڌيڪ شاديون
الطاف شيخ
ڪيترن جي شايد اها سوچ هجي ته آفريڪا جا شاگرد ائين ئي صفا موڳا مٽر آهن. گهٽ ۾ گهٽ پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ کان اڳ تائين مون به اهو ئي سوچيو ٿي. پوءِ جڏهن سئيڊن جي ”ورلڊ يونيورسٽي مالمو“ ۾ MSc ڪرڻ جو موقعو مليو ته يونيورسٽي ۾ توڙي هاسٽل ۾ آفريڪا جي مختلف ملڪن جي حبشي شاگردن جي ذهانت ۽ پازيٽو سوچ کي ڏسي بيحد حيرت ٿي. جنهن جو اظهار مون پنهنجن Scandinavia وارن سفرنامن: ڪراچي کان ڪوپن هيگن، ملير کان مالمو جهڙن سفرنامن ۾ ڪيو آهي. اسانجي 200 کن شاگردن جي ٽولي ۾ 60 کن شاگرد آفريڪا کنڊ جي ملڪن جا هئا. هر ليڪچر بعد هنن سوال ڪيا ٿي، ليڪچر غور سان ٻڌا ٿي ۽ امتحانن ۾ مٿانهون نمبر آيا ٿي. انهن 60 کن شاگردن ۾ 20 کن عورتون هيون جيڪي ڪمپالا، نئروبي، دارالسلام جي يونيورسٽين مان گرئجوئيشن ڪري آيون هيون. اڄ آئون پنهنجو پاڻ کي انهن يونيورسٽين جي سرزمين (آفريڪا کنڊ) تي موجود ڏسي عجيب محسوس ڪري رهيو آهيان.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته نئروبي جون يونيورسٽيون ممبئي، ڪلڪتي يا لاهور جي يونيورسٽين وانگر بيحد آڳاٽيون نٿيون چئي سگهجن. جتي نئروبي جهڙو شهر ئي هڪ سؤ سال کن پراڻو هجي اتي ان شهر جون يونيورسٽيون ڀلا ڪيتريون آڳاٽو ٿي سگهن ٿيون. ڪينييا جي سڀ کان جهوني يونيورسٽي ”دي يونيورسٽي آف نئروبي“ آهي. جيڪا 1956 ۾ وجود ۾ آئي ۽ يونيورسٽي آف ايسٽ آفريڪا جو هڪ حصو سڏجڻ لڳي. ان جا باقي حصا ڪمپالا ۽ دارالسلام واريون يونيورسٽيون هيون. بهرحال هن يونيورسٽيءَ 1970 ۾ خودمختياري حاصل ڪئي. يعني هن يونيورسٽيءَ کان ته ڄام شورو جي مهراڻ يونيورسٽي جهوني ٿي. منجهس 22000 شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يونيورسٽي ۾ سخت ڊسپلين نظر اچي ٿو. ان کان علاوه شاگرد پوري وقت تي اچن ٿا. پڙهائڻ وارا تعليم يافته، تجربيڪار ۽ محنتي نظر اچن ٿا.
نئروبي جي هڪ ٻي يونيورسٽي ڪينياٽا يونيورسٽي آهي. جيڪا UON (يونيورسٽي آف نئروبي) کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي يونيورسٽي آهي. شهر جي مرڪزي علائقي کان 20 ڪلوميٽر پري ”نئروبي-ٿيڪا“ روڊ تي ڪاهاوا نالي علائقي ۾ آهي. 1965ع ۾ انگريزن جي فوجي بئرڪن (ٽيمپلر بئرڪس) ۾ ڪينياٽا ڪاليج نالي هڪ ٽيچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ کولي وئي ان بعد 1985ع ۾ هن ڪاليج جو نالو بدلائي ڪينياٽا يونيورسٽي رکيو ويو.
ڪينيا جي هڪ ٻي مشهور يونيورسٽي ”ڪماٿي يونيورسٽي ڪاليج آف ٽيڪنالاجي“ (KUCT) آهي. جيڪا نائيري شهر ۾ آهي. ٻين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کان علاوه ڪينيا ۾ آغا خان يونيورسٽي (aku) پڻ آهي. آغا خان يونيورسٽيون دنيا جي ٽن کنڊن تي 8 ملڪن ۾ موجود آهن. جن مان سڀ کان وڏي ۽ پراڻي ڪراچيءَ ۾ آهي.
ٻئي نمبر تي هيءَ ڪينيا واري آهي. اڄ ڪلهه هڪ aku يونيورسٽي تنزانيا جي شهر اروشا ۾ پڻ ٺهي رهي آهي. آغا خان يونيورسٽي جا ميڊيڪل ڪاليج اڪثر HARVARD OF THE EAST سڏجن ٿا.
ممباسا جي ”پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي ڪاليج“ ۾ جنهن ڏينهن پهتس ته ان ڏينهن ڪينيا جا سڀئي ڪاليج، يونيورسٽون ۽ آفيسون بند هيون. خبر پيئي ته هي ڏينهن باراڪ اوباما جي صدر ٿيڻ جو ڏينهن آهي جنهن کي ڪينيا ۾ عام موڪل ڪيو ويو آهي. گذريل سال به اهو قومي ڏينهن قرار ڏيئي موڪل ملهائي وئي ۽ هن سال پڻ اهو ڏينهن موڪل ڪيو ويو آهي. سچ ته مونکي ڏاڍي حيرت ٿي اسان جهڙا ڪيترائي ملڪ، جن کي دنيا، آمريڪا جو چمچو هجڻ جو الزام هنيو آهي. اهي آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نٿا ڪن پر ڪينيا جو اهو ڏينهن موڪل ڪرڻ ته حد ٿي وئي! جنهن ملڪ آمريڪا جو هو صدر آهي اڃان به اهو ملڪ ان ڏينهن تي موڪل ڪري ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. ٻئي ڏينهن ”ميٽلرجي“ جي پروفيسر چپن تي ٽوڪ واري مرڪ آڻي چيو ته ”اسانجي ملڪ کي فخر آهي ته اوباما اسانجي ملڪ جي حبشيءَ جو پٽ آهي“. ”واه سائين واهه!“ مون چيو، ”چئبو ته اوباما جو اصل ملڪ ڪينيا آهي! واقعي حيرت ۽ خوشي جي ڳالهه آهي جو ڪينيا جو حبشي: آمريڪا جهڙي وڏي، امير ۽ طاقتور ملڪ کي هلائي رهيو آهي“.
”سر مڙيئي اسان چريا پيا خوش ٿيون ته اوباما اسان جو آهي“، هن مونکي سرٻاٽ ۾ چيو، ”آمريڪا اسان کي کنگهي به ڪونه، باقي اسان کيس وڏو مائٽ سمجهيو ويٺا آهيون“. ان بعد هن هڪ شيدڪي اسٽائيل ۾ ٽهڪ ڏيئي مونکي چيو: ”آمريڪا جهڙي ملڪ جو صدر ٿي پيو آهي ته هاڻ هن کي سڄو ملڪ پيو پنهنجي سڏي، نه ته پيءُ به، نه پئي کنگهيس. ڏهن سالن ۾ هڪ دفعو سندس شڪل ڏسڻ گوارا ڪيائينس.“
اهي ڳالهيون ٻڌي آئون به کلندو رهيس. دراصل ان وقت انهن ڳالهين جي حقيقت تان نه، پر جنهن چرچائي اسٽائيل ۾ METALLURGY جو هي پروفيسر ڳالهائي رهيو هو، ان اسٽائيل تان آءٌ کلندو رهيس. هونءَ به شيدين جي ڳالهائڻ جو پنهنجو انداز هوندو آهي. هو چاهي ماتلي، منگهو پير مڪران ڪوسٽ (ڪناري) جا هجن يا ممباسا، موزمبق، مشيگان يا مسي سپي رياست جا هجن. هو غمگين ڳالهه کي به اهڙي نموني سان ڪندا جو ان مان کل، خوشي يا چرچو پيو بکندو. پر پوءِ ممباسا ۾ باقي ڏينهن بارڪ اوباما ۽ سندس سڳي ماءُ پيءُ ۽ ويڳي پيءَ جي زندگي بابت سوچيندو رهيس. ته ممباسا يونيورسٽي جي هن پروفيسر صاحب جي ڳالهين ۾ پڻ حقيقت لڳي ٿي ۽ واقعي ڪينيا بدران ته انڊونيشيا کي موڪل ڪرڻ کپي جتي وري به اوباما پنهنجي ماءُ ۽ ويگي پيءُ سان ڪافي سال رهيو، ۽ اتي ئي بنيادي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ٿوري گهڻي ملئي زبان (يعني ڀاسا انڊونيشيا) ڳالهائي به ٿو. ڪينيا ۾ ته هو هڪ ڏينهن به نه رهيو. سندن زندگي جو مختصر احوال هيٺ کڻي لکان ٿو ۽ مونکي پڪ آهي ته پڙهندڙن کي پڻ مون وانگر ڪجهه ڳالهين ڏي ضرور ڌيان ويندو.
انهن ڏينهن ۾ ڪينيا ( ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ به، پر جيئن ته هتي اسان جو فوڪس ڪينيا آهي ان ڪري انهيءَ حوالي سان ڳالهه ڪنداسين.) هر سياسي ليڊر يا چار درجه وڌيڪ پڙهيل، پنهنجي رتبي جي وڌڻ سان ان مطابق شادي ڪئي ٿي. هرهڪ شادي يعني پهرين شادي پنهنجي رسم مطابق پنهنجي قبيلي مان ڪئي ٿي ۽ پوءِ تعليم دوران يا نوڪري دوران ٻي، ٽي ۽ چوٿين پنجين شادي ڪئي ٿي يا هڪ عورت ڇڏي ٻي سان ڪئي ٿي. اهو رواج، اسان جي ملڪ گذريل ٽهي ۾ به هو. خاص ڪري سنڌ جي مسلمانن ۾ نظر آيو ٿي. اسانجي ڪيترن پيرن ميرن، وڏيرن، سرڪاري ڪامورن، ڪارخانيدارن ۽ سينيٽرن پهرين شادي ننڍي هوندي ڪئي ٿي اها ڏاڏي پوٽي واري سڏي وئي ٿي. اڳتي هلي اها ڳوٺ جي ڪوٽن ۾ ئي رهندي هئي. اسان جو هيرو وڏن شهرن مان ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل يا ڪنهن ڳائڻي يا اداڪاره سان شادي ڪري ايندو هو جيڪا ڳوٺ ۾ پڙدو ڪري ويهڻ بدران مڙس سان گڏ شو پيس ٿي هلندي هئي. اهو ئي فيشن آفريڪا ۾ هو. ڪينيا جي پهرين صدر جوموڪينياتا به چار يا پنج شاديون ڪيون جن مان هڪ ته انگريز به هئي. جيتوڻيڪ پاڻ ۽ ٻين آفريڪي قومپرستن انگريزن سان نفرت ڪئي ٿي پر ساڳي وقت پنهنجي ملڪ جي ڪارن تي لئه رکڻ لاءِ هڪ عدد انگريز يا يورپي گوريءَ سان به شادي رچائي ٿي. پوءِ اها گوري کڻي کانئن عمر ۾ وڏي هجي، ڌوٻياڻي هجي، ڀنگياڻي هجي، پر سندس چمڙي اڇي هجي. جوموڪينياتا جيتوڻيڪ پاڻ هيڏو پڙهيل ڳڙهيل هو. اها رسم يا STATUS SYMBOL اسان جي ننڍي کنڊ ۾ به هڪ عرصو قائم رهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ اسان جو توڙي آفريڪا، جو نوجوان هڪ ئي شادي ڪري ٿو ۽ زال جي چونڊ اهو سوچي ڪري ٿو ته هن کي زندگي جي ساٿي جي ضرورت آهي هو عورت کي هاڻ رڍ ٻڪري نٿو سمجهي ۽ نه ان کي SHOW PIECE طور استعمال ڪري ٿو.
آمريڪي صدر جي پيءُ، چار پنج شاديون ڪيون. هڪ ننڍي هوندي پنهنجي قبيلي مان ڪيائين ته ٻي آمريڪا پڙهڻ ۾ پڙهڻ دوران اتي جي گوريءَ (اوباما جي ماءُ) سان ڪيائين ۽ هن کي وري ٻڌايئين به ڪونه ته هو اڳي ئي شادي شده آهي. پوءِ بعد ۾ چيائين ته منهنجي قبيلي واري زال مونکي ٻي شاديءَ جي موڪل ڏيئي ڇڏي هئي. پاڪستان ۾ به مرد جو هڪ بعد ٻي شادي ڪرڻ کي DISCOURAGE ڪرڻ لاءِ ايوب خان قانون ڪڍيو ته ڪوبه مرد پنهنجي پهرين زال جي اجازت بنا شادي نه ڪندو. هن شايد سمجهيو ته هاڻ ڪنهن به مرد لاءِ اهو ڪم سولو نه ٿيندو پر اسان جا وڏيرا، ڀوتار، جاگيردار، سياستدان ۽ ڪامورا ٻي شادي ڪندا رهيا. پهرين ڏاڏي پوٽي واري زال کي ڇا مجال جو اها ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي- هن لاءِ ته مٿي لکي چڪو آهيان ته هن جي حيثيت رڍ ٻڪريءَ کان به گهٽ هئي.
مزي جي ڳالهه اها ته ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن کي توهان اڄ يورپ جهڙو ڏسو ٿا ۽ جتي يورپ وانگر جوڙا جوڙا نظر اچن ٿا ۽ اڄ جو نوجوان گهڻو ڪري هڪ ئي شادي ڪري ٿو ۽ ٻي شادي فقط مجبوري جي حالت ۾ ڪري ٿو. يعني پهرين زال جي مرڻ يا ان سان ٺاهه نه ٿيڻ تي ان کان علحدگي اختيار ڪري پوءِ ٻيءَ شادي ڪري ٿو. پر ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن منهنجو پهريون دفعوملائيشيا جي شهرن ۾ وڃڻ ٿيو ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڪيترائي ملئي سياستدان، زميندار، وڏيرا ۽ رٽائرڊ پوڙها ڪامورا هڪ عدد جوان عورت کي زال طور وٺي هليا ٿي. سندن COMBINATION عجيب لڳندي هئي. زال ننڍي نيٽي ڌيءَ برابر پڪا پڪا پوڙها ۽ وري پاڻ کي جوان بنائڻ لاءِ ٽڪڻ تي رهيل چند وارن کي خضاب ڪري هلندا هئا. تن ڏينهن ۾ وارن جا رنگ به اهڙا سادا هوندا هئا جو وارن کي ڪارو ڪرڻ سان گڏ ٽڪڻ تي به ڪارا لينگها ٺهي ويندا هئا. سندن ڳچيءَ جي کل پئي لڙڪندي، ڏند پيا ڌڏندا، ۽ پيريءَ ۾ پرڻيل جوان زال سان تڪڙو هلندي پيا ٿاٻڙندا پر خوش نظر ايندا هئا ته هنن هڪ ننڍي نيٽيءَ سان شادي ڪري وڏي کيپ کٽي آهي. اهو ئي حال آفريڪا ۾ گذريل صديءَ ۾ هو. جن مان هڪ باراڪ اوباما جو پيءُ به هو.
No comments:
Post a Comment