انگريز راڄ جا دڪان
الطاف شيخ
جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ يورپ ۽ آمريڪا سان گڏ آفريڪا به ڪيترن ڳالهين ۾ ماڊرن ٿي ويو آهي جتي توهانکي جپاني ۽ جرمن ڪارون نظر اچن ٿيون، ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي چئنل نظر اچن ٿا. آفريڪا جي هر ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر مجموعي طور سڄو آفريڪا گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد لڳو پيو آهي. وري به ڏٺو وڃي ته انهن سڀني ملڪن ۾ ڪينيا بهتر آهي.
آفريڪا جا اتراهان ملڪ مصر، لبيا، ٽيونيشيا، آلجيريا ۽ موراڪو، اهي ڀونچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ وارا ملڪ آهن، جيڪي يورپ جي ويجهو ۽ تيل ۽ ٽوئرزم ڪري امير ملڪ آهن. باقي صحرا رڻ پٽ کان هيٺ وارو سڄو آفريڪا اڄ به هيڻن حالن ۾ آهي. آفريڪا کنڊ جو هيٺ پوڇڙ وارو ملڪ جيڪو سائوٿ آفريڪا سڏجي ٿو، ان کي اسان هنن ۾ شامل نٿا ڪريون، جو اهو ملڪ اڄ به گورن انگريزن جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ٻيو انگلنڊ لڳي ٿو. باقي ٻيا ملڪ ائنگولا ۽ نميبيا هجي يا زئمبيا ۽ ملاوي، برنڊي ۽ روانڊا هجي يا چاڊ ۽ برڪانو فاسو.... ڪرپش، چوري، ٺڳي، غير قانونيت، بدامني جام آهي. اهي ناسور اسان جي ايشيا جي ملڪن ۾ به آهن، پر ڪي ڪي ملڪ جپان، ملائيشيا، سنگاپور، ڪويت، سعودي عرب به آهن جيڪي يورپ جي ملڪن جي برابري ڪن ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪوريا، فلپين، ٿائلنڊ، دبئي، ايران ۽ انڊيا جهڙا انهن کي فالو ڪن پيا.
اسان هتي فقط ڪينيا ۽ آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جن سان صدين کان انڊيا، ايران ۽ عرب ملڪن جو واپار هو. جتي اسان جي ملڪن جا ماڻهو واپار وڙي، نوڪري ۽ پورهئي لاءِ ويا ٿي ۽ اُتان لونگ، چانهه ۽ شيدي غلام اسان وٽ پهتا ٿي ۽ جن ملڪن جي ٻولي ۽ ڪلچر تي هڪ ٻئي جو اثر رهيو. آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جو مٿان کان جائزو وٺبو ته اٿوپيا ۽ سوماليا کان شروع ٿئي ٿو. اٿوپيا جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ائبيسينيا به سڏبو هو ۽ عربي زبان ۾ حبش سڏبو هو، جيئن زئنزيبار ’زنجبار‘ سڏبو هو ۽ اڃان به عرب ان نالي سان سڏين ٿا. حبش (اٿوپيا) دراصل بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جو ملڪ آهي. هڪ طرف سعودي عرب آهي ته ٻئي پاسي حبش آهي. حضور ﷺ جن جي ڏينهن ۾ حبش وڏو امير ملڪ هو، جنهن بادشاهه جي سلطنت يمن تائين هئي. مڪي جا مسلمان ٻيڙين ذريعي هجرت ڪري حبش پهتا هئا. حضرت بلال هن ملڪ جو هو. عربن جو گهڻو واسطو حبش جي ماڻهن سان رهيو ٿي، جيڪي ان وقت حبشي سڏبا هئا. بعد ۾ جڏهن سوڊان، ڪينيا، تنزانيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن جا شيدي پهتا ته اهي پڻ حبشي سڏجڻ لڳا، جو اهي سڀ حبش کان ٿيندا سعودي عرب پهتا ٿي ۽ ماڻهن هنن کي حبش جو سڏيو ٿي. جيئن ملايا (اڄ واري ملائيشيا) ۾ آڳاٽي زماني ۾ هر هڪ ڌاريو ماڻهو بنگال واري ڪناري کان ٿيندو اتي پهتو ٿي ۽ بنگالي سڏيو ويو ٿي. پورچوگالي به خليجِ بنگال وارو ڪنارو ڏيئي ملايا پهتا ته انهن کي به ملئي ماڻهن بنگالي سڏيو پر شڪل جا گورا هجڻ ڪري کين اڇو بنگالي (پوتيح بنگالي) سڏيو. سو اهڙي طرح اسان وٽ به هر آفريڪن لاءِ ”حبشي“ لفظ استعمال ٿئي ٿو. بهرحال اڄ ان حبش ملڪ (اٿوپيا) جي حالت سڀ کان خراب آهي، جنهن جا ماڻهو ڪينيا ۾ امير ترين سڏيا ويا ٿي پر هاڻ سوماليا ۾ به سخت بدامني آهي. يمن وانگر جتي ڪٿي اغواڪاري لڳي پئي آهي. هيٺ ملاوي، موزمبق، سوازي لئنڊ ۾ به اهو ئي حال آهي. وري به يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا انهن ۾ بهتر آهن جن تي انگريزن جو راڄ هو. اهي ٽئي ملڪ وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري آهن. انگريزن جي ڏينهن ۾ اهو علائقو ”ايسٽ آفريڪا“ سڏبو هو ۽ سڄو علائقو سلجهيل سمجهيو ويو ٿي. يوگنڊا جي ستياناس عيدي امين ڪئي، تنزانيا جي به سياستدانن حالت خراب ڪري رکي آهي. ان ڪري بچيو وڃي ڪينيا آهي. ان ڪري ڪنهن يورپي يا آمريڪن کي آفريڪا گهمڻ جو شوق ٿئي ٿو، ته هو ڪينيا جو رخ ڪري ٿو. پوءِ اتان ڪو اڌ، هڪ فارينر ڀر واري آفريڪي ملڪ ۾ به وڃي ٿو
.
ڪينيا جا نئروبي ۽ ممباسا سڀ کان مشهور شهر آهن. جتي تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ڏٺو وڃي ته نئروبي ته ائين آهي جيئن اسلام آباد يعني نئون آباد ٿيل شهر. پوءِ اسلام آباد کڻي اڌ صدي اڳ ٺهيو ۽ نئروبي هڪ صدي اڳ ٺهيو. پر ان جي مقابلي ۾ ڪينيا جو شهر ۽ بندرگاه ممباسا ائين آهي، جيئن اسان وارو ٺٽو. پاڪستان جي وجود کان به صديون اڳ ٺٽو هو. اهڙي طرح ڪينيا ملڪ جون سرحدون ٺهڻ ۽ مٿس اهو نالو پوڻ کان صديون پراڻو ممباسا هو، جتي عربستان، ايران (جيڪو ان وقت پرشيا سڏبو هو) ۽ انڊيا جا سوداگر چؤماسي جي هوائن جو فائدو وٺي پنهنجين ڌائون (ٻيڙين بتيلن) سان اچي ممباسا کان نڪرندا هئا. ممباسا اڄ ڪينيا جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي پر صدين تائين ممباسا سڄي اوڀر آفريڪا ۾ پئسي ڏوڪڙ، عمارتن، وڻج واپار، ٽوئرسٽن ۽ خوشحاليءَ ۾ اول نمبر شهر هو جنهن جو مقابلو زئنزيبار ۽ دارالسلام جهڙن بندرگاهن سان هليو ٿي. گهڻو پوءِ، يوگنڊا جو شهر ڪمپالا مشهور ٿيو ۽ پوءِ انگريزن جي راڄ ۾ جڏهن انگريزن ڪمپالا کي ريل رستي ممباسا سان ملايو پئي ته ان وقت يعني 1900ع ۾ اڄ واري نئروبي شهر واري هنڌ تي ريلوي ڊپو ۽ ٻه ٽي گودام ۽ مزدورن ۽ آفيسرن لاءِ چار گهر ٺهرائي ’نئروبي‘ شهر جي شروعات ڪئي وئي. سٺي آب هوا، مٺي پاڻي ۽ ريلوي اسٽيشن ڪري هي شهر هڪ سئو سالن ۾ ڏکڻ آفريڪا جو بهترين ۽ ماڊرن شهر ٿي پيو آهي. ملڪ جي گادي جو هنڌ هجڻ کان علاوه بين الاقوامي ايئرپورٽ به نيروبي ۾ آهي. پر ممباسا جي حيثيت اڄ به اهم آهي. جو ممباسا اڄ به نه فقط ڪينيا جو پر اوسي پاسي جي ملڪن ۾ اهم ۽ وڏو بندرگاهه مڃيو وڃي ٿو. يوگنڊا جهڙن ملڪن جو سامان به ممباسا مان اچي وڃي ٿو جو افغانستان وانگر يوگنڊا کي پنهنجو بندرگاهه ناهي.
1968ع ۽ 1973ع جي وچ ۾ منهنجو هن بندرگاهه ۽ اوڀر آفريڪا جي ٻين بندرگاهن: زنجبار، دارالسلام، لارينزو مارڪس (جيڪو اڄڪلهه موپوتو سڏجي ٿو)، بيرا وغيره ۾ تمام گهڻو اچڻ ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هو، ان ڪري جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ٿئي ته اهو جهاز هتان ضرور لنگهيو ٿي ۽ ممباسا ۾ ڪارگو نه هجڻ جي باوجود اسان کي جهاز جي لاءِ تيل پاڻي ۽ جهاز جي عملي لاءِ راشن وٺڻ لاءِ ممباسا ۾ ڏينهن ٻه ترسڻو پيو ٿي. ممباسا ۾ انڊين ۽ مسلمان دڪاندار هجڻ ڪري اسان کي هر شيءِ مرچ مسالن کان حلال گوشت ملي ويو ٿي. جهاز جي مرمت لاءِ سڄي آفريڪا ۾ اهڙو ڪو سٺو بندوبست نه هو جهڙو جپان يا يورپ جي بندرگاهن ۾ نظر آيو ٿي پر تنهن هوندي به ممباسا وري به غنيمت سمجهيو ويو ٿي ۽ معمولي مرمت لاءِ به هفتو ڏيڍ لڳي ويو ٿي پر ڪم ٿي ويو ٿي. ان بعد باقي سمنڊ جا ڏهه پندرهن ڏينهن گذاري يورپ يا آمريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ پهچي وياسين ٿي.
جپان چين يا يورپ جي بندرگاهن مان ٿي ممباسا پهچبو هو ته عجيب احساس ٿيندو هو. خاص ڪري آدم شماري جي خيال کان. ڇا هوڏانهن ماڻهن جا ميڙ ۽ گاڏين موٽرن جا گوڙ شور ۽ ڇا ممباسا ۾ خاموشي، وڻ وڻڪار! ماڻهو ڇيڻو، پکي پکڻ هر هڪ جهڙو واندو نظر ايندو. منجهند جو جڏهن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رش ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان هوندي هئي، هتي ممباسا ۾ ماٺ مٺوڙو هو. انهن ڏينهن ۾ انگريز راڄ کان اهو دستور اڃان هلندو رهيو ٿي ته منجهند جو اڍائي ڪلاڪ کن موڪل ٿي ٿي جيئن هر ڪو ڪجهه دير ننڊ ڪري ۽ ڏينهن ٺاري پوءِ ڪم، پورهئي يا پڙهڻ لاءِ اچي. اسان وٽ سنڌ ۾ به انگريزن جو ٺهيل اهو قانون ڪافي عرصو هليو ۽ اسان جي ڏينهن ۾ پرائمري اسڪول ٻن قسطن ۾ ٿيندو هو. آدمشماري جي حساب سان ممباسا اڄ به اهڙو ئي لڳي ٿو. حيدرآباد جيڏي شهر جي اڄ ڪلهه 8 لک کن آدمشماري آهي. 1970ع ۾ ان جي اڌ برابر چئي وئي ٿي. سنگاپور ۽ ڪوالالمپور وانگر هتي ممباسا ۾ به ڪافي تبديلي اچي وئي آهي نه ته ڪلنڊني روڊ (جيڪو هاڻ اڳوڻي صدر جي نالي سان موئي ايونيو سڏجي ٿو) جا دڪان ائين انگريزي اسٽائيل جا هئا جيئن ڪوالالمپور ۾ باتو روڊ (جيڪو هاڻ جالان تنڪو عبدالرحمان روڊ سڏجي ٿو) ۽ سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ جهڙا دڪان هئا. وڏا، ڪشادا ۽ مٿاهين ڇتين وارا هوادار دڪان، سندن اڳيان ڇت وارا ورانڊا ۽ پوءِ فٽ پاٿ ۽ گاڏين جي هلڻ جو رستو هوندو هو. مون کي ٽنهي شهرن جي دڪانن اڳيان انهن دڪانن جا سنڌي هندو، گجراتي ۽ پارسي سيٺ سفيد ڪوٽن ۽ ٽوپين ۾ واڪ ڪندي اڄ به اکين اڳيان تري رهيا آهن. 1960ع کان اڳ تائين ڪراچي جي صدر وارن دڪانن جو به اهو حال هوندو هو. پوءِ آدمشماري، لاريون، موٽرون ۽ ٽوئرسٽ وڌڻ ڪري اهي سڪون وارا ڏينهن ختم ٿي ويا. پر اسي واري ڏهي جي شروعاتي سالن تائين ان قسم جا دڪان ويسٽ انڊيز (ڏکڻ آمريڪا) پاسي برمودا، ٽرينڊاڊ ۽ ڪيوبا پاسي ضرور موجود هئا. اتي به هاڻي ختم ٿيندا وڃن جو زمين جو اگهه ايڏو ته وڌي ويو آهي جو هڪ فٽ هزارين بلڪ هڪ لک رپئي تائين ٿي ويو آهي. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ممبئي، جيڪا انگريزن جي ڏينهن ۾ بامبي ۽ بمبئي سڏبي هئي اتي فورٽ واري علائقي ۾ اڃان به ڪيترائي دڪان ان قسم جا ملن ٿا. ڪراچي ۾ جيڪڏهن ان دور جو ڪو دڪان ڏسڻو اٿانوَ ته صدر جي علائقي ۾ جتي فوٽو گرافرن ۽ واچن ڪئميرائن جا دڪان آهن، اتي پرشن بيڪري نالي سؤ سال کن پراڻو دڪان ان شڪل ۾ اڃان موجود آهي، جيڪو ايرانين جو آهي ۽ سندن ڊبل روٽي، پاپا، پيٽيز ۽ ڪيڪن جو سواد اهو ئي هلندو اچي. 50 کن سالن کان ته آئون به ڏسندو اچان ۽ سندس منهنجي عمر جا مالڪ جيڪي 1960ع ۾ پهريون دفعو ڏٺا هئم ته مون وانگر ڇوڪرا هئا. هاڻ مون وانگر پوڙها ٿي ويا آهن. هن دڪان وٽان لنگهندي آئون توهان کي Suggest ڪندس ته اندر تائين هليا وڃجو جتي ڪم وارا اَٽو پيا ڳوهين ۽ کوري ۾ ڊبل روٽي ۽ بسڪٽ پيا پچائين. ان هڪ دڪان مان ڀر ۾ ٺهيل اڄ وارن دڪانن جهڙا گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن تيرهن ٺهي وڃن. سو ان قسم جا آڳاٽا دڪان يا حيدرآباد جي بامبي بيڪري جهڙا شاپ هائوس ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪجهه نه ڪجهه اڄ به موجود آهن. جن مان انگريز راڄ ۾ انگريزن ۽ يورپين خريداري ڪئي ٿي
No comments:
Post a Comment