Thursday, July 07, 2011

چئن زالن وارو صدر جومو ڪينياتا - الطاف شيخ


چئن زالن وارو صدر جومو ڪينياتا
 الطاف شيخ
ڪينيا جي ماڻهن لاءِ جومو ڪينياتا ائين آهي جيئن اسان پاڪستانين لاءِ قائدِ اعظم محمد علي جناح. جيئن جناح صاحب پاڪستاني قوم جو ابو سمجهيو وڃي ٿو تيئن جومو ڪينياتا ڪينيا وارن لاءِ آهي. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪيترين ئي شين جو نالو جناح صاحب سان منسوب آهي، تيئن نئروبيءَ جي هوائي اڏي جو نالو، ملڪ جي وڏي ۽ اهم يونيورسٽيءَ جو نالو يا ڪيترن ئي شهرن جي اهم روڊن، عمارتن، پارڪن ۽ پُلين جو نالو جوموڪينياتا آهي. جومو ڪينياتا هن ملڪ (Kenya) کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي سال جدوجهد ڪئي، جيل ڪاٽيا، عام ماڻهوءَ ۾ شعور پيدا ڪيو. پاڻ ڪينيا جو پهريون صدر ٿي گذريو آهي. جتي ڪينيا ۽ جوموڪينياتا جي ڳالهه ٿي هلي اتي ڪيڪويو (Kikuyu) ۽ مائو مائو (Mau Mau) جا نالا به اچن ٿا. مائو مائو ڪينيا جي اها تحريڪ آهي، جيڪا جوموڪينياتا جهڙن هلائي ۽ انگريزن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. انگريزن هن تحريڪ جي ميمبرن جو وڏو انگ قتل ڪيو. ڪيڪويو ڪينيا جو هڪ قبيلو آهي جنهن سان جوموڪينياتا ۽ ٻين ڪيترن مائو مائو جي ميمبرن جو واسطو هو. آفريڪا جي ٻين ملڪن وانگر ڪينيا ۾ به ڪيترا ئي قبيلا آهن جن ۾ ملڪ جا ماڻهو ورهايل آهن. هر قبيلي جو پنهنجو ڪلچر، رسم رواج ۽ اصول آهن. ڪيڪويو ڪينيا جو سڀ کان وڏو قبيلو آهي، جنهن جي ماڻهن سنڌ جي حرن وانگر، انگريز راڄ جي سڀ کان گهڻي مخالفت ڪئي. ڪيڪويو جنگجو قسم جا ماڻهو آهن، جيئن انڊيا ۾ سک ۽ گورکا جن کي انگريزن پنهنجي فوج ۾ رکيو. ڪيڪويو قبيلي جي ماڻهن انگريزن جي فوج ۾ نوڪري لاءِ وڃڻ به چاهيو ٿي ته به انگريزن کين رکڻ نٿي چاهيو، جو انگريزن کي هنن جي وفاداريءَ تي هميشه شڪ رهيو ٿي. بهرحال هن قبيلي بابت ڪو عام ماڻهو يا ائنٿروپالاجي جو شاگرد معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هجي ته هن کي جومو ڪينياتا جو ڪتاب Facing Mount Kenya پڙهڻ کپي. ڪينيا جو هي باباءِ قوم اسان جي جناح صاحب کان ڪافي ننڍو هو. محمد علي جناح 18 سالن جو هو ته جومو ڪينياتا 1894ع ۾ گاتندو ۾ ڄائو. چوڌاري انگريزن جو راڄ هو. هن ملڪ جو اڄ وارو نالو ڪينيا اڃان وجود ۾ نه آيو هو. هي علائقو “برٽش ايسٽ آفريڪا” سڏبو هو. جومو ڪينياتا (JOMO KENYATTA) جو ڄمڻ وقت نالو ڪمائو (KAMAU) هو. ڪي ماڻهو، خاص ڪري مسلمان ملڪن جا اهو ٿا سمجهن ته جومو مسلمان هو ۽ سندس نالو جمعو هو، جيڪو نالو اڄ به آفريڪا جي مسلمانن ۾ عام آهي. جوموءَ پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي طهر جو به احوال لکيو آهي. دراصل اڄ به آفريڪا جي ڪيترن قبيلن ۾ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جو پنهنجي قبيلي جي ڪلچر مطابق طهر ٿئي ٿو. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويندي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڇوڪرين جي هن قسم جي طهر بابت تفصيلي احوال آئون پنهنجي اڙدو واري سفرنامي “سمندر ڪي دن” ۾ لکي چڪو آهيان 


ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا هي طهر ٽولن ۾ ٿين ٿا ۽ هو ان ٽولي جي نالي سان ائين سڏبا آهن جيئن ڪو پنهنجي ڪاليج جي بئچ جي نالي سان سڏائي ٿو، يا جيئن CSP آفيسر پنهنجي گروپ ۽ بئچ جي نمبر سان سڃاڻپ ڪن ٿا. هي طهر وڏي عمر ۾ گهڻو ڪري شاديءَ کان اڳ ڪيا وڃن ٿا. جومو ڪينياتا جو طهر به اسڪول جي پڙهائي پوري ڪرڻ بعد، 1912ع ۾ جڏهن هو 18 سالن جو هو ته قبيلي جي ٻين هم عمر ٻارن  سان گڏ رسمن مطابق اجتماعي طهر ٿيو ۽ ڪيڪويو قبيلي جي ان گروپ جو نالو Kihiu Mwiri رکيو ويو.
سو جومو ڪينياتا جڏهن ڄائو ته سندس پيءُ ’موئي گائي‘ ۽ ماءُ، ’وام بوئيءَ‘ پنهنجي پٽ جو نالو “ڪمائو” رکيو. ڪمائو اڃان ننڍو ئي هو ته سندس پيءُ گذاري ويو، جنهن کان پوءِ سندن قبيلي جي وهنوار مطابق سندس چاچي کيس پٽ ڪري پاليو ۽ پنهنجي چاچي گينگي (Ngengi) جو پٽ سڏجڻ لڳو ۽ قبيلي جي رسم مطابق سندس ماءُ، گينگيءَ جي زال ٿي رهڻ لڳي. سگهو ئي سندس ماءُ پڻ گذاري وئي ۽ ڪمائو پنهنجي ڏاڏي وٽ اچي رهيو، جيڪو جڙين ٻوٽين جو حڪيم هو ۽ مُٿيگا ڳوٺ ۾ رهيو ٿي. ڪمائو ڏهن سالن جو هو ته کيس پيرن ۾ ڦٽ ٿي پيا ۽ سندس ڏاڏو انگريز عيسائين جي هڪ گرجا گهر (Church) واري اسپتال ۾ وٺي ويس، جتي هڪ انگريز ڊاڪٽر سندس ٻنهي پيرن ۽ هڪ ٽنگ جي آپريشن ڪئي. ڪمائوءَ لاءِ هي پهريون موقعو هو جو هن يورپي قوم جي گورن کي ڏٺو ۽ هو بيحد متاثر ٿيو.
ڪمائوءَ جي جتي آپريشن ٿي اتي هن عيسائين جي گرجا گهر سان گڏ هڪ تبليغي جماعت جو مشنري اسڪول به هو. هن اسڪول ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ڪمائوءَ کي سندس ڊاڪٽر ۽ ٻين عيسائين مطمئن ڪيو هو. سو چاق ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن ڏاڏي جو گهر ڇڏي اچي، هن اسڪول جي هاسٽل ۾ رهيو. اسڪول جي في ڀرڻ لاءِ هو اسڪول جي ڀر ۾ رهندڙ انگريز جي گهر ۾ شام جي وقت نوڪر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. اسڪول ۾ ڪمائو جا سبجيڪٽ انگريزي، مئٿس، بائيبل ۽ ڪارپينٽري (واڍڪو ڪم) هو.
1912ع ۾ اسڪول جي پڙهائي مڪمل ڪرڻ بعد هن واڍڪو ڪم شروع ڪيو ۽ ساڳي وقت سندس قبيلي ڪيڪويو جي رسمن رواجن مطابق هن جو طهر ٿيو ۽ قبيلي جو هڪ بالغ فرد قرار ڏنو ويو. ٻن سالن بعد ڪمائوءَ پنهنجي اسڪول واري گرجا گهر جي پادرين جي سمجهائڻ تي عيسائي مذهب اختيار ڪيو ۽ پنهنجو نالو پيٽر ڪمائو ۽ پوءِ ڪجهه مهينن بعد جانسن ڪمائو رکرايو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن پهرين عالمي جنگ (World war I) شروع ٿي چڪي هئي ۽ انگريز حڪومت ڪيڪويو قبيلي جي صحتمند نوجوانن کي زبردستيءَ ونگار ۾ ڪم تي لڳائڻ شروع ڪري ڏنو هو. جومو ڪينياتا پنهنجو قبيلو ڇڏي ناروڪ نالي هڪ شهر ۾ ماسائي قبيلي جي ماڻهن سان اچي رهيو، جتي هو هڪ گجراتي سيٺ وٽ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هن کي هاڻ انگريزن لاءِ سخت نفرت پئدا ٿي پئي، جو هنن ڪيڪويو قبيلي لاءِ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. هي اهو وقت هو جڏهن جوموءَ پنهنجي قبيلي جي علامتي نشاني خاطر موتين وارو بيلٽ ٻڌڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ڪيڪويو قبيلي سان واسطو هجڻ جو اعلان ڪيو. قبيلي جي هن بيلٽ (پَٽي) کي سندن زبان ۾ ڪينياتا سڏجي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي “ڪينيا جي روشني”. هتي ڪينيا جبل ڏي اشارو آهي، جنهن تان هن ملڪ جو Kenya نالو پيو. ڪينياتا سواحلي زبان جو لفظ آهي، جيڪا آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي تمام گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي.
1919ع ۾ ڪمائوءَ جي پهرين زال “گريس واهو” سان ملاقات ۽ شادي ٿي، جنهن مان سال بعد کيس پهريون پٽ “پيٽر موئي گائي” ڄائو. ڪمائو روزگار خاطر مختلف نوڪريون ۽ پورهيا ڪندو رهيو، جن مان هڪ ترجمي ڪار (انٽرپريٽر) جو به هو. هن نئروبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ انگريزي ۽ سواحلي جو ترجمو ڪيو ٿي. ان کان علاوه هن هڪ سيڌي جو هٽ به کوليو. 1922ع ۾ هن پنهنجا سمورا پراڻا نالا ختم ڪري، نئون نالو “جومو ڪينياتا” اختيار ڪيو. جومو ڪيڪويو قبيلي جو نالو آهي، جنهن جي معنيٰ ٻرندڙ ڀالو آهي. جوموءَ ڪجهه عرصو نئروبي شهر جي ميونسپالٽي جي نلڪن جو ميٽر ريڊر به ٿي ڪم ڪيو. هي اهي ڏينهن هئا جو جوموءَ سياست ۾ دلچسپي ورتي ۽ 1924ع ۾ ڪيڪويو سينٽرل ائسوسيئيشن (KCA) جو ميمبر ٿيو ۽ پوءِ هن تحريڪ جي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ 1928ع ڌاري پاڻ KCA جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان بعد هن ميونسپالٽي جي نوڪري ڇڏي ڏني. انگريز سرڪار کان مڪاني ماڻهن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جومو 1929ع ۾ لنڊن روانو ٿيو پر هن کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ بنا موٽڻو پيو. مئي 1931ع ۾ KCA جي نمائندي جي حيثيت ۾ جومو کي هڪ دفعو وري لنڊن وڃڻو پيو. پر هن جي هر ڳالهه ۽ درخواست تي ڪن لاٽار ڪئي وئي. جومو ڪينياتا واپس اچڻ بدران انگلنڊ ۽ روس جي مختلف ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ پنهنجي ملڪ کان 15 سال ٻاهر رهيو. يونيورسٽي ڪاليج، لنڊن ۾ تعليم دوران هن پنهنجي قبيلي ڪيڪويو جي زبان ۽ انگريزي جي ڊڪشنري تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 1938ع ڌاري جڏهن هو اسڪول آف ايڪاناماڪس لنڊن ۾ ائنٿروپالاجي پڙهي رهيو هو ته: هن Facing Mount Kenya ڪتاب لکيو جيڪو سندس ايم اي پاس ڪرڻ ۾ ٿيسز هو. هي ڪتاب ايڏو مشهور آهي جو اڄ ڏينهن تائين لڳاتار ڇپبو رهي ٿو. هن ڪتاب ۾ جومو ڪينياتا عورتن جي طهر جي حق ۾ تمام گهڻو لکيو آهي ۽ سندس قبيلي Kikuyu جي ان رسم کي قائم رکڻ لاءِ هن تمام گهڻي وڪالت ڪئي آهي. بهرحال جومو جي هن ڳالهه به تمام گهڻي Controversy پيدا ڪئي آهي.
انگلنڊ ۾ رهائش دوران ۽ خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ هو مختلف پورهيا ۽ نوڪريون ڪندو رهيو. گهڻو وقت هن هارپو ڪيو ٿي، ڪڏهن ڪڏهن مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچر به ڏنا ٿي، ٻنين ۽ باغن ۾ ڏهاڙيءَ (Wage Worker) جي حساب سان ڪم ڪيو ٿي. هڪ فلم جيڪا 1943ع ۾ Sanders of the River جي نالي سان رليز ٿي ان ۾ ايڪسٽرا جو رول ڪيو اٿس. 1942ع ۾ جومو ڪينياتا ايدنا ڪلارڪ نالي هڪ انگريز آيا سان ٻي شادي ڪئي جنهن مان کيس پيٽر مئگنا نالي پٽ ڄائو.
جيئن جيئن ٻي عالمي جنگ (World war-II) وڌندي وئي، انگريزن جي حالت ڪمزور ٿيندي وئي. انڊيا جهڙا ڪيترا ئي ملڪ انگريزن ۽ يورپين کان آزاديءَ جي گهُر ڪرڻ لڳا. مختلف ملڪن جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ آزاديءَ جي تحريڪن جا پُر-جوش آفريڪي ۽ ايشيائي ميمبر، جيڪي لنڊن ۾ رهيل هئا، اهي هڪ هنڌ گڏجي ميٽنگون ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجن پنهنجن ملڪن کي غلاميءَ جي ڄار مان ٻاهر ڪڍڻ جو سوچڻ لڳا. ڊاڪٽر هئسٽنگس بانڊا (Banda) جيڪو پوءِ ملاوي (Malavi) ملڪ جو صدر چونڊيو ويو، ٻي جنگ دوران لنڊن ۾ ئي ڦاسي پيو جو مسافر کڻڻ وارا جهاز بيهي ويا هئا. بانڊا کي لنڊن ۾ پنهنجو گهر هو جتي جومو ڪينياتا ۽ آفريڪا جا ٻيا ليڊر آزاديءَ بابت ميٽنگون ڪرڻ لڳا. انهن مان ڪيترا آزادي ملڻ بعد پنهنجن ملڪن جا صدر ۽ وزيراعظم ٿيا، جيئن گهانا جو ڪوامي نڪرما، رهوڊيشيا جو هئري موانگا ڪوبولا، ڏکڻ آفريڪا جو ناول نويس پيٽر ابراهام ۽ ٻيا.
سيپٽمبر 1946ع  تي ڪينياتا پنهنجي برٽش زال کي اتي ئي “ڦِٽو ڪري” ڪينيا موٽيو ۽ گريس وانجيڪو نالي حبشڻ سان ٽين شادي ڪيائين ۽ گٿونگوري شهر جي “ڪينيا ٽيچرس ڪاليج” جو پرنسپال ٿي رهيو. سندس پراڻي پارٽي KCA تي انگريزن طرفان بندش لڳي چڪي هئي، ان جي جاءِ تي هاڻ KAU (ڪينيا آفريڪن يونين) ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي، جنهن جو ڪينياتا کي 1947ع ۾ صدر بنايو ويو. ڪينياتا سڄي ملڪ جا دورا ڪري ماڻهن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪئي.
1950ع ۾ جومو ڪينياتا جي ٽين زال ٻار ڄڻڻ دوران مري ويئي ۽ سال کن هن جي غم ۾ ڪاٽي نگيه مُوهوهو نالي هڪ ٻي حبشڻ سان چوٿين شادي ڪيائين. ان ئي سال برٽش حڪومت مائو مائو جي تخريبي ڪمن جي آڙ ۾ جومو ڪينياتا کي جهلي مٿس ڪيس هلايو. هي ڪيس ٽي چار مهينا هلندو رهيو. ڪورٽ جي جج کُلي طرح جومو جي مخالفت ڪئي. هن ڪيس کي سڄي دنيا ۾ وڏي مشهوري ملي. جج جومو ڪينياتا کي ڏوهاري قرار ڏيئي ست سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني. جومو جي جيل دوران برطانيا راڄ مائو مائو تحريڪ تي وڏي وٺ پڪڙ ۽ مار ماران ڪئي ۽ هن تحريڪ کي ذري گهٽ نابود ڪري ڇڏيو. جومو ڪينياتا جي غير حاضري ۾ تحريڪ ۽ سياسي پارٽي جو ڪم ٽام مبويا (Tom Mboya) هلائيندو رهيو ۽ KAU پارٽي کي هڪ نئين سياسي پارٽي KANU (ڪينيا آفريڪن نئشنل يونين) سان ملايو ويو. 21 آگسٽ 1961ع تي جومو ڪينياتا کي ان شرط تي آزاد ڪيو ويو ته هو ڪنهن به سياسي پارٽي جو عهديدار نه ٿيندو. انگريز سرڪار به هاڻ تڏا ويڙهه جي تيارين ۾ هئي. حالتن جو جائزو لڳائي انگريزن اهو ئي سوچيو ته ڪينيا کي هاڻ سندن ماڻهن حوالي ڪيو وڃي. هنن ڪينيا کي آزادي ڏيڻ کان اڳ ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون ۽ جوموڪينياتا حڪومت ٺاهي. 12 ڊسمبر 1963ع تي انگريزن ڪينيا کي آزادي ڏني، جنهن جو پهريون وزيراعظم جومو ڪينياتا ٿيو. هڪ سال بعد صدارتي نظام قائم ڪيو ويو ۽ جومو ڪينياتا صدر چونڊيو ويو. 1977ع ۾ جومو کي دل جو دورو پيو پر بچي ويو. 14 آگسٽ 1978ع تي هن ممباسا ۾ پنهنجي سڄي فئملي جي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ سندس انگلنڊ وارو پٽ پيٽر به پنهنجي فئملي سان ممباسا ۾ اچي مليو. پوري هفتي بعد 22 آگسٽ تي جومو ڪينياتا ننڊ ۾ گذاري ويو. پاڻ ان وقت 80 ورهين جي ڄمار جو هو. کيس 31 آگسٽ 1978ع تي نئروبيءَ ۾ دفن ڪيو ويو جتي سندس وڏو مقبرو ٺهيل آهي.
جومو ڪينياتا جي وفات وقت ملڪ جو نائب صدر ڊئنيل اراپ موئي هو جيڪو پوءِ جومو جي جاءِ تي ملڪ جو صدر ٿيو.

No comments:

Post a Comment