Friday, July 01, 2011

آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو - الطاف شيخ


آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو
الطاف شيخ
اڄ ڪلهه اسان پاڪستانين تي دهشتگردي جي سچن ڪوڙن الزامن لڳڻ ڪري ۽ اسان جي ملڪ جي ناڻي جو قدر بنهه ڪرڻ ڪري اسان لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ مسئلو ٿي پيو آهي. چاهي گهمڻ لاءِ وڃون يا ڪنهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ يا جاب ملڻ تي نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ وڃون، ڌارئين ملڪ جي ايئرپورٽ جي اميگريشن ۽ ڪسٽم پوليس کان جنهن پاڙي ۾ رهون ان جا پاڙيسري اسان تي شڪ ڪن ٿا ته ڪٿي اسان سندن امن ۾ رخنوته نه وجهنداسين. ڪي نشي واريون شيون ته سمگل نه پيا ڪريون، ڪٿي ڪو بم ڦاڙڻ لاءِ ڪو اليڪٽرانڪ سرڪٽ ته نه پيا ٺاهيون، گهر جي مسواڙ ڏيڻ بنا ڀڄي ته نه وينداسين. ٻيا ملڪ ته ٺهيو پر حج لاءِ سعودي عرب ٿا وڃون ته اتي به معلم اسانجو پاسپورٽ پاڻ وٽ ائين ٿو ضبط ڪري ڄڻ ته قيدي هجون. ايئرپورٽ تي اسانجي ملڪ جي مردن جي ته ڇا عورتن جي به اهڙي سخت چڪاس ڪئي وڃي ٿي جو دل ۾ اچي ٿو ته مذهب ۽ فرض جي پوئواري ڪري آيا آهيون گهمڻ لاءِ هرگز نه اچجي. پر ڏٺو وڃي ته هنن ڌارين ملڪن جو ڏوه ناهي. سنگاپور ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جو به ڏوه ناهي، جتي چرس هيروئن يا ڪو ٻيو نشو کڻي وڃڻ موت جي سزا آهي ان هوندي به اسان جا ماڻهو نٿا مڙن. ڪيترائي دفعا مرد ته مرد پر عورتون جدي ايئرپورٽ تي جهليون ويون جيڪي چرس ۽ هيروئن نه فقط پنهنجن چئمپلن ۾ لڪائي حج لاءِ پهتيون پر ڪئپسولن هي صورت ۾ پنهنجي پيٽ ۽ زنانن عضون ۾ لڪائي ايئرپورٽ مان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو برداشت ڪندو ته هڪ ڌاريون مهمان گهمڻ يا عبادت جو بهانو ڪري هنن جي ملڪ ۾  هنن جي ماڻهن کي نشي جي عادت وجهي هنن جي زندگي تباه ڪري.

سو اڄ ڪالهه اسان پاڪستانين لاءِ ڌارين ملڪن ۾ وڃي سير سفر جو ته ڪو سُک نه رهيو آهي. هر ڪو شريف ماڻهو چاهي ٿو ته ان کان گهر ۾ ويٺو هجان. ڪنهن کي نوڪري يا روزگار ملڻ تي به هو اهڙي خوشيءَ مان پرديس نٿو وڃي جيڪا خوشي اڄ کان چوٿو يا اڌ صدي کن اڳ ٿي ٿي. پاڪستان جي وزير مواصلات ۽ جهاز راني بابر غوري ٻڌايو ته هن پاڪستانين جي تفريح لاءِ هڪ ڪروزر (مسافرجهاز) جو ڪراچي ۽ دبئي جي وچ ۾ هلائڻ جو بندوبست ڪيو. وڏي مشڪل سان دبئي جي حڪومت اجازت ڏني پر اهو جهاز فقط هڪ Vayage ڪري سگهيو. ڪراچي کان دبئي پهچڻ تي، جيتوڻيڪ مسافرن جي هيڏانهن هوڏانهن ٿي وڃڻ جي ڊپ کان، سندن پاسپورٽ دبئي جي اميگريشن پوليس پنهنجي قبضي ۾ ڪري، پوءِ انهن پاڪستاني مسافرن کي دبئيءَ گهمڻ لاءِ بندرگاه کان ٻاهر ڪڍيو. ٻن ڏينهن بعد جڏهن جهاز دبئي مان لنگر کڻڻ وارو هو ته خبر پيئي ته چار ڄڻا واپس نه موٽيا جن جا پاسپورٽ پوليس وٽ هئا. هنن ضرور سوچيو هوندو ته پاڪستان وانگر دبئي يا ٻين ملڪن ۾ به، غير قانوني طرح رهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ سولو ڪم آهي. پر، افسوس جو ائين ناهي. ڪجهه ڏينهن اندر هو جهلجي پيا ۽ هاڻ ٻن سالن کان اتي جي جيلن ۾ آهن. هنن پنهنجي لاءِ به مصيبت پيدا ڪئي ۽ ٻين جو به سير تفريح بند ڪرايو. اڄ دبئي ۾ انڊيا، سري لنڪا ۽ ٻين ملڪن جا ڪروزر لائينر (سير و سياحت وارا مسافر آڻيندڙ جهاز) ايندا رهن ٿا، پر پاڪستان جي ان سامونڊي سفر بعد اسان جي مسافر جهاز کي دبئي جي بندرگاه ۾ گهڙڻ کان منع ڪيو ويو آهي.
بهرحال اڄ کان ويهارو سال اڳ تائين مختلف ملڪن جي سير و سفر لاءِ نڪرڻ تمام آسان هوندو هو. ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ 1990ع تائين ۽ جپان ڪوريا جهڙن ملڪن ۾ 1980ع تائين ڪنهن اڳواٽ ويزا وٺڻ جي به ضرورت نه پوندي هئي. بس دڪان تان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪري جهاز ۾ چڙهبو هو ۽ ٽوڪيو يا ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي ان ملڪ جو اميگريشن آفيسر اسان جي سائي پاسپورٽ تي ٻن، ٽن ۽ ڪڏهن ته ڇهن مهينن جي ويزا جو به ٺپو هڻي ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ نه رٽرن ٽڪيٽ جو پڇيو ويو ٿي ۽ نه بئنڪ اڪائونٽ جي سلپ ڏيکارڻ جي ضرورت پئي ٿي ته آيا اسانجي اڪائونٽ ۾ ڪافي بئلنس آهي يا نه. منهنجو مطلب آهي ته انهن ڏينهن ۾ انگلنڊ، آمريڪا يا يورپ جپان وڃڻ ڪو اهڙو ڏکيو نه هو. ٻاهر وڃڻ لاءِ ”ويزا“ جو مسئلو ٿو ٿئي سا اسان کي سولائيءَ سان ملي وئي ٿي. پر انهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن ڪي ڌاريان ملڪ هئا جن ۾ وڃڻ مسئلو هو ته اهي آفريڪا جا ملڪ هئا. اڄ به آفريڪا جي ملڪن ڪينيا ۽ تنزانيا هجي يا موزمبق ۽ يوگنڊا، ائنگولا ۽ چاڊ هجي يا ڪانگو ۽ نائيجيريا، وڃڻ ايڏو سولو ناهي جهڙو ايشيا، يورپ يا آمريڪا جي ملڪن ڏي. ان ڏکيائيءَ جو سبب ويزا ملڻ کان انڪار ناهي، پر آفريڪا ۾ ڪجهه اهڙيون بيماريون آهن، جن تي انهن ملڪن جي حڪومت ڪنٽرول ڪري نه سگهي آهي، جيئن ته ييلو فيور آهي. هن بخار جا جراثيم جڏهن مڇر ذريعي انسان جي رت ۾ داخل ٿين ٿا ته هن جو جيرو خراب ٿيو پوي ۽ سخت بخار سان گڏ جسم جو رنگ هئڊو ٿيو وڃي ۽ جلد ئي موت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيئن اسان وٽ يا انڊيا ۾ ايندي يورپ پاسي جا ماڻهو مليريا ۽ ٽائيفائيد جي ڪري ڊڄن ٿا ۽ اچڻ کان گهٻرائين ٿا. مليريا مڇرن جي ڪري ٿئي ٿي ۽ مڇر ته آمريڪا توڙي جپان ۾ به آهن. ملائيشيا جهڙو ملڪ ته جهنگل آهي، جيڪو مڇرن سان ڀريو پيو آهي، پر اتي جي حڪومتن مليريا واري جراثيم Parasite جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ توڙي کڻي مڇر چڪ هڻي ته به ڪنهن کي مليريا نٿي ٿئي. اهڙيءَ طرح هنن پوليو ۽ ٽائيفائيڊ بيماريون پئدا ڪندڙ جراثيمن جو به خاتمو ڪري ڇڏيو آهي.
آفريڪا ويندڙن کي جن موذي بيمارين کان پاڻ کي بچائڻ کپي هئڊو بخار (Yellow Fever) انهن مان هڪ آهي. هن بيماريءَ جا جراثيم (Parasites) مادي مڇر ذريعي انسان جي رت ۾ داخل ٿين ٿا. مڇر جي چڪ بعد ٽن کان ڇهن ڏينهن اندر هن بيماريءَ جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون. ڪيترين حالتن ۾ هيءَ بيماري هلڪي نوعيت جي ٿئي ٿي. مريض کي فلو، بخار، مٿي جو سور، پٺيءَ جو سور ۽ ٿڌ ٿئي ٿي. بک صفا مريو وڃي. دل ڪچي ۽ الٽيون به ٿين ٿيون، پر هي سڀ ڪجهه چار پنج ڏينهن مس رهي ٿو ۽ بنا دوا جي به مريض صحيح ٿيو وڃي. ان بعد ساڳي بيماري جو جيڪو ٻيو دفعو حملو ٿئي ٿو اهو خوفناڪ آهي. 20 سيڪڙو مريضن کي هيءَ بيماري اٿلي ٿي ۽ ان ۾ بخار سان گڏ مريض جو جيرو به تباهه ٿيو وڃي ۽ سخت قسم جي سائي (Jaundice) ڪري هن جو رنگ هئڊو ٿيو وڃي-  جنهن تان هن بيماريءَ جو نالو پيو آهي. مريض کي چيلهه ۾ سور سان گڏ وات، اکين ۽ آنڊي مان رت اچڻ شروع ٿئي ٿو. الٽيءَ ۾ به رت اچي ٿو ۽ هيءَ بيماري موت جو سبب بڻجي ٿي.
اڳ ۾ هيءَ بيماري فقط آفريڪا کنڊ تائين محدود هئي پر پوءِ سورهين صديءَ ۾ غلامن جي واپار ڪري، هيءَ بيماري ڏکڻ آمريڪا ۾ به پکڙجڻ لڳي، جتي آفريڪا مان آندل غلامن کي، جهنگ صاف ڪرڻ ۽ ڪيلي ۽ ڪمند پوکڻ جهڙن ڪمن ۾ جوٽيو ويو ٿي. يورپ ۽ انگلنڊ کان جيڪي گورا ايشيا ۽ آفريڪا آيا ٿي انهن مان ڪيترائي همراه مليريا ۽ ييلو فيور ڪري مرڻ لڳا. ايتري قدر جو آفريڪا کنڊ سفيد کل واري ماڻهوءَ جو قبرستان سڏجڻ لڳو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته آفريڪا جي شيدين کي غلام بنائي وڪري لاءِ ڏکڻ آمريڪا پهچايو پئي ويو، جيڪي پاڻ سان ان قسم جون بيماريون، اتي به پکيڙي رهيا هئا. ان جو مثال فقط هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1890ع ۾ جڏهن آمريڪا (USA) جي سپاهين ڪيوبا تي حملو ڪري، ان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو ته هن جنگ ۾ آمريڪا جا جيترا ماڻهو ميدان جنگ ۾ مئا ان کان تيرهوڻا ماڻهو Yellow fever ڪري مري ويا. يورپين ۽ انگريزن جون وايون بتال ٿي ويون ته هي هئڊو بخار ڪيئن ٿئي ٿو. آيا بيمار جي ٿانون ۾ کاڌو کائڻ ڪري يا بيمار جي جسم کي ڇهڻ ڪري. هيءَ بيماري مريضن جي ساهه ذريعي پکڙي ٿي يا ٽائفائيڊ وانگر مريض جي Toilet مان لڳي ٿي. پوءِ 1900ع ۾ وڃي پڪ ٿي ته اها بيماري مڇرن جي چڪ لڳڻ سان transmit ٿئي ٿي ۽ 1930ع ڌاري هن بيماريءِ جي بچاءَ لاءِ وئڪسين ڊيولپ ڪئي وئي، جيڪا 1951ع ۾ ڪامياب طريقي سان بنائي وئي. هن دوا جي ايجاد ڪندڙ کي نوبل پرائيز ڏني وئي هئي.
اسان جو جهاز سال ڏيڍ کن يورپ ۽ ملائيشيا ۽ چين پاسي جا چڪر هڻي هاڻ 1969ع ۾ ڪراچي کان جپان وڃڻو هو ته اوچتو شيڊول ۾ تبديلي آئي ته ڏور اوڀر ڏي وڃڻ بدران ممباسا ۽ موزمبق جي بندرگاه موپوتو مان ٿي انگلنڊ وڃڻو پوندو. ان سان گڏ اها به خبر ڏني وئي ته جهاز جي سڀني ماڻهن کي Yellow Fever جي سئي لڳندي. اسان لاءِ اها اڻ وڻندڙ ڳالهه هئي جو اسان کي اها به خبر پيئي ته ييلو فيور بخار جي سئي لڳڻ ۾ سور ٿئي ٿو ۽ ٻه ڏينهن کن بخار رهي ٿو. جهاز جلدي لنگر کڻڻ وارو هو. ڪجهه کي اهي سيون لڳيون، ٻيا بچي ويا. پر ممباسا جي ويجهو پهچي خبر پيئي ته اسان جي جهاز ران ڪمپنيءَ باقي رهيلن کي هتي سئي لڳرائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. ممباسا جي ٻاهران کلئي سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي بيٺاسين. اميگريشن جي عملي سان گڏ ڪينيا جي هيلٿ ڊپارٽمينٽ جو ڊاڪٽر به آيو ۽ باقي رهيلن کي جڏهن سيون لڳي ويون ته پوءِ جهاز کي بندرگاه ۾ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. بعد ۾، جڏهن آفريڪا جا بندرگاه ڪري انگلنڊ پهتاسين ته خبر پيئي ته اسان جي جهاز جي ڪجهه ماڻهن ممباسا جي ڊاڪٽر کي ڪجهه رشوت ڏيئي پنهنجو پاڻ کي سئي هڻائڻ کان بچائي ورتو هو. ان وقت ته اسان کي انهن تي ڏاڍي حسرت ٿي ته هو وڏا سياڻا نڪتا پر پوءِ جڏهن اسان کي هن موذي مرض جي ڄاڻ ٿي ته اهو ئي محسوس ڪيوسين ته آفريڪا جي ڪنهن به ملڪ ۾، چاهي کڻي سائوٿ آفريڪا جهڙو ماڊرن ملڪ هجي، ييلو فيور جي بچاءَ واري سئي لڳرائڻ بنا هرگز نه وڃجي.

No comments:

Post a Comment