‘زهينگ هي’ جا آفريڪا ڏي سفر
الطاف شيخ
گذريل هڪ مضمون ۾ پاڻ ڪجهه اهڙن ناليوارن سياحن (Tourists) جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪي آڳاٽي زماني ۾ آفريڪا جي هن اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن ممباسا ۽ ملينديMalindi ۾ آيا جيڪي اڄ ڪلهه ڪينيا جا شهر آهن. انهن ٽوئرسٽن ۾ ابن بطوطا جيڪو مراڪش کان آيو ۽ پورچوگال جو واسڪو ڊاگاما به آهي. ابن بطوطا خشڪي رستي حج لاءِ مڪي پهتو. اتان پوءِ ٻيڙيءَ رستي بحر احمر Red Sea ٽپي پوءِ اوڀر آفريڪا جو ڪنارو وٺي ممباسا پهتو. هوڏانهن واسڪوڊاگاما گهران (لسبن کان) سامونڊي سفر ڪيو ۽ پهريون يورپي آهي جيڪو ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ اڪري ممباسا ۽ مليندي پهتو. اهڙي طرح انهن ڏينهن ۾ زهينگ هي Zheng Heنالي هڪ مسلمان سياح، جهازران Mariner، نئين دنيا جي ڳولائوءَ Explorer ۽ جهازن جي فليٽ ائڊمرل پنهنجي شان شوڪت ۽ رعب تاب سان آفريڪا جي هنن بندرگاهن ۾ پهچي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. واسڪوڊ اگاما ته پاڻ سان 5 جهاز کڻي ڳوٺان نڪتو هو، جنهن مان ٻه جهاز ته ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان مڙندي ٻڏي ويا هئس. ابن بطوطا هڪ عام ڪمزور تختن واري ٻيڙيءَ ۾ آيو پر زهينگ هي (جنهن جو نالو حاجي محمود شمس هو، زهينگ هي سندس چيني لقب هو) هڪ نه ٻه نه پر 200 کن جهازن جي فليٽ سان گڏ سفر ڪيو ٿي جنهن ۾ پنجاهه سٺ کن جهاز ته بيحد وڏا، سهڻا ۽ قيمتي تحفن سان ڀريل رهيا ٿي جيڪي تحفا هن چين جي حاڪم طرفان مختلف سلطنتن ۽ ملڪن جي سردارن، بادشاهن ۽ حاڪمن کي ڏنا ٿي. اهي جهاز ٽريزر شپ (خزاني وارا جهاز) سڏبا هئا ۽ انهن جهازن جي اڏاوت ۽ ڪاريگريءَ نه فقط ان وقت جي عام ماڻهو ۽ جهاز سازن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر اڄ به اسين تعجب کائون ٿا ته ان وقت جڏهن هر ڳالهه جي تر جيتري ترقي مس ٿَي ٿِي اتي چيني ماڻهن جهاز سازيءَ ۾ ايڏي وڏي پئماني تي ترقي ڪيئن ڪئي!
ملائيشيا جو ملاڪا شهر، جتي ڏهه سال کن رهيس ۽ اهڙا ڏهه سال ان علائقي ۾ جهاز هلايم، هن چيني جهازران حاجي محمود شمس (Zheng He) جي يادگيرين ۽ يادگارن سان ڀريو پيو آهي. هن ان وقت جن چيني مسلمانن کي پنهنجي هر سفر دوران ملاڪا ۾ Settle ڪرايو انهن جو اولاد اڃان تائين اتي هلندو اچي. انهن ڏينهن ۾ جيئن آفريڪا پاسي ممباسا هو تيئن ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ملاڪا هو. ممباسا ۽ ملاڪا صدين کان پنهنجي پنهنجي تر جا وڏا، مشغول ۽ امير ترين شهر، بندرگاهه ۽ گاديءَ جا هنڌ هئا. اڄ کان فقط هڪ ڏيڍ صدي اڳ نئروبي، ڪينيا، ملائِيشيا، ڪوالالمپور، پينانگ ۽ سينگاپور جو نه وجود هو ۽ نه ڪنهن نالو ٻڌو هو. “زهينگ هيءَ” 1405ع کان 1433ع تائين جهازن جي لَڏي Fleet سان ست سامونڊي مسافريون ڪيون. ان بعد ٻن سالن کان پوءِ 1435ع ۾ وفات ڪيائين. سندس جهاز چين کان نڪري اولهه جو رخ اختيار ڪيو ٿي ۽ چيني سمنڊ، خليج بنگال، هندي وڏي سمنڊ، اوڀر آفريڪا (ڪن جو ته چوڻ آهي ته ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپي اولهه آفريڪا ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ) جي بندرگاهن ۾ به پهتو ٿي. اسان وٽ- يعني ننڍي کنڊ ۾ ابن بطوطا، سندباد سيلاني ۽ مارڪو پولو جهڙا سامونڊي سياح مشهور آهن جو اهي اسان جي شهرن ۾ آيا پر ملائيشيا، سري لنڪا، سيام (ٿائلنڊ) ويٽنام ۽ آفريڪا پاسي ‘زهينگ هي’ جو نالو هر هڪ جي زبان تي آهي ۽ هن جي دليراني ۽ پُر اعتماد سامونڊي سفرن تي هو واقعي داد لهڻي. سندس سفرن جو احوال پهرين چيني زبان ۾ آيو ۽ هاڻ ته دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ اچي ويو آهي. جنهن جو هر زبان ۾ عنوان آهي: “هڪ کدڙي سان بائو جو مغربي سمنڊن ڏي سفر.”
“Eunuch Sanbao to the Western Ocean”
بهرحال هن سفرنامي ۾ ‘زهينگ هي’ جي ستن سفرن جو احوال آهي جيڪي هن 28 سالن ۾ (1405ع کان وٺي 1433ع تائين) مڪمل ڪيا. اٺين سفر تي هرمز (ايراني نار) وٽ 1935ع ۾ سندس جهاز جو ڪنهن آبدوز ٽڪريءَ سان ٽڪر ٿيڻ ڪري ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو ۽ زهينگ هي 78 ورهين جي ڄمار ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. سندس قبر انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا تي ‘سيمارنگ’ نالي شهر ۾ آهي. سيمارنگ (Semarang)15 لک آدم شماري وارو جاوا ٻيٽ جي اتر ڪناري وارو شهر آهي. جڏهن سڄي انڊونيشيا تي ڊچن جو راڄ هو ته انهن ڏينهن ۾ سيمارنگ هڪ اهم بندرگاهه هو. هينئر به انڊونيشيا جو پنجون نمبر وڏو شهر آهي. سندس گهڻي آدم شماري چيني ماڻهن جي آهي جن جا وڏا ‘زهينگ هي’ جي ڏينهن ۾ هتي پڻ اچي رهيا. هتي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن شهر جو نالو سيمارنگ “زهينگ هي” جي ننڍپڻ جي نالي سان بائو تان “سان بائو لُونگ” يعني سان بائو جو شهر رکيو ويو جيڪو وقت سان گڏ اچارڻ ۾ بدلجي ‘سيمارنگ’ ٿي ويو. بهرحال جاوا ۽ سماترا جي علائقي ۾ وڏو عرصو جهاز هلائڻ ۽ پاڙي ۾ رهڻ ڪري ان بابت ٻه ٽي سٽون وڌيڪ لکي ويٺو آهيان ۽ اهو به لکندو هلان ته جاوا ٻيٽ تي اسان جي سنڌ جا وڻجارا صدين کان ويندا رهيا ۽ اڄ به ڪيترائي سنڌي هندو رهن ٿا، ان ٻيٽ (جاوا) جو هي شهر Semarang يونيورسٽين ۽ تعليمي درسگاهن کان مشهور آهي. انهن مان هڪ يونيورسٽي “سلطان اگونگ اسلامڪ يونيورسٽي” پڻ آهي. ‘ائڊ مرل زهينگ هي’ پهريون دفعو هن شهر ۾ پنهنجي پهرين سفر (Voyage) ۾ 1405ع ۾ آيو هو ۽ سندس ان وقت جي آمد جي ياد ۾ ‘سان بائوڪانگ’ نالي چيني مندر ٺاهيو ويو هو جيڪو اڄ تائين قائم آهي. بهرحال موسم، امن، سونهن، سستائي ۽ سياحت جي خيال کان هن پاسي جا هي شهر سيمارنگ يا سوربايا ۽ بالي وغيره ڏسڻ وٽان آهن، جتي توهان کي هندن جا آڳاٽا مندر، مسلمانن جون مسجدون ۽ ڊچن جا ڪليسا گهر (ڪئٿيڊرل) به نظر اچن ٿا ته ماڊرن عمارتون، ڪلب ۽ ڪاليج يونيورسٽيون به ملن ٿيون ۽ سمنڊ جو ڪنارو، مينهن بارش ۽ گهاٽا جنگل ۽ گل گلڪاريون ته جتي ڪٿي آهن.
چين جو مشهور سياح، جهاز ران، دنيا جو ڳولائو (Explorer) زهينگ هي (Zheng He) جيڪو چينگ هو به سڏجي ٿو، جنهن جو ڄمڻ وقت نالو (Ma Ha) ۽ ماسان بائو پڻ هو. چين ۾ اهي نالا ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪو ٻار ٻن يا ٽن ٻارن مرڻ بعد، ڄمي ٿو ته ان کي مٿس رکيل نالي کان علاوه ‘الله بچايو’ به سڏين ٿا، سندس نالو ڪنهن وڏي جو آهي ته پوءِ ڪي مائٽ هن کي ڏاڏا به سڏيندا ته ڪي نانا به. ڪو شاعر يا اديب هجڻ ڪري ساقي، مدهوش، بيوس، صحرائي يا ٿري پيو سڏبو. سو چين ۾ به نالن جو وڏو مونجهارو آهي خاص ڪري ڌارئين ماڻهوءَ کي خبر نٿي پوي ته “ڊاڪٽر رخسانا پريت چنڙ” يا “ڊاڪٽر عبدالڪريم محمد صالح ادل سومرو” ۾ اصل نالو ڪهڙو آهي ۽ سندس تخلص، ذات ۽ ڳوٺ ڪهڙو آهي؟ سو هن چيني مسلمان سياح جو به اسلامي نالو حاجي محمود شمس هو باقي ٻيا نالا ائين آهن جيئن پاڻ وٽ پپو، گُلو، بابو يا بابا وڏو، رب ڏنو، الله ورايو وغيره. هن سياح کي دنيا جنهن نالي سان سڃاڻي ٿي اهو “زهينگ هي” آهي پر چين ۾ مختلف چيني لکڻين ڪري نالن ۾ ائين فرق اچي ٿو، جيئن علي ڏنو اڙدو ۾ لکڻ سان علي ڊنو ٿيو وڃي ۽ ٻٻر لوءِ شهر ببرلو ٿيو وڃي. بهرحال هتي پاڻ به حاجي محمود شمس کي “زهينگ هي” ئي سڏينداسين جيڪو ڏور اوڀر ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ وڌيڪ عام آهي.
زهينگ چين جي ڏاکڻي صوبي يون نان (Yunnan)۾ هڪ مسلمان گهراڻي ۾ 1371ع ۾ ڄائو. پاڻ هن فئملي ۾ ٻيو پٽ هو جنهن کي چار ڀيڻون پڻ هيون. زهينگ جو ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو “حاجي” سڏبا هئا يعني هو مڪي مان حج ڪري آيا هئا. زهينگ پاڻ کڻي سمنڊ رستي جدي پهچي حج ڪيو پر سندس ڏاڏي ۽ پڙڏاڏي خشڪي رستي حج ڪيو ۽ جنهن چين جي صوبي يون نان ۾ هي رهيا ٿي اهو سعودي عرب ته ڇا پاڪستان کان به پري آهي يعني ميانمار (برما) ، لائوس ۽ ويٽنام جي بارڊر تي آهي. هنن جو واسطو ۽ وفاداري ان وقت جي ان علائقي جي حاڪمن منگولن سان هئي. سن1381ع ۾، جنهن سال زهينگ هي جو پيءُ وفات ٿو ڪري، چين جي منگ حاڪم يون نان ۾ منگولن کي ماٺ ڪرائڻ ۽ سندن طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ وڏي فوج موڪلي جنهن يون نان صوبي ۾ وڏي تباهي مچائي ۽ منگولن کي آڻ مڃڻي پيئي.
محمود شمس جيڪو ان وقت ‘ماهي’ (Ma He) پڻ سڏبو هو فقط يارهن سالن جو هو. ٻين ٻارن سان گڏ هن کي به ان وقت جي منگ بادشاهه “جيان وين” (Emperor Jianwen) جي درٻار ۾ موڪليو ويو، جتي هن کي کدڙو ڪري حرم جي ڪم ڪار لاءِ رکيو ويو. حرم ۾ کيس هرڪو ‘سان بائو’ معنيٰ ٽن هيرن وارو سڏيو ٿي ۽ شهنشاهه جي 21 ورهين جي ڄمار واري شهزادي يونگل جي خذمت ۾ لڳايو ويو. يونگل (جنهن جو ڄمڻ وقت نالو زهودي Zhudi هو ۽ جيڪو Chu Ti به پڙهيو ويو ٿي جيئن ٺٽو اڙدو ۾ ٺٺا لکيو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ان کي ٽهٽهه به پڙهن ٿا) 1360ع ۾ ڄائو هو ۽ اڳتي هلي پنهنجي پيءُ “جيان وين” کي تخت تان لاهڻ بعد 1402ع کان 1424ع تائين منگ سلطنت جو ٽيون نمبر شهنشاهه ٿيو. چون ٿا، بلڪ ائين لکڻ کپي ته اها تاريخي حقيقت آهي ته زهنگ هي (جيڪو محل ۾ سان بائو کدڙو سڏيو ويو ٿي) پنهنجي آقا يونگل جي نه فقط ايمانداري سان خذمت ڪئي پر هن کي پڻس کان تخت و تاج حاصل ڪرڻ واري اٽڪل بازي ۾ وڏي مدد ڪئي. انهن خذمتن ڪري شهزادي يونگل شهنشاهه ٿيڻ تي محمود شمس کي سان بائو کدڙو سڏڻ بدران زهينگ هي” جي خطاب سان نوازيو. 1924ع ۾ شهنشاهه يونگل جي وفات بعد سندس پٽ ‘هانگ زي’ (Hongxi) تخت تي ويٺو جنهن 1925ع ۾ زهينگ هي کي نانجنگ جو سالار مقرر ڪيو. ان ئي سال هانگ زي 47 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ ان جو پٽ زئان دي (Xuande) تخت تي ويٺو. هن بادشاهه جي ڏينهن ۾ ۽ هن بادشاهه جي حڪم تي زهينگ هي 1928ع ۾ نانجنگ ۾ نوماڙ ٻوڌي مندر دابائوئِن (Buddhist temple Da Baoen) ٺهرايو جنهن کي ڏسڻ لاءِ اڄ تائين دنيا جا سياح چين پهچي نانجنگ ۾ وڃن ٿا. منگ گهراڻي جو ٽيون شهنشاهه يونگل 1402ع ۾ جيئن ئي تخت تي ويٺو ته هن زهينگ هي کي جهاز ٺاهي سامونڊي سفر شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪي هن 1405 کان شروع ڪيا. يونگل بعد منگ گهراڻي جي چوٿين شهنشاهه ۽ پوءِ پنجين جي ڏينهن ۾ به هن سفر قائم رکيا ۽ هن شهنشاهه جي ڏينهن ۾ ست سفر 1433ع ۾ مڪمل ڪري اٺين لاءِ نڪتو هو، جو 1435ع ۾ جڏهن زهينگ هي جا ٻيڙا (fleet) هرمز کان موٽي رهيا هئا ته سندس وفات ٿي. ان ئي سال منگ گهراڻي جي هن پنجين شهنشاهه Xuande پڻ وفات ڪئي، ان بعد چين جي هنڌ ٽريزر جهازن (Treasure Ships) جيڪي 200 کان 300 جي تعداد ۾ ٽولو (Fleet) ٺاهي سمنڊ تي وڏي شان ۽ دٻدٻي سان هليا ٿي، انهن جي سفرن کي ٻنجو اچي ويو. “زهينگ هي جو مقبرو چين ۾ آهي ۽ سيمارنگ (جاوا) ۾ قبر آهي، جن تي ‘زهينگ هي’ جي تعارف خاطر ڪتبا پڻ لڳل آهن پر انهن جي هيٺ ڪجهه به ناهي، ڇو جو ‘زهينگ هي’ جو موت ائين ٿيو جيئن جهازرانن جو سمنڊ تي ٿيندو آهي ۽ کين سمنڊ اندر ڦٽو ڪيو ويندو آهي.
منهنجي جهاز ساز (Architect) انجنيئر دوستن ۽ عام پڙهندڙ جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته ائڊمرل زهينگ هي (حاجي محمود شمس) جي فليٽ ۾ هڪ هڪ جهاز ايڏو وڏو ۽ سهڻو هو جو ان دور ۾ سؤ سال کن اڳ ۽ پوءِ ڪاٺ جا اهڙا جهاز ٺهي نه سگهيا. مثال طور زهينگ هي 1405ع ۾ جڏهن پهرين سفر تي نڪتو ته هن سان گڏ 62 ٽريزر (treasure) جهاز هئا ۽ 190 ننڍا جهاز هئا. وڏن جهازن تي 500 کن ماڻهو به رهي سگهيا ٿي ۽ ان پهرين سفر ۾ جملي ماڻهو 27800 هئا. هڪ هڪ ٽريزر شپ 416 فٽ ڊگهو ۽ 170 فٽ ويڪرو هو. ڏٺو وڃي ته اڄ جي ماڊرن دور جي حساب سان به هن قسم جي جهاز کي وڏو چئي سگهجي ٿو. يعني تقريباً فٽ بال گرائونڊ جيڏو هو. هر هڪ جهاز 1500 ٽن سامان کنيو ٿي. جي مڻن جو حساب لڳائڻ چاهيو ٿا ته 1500 کي 28 سان ضرب ڏيو. ان وقت جي جهاز کي جيڪڏهن اڄ جي دور سان ڀيٽ ڪندائون 1200 ٽنن جو جهاز فقط 200 فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. اهي جهاز جن سان گڏ ڪولمبس آمريڪا ڏي نڪتو هو، اهي 70 کان 100 ٽن وزن جا هئا جن جي ڊيگهه 55 فٽ هئي. سو ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا. ته چين جي جهازن جي فليٽ جو ڇا رعب رهندو هوندو. هر هڪ جهاز آفت هو جنهن کي 9 کوها (masts)هئا ۽ چار ماڙ ڊيڪ (decks) هئا. جن مان هر هڪ تي 500 کن ماڻهو رهي سگهيا ٿي ان کان علاوه تمام گهڻو وزن پڻ کنيائون ٿي. انهن ماڻهن ۾ ڪيترائي ناکئا (Navigators)، سولجر، خلاصي، ڊاڪٽر، ڪم ڪار وارا، ترجمو ڪندڙ ۽ روز مره جي ڊائري لکڻ وارا هوندا هئا.
جن جو دبئي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو اهي اتي جي ابن بطوطا مال ۾ نمائش لاءِ رکيل زهينگ هي ۽ ڪراسٽافر ڪولمبس جي جهاز جي ڀيٽ ڪري اندازو لڳائي سگهن ٿا ته زهينگ هي جا جهاز ڪيڏا وڏا هئا. 1405ع ۾ جيڪي جهاز زهينگ هي هلايا ان سائيز جا جهاز 400 سالن بعد اوڻهين صديءَ ۾ لوهه جا ٺاهيا ويا، جڏهن ٻاڦ جي انجڻ ايجاد ٿي هئي.
No comments:
Post a Comment