ابنِ بطوطا ۽ ٻين جي ممباسا ۾ آمد
الطاف شيخ
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوڀر آفريڪا وارو ڪنارو جنهن کي هندي وڏو سمنڊ ڇهي ٿو، ان تي ممباسا تمام جهونو ۽ مشغول بندرگاهه ليکيو ويو ٿي. پورچوگالي، انگريز ۽ ٻيا يورپي ته گهڻو گهڻو پوءِ آيا پر ايراني، مصري، عرب، سومالي ننڍي کنڊ جا واپاري، هنرمند، پورهيت صدين کان ممباسا ۾ ايندا رهيا. هو پاڻ کي به خوشحال بڻائيندا رهيا ته ممباسا کي به سکيو ستابو ٺاهيندا رهيا. اڄ به انهن ماڻهن جي پنجين يا ڇهين ٽهي (جنريشن) ممباسا جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ماضيءَ ۾ ممباسا ائين هو جيئن اتر ۾ عدن، ڏکڻ ۾ ڪولمبو ۽ اوڀر ۾ جاوا – جنهن لاءِ سنڌ ۾ چوڻي مشهور آهي ته ”جيڪي ويا جاوا، سي هميشه ٿيا ساوا.“
ممباسا بابت لکت ۾ گهڻو مواد پورچوگالي ڊائرين ۽ Chronicles مان ملي ٿو. سڀ کان آڳاٽيون لکڻيون 16 صديءَ جون آهن. هي لکڻيون ان وقت جون آهن جڏهن پورچوگالين ٺٽي کي 1555ع ۾ ساڙيو ٻاريو. 1558ع ۾ آدم شاهه ڪلهوڙي جي وفات ٿي، بعد ۾ ان صديءَ جي آخر ۾ 1592ع ۾ مرزا جاني بيگ ترخان کي شڪست آئي ۽ مغل شهنشاهه اڪبر سنڌ کي دهليءَ سان شامل ڪري ڇڏيو. بهرحال پورچوگالين جا ممباسا بابت لکيل هي Chronicles تواريخِ طاهري کان به آڳاٽا آهن جيڪا مير طاهر محمد نسيانيءَ 1621ع ۾ لکي.
ممباسا بابت ابن بطوطا به پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي. ابن بطوطا هڪ مسلمان سياح هو. سندس نالو ابوعبدالله محمد هو. پاڻ 1304ع عيسوي سن ۾ موراڪو (مراڪش) جي شهر طنج (Tangir) ۾ ڄائو. يعني مغل شهنشاهه همايون ۽ بابر کان به گهڻو اڳ ڄائو. 21 سالن جي ڄمار ۾، يعني 1325ع ۾ هو گهران حج لاءِ نڪتو پر پوءِ موٽڻ کان اڳ ملڪ ملڪ گهمندو رهيو. هو سنڌ ۾ به آيو ۽ پنهنجي سفر ۾ بکر، سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ٺٽي جي ڳوٺ جنهاڻ سومرا جو به احوال لکيو اٿس. هو عدن پهچڻ بعد اوڀر آفريڪا وارو ڪنارو ڏيئي ممباسا پهتو هو. عدن کان پهرين زيلا شهر پهتو جنهن ۾ هن کي چار ڏينهن لڳا. اڄ جو ماڊرن شهر زيلا (Ziala) جبوتي کان 24 ميل پري ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) جي ڪناري تي آهي. هن سمنڊ جي اتراهين ڪناري تي جده ۽ عدن جهڙا شهر آهن ته ڏاکڻي ڪناري تي جبوتي ۽ زيلا وغيره. زيلا لاءِ ابن بطوطه لکي ٿو ته ”هن شهر جا مسلمان ڪارا شيدي آهن ۽ بربرا سڏجن ٿا. هو امام الشافعي مڪتبِ فڪر جا مسلمان آهن. ڪيترائي شيعا مسلمان آهن جيڪي رڍون ۽ اٺ چارين ٿا.“
زيلا بعد ابن بطوطا مغديشو (سوماليا) آيو. اڄ جي حساب سان اهو ٽن چئن ڏينهن جو سامونڊي سفر آهي پر ابنِ بطوطا جنهن تختي واري ٻيڙيءَ ۾ ۽ جنهن زماني ۾ سامونڊي سفر ڪري رهيو هو ان ۾ اڃان انجڻيون ايجاد نه ٿيون هيون. اهي سڙهن وارا ٻيڙا، هوا جي رحم و ڪرم تي هليا ٿي ۽ ابن بطوطا کي زيلا کان مغاديشو پهچڻ ۾ مهينو لڳي ويو. انهن ٻيڙين ۾ ڇا ته سِي سڪنيس ٿيندي هئي ان جو اندازو توهان ابن بطوطا جي هن ڳالهه مان ئي لڳائي سگهو ٿا: ”مغديشو ۾ سڪل مڇي ۽ اٺن جي رت جي ايڏي ته ڌپ هوندي جو رات جو پنهنجي جهاز تي وڃي سمهندو هوس جيتوڻيڪ رف سمنڊ ڪري سڄي رات جهاز لڏندو رهيو ٿي.“ يعني ان زماني جي جهازن جي بندرگاه ۾ به اها حالت هئي.
مغديشو ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ ۽ اتي جي سلطان جون دعوتون کائڻ بعد ابن بطوطا وڌيڪ ڏکڻ ڏي سفر شروع ڪيو. سوماليا کان پوءِ ڪينيا ۽ تنهن بعد تنزانيا ۽ موزمبق آهي.
ابن بطوطا لکي ٿو ته هن جو جهاز ڪِلوا ۽ زنج بعد ممباسا پهتو. ممباسا لاءِ ابنِ بطوطا لکي ٿو ته ”اتي اناج جي پوک نٿي ٿئي. ممباسا جي رهواسين لاءِ سمورو اناج ڀر وارن ٻيٽن ۽ شهرن کان آيو ٿي. ممباسا جي ماڻهن جو عام کاڌو مڇي ۽ ڪيلو آهي. ممباسا جا مسلمان شافعي آهن. هو بيحد ايماندار ۽ اعتبار جوڳا لڳن ٿا. هنن جون مسجدون ڪاٺ جون ٺهيل آهن. هر مسجد جي در اڳيان هڪ يا ٻه کوهه آهن. مسجد ڏي هر هڪ اگهاڙن پيرن سان وڃي ٿو....“
ڪِلوا (Kilwa Kisiwani) اوڀر آفريڪا جي هڪ ٽريڊنگ پوسٽ هئي. 9 صديءَ ۾ هن ڪناري جي هڪ آفريڪي امير حبشيءَ اها ايران جي سوداگر علي بن الحسن (جنهن بعد ۾ شيرازي گهراڻي جو بنياد رکيو) کي وڪڻي ڏني. علي بن الحسن سوداگر اتي هڪ خوبصورت مسجد پڻ ٺهرائي. تيرهين صدي تائين ڪِلوا هڪ بيحد طاقتور ۽ امير شهر ٿي پيو، جتي تنزانيا کان عاج ۽ غلام وڪري لاءِ آيا ٿي ۽ ايشيائي ملڪن کان ڪپڙو، زيور، چينيءَ جا ٿانوَ ۽ مسالا آيا ٿي. ڪِلوا جو اثر ڏورانهن ٻيٽن تائين هو جيئن اتر ۾ پيمبا ٻيٽ تائين (جيڪو اڄ ڪلهه تنزانيا جي قبضي ۾ آهي ۽ ڏکڻ ۾ صوفارا شهر تائين صوفارا (Sofara) موزمبق ملڪ جو اڄ وارو بيرا (Beira) بندرگاه آهي جتي ڪيترا دفعا اسان کي پڻ جهاز وٺي اچڻ جو موقعو مليو. ڪِلوا (Kilwa) جي ٻاهرين دنيا سان واقفيت ابن بطوطا ڪرائي. ابن بطوطا جي گهمي وڃڻ کان پورا 170 سال پوءِ پورچوگالي هنن پَٽن تي پهتا. پورچوگالين کي ان ڳالهه جو جس ضرور ڏيڻ کپي ته هنن ڪِلوا جي تاريخ لکي. جتي ابن بطوطا کي مغديشو ۽ زيلا جهڙا بندرگاه نه وڻيا اتي هي ڪلوا ۽ اتي جي ماڻهن جي سونهن ۽ سوڀيا مان بيحد متاثر ٿيو.
هڪ ٻيو عرب سياح ۽ جاگرافر پڻ ٿي گذريو آهي. جنهن ممباسا بابت ابنِ بطوطا کان به گهڻو اڳ لکيو، جنهن کي نقشا ٺاهڻ ۾ اڄ به ماهر مڃيو وڃي ٿو. جنهن جا سمنڊن ۽ ملڪن جا ٺهيل نقشا ۽ جاگرافي جي ڄاڻ مان واسڪوڊاگاما ته ڇا پر ڪولمبس به فائدو وٺندو رهيو. اهو ٽوئرسٽ، نقشن ٺاهڻ جو ڄاڻو، جاگرافر ۽ مصر جو ماهر ابو عبدالله محمد الادريسي هو. جيڪو مغرب جي دنيا ۾ فقط الادريسي (Al-Idrisi) سڏيو وڃي ٿو. الادريسي سِسلي (اٽلي) ۾ رهيو ٿي ۽ شهنشاهه راجر دوم جي ڪورٽ ۾ نوڪري ڪيائين ٿي. پاڻ اتر آفريڪا جي بندرگاهه صبٽاح ۾ 1100ع ۾ ڄائو جيڪو هاڻ سيوٽا (Ceuta) سڏجي ٿو ۽ اسپين جي حڪومت هيٺ آهي. جيتوڻيڪ جاگرافيائي طور اهو مراڪش جو حصو آهي ۽ ان سان ئي مليل آهي. بهرحال الادريسي جي ڏينهن ۾ سيوٽا (صبٽاح) الموراود سلطنت جي قبضي ۾ هو. الادرسي آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جو چڱو سير سفر ڪيو ۽ هن پنهنجي سير ۽ جاگرافيائي ڄاڻ بابت به ٻه کن ڪتاب لکيا. هڪ عربي ۾ ”ڪتاب نزهت المشتاق“ آهي ۽ ٻئي ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، جنهن جو نالو آهي:
“A diversion for the man longing to travel to far off places.”
پاڻ ممباسا لاءِ لکي ٿو ته ”هڪ شاهوڪار بندرگاه آهي جتي هندي، عربي ۽ ايراني ماڻهو نظر اچن ٿا. جتي سون، عاج ۽ مسالي جو وڏو واپار هلي ٿو.“ الادريسيءَ 1166ع ۾ سِسليءَ (Sicily) ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته الادرسي سٺو فارماڪالاجسٽ ۽ ڊاڪٽر پڻ هو.
1415ع ۾ چين جو هڪ مسلمان ائڊمرل ’زهينگ هي‘ هڪ يا ٻن جهازن سان نه پر سڄي فليٽ سان ممباسا آيو هو. هن نيول فليٽ ۾ جنهن جي اڳواڻي ”زهينگ هي“ پاڻ ڪري رهيو هو، اٽڪل ڏهه کن وڏا جهاز جن مان هرهڪ تي 500 کن ماڻهو هئا ۽ ٽيهه چاليهه کن ننڍا جهاز هئا. زهينگ هيءَ هن سفر سميت ڪل ست وڏا سفر ڪيا. سامونڊي دنيا ۾ زهينگ هي جنهن جو نالو حاجي محمود شمس هو هڪ زبردست قسم جو جهازران، ڊپلومئٽ، فليٽ ائڊمرل ۽ Explorer ٿي گذريو آهي. جنهن ابنِ بطوطا ۽ مارڪوپولو کان به وڌيڪ سفر ڪيا. جيئن اسان وٽ ابن بطوطا ۽ سند باد سامونڊي سفرن جي حوالي سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، تيئن چين، ملائيشيا ۽ ڏور اوڀر پاسي زهينگ هي هڪ طلسماتي شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن هر ان بندرگاه کي ڇهيو جنهن تي هندي وڏي سمنڊ جون ڇوليون پهچن ٿيون.
”زهينگ هِي“ جو تفصيل سان ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي ۽ ان جو احوال الڳ چئپٽر ۾ ئي ڪريون ٿا.
’زهينگ هي‘ چيني سياح بعد 1498ع ۾ واسڪوڊاگاما ممباسا آيو. هي پهريون يورپي شخص هو جيڪو سمنڊ رستي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي پهتو. آفريڪا جي اولهه واري ڪناري تي ته صدين کان يورپي ائين پئي آيا جيئن عرب، ايراني، سنڌي، گجراتي ۽ بلوچ اوڀر ڪناري تي پئي آيا ويا. يورپ ۽ انگلنڊ جا جهازي آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ملڪن: موراڪو، موريطانيا، سينيگال، گئمبيا ويندي لائبيريا تائين ته آرام سان (ڏکڻ طرف وٺي) پهچي ويا ٿي جو ساڳيو ائٽلانٽڪ سمنڊ هو. ان بعد به ساڳيو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي پر آفريڪا کنڊ جي شڪل اهڙي آهي جو لائبيريا کان پوءِ وڌيڪ ڏکڻ ۾ وڃڻ سان ان وقت جا جهاز ڪنارو hit ڪري نه پئي سگهيا. ٽي چار ڏينهن اڳيان وڃي وري ڊپ ۾ موٽي ٿي آيا جو انهن ڏينهن ۾ اهو به ثابت نه ٿي چڪو هو ته دنيا گول آهي. هر هڪ اهو ٿي سمجهيو ته دنيا رومال وانگر flat آهي جنهن جي اندين (borders) تي پهچڻ کان پوءِ هيٺ ڪنهن کاهيءَ ۾ ڪري پئبو. پوءِ اڳتي هلي آهستي آهستي آئوري ڪوسٽ، گهانا، نائيجيريا، ڪئمرون کان گئبن، ائنگولا ۽ لئانڊا تائين به پهچي ويا پر سائوٿ آفريڪا واري موڙ وٽ، جتي هندي وڏو سمنڊ اچي ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ملي ٿو ۽ ٻن سمنڊن جي ٽڪراءَ ۽ ڇولين جي اٿل پٿل ڪري هنن جا ان زماني جا سڙهن وارا جهاز سَٽ جهلي نٿي سگهيا. بهرحال واسڪوڊاگاما پهريون يورپي هو جيڪو ڪيپ آف گڊ هوپ (ڏکڻ آَفريڪا جو هيٺيون حصو) پار ڪري آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي پهچي ويو. جتان پوءِ هو ممباسا پهتو ۽ اڳيان ميلنڊي بندرگاه ۾ ڪجهه عرصو ترسي پوءِ انڊيا آيو.
No comments:
Post a Comment