آفريڪا جون بيماريون
الطاف شيخ
هتي ڪجهه اهڙين بيمارين جو مختصر احوال لکان ٿو جيڪي آفريڪا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهن ۽ جن بابت، جڏهن به اسان جو جهاز ممباسا، ڊڪار، عابد جان، زئنزيبار، موپوتو يا آفريڪا جي ڪنهن ٻئي بندرگاه ۾ ويو ٿي ته اسان کي خبردار ڪيو ويو ٿي جيئن اسان پنهنجو پاڻ کي انهن بيمارين کان بچائي رکون. ڪن بيمارين جي بچاءَ لاءِ ته سُيون ۽ ٽُڪا (Vaccines) به لڳرائڻا پيا ٿي. ڪن مکين، مڇرن ۽ ڪينئن کي جسم تي وهڻ کان ڀڄائڻ لاءِ جسم کي مَکڻ لاءِ ڪجهه دوائون ۽ Spray به رکڻا پيا ٿي.
· ائڊز (Aids):
سڄي آفريڪا ۾ HIV ۽ Venereal بيمارين جو، جنهن ۾ باد فرنگ (سفليز)، گنورهيا (پرميل) ۽ ٻيون اچي وڃن ٿيون، وڏو آزار آهي. ان جو سبب غربت ۽ صحت جي اصولن کان اڻڄاڻائي آهي. هتي جا ماڻهو گورن يورپين تي ڏوهه هڻن ٿا ته اهي بيماريون هنن اچي هنن جي ملڪ ۾ پکيڙيون آهن. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ننڍي کنڊ ۾ اهي بيماريون يورپين ۽ انگريزن پکيڙيون، جنهن جي ثابتي انهن بيمارين جي نالن مان ئي ملي ٿي. جيئن ته ”بادِ فرنگ“ جنهن جي معنيٰ آهي فرنگين جي پکيڙيل هوا. اڄ اهي يورپي يا آمريڪن تعليم ڪري ۽ صحت جي سهوليت ڪري انهن موذي مرضن کان بچيل آهن. هيڏانهن آفريڪا توڙي اسان وٽ ايشيا ۾ انهن بيمارين ۾ وڃن ماڻهو جڪڙندا. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته تعليم ۽ هائجن جي کوٽ ڪري اڄ سنڌ ۾ ائڊز جو مرض تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. بهرحال آفريڪا ايندڙن کي (ساڳي وقت ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ڏي ويندڙن کي) آئون اهو ئي مشورو ڏيندس ته پنهنجي صحت جو خيال رکن ۽ ڌارين سان ازدواجي زندگي کان پاسو ڪن ۽ پنهنجين زالن کي ائڊز جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ڪرڻ کان بچائين.
· بلحارظيا (Bilharzia):
هيءَ بيماري جيڪا Schistosmiasis به سڏجي ٿي سڄي آفريڪا ۾ جتي جتي درياه، نديون، نالا وهن ٿا عام آهي. بلحارظيا کان مصر به بچيل ناهي جو اتي جي وهندڙ نيل ندي يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي. هن بيماريءَ جا جراثيم (Parasites) مٺي پاڻي (درياهن وغيره) ۾ رهندڙ سِنيل (Snails) اندر رهن ٿا ۽ وڌن ويجهن ٿا. Snail ڪينئون، هي جراثيم (Larvae) ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ اهي انسان اندر داخل ٿي وڃن ٿا. هي لاروا چمڙيءَ ذريعي انسان جي جسم ۾ گهڙي وڃن ٿا. انسان جي جسم ۾ ڀلي ڪو زخم نه هجي ته به هو انسان جي کل اندر گهڙيو وڃن. ان بعد هيءَ بيماري هڪ ماڻهوءَ مان ٻئي ۾ مريض جي پيشاب ذريعي پکڙي ٿي. جڏهن ڪو مريض درياه جي ڪناري تي پيشاب ڪري ٿو ته هي Parasite پاڻيءَ ۾مليو وڃن ۽ ان پاڻيءَ ۾ ڪو به وهنجي ٿو ته هن جي کل (Skin) مان هن جي جسم ۾ داخل ٿيو وڃن. بلحارظيا جو هاڻ ٻڌو اٿم ته علاج نڪتو آهي، پر اسان کي هميشه درياه جي پاڻيءَ ۾ توڙي سئمنگ پُول ۾ وهنجڻ کان منع ڪيو ويو ٿي. پر هن دفعي ڏٺم ته ڪيترائي فارينر، جنهن هوٽل ۾ آئون رهيل هوس، ان جي سئمنگ پول ۾ سئمنگ ڪري رهيا هئا. پاڻيءَ ۾ گهڙڻ کان اڳ ۾ هنن Deet نالي هڪ لوشن (Repellent) پنهنجي جسم کي هنيو ٿي جنهن لاءِ هنن چيو ٿي ته ان جي بوءِ ڪري بلحارظيا جا پئراسائيٽ انسان جي کل جي ويجهو نٿا اچن. وهنجڻ بعد هنن يڪدم پنهنجي جسم کي ٽوال سان خشڪ ڪيو ٿي. هن بيماريءَ ۾ ماڻهوءَ جو نُور هليو وڃي ٿو.
· ڪالرا:
آفريڪا ۾ ڪالرا تمام گهڻي آهي، جيڪا گندي پاڻيءَ ۽ بئڪٽريا واري کاڌي مان لڳي ٿي. هوٽل يا آفيس کان ٻاهر نڪرو ته پاڻ سان صاف پاڻيءَ جي بوتل کڻي نڪرو. گهٽ رڌل مڇي يا گانگٽ ۽ ڪچي ڀاڄي ۽ سلاد کائڻ کان پرهيز ڪريو. ڪالرا ۾ الٽيون ۽ دست ٿين ٿا. ماڻهوءَ جي جسم جو پاڻي (Dehydrate) خشڪ ٿيو وڃي جنهن جي پورائي لاءِ گهڻي کان گهڻو پاڻي ۽ لوڻ استعمال ڪجي. اها حالت گهڻا ڏينهن هلڻ تي بلڊ پريشر گهٽجيو وڃي، ٽيمپريچر ۽ پيشاب گهٽجيو وڃي ۽ ماڻهو ڪوما ۾ (بيهوشيءَ جي عالم ۾) هليو وڃي ٿو.
· ڊائريا ۽ پيٽ جو خراب ٿيڻ: توهان کڻي ڪيڏو به خيال سان هلو پر مون ڏٺو آهي ته آفريڪا ۾ اچي هڪ ٻه ڏينهن پيٽ ضرور خراب رهي ٿو. بهتر علاج اهو ئي آهي ته آرام ڪجي، گهڻي تيل ۽ گيهه واريون شيون نه کائجن. ڪوشش ڪري ڌوري ڀت تي گذارو ڪجي پر جي ٽن چئن ڏينهن بعد آرام محسوس نه ٿئي ته معنيٰ خطري جي نشاني آهي، ڪنهن ڊاڪٽر سان صلاح ڪجي.
· هيپاٽائيٽس ’A‘۽’B‘:
آفريڪا ۾ هيپاٽائيٽس به ڏاڍي عام آهي. هيپاٽائيٽس Aاهڙي خطرناڪ ناهي. خراب پاڻي پيئڻ ۽ صفائي جو گهڻو خيال نه رکڻ ڪري انسان جي جيري تي اثر ٿئي ٿو جنهن ڪري بخار، جسم ۾ سور، سائي ۽ پيشاب جو دونهاٽيل رنگ رهي ٿو. هن بيماريءَ ۾ جيتوڻيڪ موت نٿو اچي پر مريض ساڻو ٿيو پوي ۽ هن کان گهمڻ ڦرڻ ڇڏائجيو وڃي. هيپاٽائيٽس A جي بچاءَ جون اڄ ڪلهه سيون ايجاد ٿي چڪيون آهن، جيڪي ڪافي اثر واريون آهن، باقي هيپاٽائيٽس ’B‘ جيڪا رت جي Transmit يا Sex ڪري ٿئي ٿي، بلڪل موتمار آهي، جنهن ۾ چند هفتن ۾ جيرو تباهه ٿيو وڃي. ڪن حالتن ۾ هن بيماريءَ جو علاج ٿيو به وڃي ٿو نه ته گهڻين حالتن ۾ مريض سڄي عمر هن بيماريءَ ۾ ورتل رهي ٿو.
· لاسا بخار (Lassa fever):
هيءَ بيماري آفريڪا جي اولهه وارن ملڪن ۾ ڏاڍي آهي. اسان جو جهاز جڏهن به سينيگال، آئوري ڪوسٽ، نائيجيريا، سيريا ليون جهڙن ملڪن جي ڪنهن بندرگاهه ڏي روانو ٿيندو هو، ته اسان کي هن بيماري لاءِ خبردار ڪيو ويندو هو، جيڪا بيحد موتمار بيماري آهي ۽ هڪ دفعو لڳڻ سان ان مان بچڻ مشڪل آهي. اڄ ڏينهن تائين هن بيماري لڳڻ جي سبب جي خبر پئجي نه سگهي آهي. فلوءَ وانگر هڪ کان ٻئي کي لڳي ٿي جيڪا گهڻي بخار، الٽين، کنگهه ۽ ڪمزوريءَ سان شروع ٿئي ٿي.
· مليريا:
مليريا اهڙي بيماري آهي، جيڪا اسان وٽ به عام آهي. جيتوڻيڪ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ ان مان جان ڇڏائي چڪا آهن، پر اسان وٽ ۽ ڪجهه بنگلاديش، انڊيا ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن ۾ اڃان قائم آهي. پر اهو آهي ته هفتيوار بئسو ڪيئن يا نيواڪيئن جهڙي گوري کائڻ سان ۽ ڄاريءَ اندر سمهڻ سان بچاءُ ٿيو وڃي. پر آفريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا جيت آهن. جهڙوڪ تسي تسي مک جيڪا ڏينهن ڏٺي جو به اچيو ڏنگيو وڃي. آفريڪا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي اهڙو آهي، جو ان جي پيئڻ سان ڪالرا، دست، پيچش ۽ ويندي هيپاٽائيٽس اي ٿيو پوي ۽ جنهن سان وهنجڻ تي بلحارظيا ٿيو پوي. بهرحال مليريا به هڪ موذي مرض آهي جيڪو سفر دوران ماڻهوءَ کي بي پهچ ڪريو ڇڏي. انڊيا، ايران، بنگلاديش وڃڻ ٿئي ته به Mospel جسم تي مکڻ جهڙي ڪا دوا ۽ باسو ڪئن يا نيوا ڪئن جهڙيون گوريون پاڻ سان ضرور کڻي نڪرڻ کپن.
· رئبيز (Rabies):
نه فقط ڪتن ٻلن ۾ پر آفريڪا ۾ ڪيترن ئي جانورن ۾ رئبيز جا جراثيم آهن. ان ڪري پالتو جانورن کان به پاسو ڪرڻ کپي. هن بيماريءَ جون هڪ دفعو جي علامتون ظاهر ٿي پون ته پوءِ هي لاعلاج مرض آهي. ان ڪري جيئن ئي ڪو ڪتو ٻلو چڪ هڻي ته يڪدم ڊاڪٽر وٽ پهچي احتياط حاصل ڪجي. رئبيز لاءِ Pre-exposure وئڪسين ٿئي ٿي پر ان هوندي به چَڪ لڳڻ تي، زخم کي صابڻ ۽ پاڻيءَ سان صاف ڪري ڊاڪٽر وٽ پهچي وڃجي.
· ننڊ جي بيماري (Sleeping Sickness):
هن بيماريءَ بابت گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته تسي تسي مک جي ڏنگ هڻڻ سان ٿئي ٿي. هن بيماريءَ ۾ بخار ٿئي ٿو. جسم جي چمڙيءَ تي ڦٽ ٿيو پون ۽ انيميا پڻ ٿئي ٿي. يڪدم علاج نه ڪرائڻ سان ڊپريشن، بک جو مري وڃڻ، ڳالهائڻ ۾ هٻڪ ۽ سخت ٿڪاوٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ اڳتي هلي مغز Damage ٿيو پوي ۽ موت جو سبب ٿئي ٿو.
· ٽي بي (Tuberculosis):
آفريڪا ۾ مٽي، ڌوڙ، صحيح طرح پاڻي جي نيڪال نه هجڻ ڪري ڪن ڪن هنڌن تي ٽي بي جو مرض تمام گهڻو آهي. مريض جي کنگهڻ يا ڇڪون ڏيڻ سان هن مرض جا جراثيم ٻي ماڻهوءَ جي ڦڦڙن تائين پهچي سگهن ٿا. ٽي بي جون هيٺيون علامتون آهن:
بخار، ٿَڪُ، وزن گهٽجڻ، کنگهه، ڇاتيءَ ۾ سور، ساهه ۾ سهڪ، رات جو پگهر اچڻ ۽ ٿُڪَ ۾ رت اچڻ.
· مدي جو تپ (Typhoid):
هن بيماريءَ ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ ذريعي مريض جا بئڪٽيريا ٻين تائين پهچن ٿا. هن بيماريءَ ۾ مريض جو آنڊو خراب رهي ٿو. هن کي ٿَڪ، بخار ۽ پيٽ ۾ سور رهي ٿو. علاج نه ٿيڻ تي مريض کي آنڊي مان رت به اچڻ شروع ٿيو وڃي ۽ Coma (بيهوشيءَ) ۾ هليو وڃي ٿو. آفريڪا کنڊ جي ڪنهن به ملڪ ۾ ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ ييلو فيور وانگر ٽائيفائيڊ جي بچاءَ جي سئي لڳرائڻ پڻ ضروري آهي.
بهرحال انهن چند ڳالهين مان پڙهندڙن کي idea ٿي وئي هوندي ته آفريڪا ڏي روانو ٿيڻ ائين سؤلو ناهي جيئن ڪو حج لاءِ سعودي عرب يا گهمڻ لاءِ ملائيشيا يا لنڊن جو ارادو ڪري ٿو ته هن کي فقط ڪپڙن جي بئگ ٺاهڻي پوي ٿي ۽ ٽڪيٽ خريد ڪرڻي پوي ٿي پر آفريڪا جي ڪنهن شهر ۾ اچڻ کان اڳ ڪيترين ئي بيمارين جي بچاءَ لاءِ سيون هڻائڻيون پون ٿيون، ان بعد آفريڪا جي سرزمين تي پهچڻ بعد به پنهنجو پاڻ کي جيتن ۽ جانورن کان بچائڻو پوي ٿو.
No comments:
Post a Comment