Friday, July 01, 2011

هندي فلمن جو دلپسند شهر ممباسا - الطاف شيخ


هندي فلمن جو دلپسند شهر ممباسا
الطاف شيخ
ممباسا هڪ عجيب شهر آهي جيڪو آفريڪا جو ٿي ڪري عرب نموني جو لڳي ٿو. ڪجهه ڪجهه ته بلڪل دبئي ۽ دوحا جهڙو به لڳي ٿو پر دبئي دوحا اڄ وارا نه پر 1968ع وارا، جڏهن آئون جونئر انجنير جي حيثيت سان ”سندر بنس“ نالي جهاز ذريعي پهريون دفعو اتي پهتو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍپڻ وارو ڏٺل هيرآباد يا ڪولمبو لڳي ٿو. ڇو جو هتي آفريڪا جي مڪاني ڪارن ماڻهن کان علاوه عرب ۽ ايراني (خاص ڪري شيراز جا) نظر اچن ٿا ته سک، گجراتي، آغا خاني ۽ سنڌ جا هندو به جام آهن. اندروني آفريڪا ۾ دونهين جهڙا ڪارا شيدي نظر ايندا جيئن آمريڪا جي صدر اوباما پنهنجين يادگيرين ۾ پنهنجي پيءَ لاءِ لکيو آهي ته ”چهچ ڪارو هو.“ سو ممباسا ۾ اهڙا ڪاري رات جهڙا بيحد ڪارا شيدي به ملندا ته ڦلهير جهڙا به ۽ انهن ٻن رنگن جي وچ ۾ مختلف ڪارسرن Shades جا به ملندا. اهو ان ڪري جو شروع ۾ جيڪي عرب ۽ ايراني آيا اهي شادي شده هوندي به ممباسا ۾ اڪيلا آيا پوءِ هتي اچي مڪاني شيدي عورتن سان شادي ڪيائون. انهن جو اولاد ۽ غلام ڪنيزائن جو اولاد مختلف شيڊن وارو نظر اچي ٿو. انگريز ان معاملي ۾ خبردار هئا باقي پورچوگالين ته کلئي عام مڪاني حبشي عورتن سان شادي ڪئي ٿي يا انهن کي Concubine طور رکيو ٿي ۽ سندن اولاد کي سندن راڄ وارن ملڪن (موزمبق، ائنگولا وغيره) ۾ توڙي پورچوگال ۾ ڪافي حد تائين سهولتون مليون ٿي. سو ممباسا رڳو آفريڪي شهر نٿو لڳي پر ڪجهه ڪجهه ايشيائي، عرب ۽ انگلستاني شهر لڳي ٿو.

ممباسا ۾ ڌارين ملڪن جي ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ڪو هاڻ ويجهڙائيءَ کان نه آهي پر ستين اٺين صدي کان شروع ٿيو. انگريز ته سڀ کان آخر ۾ پهتا. انگريزن البت اهو ڪيو جو هونءَ هر ڪو فقط بندرگاهه ممباسا تائين آيو ٿي يعني فقط ڪناري وارن شهرن تائين آيو ٿي ۽ اتي ئي رهيو ٿي، پر انگريزن اندر تائين رستا ۽ ريلون ٺاهي ڳانڍاپو ڪري ڇڏيو. پلين، گهرن، رستن ريلن ٺاهڻ لاءِ هنن سکن، پنجابين ۽ ٻين اتر انڊيا جي ماڻهن کي آندو جيڪي لاهور ۽ دهلي پاسي اهڙن پراجيڪٽن تي ڪم ڪري چڪا هئا. سنگاپور ۽ پينانگ پاسي به انگريزن ائين ڪيو. اهي ٻئي ٻيٽ انگريزن حوالي ٿيڻ کان اڳ ڀڙڀانگ ۽ سخت ويران هئا. اڄ به انهن جهڙا ويران ٻيٽ اوسي پاسي ۾ جام آهن. انگريزن جي قبضي کان اڳ هنن ٻيٽن تي فقط سامونڊي چور ۽ قذاق رهيا ٿي جيڪي هتان هتان ملاڪا ڳچي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ مان ڦرون ڪري انهن ٻيٽن تي اچي لڪيا ٿي. سو به ڪناري واري مختصر علائقي ۾، اندر گهاٽو جنگل، نانگ بلائون، سؤ پيريون ۽ ڀٽون هئا. پوءِ انگريزن اچي صفائيون ڪرايون ۽ پاڻ به رهيا ته ٻين لاءِ به امن امان ۽ واپار جون سهولتون پئدا ڪري ڏنائون. بهتر حالتون، انصاف، جان ۽ مال جي سلامتي ڏسي نه فقط اوسي پاسي جا ملئي ۽ چيني اچي رهيا پر ڏورانهن ملڪن کان، خاص ڪري جن ملڪن تي انگريزن جو راڄ هو، اتي جا پئسي وارا سودي ۽ واپار وڙي لاءِ، غريب ماڻهو روزگار ڪمائڻ لاءِ، هنن ٻيٽن تي اچي رهيا. انگريز ممبئي (بامبي) کي به ائين ورسايو ۽ هڪ ويران ٻيٽ مان ڪاسموپوليٽن شهر ٿي ويو ۽ جيئن پينانگ ۽ سنگاپور ڀر وارن جهونن شهرن کان به وڏا ۽ سهولت وارا ٿي پيا تيئن ممبئي ۽ نئروبي به ڏسندي ئي ڏسندي صدين کان وڏن ۽ مشهور شهرن، سورت، بڙودا، گوا ۽ ممباسا ۽ مليندي کان به گوءِ کڻي ويا. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هندي وڏي سمنڊ ۾ جتي انڊيا جي اولهه ڪناري وارا شهر سورت، پوربندر، ڪاليڪٽ ۽ ڪوچين مشهور ۽ مشغول بندرگاهه هئا، اتي هن پاسي آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي ممباسا ۽ زئنزيبار صدين کان سَتڙ هئا جتي ٻارهوئي چؤماسي جي هوائن مطابق ناکئن ۽ وڻجارن جا ميلا متل هئا. هنن جي ٻيڙن اچڻ سان هنن بندرگاهن ۾ رونقون اچي ويون ٿي ۽ پوءِ هوائن جا رخ بدلجڻ ۽ لنگر کڻڻ تي هنن بندرگاهن جون بازاريون سڃيون ۽ ويران ٿي ويون ٿي.
اوڀر آفريڪا جي ممباسا ۽ زنجبار (Zanzibar) جو اسان جي ننڍي کنڊ (خاص ڪري سنڌ، گجرات ۽ ڏکڻ هندستان جي اولهه ڪناري) جي شهرن تي تمام گهڻو Influence هو. آئون مئٽرڪ ڪلاس ۾ هوس يعني  1960ع جي ڳالهه آهي ته مون ٽنڊو قيصر ۽ حيدرآباد ۾ ٻه اهڙيون پوڙهيون شيدياڻيون به ڏٺيون جيڪي زئنزيبار کان ڊئريڪٽ سنڌ ۾ وڪرو ٿيون هيون يعني اهي پهرين جنريشن جون هيون بعد ۾ انگريزن Slave Trade (غلامن جي وڪري) تي سختيءَ سان بندش هڻي ڇڏي. بهرحال ان کان علاوه ٻين به ڪيترين شين جو بزنيس اسان جي پاسي جي شهرن جو ممباسا سان هليو ٿي. هاڻ ريڊيو، ٽي وي، جيٽ جهاز، انٽريٽ معرفت دنيا ڳنڍجي وئي آهي نه ته اسان ننڍا هئاسين ته اسان جي ڏاڏين نانين جي واتان لنڊن، عروس (روس) ۽ جرمن بعد ممباسا، زنجبار، دارالسلام، عدن ۽ ڪولمبو جا نالا ٻڌبا هئا. ڪوالالمپور، بئنڪاڪ، جڪارتا جهڙا نالا هاڻ مشهور ٿيا آهن. جڪارتا واري ملڪ انڊونيشيا جا اڃان به جاوا ۽ سماترا مشهور هئا جتي شڪارپور ۽ حيدرآباد جا سنڌي هندو واپار لاءِ ويندا هئا ۽ شاهه لطيف به پنهنجن بيتن ۾ جاوا، عدن ۽ لنڪا جوذڪر ڪيو آهي. اڄ ڪلهه ته پاڪستاني فلمون ۽ ٽي وي ڊراما به لنڊن، پئرس ۽ ڪوالالمپور ۾ فلمائجن ٿا. 1973ع ۾ اسان پهرين انڊين فلم ”ايوننگ ان پئرس“ ڏٺيسين جيڪا فرانس ۾ فلمايل هئي نه ته ان کان اڳ واريون فلمون جيڪي اسڪول وارن ڏينهن ۾ ڏٺيون سين انهن ۾ ڪا فارين فلمايل هوندي هئي ته معني ممباسا، زئنزيبار يا ٽئنگانيڪا ۾ فلمايل هوندي هئي. هڪ اهڙي فلم جو گانو هن وقت به ياد اچي رهيو آهي ته: ”تم ني ديکها کيا بهلا، گر نا ديکها آفريکا! ٽانگا نيکا ٽانگا نيکا!“ وغيره.
هاڻ ته ٽانگانيڪا جو ملڪ به نه رهيو آهي نه ته اهو ۽ زئنزيبار الڳ الڳ ملڪ هئا. هاڻ تانگا نيڪا، زئنزيبار ۽ نياسالئنڊ ملڪن گڏجي هڪ نئون ملڪ تنزانيا ٺاهيو آهي جيئن ملايا، سباح ۽ سراواڪ گڏجي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو.
سو ممباسا جو ماضيءَ ۾ وڏو مان ۽ شان هو. زئنزيبار وانگر ممباسا به فقط آفريڪي نه پر انڊين، عرب ۽ پرشن (ايراني) بندرگاه سمجهيو ويو ٿي. ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا اندر سواحلي ۽ آفريڪي زبانون هليون ٿي پر زئنزيبار، دارالسلام ۽ ممباسا ۾ عربي، فارسي، گجراتي ۽ اڙدو زبانون به ڳالهايون ويون ٿي ۽ اڄ به ڳالهايون وڃن ٿيون.
سنگاپور، پينانگ ۽ هانگ ڪانگ وانگر ممباسا هڪ شهر به آهي، بندرگاهه به آهي ته ٻيٽ به آهي. انگريزن جي قبضي کان اڳ تائين ممباسا جي الڳ ٿلڳ حيثيت هئي ۽ زئنزيبار وانگر هڪ ننڍڙو ملڪ سمجهيو ويو ٿي جنهن تي سڀ کان گهڻو اثر عربن جو هو. انگريزن ڪينيا جو ملڪ ٺاهي ممباسا ٻيٽ ان جو حصو بنايو. اڄ به ممباسا جا امير ماڻهو انهن ڏينهن جي عربن جو اولاد آهن ۽ ڪينيا ۾ سڀ کان گهڻا مسلمان ۽ مسجدون هتي ممباسا ۾ آهن. ويندي ممباسا نالو عربيءَ جو آهي جيڪو منبعثة لکيو وڃي ٿو ۽ انگريزيءَ ۾ به پهرين Manbasa لکيو ويو ٿي پر پوءِ Mombasa ٿي ويو جيئن بمبئي پوءِ بامبي ٿي ويو. آفريڪا جي مڪاني زبان سواحليءَ ۾ هن ٻيٽ (ممباسا) کي Kisiwa Cha Mvita سڏيو وڃي ٿو. يعني جنگ جو ٻيٽ! اهو انڪري جو هن ٻيٽ جي مالڪيءَ تان ڪيترن مڪاني ۽ ڌارين ڌرين جي وچ ۾ جنگ هلندي رهي جن ۾ عرب، ايراني، پورچوگالي، بلوچ، انگريز سڀ اچي ويا ٿي.
ممباسا ٻيٽ ڪينيا جي سرزمين سان اتر طرف نيالي نالي پُل سان ڳنڍيل آهي جيئن سنگاپور ڪازوي برج ذريعي ملائيشيا جي سرزمين سان ڳنڍيل آهي. هيءَ پل ڪنڪريٽ ۽ گرڊر جي ٺهيل آهي ۽ هيٺان جيڪو سامونڊي نالو آهي اهو Tudor Creek سڏجي ٿو. ممباسا جو ٻيٽ اوڀر پاسي Makupa ڪازوي ذريعي ڪينيا جي سرزمين سان ڳنڍيل آهي. سنگاپور واري ڪازوي وانگر هن ڪازوي تان ڪارن، بسين کان علاوه ريل گاڏي به هلي ٿي، جيڪا ڪينيا مان ٿيندي يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ دنگ ڪري ٿي. ان کان علاوه فيري سسٽم به آهي جنهن ذريعي ماڻهو ۽ سندن سواريون ممباسا کان ڪينيا جي شهر لِڪوني جي وچ ۾ اچ وڃ ڪن ٿيون، جيئن هانگ ڪانگ ۾ ”اسٽار فيري سسٽم“ وڪٽوريا ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ هلن ٿيون. هتي جي فيري ڪمپنيءَ جو نالو Likoni Ferry آهي، جيڪا انگريزن 1937ع کان شروع ڪئي. هن فيريءَ ۾ مسافر مفت ۾ سفر ڪري سگهن ٿا، باقي ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن لاءِ في ڏيڻي پوي ٿي. ان کان علاوه رش اَور ۾ ممباسا ۽ Mtongwe شهر جي وچ ۾ هڪ پئسينجر فيري هلائي وڃي ٿي جنهن جي ٽڪيٽ رکيل آهي. 1994ع ۾ هيءَ فيري ڪناري کان فقط 40 ميٽرن جي فاصلي تي اونڌي ٿي ويئي. هن فيريءَ جي Capacity فقط 300 مسافر هئا. پر گهڻي رش هجڻ ڪري ان ۾ 400 مسافر چاڙهيا ويا هئا جن مان 272 ٿڏي تي مري ويا. سمنڊ جي جنهن ٽڪري کي هيءَ فيري ڪراس ڪري ٿي ان کي ڪِلندني (Kilindini) ڪريڪ سڏجي ٿو. اتي ئي ڪلندني هاربر آهي، جنهن ۾ اسان جو جهاز اچي بيٺو ٿي. بندرگاه کان شهر جي وچ تائين وهندڙ ويڪرو رستو پڻ ڪلندني روڊ سڏبو هو پر هاڻ Moi ايوينيو سڏجي ٿو جيڪو هن ملڪ جي سابق صدر جي نالي آهي. ڪِلندني سواحلي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ اونهو (Deep) آهي. ڪينيا ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن، جن جو نالو ڪِلندني آهي

No comments:

Post a Comment