Thursday, December 01, 2011

مئڊم سُرلا ڪرپلاڻي سان ملاقات - الطاف شيخ


مئڊم سُرلا ڪرپلاڻي سان ملاقات
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي ۾ رهائش دوران، هڪ ڏينهن اسان جي وڏي ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد ميمڻ جي ننڍپڻ جي دوست ۽ ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻي جي گهر فون ڪيم.


ڊاڪٽر عابد ميمڻ، هالا جي پهرين ڊاڪٽرن مان هڪ آهي، جنهن 1945ع ۾ حيدرآباد جي نورمحمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي مان انٽر ڪرڻ بعد، 1947ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ڊاڪٽري (MBBS) جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، 1953ع ۾ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿيو. سال ٻن بعد، هن اها نوڪري ڇڏي پنهنجي پرئڪٽس شروع ڪئي ۽ ڊاڪٽر منگهن مل وٽ پڻ پارٽ ٽائيم جاب ڪيو، جنهن جي ڪلينڪ شاهي بازار ۽ ريشمي گلي جي وچ ۾ هئي. ڊاڪٽر منگهن مل جو پٽ ڊاڪٽر ناري، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ مهل، ڊاڪٽر عابد ميمڻ جو ڪلاس ميٽ هو. پر پوءِ، ٻن سالن بعد، بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان هڪ شاگرد جي Mutual ٽرانسفر تي، هن MBBS جا باقي ٽي سال ممبئيءَ ۾ پڙهيا. هتي اهو لکندو هلان ته، جيتوڻيڪ سنڌ صوبو بمبئي کان الڳ ٿي چڪو هو، پر شاگردن جي ان قسم جي ٽرانسفر ٿيندي رهي ٿي. سنڌ جو هڪ جهونو ۽ مشهور فزيشن، ڊاڪٽر صالح ڏيپلائي ميمڻ وري شروع جا سال بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان پڙهڻ بعد باقي سال ڊائو ميڊيڪل ۾ اچي پڙهيا. گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج جو هڪ پراڻو گرئجوئيٽ، جنهن کان حيدرآباد سنڌ جا ماڻهو سندس بيل ايئر اسپتال ڪري واقف آهن، اهو ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ آهي. بهرحال ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ممبئي مان MBBS ڪرڻ بعد، ڊاڪٽر عابد ميمڻ سان گڏ، حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿي ڪم ڪيو. ان بعد، ٻنهي ڄڻن سرڪاري، نوڪري ڇڏي ڏني. ڊاڪٽر عابد، پنهنجي ڪلاس ميٽ دوست ڊاڪٽر ناري جي پيءُ ڊاڪٽر منگهن مل وٽ اچي نوڪري ڪئي ۽ وڌيڪ ڪم سکيو. ڊاڪٽر ناري، ڪن، نڪ ۽ گلي (ENT) جو ماهر ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ، انگلينڊ روانو ٿي ويو. واپسيءَ تي هن ممبئي اچي پرئڪٽس ڪئي. پر ڊاڪٽر عابد سان سندس خط و ڪتابت ۽ فون تي ڳالهه ٻولهه قائم رهي. ڊاڪٽر عابد گذريل اڌ صديءَ کان هالا ۾ جنرل فزيشن آهي ۽ هالا جي مخدوم فئملي جو فئملي ڊاڪٽر آهي. سندس ڄم جو سال، 1928ع آهي. يعني هن وقت هن جي عمر ماشاءَ الله 80 سالن کان مٿي آهي، پر هفتي ۾ ٽي چار دفعا هو پنهنجي ڪلينڪ ”عابد ميڊيڪل سينٽر“ تي مريضن کي ڏسي ٿو، جيڪا ڪلينڪ اڄ ڪلهه سندس پٽ ڊاڪٽر محمد وريل ميمڻ پڻ هلائي ٿو.
اڄ کان چار پنج سال اڳ، جڏهن دهلي آيو هوس، تڏهن به ڊاڪٽر عابد مون کي ڊاڪٽر ناري ۽ سندس هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ دوست ڊاڪٽر آسومل سان  بمبئي ۽ اڌيپور وڃي ملڻ لاءِ چيو هو. پر جيئن ته مون کي فقط دهلي، آگري، احمد آباد ۽ بڙودا جي ويزا ملي هئي، جتي ٻن دوستن جي پٽن جي شادي ٿي رهي هئي، ان ڪري ٻين شهرن ۾ غير قانوني طرح وڃڻ مون پسند نه ڪيو. باقي اهو آهي ته منهنجي فون ڪرڻ تي ڊاڪٽر ناري مون کي وڏي اڪير سان ممبئي گهمڻ لاءِ دعوت ڏني. هاڻ جيئن ته آئون ويٺو ئي ممبئي ۾ هوس، سو مون ڊاڪٽر ناريءَ کي فون ڪيو. بلڪ سندس فون نمبر چيڪ ڪيم ته اهو پراڻو نمبر نڪتو. گذريل ٽن چئن سالن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد وانگر، پوني ۽ ممبئي جا ٽيليفون به بدلجي چڪا هئا. بهرحال مون ممبئي يونيورسٽي جي ٽيليفون آپريٽر سان ڳالهه ڪئي. تنهن مون کي ٻئي ڏينهن ٻڌايو ته؛ حيدرآباد سنڌ جو هيِءُ ENT سرجن ڊاڪٽر، ناري ڪرپلاڻي ڏيڍ ٻه سال کن اڳ، گذاري چڪو آهي. سندس زال سرلا ناري، توهان جو نمبر ورتو آهي ۽ هوءَ اڄ ئي توهان سان ڳالهائيندي.
ممبئي يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين ۾، نيرن ڪري واپس گيسٽ هائوس ۾ تيار ٿيڻ لاءِ پهتس ته، ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. ٻئي پاسي، ڊاڪٽر ناري جي زال، سرلا هئي. هوءَ مون کي يڪدم سڃاڻي وئي، جو هن نه رڳو منهنجا ڪجهه ڪتاب پڙهيا هئا، پر پاڻ به ليکڪا آهي. مون وانگر لکڻ، سندس هابي آهي. پاڻ هڪ ٻه ڪتاب سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيا اٿس. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر ناريءَ کي، مرڻ گهڙيءَ تائين، ڊاڪٽر عابد ميمڻ سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هو. ”توهان ڀلا ممبئي ۾ ڪيترا ڏينهن آهيو؟“ هن امالڪ پڇيو.
”هوس ته ڪيترا ئي ڏينهن پر هاڻ باقي ٽي ڏينهن وڃي بچيا آهن.“ ٻڌايومانس.
”ته پوءِ توهان مون سان هينئر جو هينئر ملو ته آئون توهان کي ممبئي جو سير ڪرايان!“ مئڊم سرلا چيو، ”ڇو جو سڀاڻي صبح ساڻ، آئون پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ حيدرآباد (دکن) وڃي رهي آهيان ۽ اتان چئن ڏينهن بعد اينديس. تيستائين توهان روانا ٿي چڪا هوندائو.“
منهنجو ان وقت، يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر شروع ٿيڻ وارو هو. مون کيس ٻڌايو ته؛ اهو هڪ بجي تائين هلندو، ان بعد يونيورسٽيءَ طرفان لنچ آهي ۽ ٻه بجي ڌاري واندو ٿيندس.
”چڱو ڀلا آئون تو وٽ پوري ٽين بجي ڌاري پهچي وينديس ۽ تو کي ڪجهه شهر گهمائي وٺنديس.“
”اها ته پاڻ توهان جي مهرباني جو توهان مون وٽ ايندائو. هڪ ڌارئين جي حيثيت ۾، مون کي توهان جو گهر ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي،“ مون کيس چيو؛ ”باقي بمبئي گهمڻ کان وڌيڪ، توهان سان خبر چار ڪرڻ جو وڌيڪ شوق اٿم.“ مون کيس سندس فئمليءَ جون ڪجهه تصويرون آڻڻ لاءِ پڻ چيو.
آئون کيس اهو سڀ ڪجهه چئي ته ويٺس، پر پوءِ ليڪچر دوران افسوس ڪندو رهيس، ته مون کي سائين ابراهيم جويو صاحب جي عمر جي عورت کي ممبئي جو سڄو شهر لتاڙي، هيڏانهن مون ڏي يونيورسٽي تائين اچڻ جي تڪليف ڏيڻ نٿي کتي. اهو فاصلو ائين آهي، جيئن ڪو ڪلفٽن يا ڪياماڙي کان ڪراچي يونيورسٽي اچي. هوءَ ممبئيءَ جي ڏکڻ واري حصي، نيپيئر سي روڊ تي رهي ٿي. سانتا ڪروز ايسٽ جي ڪالينا واري علائقي ۾ (جتي ممبئي يونيورسٽي آهي) کيس پهچڻ لاءِ منجهند جي رش-اورس ۾ ڊگهو فاصلو هڪ طرف ته (کارادر، چاڪيواڙي، جامع ڪلاٿ مارڪيٽ، ايمپريس مارڪيٽ، گلشن اقبال جهڙا) ڳتيل ۽ ٽرئفڪ جام وارا علائقا اڪرڻ، ٻئي طرف هو. ان کان ته آئون سانتا ڪروز يا ٻي ڪنهن ريلوي اسٽيشن تان 20 منٽن ۾ گرانٽ روڊ واري اسٽيشن تي پهچي وڃان ها، جو ممبئي ۾ رش-اورس ۾ به ريل گاڏيون ته ساڳيو تيز رفتاريءَ سان هلن ٿيون. بس يا ڪار ۾ اهو سفر ڪلاڪ ڏيڍ کان به مٿي کايو وڃي. مون کي پڪ هئي ته، مون کي سڄي شام انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ٿي سگهي ٿو پوڙهو ماڻهو، موڊ بدلجڻ تي يا ڳالهه وسري وڃڻ تي، نه به اچي.
پر، ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻي جي زال، مئڊم سُرلا پڪي انگريز ثابت ٿي. مقرر وقت تي، يعني پوري 3 بجي منهنجي جاءِ تي اچي پهتي. هوءَ پڪ ڊگهي رستي ۽ ممبئي جي ٽرئفڪ جام کي ڌيان ۾ رکي، ڪلاڪ ٻه اڳ گهران نڪتي هوندي. انگريز کيس ان ڪري به سڏيندس جو سندس انگريزي به ڏاڍي سٺي هئي. ظاهر آهي ته جنهن عورت 1940ع واري ڏهي ۾ انگريز ماسترياڻين وٽ ‘A’ ليول پڙهي هجي ۽ جنهن جو ڪاليج جي ڏينهن کان آپشنل سبجيڪٽ فرينچ زبان رهيو هجي، ان جي انگريزي ڇو نه سٺي هوندي! انگريزن، پارسين ۽ سنڌي هندن جي اها ڳالهه هڪ جهڙي آهي، ته هنن جون زالون وڏي عمر ۾ پاڻ کي ويتر وڌيڪ ٺاهي هلنديون. توهان ڀلي اڄ به دبئي ۾ سندري اتم چنداڻي سان يا هيرآباد حيدرآباد ۾ دادي لِيلا سان ملي ڏسو. مئڊم سرلا به وڏي عمر جي انگريزياڻين وانگر فل ميڪ اپ ۾ هئي. هن کي هلڻ ۾ لٺ جي آڌار وٺڻي پيئي ٿي، پر هوءَ عمر جي لحاظ کان بيحد ڦڙت ۽ سمارٽ لڳي رهي هئي. پنهنجي همت سان، پاڻ اسان جي گيسٽ هائوس جا ٽي چار ڏاڪا چڙهي، اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺي.
هن ٻڌايو ته؛ هوءَ ٻارن کي پاڻ سان وٺي نه آئي، جو ان ڏينهن انڊيا جي بجيٽ جو اعلان ٿيڻ ڪري، سندس ڌيءَ منجيت جيڪا جرنسلٽ آهي ۽ انڊيا جي بزنيس ويڪ مئگزين جي بيورو چيف آهي، رپورٽ ٺاهڻ ۾ بزي هئي. سندس پٽ ديپڪ، جيڪو پنهنجي پيءُ ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻي ۽ ڏاڏي منگهن مل ساڌو مل وانگر ڊاڪٽر آهي، پنهنجي پيءُ جي ڪلينڪ تي مشغول هو.
مئڊم سرلا ٻڌايو ته؛ ”کيس ٻه ٻار آهن. ديپڪ، ننڍي هوندي هوائي جهازن جو پائليٽ ٿيڻ چاهيو ٿي، پر هو ڊاڪٽر ٿي ويو ۽ ممبئي جي گرانٽ ميڊڪيل ڪاليج مان MBBS ڪيائين، جنهن مان سندس پيءُ پڻ پڙهيو هو.“
ممبئيءَ وارو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج، ننڍي کنڊ جو سڀ کان آڳاٽو ميڊيڪل ڪاليج آهي. جنهن جي پيڙهه جو پٿر، 1843ع ۾ رکيو ويو ۽ آڪٽوبر 1845ع کان منجھس پڙهائي جو سلسلو شروع ٿيو. هن ڪاليج جي شروعاتي پروفيسرن؛ ائناٽامي ۽ سرجري جي پروفيسر ڊاڪٽر جان پيت، ڊاڪٽر هربرٽ جان ۽ ڊاڪٽر چارلس مورهيڊ (جيڪو پهريون پرنسپال پڻ ٿي رهيو) جا لکيل ڪتاب اڄ به آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ ايشيا جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. هن ميڊيڪل ڪاليج لاءِ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته، ممبئيءَ جي گورنر سر رابرٽ گرانٽ جي ڪوششن سان هي ڪاليج ٺهيو ۽ هن گورنر جي نالي تان هن ڪاليج جو نالو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج رکيو ويو. سر رابرٽ گرانٽ جيڪو 1780ع ۾ ڄائو هو ۽ 1838ع ۾ وفات ڪيائين، سن 1934ع ۾ بمبئي جو گورنر مقرر ٿيو هو. هن کي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي صحت جو ڏاڍو خيال هو. هن ممبئي ۾ يورپي ميڊيڪل سائنس جو ڪاليج کولڻ چاهيو ٿي، جنهن لاءِ انڊيا جي مشهور پارسي سيٺ سر جمشيد جيجا ڀائيءَ وڏي مالي مدد ڪئي. بهرحال هي ڪاليج مڪمل ٿيڻ کان اڳ، گورنر رابرٽ گرانٽ گذاري ويو.

No comments:

Post a Comment