وائسر ئي گم
الطاف شيخ
گذريل مضمونن ۾ پاڻ سنڌي
فلم ”پيار ڪري ڏس“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا اٽڪل پنجن سالن جي گئپ بعد ٺهي
آهي. ان کان اڳ 2002ع ۾ سنڌي فلم ’پاڙيواري‘ ٺهي هئي ۽ ان کان سال اڳ هڪ مزاحيه
فلم ”دل ڏجي دل وارن کي“ ۽ ”ڪير ڪنهنجو“ فلم ٺهي هئي. ان کان اڳ 1990ع ۾ ’سنت ڪنور
رام‘ فلم ٺهي هئي. هڪ اهڙي ئي نالي واري ”ڀڳت ڪنور رام“ 1952ع ۾ ٺهي هئي. منهنجي
خيال ۾ سنڌيءَ جي اها ۽ ماتلي جي ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ’ايڪتا‘ فلم پهريون فلمون
آهن. ممبئي جي رهاڪو مدن جماڻيءَ جنهن سان پهريون دفعو ملاقات هڪ هفتو کن اڳ پوني
۾ ٿي هئي، تنهن ڪجهه سنڌي فلمن جا نالا ٻڌايا، جيڪي 1956ع ۾ ’مارئي‘ کان 1989ع جي
’جئه جهولي لعل‘ فلم تائين هن ريت آهن: راءِ ڏياچ (1958ع)، اباڻا (1958ع)، انصاف
ڪٿي آهي (1959ع)، جهولي لعل (1966ع)، لاڏلي (1968ع) رات هڪ طوفان جي (1969ع)، شل
ڌيئر نه ڄمن (1970ع)، نقلي شان (1971ع)، اڃان ته مان ننڍڙي آهيان، هل ته ڀڄي هلون
(1984ع)، امر اڏيرو لعل (1988ع)، اوکا پنڌ پيار جا... وغيره.
ڳالهه اها آهي ته سنڌي
فلمون هونءَ به گهٽ ٺهيون ٿي. پاڪستان ۾ هڪ ته سنڌي هندو فلم انڊسٽري ۾ نه هئا ۽
نه سنڌي مسلمان وٽ ڪو ايڏو پئسو هو. پير مير وڏيري وٽ کڻي پئسو هو، پر ان ڪڏهن به
ڪنهن فلم ٺاهڻ، يا اخبار رسالو ڪڍڻ، ٽي وي چئنل کولڻ يا اسڪول ڪاليج بنائڻ ۾ نه
لڳايو. بس مڙيئي ڪجهه سنڌي فلمون گهٽ بجيٽ تي ٺاهيون ويون. هيڏانهن انڊيا ۾ بالي
وڊ ۾ ڪيترائي سنڌي ڊائريڪٽر، پروڊيوسر، ائڪٽر، ڳائڻا وغيره آهن. پئسي لڳائڻ وارا
سيٺ به آهن ۽ هو ڪيتريون ئي سنڌي فلمون ٺاهي سگهن ٿا، پر هنن سان مارڪيٽنگ جو
مسئلو آهي. انڊيا ۾ کڻي هڪ ڪروڙ سنڌي ڳالهائڻ وارا هجن، پر هو هڪ هنڌ نه آهن جو ان
هنڌ جي سئنيمائن ۾ سنڌي فلم هلي سگهي. هو سڄي انڊيا ۽ دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. وڌ ۾
وڌ الهاس نگر ۽ ڪلياڻ جهڙن شهرن جي سئنيمائن ۾ فلم هلي سگهي ٿي. باقي ٻين شهرن
لاءِ ڪوبه پروڊيوسر فلم نٿو ٺاهي ۽ هاڻ ته ٽي وي چئنل ايترا ٿي ويا آهن جو ماڻهن
سئنيما هالن ۾ انگريزي ۽ هندي (اردو) فلمون به ڏسڻ ڇڏي ڏنيون آهن. ڪيترا سئنيما
هال ڪراچي توڙي ڪولمبو ۾، ڍاڪا توڙي دهلي ۾ روز شاپنگ سينٽر يا اتاهين عمارتن ۾
تبديل پيا ٿين. اهڙي تناظر ۾ اهو عجيب آهي ته هنن ٻن ٽن سالن ۾ انڊيا ۾ هڪ ٻئي
پٺيان ٽي چار سنڌي فلمون ٺهي ويون آهن، جن جا اشتهار ممبئي جي ڪيترن ئي رستن ۽
پبلڪ بسن جي پويان نظر اچن ٿا. اهي فلمون نه فقط انڊيا جي وڏن شهرن ۾ پر نيويارڪ،
لنڊن، ڪوپن هيگن، مئڊرڊ (اسپين) ۽ دنيا جي ٻين شهرن ۾ اتي رهندڙ سنڌين، سئنيمائن ۾
هلائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. ٻن ٽن فلمن جن منهنجو ڌيان ڇڪايو آهي، اِهي آهن: The awakening جنهن ۾ ڊائيلاگ انگريزي ۾ آهن پر گانا سنڌيءَ ۾
آهن. ٻي هڪ مزاحيه فلم ٺهي آهي جنهن جو نالو آهي ”وائسر ئي گم.“ هڪ ٻه ٻيون به
سنڌي فلمون ٺهيون آهن، پر هتي ممبئي ۽ پوني ۾ مٿين ٻن فلمن جي گهڻي ڳالهه هلي رهي
هئي. بي جي پي BJP ليڊر آڏواڻي ۽ انڊيا جي
مشهور سنڌي وڪيل رام ڄيٺملاڻيءَ لاءِ ته هيءَ فلم دهليءَ ۾ خاص طور هلائي وئي ۽
ٻڌو اٿم، ته آڏواڻي صاحب هن فلم لاءِ هي رمارڪ ڏنا، ته سنڌين تي ٺهيل اهڙي بهترين
فلم The Awakening ڪڏهن به نه ڏٺي. هن فلم
جي ڪهاڻي هن ريت آهي، ته نيويارڪ ۾ رهندڙ سنڌو نالي هڪ ڇوڪري انڊس ماٿري جي تهذيب
تي ريسرچ ورڪ ڪندي، هوءَ پنهنجون Roots ڳولي ٿي وٺي، ته هن جو
اصل واسطو ان ڌرتيءَ سان آهي. ڇوڪريءَ جي ڏاڏي ممبئي ۾ رهي ٿي ۽ پاڻ کي سنڌي تهذيب
۾ ئي رکي ٿي.
فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي،
ته ڪيئن سنڌي ماڻهو (خاص ڪري هندو.) جيڪي هڪ ٻئي سان گڏ گذارڻ ۽ سنڌي تهذيب ۾
جڪڙيل رهيا ٿي، اهي اوچتو Migration سبب اهڙو ته ٽڙي پکڙي ويا
جو اڄ سندن نئين ٽهي پنهنجي وڏن جي Roots ۽ تهذيب و تمدن کان اڻ
واقف ٿيندي وڃي. فلم The Awakening جي پروڊيوسر مشهور سنڌي
ڪمپوزر ۽ ڳائڻي ڪوشي لالواڻي آهي. ڪوشي دبئي جي سنڌي بزنيس مين لعل لالواڻي جي زال
۽ نامياري سنڌي شاعر ڪوي نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جي ڌيءَ آهي. ڪوشي لالواڻي سندس سنڌي
ميوزڪ آلبمن ۽ ميوزيڪل بئلٽ ”جاڳ سنڌي جاڳ“ جي ڪري به مشهور آهي، جيڪا Ballet سنڌ جي ٽي وي چئنلن تان
اڪثر ڏيکاري ويندي آهي. ڪوشيءَ جو فلم ٺاهڻ جو هي پهريون تجربو آهي ۽ هوءَ چوي ٿي
ته هن هيءَ فلم پئسا ڪمائڻ جي خيال کان نه پر سنڌي نوجوان نسل کي اهو ٻڌائڻ لاءِ
هيءَ فلم The Awakenig ٺاهي آهي، ته جيئن هن کي
خبر پوي ته هن جو واسطو هڪ شاهوڪار ثقافت ۽ تهذيب سان آهي.
فلم ۾ سنڌو نالي هيروئن
جو پارٽ سميٽا نالي هڪ مهارشٽرين ڇوڪري ڪري ٿي. فلم ۾ وشال واتواني، فريده دادي ۽
پنڪج جو به رول آهي. هن فلم ۾ ڪجهه پارٽ وڪيل جو به آهي، جيڪو رام ڄيٺملاڻيءَ پاڻ
ادا ڪيو آهي. فلم جا سنڌي گانا فلم جي پروڊيوسر ڪوشي لالواڻيءَ پاڻ لکيا آهن ۽
ڪمپوز ڪيا آهن. هن فلم لاءِ چيو وڃي ٿو ته انگلش زبان ۾ آهي. يعني سنڌي ۽ انگريزيءَ
۾ آهي. فلم جي مرهٺي هيروئن سميٽا گونڊڪر جيڪا فلم ۾ سنڌو گدواڻي نالي آمريڪا جي
يونيورسٽي جي شاگردياڻي ٿي آهي ۽ جيڪا Indus Valley
Civilization تي ٿيسز لکڻ لاءِ پنهنجي
ڏاڏي وٽ ممبئي ۾ ويندي هڙپا ۽ موهن جو دڙو بابت کوجنا ڪري ٿي، اصل زندگيءَ ۾
فلوريڊا ۾Disney
Cruiselines نالي هڪ پاڻي جي جهازن جي
ڪمپني ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ هوٽل مئنيجمينٽ سبجيڪٽ جي گرئجوئيٽ آهي. هوءَ ممبئي گهمڻ
لاءِ آئي، ته هن کي ماڊلنگ جا ڪجهه ڪم ملي ويا، جتان پوءِ هن کي مرهٺي فلمن ۾ رکيو
ويو، جن مان ”ممبئي جا دٻي وارا“ فلم ‘Mumbaicha
Dbbewala’ تمام مشهور ٿي.
’پيار ڪري ڏس‘ ۽ ‘The
Awakening’ سنڌي فلمن بعد ”وائسر ئي
گم“ فلم، هن رياست مهاراشٽرا جي ڪجهه شهرن ۾ تمام گهڻي هلي آهي. خاص ڪري ممبئي جي
ٻهراڙي وارن علائقن واشي، انڌيري، سيان، چيمبور ۽ الهاس نگر وغيره ۾. هيءَ فلم
مزاحيه آهي. هونءَ به انڊيا ۾ جيڪي سنڌي فلمون يا ٽي وي سيريل ٺهن ٿيون. اهي بقول
دبئي جي آشا چاند جي چرچي ڀوڳ ۽ تفريح جون ٺهن ٿيون ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ سنڌي
مسلمانن جا ٽي وي پروگرام رڳو خونريزي، چوري، ڌاڙن، ڪاروڪاري، اغوائن ۽ پوليس ۽
وڏيري جي ظلمن سان ڀريل ٿين ٿا، جن کي هندستان ۾ رهندڙ سنڌين کي ڏسي شرم اچي ٿو ته
غير سنڌي اسان جا ان قسم جا پروگرام ڏسي اسان سنڌين لاءِ ڇا سوچيندا هوندا! سچي
ڳالهه اها آهي، ته اهي شيون واقعي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي زندگي ۾ آهن. ڇو جو خبرن ۾
به اسين اهو ئي ڏسون ٿا ته اسڪولن ۾ وهٽ ٻڌا پيا آهن. اسپتالن ۾ نه ڊاڪٽر آهن نه
دوائون، پيئڻ يا پوک لاءِ پاڻي ناهي... اهو سڀ ڪجهه ڏسي حيرت ٿي ٿئي، ته سنڌ جيڪو
هڪ سکيو ستابو ۽ امن وارو صوبو هو، ان ۾ اڄ نه تعليم ۽ صحت جون سهولتون آهن ۽ نه
امن امان.
بهرحال انڊيا ۾ رهندڙ
سنڌين جي ٺاھيل ”وائسر ئي گم“، هڪ ڪاميڊي فلم آهي جنهن ۾ ڪالو ڪاڻو نالي چور 20
ڪروڙ رپين جو هيرو چورائي ٿو. ڪالوءَ جو سابق باس ڳيڌن جي گرل فرينڊ اهو هيرو هر
صورت ۾ واپس چاهي ٿي. ان بابت ڪالو ۽ ڳيڌن جي هڪ ڊيل ٿئي ٿي، ته ”هوٽل راڻي ڪوٺـيءَ“
۾ ڳيڌن مقرر ٿيل پئسا ڏيئي ڪالوءَ کان هيرو وٺندو. هوٽل جي مالڪ ڪشور جو پٽ پڻ ساڳي
هوٽل ۾ نئين سال جي خوشيءَ ۾ دعوت ڏيڻ جو پروگرام ٺاهي ٿو.
ڪالو ۽ سندس دوست لڇو
هيرو، کڻي هوٽل تي پهچن ٿا، جتي اهو هيرو غلطيءَ ۾ هوٽل مئنيجر جي هٿن ۾ هليو وڃي
ٿو. ساڳي مهل حڪومت جو هڪ رشوتي ڪامورو رامچند راماڻي هڪ ايجنٽ سان گڏ هن هوٽل ۾
اچي ٿو. کيس هڪ بلڊر پارٽي سان غير سرڪاري طرح ڪنهن ٽينڊر جي Deal ڪرڻي آهي. بس پوءِ ڇاهي
هڪ مونجهارو آهي. جنهن ۾ سڀ ڊڄن به پيا ته پهلواني به پيا ڏيکارين. کين سمجهه ۾
نٿو اچي ته ڪير ڪنهن جو ماڻهو آهي ۽ ڪهڙي ڪارڻ هتي آيو آهي. بهرحال اها سڄي مسخري
ڏسڻ سان تعلق رکي ٿي. فلم جي ڪهاڻي ڪشور لالواڻيءَ لکي آهي ۽ پروڊيوسر نريش موهاڻي
آهي. گانا، بالو چوئٿاڻيءَ لکيا آهن. فلم ۾ اداڪاري آرتي جادواڻي، جئه هيرو،
جيتيندر وزيراڻي، مِيرا جاراڻي، نشا لالواڻي، ونود راماڻي ۽ ٻين ڪئي آهي.
No comments:
Post a Comment