الطاف شيخ
ممبئي ۾ توهان جي ٻه چار
ڏينهن به آهيو، ته توهان کي هڪ دلچسپ شيءِ ڏسڻ جو مشورو ڏيندس، جنهن جو تعلق فقط
ممبئي سان آهي ۽ جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه ٽڪيٽ آهي ۽ نه وقت جو زيان ٿي سگهي ٿو. توهان
منهنجي هيءَ ڳالهه پڙهڻ بنا ڏسي سگهندائو. بلڪ توهان کي ضرور ڏسڻ ۾ ايندي. اھا ٻي
ڳالھ آھي ته توهان کي هيءُ پنا پڙهڻ بنا، نه ان جي اهميت جو قدر ٿيندو ۽ نه تاريخي
پسمنظر جي ڄاڻ. هن لقاءَ کي ڏسڻ لاءِ، ويندي يورپ ۽ آمريڪا جا گورا، ممبئي ۾ اچن
ٿا، بلڪ ولايت توڙي انڊيا ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون جن ۾ بزنيس، ائڊمنسٽريشن ۽
مئنيجمينٽ جا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا، تن پنھنجن شاگردن کي ممبئيءَ جي هن لقاءَ کي
ڏسڻ يا ان بابت ڄاڻڻ ۽ Case Study خاطر پنهنجي ٿيسز ۾ شامل
ڪرڻ ضروري ڪري ڇڏيو آهي. هيءُ معرڪو، جيڪو ممبئي شهر ۾ روزانو ٻه دفعا عروج تي رهي
ٿو، ان بابت لکڻ کان پهرين، تمهيد خاطر هڪ اڌ ٻي ڳالهه لکندس. ان بعد توهان هن کي
ڏسڻ سان يا پڙهڻ سان، حظ حاصل ڪري سگهندائو.
آئون توهان کان پهرين هڪ
سوال پڇڻ ٿو چاهيان. سمجهو ته توهان ڪنهن دڪان جا مالڪ، ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ آفيسر
يا ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ مئنيجر آهيو. توهان جي آفيس ڪراچيءَ جي شهر صدر ۾ آهي ۽
گهر ڪراچي يونيورسٽي پاسي گلشن اقبال يا گلستان جوهر ۾ آهي. توهان ڪنهن سبب ڪري- صحت خاطر يا پسند خاطر گهر جي ماني کائڻ چاهيو ٿا، جيڪا توهان تائين پهچائڻ لاءِ
توهان جو ڊرائيور منجهند جو ماني تيار ٿيڻ تي توهان وٽ کڻي اچي ۽ کائڻ بعد هو ٽفن
باڪس يا پليٽون واپس کڻي گهر وڃي، ته اندازو لڳايو اها ماني توهان کي ڪيڏي مهانگي
پوندي. توهان جو نوڪر يا ڊرائيور ڀلي کڻي بس ۾ وڃي، تڏهن به اوٽ موٽ جو 50 رپيا بس
جو ڀاڙو هڪ طرف ويو ته ٻي پاسي ان نوڪر جو اڌ ڏينهن يعني اڌ پگهار ان ڪم پويان چٽ
ٿيو. پر جي ان نوڪر کي چئجي ته نه فقط توهان جي ماني پر توهان جي پاڙي ۾ رهندڙ اٺ
ڏهه ڄڻن جي ماني کڻي وڃي، ته هن لاءِ پاڙي وارن گهرن مان ماني کڻي صدر ۾ هڪ ئي
آفيس ۾ پهچائڻ ڪا اهڙي ڏکي ڳالهه ناهي سواءِ ڏهن ٽفن باڪسن جو بار ڍوئڻ جي. پر اهي
ٽفن باڪس هڪ آفيس ۾ پڄائڻ بدران هن کي چئجي، ته مختلف آفيسن ۾ مختلف ماڻهن کي
پهچائڻا آهن. يعني صدر جي علائقي ۾ پر هڪ ايمپريس مارڪيٽ ۾، هڪ صدر پوسٽ آفيس وٽ،
هڪ گورنر هائوس ۾، هڪ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾، هڪ سعيد منزل تي ته هڪ چيف منسٽر هائوس وٽ
وغيره وغيره ته هن لاءِ وڏو بار ٿي پوندو. يعني هڪ هڪ کي پهچائي ۽ پوءِ وري هڪ هڪ
وٽ موٽي اچي ٿانو کڻي ۽ سندن گهرن ۾ پهچائي.
پر ان بدران هن کي چيو
وڃي ته ڏهه کن ماڻهن جي ماني هڪ ئي پاڙي مان کڻڻ بدران گلشن اقبال جي مختلف علائقن
مان کڻي، صدر جي علائقي جي مختلف هنڌن تي پهچائڻ بدران هڪ ٽفن باڪس صدر ۾ ڪم ڪندڙ
آفيسر کي ڏئي، ٻيو گرومندر وٽ هڪ دڪاندار کي ڏئي، ٽيون ٽاور وٽ ڪسٽم آفيس ۾ ڪم
ڪندڙ ڪسٽم آفيسر کي ڏئي، چوٿون ڪياماڙي تي بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر کي ڏئي، پنجون
ڪلفٽن برج وٽ PSO آفيس ۾ پهچائي، ته مون کي
ٻڌايو هن جو ڇا حشر ٿي ويندو. اسان جو ئي دماغ چڪرائي ٿو. وڏي ڳالهه ته اهو ممڪن
به آهي يا نه؟
توهان کي حيرت ٿيندي، ته
ممبئي ۾ هڪڙي قوم آهي، جيڪا اهو ڪم سڄي ممبئي شهر ۾ سرانجام ڏئي ٿي، جنهن لاءِ هو
توهان کان مهيني ۾ فقط 500 کان 600 رپيا چارج ڪن ٿا! ۽ اهو ڪم ممبئي ۾ گذريل ڏهه
ٻارهن سالن کان نه پر 100 سالن کان به مٿي کان خير خوبيءَ سان هلي رهيو آهي ۽ ڳڻپ
ڪئي وئي آهي ته ممبئي شهر ۾ روزانو ٻه لک کن اهي ٽفن باڪس جن کي مڪاني ماڻهو
”دَٻا“ چون ٿا، مختلف ماڻهن جي گهرن مان سندن آفيسن تائين پهچايا وڃن ٿا ۽ پوءِ
اهي خالي ٿين ٿا ته شام جو ساڳين گهرن ۾ موٽايا وڃن ٿا. انهن دٻن کي گهرن کان
آفيسن ۾ ۽ وري واپس گهر تائين پهچائڻ لاءِ اٽڪل 5000 ماڻهو ڪم ڪن ٿا. جيڪي انگريزن
جي ڏينهن کان وٺـي ڊبا والا (Dabbawala) سڏجن ٿا، يعني ٽفن
ڪئريئرس. هنن ”ڊبا والن“ جي هڪ ٻئي سان اهڙي ته Co-ordination آهي جو روزانو هر هڪ دٻو ممبئي جي هڪ ڪنڊ کان ٻي
ڪنڊ تائين پهچي وري واپس اصلي جاءِ تي اچيو وڃي ۽ هي سڄو ڪم مشينون يا ڪمپيوٽر نه
پر انسانن جو ذهن ۽ جسم ٿو ڪري، جنهن ۾ غلطي ٿيڻ جون وڌيڪ Chances آهن، پر حساب لڳايو ويو ته هي ڪم اهڙو ته Precisely ٿئي ٿو، جو سراسري 60 لک
ڊليورين مان ڪا هڪ غلطي مس ٿئي ٿي. آمريڪا جي فوربس گلوبل مئگزين وارن هن ڪم جي
هفتن جا هفتا چڪاس ڪري ممبئي جي ڊبا والا سسٽم کي 2001ع ۾ Six Sigma سرٽيفڪيٽ ڏنو هو. يعني فوربس مطابق ممبئي جا ڊبا
والا (ماني جا ٽفن پهچائڻ وارا) 999999. 99 سيڪڙو درست (Accuracy) سان ڪم ڪن ٿا. هي سرٽيفڪيٽ خاص ڪري سوئيٽزرلئنڊ جي
سون جي بسڪيٽن لاءِ هوندو آهي. يعني هن ۾ نج سون آهي، ڪنهن به قسم جي ڦيٽ ناهيس.
هتي هيءُ به لکندو هلان،
ته هي مانيءَ جا دٻا (ٽفن باڪس) ممبئي شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ۽ وري واپس
ساڳئي گهر ۾ پهچائڻ وارو هڪ ماڻهو نٿو ٿئي. بلڪ هر دٻو، گهٽ ۾ گهٽ ٽن چئن ماڻهن جي
هٿن مان گذري ٿو، پر توهان وٽ شام جو خالي دٻو پهچائڻ وارو اهو ئي ماڻهو هوندو،
جيڪو ڏهين يارهين بجي صبح پهر توهان وٽان کڻي وڃي ٿو. ٻي ڳالهه ته ممبئي جا هي سڀ
5000 کن دٻا والا، هڪ ئي قوم سان واسطو رکن ٿا. هي سڀ مهاراشٽرين يعني مرهٺـا آهن،
جن جو تعلق پوني جي ڀر واري علائقي سان آهي. هي دٻا والا هن دٻا والا آرگنائيزيشن
۾ نوڪر نه پر شيئر هولڊر آهن. هو پگهار تي ڪم نٿا ڪن، پر جيڪو فائدو ٿئي ٿو ان مان
حصو وٺن ٿا. هن ڪم ۾ هو ڌارين کي نٿا رکن پر ڪڏهن ڪڏهن مجبوريءَ ۾ جيڪڏهن ڪو ٻي
قوم يا رياست جو رکن ٿا، ته ان کي سال ڏيڍ پگهار تي رکي پوءِ جي هو ڏسن ٿا، ته هو
محنتي ۽ ايماندار آهي ۽ هنن جي طبيعت مطابق هلي ٿو ته پوءِ هن کي پنهنجي ڪميونٽي
جي ماڻهن وانگر شيئر هولڊر بڻائين ٿا.
توهان کي جيڪڏهن آفيس
ماني گهرائڻي آهي ته توهان ڪنهن به دٻي واري کي چئي، ڪٿي به پنهنجي گهر ۽ آفيس جو
نمبر ڏيڻ سان گھرائي سگھو ٿا. توهان جي گهران ماني کڻڻ لاءِ، اهو ماڻهو پهچي ويندو،
جيڪو توهان جي پاڙي مان ٻين جا دٻا کڻي ٿو ۽ توهان جي آفيس ۾ توهان کي اهو ماڻهو
پهچائي ويندو، جيڪو توهان جي آفيس واري بلڊنگ ۾ ٻين ماڻهن کي پهچائي ٿو. سڄي ممبئيءَ
جي گهرن مان ساڍي ڏهين کان يارهين بجي ڌاري مانيءَ جا (دٻا) کنيا وڃن ٿا، جيڪي
مختلف منزلن (آفيسن، دڪانن وغيره) تي مالڪن کي پهچايا وڃن ٿا ۽ وري ٽي کان چئين
تائين آفيسن وغيره مان خالي دٻا کنيا وڃن ٿا ۽ پنجين ڇهين بجي ڌاري گهرن ۾ پهچايا
وڃن ٿا. ممبئي جي هنن دٻا والا جو هڪڙو ئي يونيفارم آهي. سفيد ڪرتو، سفيد پجامو ۽
سفيد ٻيڙي ٽائيپ (نهرو اسٽائيل) ٽوپي. هن ڪم لاءِ هنن کي فقط سائيڪل کپي يا سائيڪل
سان گڏ گاڏو يا ڪاٺ جي سنهن ڪنارن واري ڊگهي کٽ، جنهن ۾ هو 40 کن ٽفن رکي سگهن. گاڏي ۾ سٺ ستر کڻي سگهن ٿا.
روزانو ممبئي جي مختلف
پاڙن ۾ مقرر ڪيل دٻا والا گهرن مان دٻا وصول ڪن ٿا ۽ هر هڪ ٽيهه چاليهه کن دٻا جن
جو 35 ڪلوگرام کن وزن ٿئي ٿو، سائيڪل يا گاڏي تي يا وري مٿي تي رکيل کٽ ذريعي کڻي
ميل ٻه پنڌ ڪري ويجهي ريلوي اسٽيشن تي پهچائي ٿو. جتي مختلف علائقن کان آيل هزارين
دٻا Sort Out ڪري ريل گاڏيءَ ۾ چاڙهيا
وڃن ٿا. دٻن تي هڪ ٻه انگ ۽ اکر لکيل ٿئي ٿو ۽ جيئن ڌوٻي ان ننڍي نشان مان ڪپڙن جا
الڳ الڳ ڍير ڪري ٿو تيئن هي دٻا والا انهن نشانين مطابق مختلف اسٽيشنن تي لاهڻ
لاءِ دٻا الڳ الڳ ڪن ٿا. مثال طور ڪنهن دٻي تي ‘A’ لکيل آهي معنيٰ ان کي
انڌيري اسٽيشن تي لاهڻو آهي. وري B وارن کي باندرا، C وارن کي چرچ گيٽ D وارن کي دادر وغيره. هر
اسٽيشن تي الڳ الڳ دبا والا ٿين، اهي نشانن مطابق انهن دٻن کي ان اسٽيشن تي لاهين
۽ پوءِ وري انهن تي لڳل انگن مطابق انهن دٻن جي Sorting ڪري انهن مقرر دٻا والن
کي ڏين جيڪي باندرا، چرچ گيٽ، وورلي، سئنٽا ڪروز يا کار جي مختلف علائقن ۾ ڏيڻ
لاءِ کڻن. ڪراچيءَ ۾ ته اهڙي ريل سسٽم ناهي، جيڪا نيو ڪراچي يا سرجاني کان ڪياماڙي
۽ گلشن حديد کان ڪلفٽن تائين هلندي هجي. پر مثال جي ڳالهه اهڙو سسٽم جي هجي ها، ته
اهي دٻا جيڪي صدر ۾ لهڻا آهن، اهي اتي لاهي پوءِ انهن تي لڳل انگن مطابق صدر ۽ ان
جي اردگرد جي علائقن ۾ ورهائڻ لاءِ الڳ الڳ ڪيا وڃن ها ۽ انهن علائقن جي دٻا والن
کي ورهائڻ لاءِ ڏنا وڃن ها. شام جو وري اهي خالي دٻا اهڙي طرح واپس موٽن ٿا ۽ هي سڀ
ڪم وڏي چستي سان ٿئي ٿو، جو ممبئي جي لوڪل ٽرين هر اسٽيشن تي 20 سيڪنڊن کان اڌ منٽ
مس بيهي ٿي. بهرحال ٽرينن مان ٽفن لاهڻ، انهن کي الڳ الڳ ڪرڻ ۽ پوءِ سائيڪل يا مٿي
تي ڊگهي کٽ رکي اهي ٽفن ورهائڻ جو ڪم ڪندڙ هنن دٻن وارن جي ڊوڙ ڊوڙان ڏسڻ وٽان
هوندي آهي. اهو به سوچيو ته ممبئي اهو شهر آهي، جتي سال جا 6 مهينا کن مينهن ٿو
پوي پر مينهن هجي يا گرمي، اس هجي يا طوفان، هنن دٻا وارن کي هر صورت ۾ پنهنجي
ڊيوٽي پوري ڪرڻي هوندي آهي.
مٿيون سسٽم ته مون آسان
ڪري لکيو آهي، جيئن هڪ نئين ماڻهو کي سمجهه ۾ اچي سگهي، پر حقيقت ۾ ڪيترا اهڙا
محلا آهن ۽ انهن ماڻهن جون آفيسون اهڙن هنڌن تي آهن، جو هنن جي ماني (دٻو) ٽن يا
چئن ماڻهن بدران پنجن يا ڇهن جي هٿن مان گذرڻ بعد، چڪر پورو ڪري ٿو. هي ڪم ايڏو ته
حاضر دماغيءَ سان هلي ٿو، جو ڪنهن جو به دٻو هيٺ مٿي نٿو ٿئي ۽ اهڙيءَ طرح مهينو
پورو ٿيڻ تي ورتل في جيڪا پنڌ ۽ دٻن مطابق هر هڪ ورڪر ونڊ ورڇ ڪري ڪيئن کڻي ٿو،
اهي سڀ ڳالهيون ڏسڻ لاءِ ڌاريا ماڻهو ممبئي ۾ پهچن ٿا. ٻاهرين يونيورسٽين مان
ڪئليفورنيا (USA) جي برڪلي يونيورسٽي هڪ
آهي، جيڪا بزنيس مئنيجمينٽ جي شاگردن کي ممبئي جي هن دٻا والا جو Logistic System پڙهائي ٿي. سال 1998ع ۾
ٻن ڊچ فلمسازن Jascha De wjde ۽ Chris Relleke هنن دٻن وارن تي “Dabbawalas,Mumbais Lunch Service” هڪ ڊاڪومينٽري فلم به
ٺاهي، جيڪا يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ڏيکاري وئي هئي. آمريڪا جي مشهور مئگزين ”ڪرسچن
سائنس مانيٽر“ هنن دٻا والا تي هڪ تفصيلي فيچر مضمون پڻ هلايو هو، جنهن جو عنوان
هو “Fastest Food: It’s Big mac vs. Bombay ’s
Dabbawala” ۽ تازو ويجهڙائيءَ ۾
انگلينڊ جي BBC ٽي وي وارن ۽ آسٽريليا جي ABC ٽي. وي وارن ممبئي جي هنن
دٻا والا تي فلم تيار ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڏيکاري هئي. ايتري قدر جو ملڪہ
ايلزبيٿ جو پٽ شهزادو چارلس، جڏهن انڊيا جي دوري تي آيو هو، ته هن جي خواهش تي کيس
ممبئي جي هڪ اسٽيشن تي ڪجهه دٻا والا سان ملرايو ويو هو ۽ اهو پڻ ڏيکاريو ويو هو
ته گاڏيءَ مان ڪيئن چند سيڪنڊن ۾ هزارين دٻا (ٽفن باڪس) لاٿا وڃن ٿا ۽ انهن دٻن جي
ڍڪن تي لکيل ڪوڊ نمبرن مطابق گروپ بندي ٿئي ٿي ۽ ڪيئن هر گروپ جا دٻا مقرر ٿيل دٻا
والا سائيڪلن تي، پنڌ يا مٿي تي رکي مختلف عمارتن ۾ ورهائين ٿا.
هتي اهو به لکندو هلان ته
هي سسٽم فقط ممبئي ۾ آهي. ممبئي جي دٻا والا مرهٺي قوم جيڪا مهاديو سڏجي ٿي، انهن
هي سسٽم دهليءَ ۾ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيا، ڇو جو دهلي يا ٻيا
وڏا شهر گول دائري ۾ آهن. ممبئي جو شهر اتر کان ڏکڻ تائين ڊيگهه ۾ آهي، جنهن جي وچ
مان ريلوي لائينون گذرن ٿيون. ٻي ڳالهه ته ممبئي جو شهر ڪجهه اهڙي قسم جو آهي جتي
گهڻي ڀاڱي رهائش اتر ۾ آهي ۽ آفيسون ۽ ڌنڌا ڌاڙي ڏکڻ ۾ آهن. صبح جو هو ممبئي جي
اترانهين ڪنڊ کان نڪرن ٿا ۽ ڏکڻ ۾ دنگ ڪن ٿا ۽ شام جو وري ڏکڻ کان ڪوچ ڪن ٿا ۽
واپس اتر ۾ اچن ٿا. سمجهو ته سرجاني ڳوٺ، سچل ڳوٺ يا سهراب ڳوٺ کان نڪرن ٿا ۽ ڏکڻ
۾ ڪياماڙي تائين دنگ ڪن ٿا.
No comments:
Post a Comment