بمبئي
جا ڌوٻي، پارسي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا
الطاف شيخ
ممبئي شهر ۾ جتي ڪنهن ريل
جي اسٽيشن تي بيهي، ٻه لک کن ماڻهن جي لنچ (منجهند جي ماني) ڍوئڻ وارن سوين ’دٻا
والاز‘ جي مشين جهڙي ڦڙتي ڏسڻ جهڙي آهي، اتي ممبئي جي ڌوٻي گهاٽ تي هزارين ڌوٻين
کي ڪپڙا سَٽيندو ڏسڻ پڻ، دلچسپيءَ کان خالي ناهي. روزانو سوين فارينر، دنيا جي هن
وڏي ڌوٻي گهاٽ کي ڏسڻ لاءِ مهالڪشمي ريلوي اسٽيشن تي اچن ٿا. لڳي ٿو ته، انگريزن
جتي به حڪومت ڪئي، اتي ڪپڙن جي ڌوئارڻ لاءِ ڌوٻي گهاٽ جو ضرور بندوبست ڪيو. پينانگ
(ملائيشيا) ۽ سنگاپور ۾ به، زمين جو هڪ حصو ڪپڙا ڌوئڻ وارن حوالي ڪيائون، جيڪو اتي
به ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو. ڌوٻي گهاٽ جيتوڻيڪ هندي ۽ اردو جو لفظ آهي، پر ڌوٻي ۽ ڌوٻي
گهاٽ ٻئي لفظ انگريزي، چيني، ملئي ۽ ڏکڻ هندستان جي ٻولين ۾ شامل ٿي ويا آهن. سنگاپور جو ڌوٻي گهاٽ جيتوڻيڪ اڄ ڌوٻي گهاٽ نه رهيو آهي. اڄ اتي اوچيون عمارتون ۽
شاپنگ سينٽر آهن، پر اڄ به اهو علائقو ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو. ماڊرن زماني جي
ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي، عورتون توڙي ڌوٻي، واشنگ مشينن ۾ ڪپڙا ڌوئن ٿا. پر ممبئي
جو هي ڌوٻي گهاٽ، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڌوٻي گهاٽ آهي، اتي اڄ به هٿ سان ڪپڙا
ڌوتا وڃن ٿا ۽ اڄ هڪ صدي کن اڳ واري طريقي سان، ڪپڙن کي گرم پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، صابڻ
۽ کار هڻي، ڏنڱرين سان سٽيا وڃن ٿا يا وري پٿر جي وڏي بلاڪ مٿان ڪُٽيا وڃن ٿا.
ممبئي جي ٻه ڪروڙ
آدمشماري آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي امير ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجا ڪپڙا ڌوٻين کان
ڌوئارين ٿا. انهن کان علاوه شهر ۾ هزارين هوٽلون ۽ سوين اسپتالون ۽ ڪاليجن جون
هاسٽلون آهن، جن جا ڪپڙا، ڌوٻين وٽ وڃن ٿا. ممبئي جي هن کليل ۽ 140 سال پراڻي ڌوٻي
گهاٽ ۾، هتي جي ماڻهن جي چوڻ مطابق؛ ڏهه هزار ڌوٻي ڪم ڪن ٿا ۽ روزانو 10 لک ڪپڙن
جا پيس ڌوئن ٿا. قطارن ۾ سيمنٽ جا ننڍڙا حوض ٺهيل آهن جن ۾ ڪپڙا پسايا وڃن ٿا ۽
انهن جي ڀرسان سيمنٽ جا بلاڪ رکيل آهن. ڪي ڌوٻي ڏنڱريون هڻي ڪپڙن مان ميراڻ ڪڍڻ
بدران، پٿر جي هن بلاڪ تي ڪپڙن کي سَٽين ڪُٽين ٿا. هڪڙا وڃن ٿا ته ٻيا اچن ٿا. روزانو اٽڪل 16 ڪلاڪ هنن پٿرن سان ڪپڙن جي سٽ ڪُٽ هلي ٿي. دنيا جو هي وڏي ۾ وڏو
ڪارخانو آهي، جنهن ۾ مشينن بدران انسان ڪم ڪن ٿا. سوين حوضن اڳيان، هزارين پٺيءَ ۽
ٽنگن اگهاڙا هي ڌوٻي ڪڇي، چڍي يا پوتڙي ۾ بيهي ڪپڙا ڌوئن ٿا. هنن ڪپڙن جي سٽ سٽ جو
آواز ٻُڌڻ ۽ رسين تي ٽنگيل مختلف رنگن جون ساڙهيون ۽ ڊريسون ڏسڻ وٽان آهن. هي سڀ
ڪجهه ڏسڻ لاءِ توهان کي ڪو شهر کان پري وڃڻو ناهي. شهر جي وچ ۾، مهالڪشمي ريلوي
اسٽيشن تي لهي، ’سات راستا‘ رائونڊ اباؤٽ تي اچڻو آهي. مهالڪشمي ريلوي اسٽيشن مٿان
وهندڙ فلاءِ اوور تان، توهان نه فقط هي نظارو ڏسي سگهو ٿا پر فوٽو به ڪڍي سگهو ٿا.
ٻه ٽي سٽون انگلينڊ جي
راڻي وڪٽوريا بابت پڻ لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن جو سڄي هندستان تي خاص ڪري ممبئي
تي وڏو اثر رهيو آهي. ممبئي جي هڪ دڪاندار کان پڇيم ته؛ ”وڪٽوريا جي خبر اٿئي؟“
وراڻيائين ته ممبئي جي آخري ريلوي اسٽيشن آهي، انگريزن ٺهرائي هئي. ڪراچي جي ماما
پارسي اسڪول جي هڪ شاگرد کان پڇيم ته جواب ڏنائين؛ ”وڪٽوريا وڏو ٽانگو آهي، جنهن ۾
ڪڏهن ڪڏهن چڙهي گهر ويندا آهيون.“ سندس جواب تي ٻين جي کلڻ تي هڪ ٻئي شاگرد کان
پڇيم ته هن ٻڌايو؛ ”وڪٽوريا اسٽريٽ جو نالو آهي، جيڪا هاڻ زيب النساءِ اسٽريٽ سڏجي
ٿي.“
دنيا ۾ شايد ئي ڪو ملڪ
هجي، جنهن تي انگريزن راڄ ڪيو هجي ۽ ان جي وڏي شهر ۾ وڪٽوريا نالي ڪو روڊ، پارڪ،
بلڊنگ، اسڪول يا مارڪيٽ منسوب نه ڪئي هجي.
راڻي وڪٽوريا (سڄو نالو
اليگزينڊرينا وڪٽوريا) 1819ع ۾ ڄائي ۽ 18 ورهين جي ڄمار ۾ 1837ع ۾ انگلينڊ جي تخت تي
ويٺي يعني هوءَ Queen (راڻي) ٿي ۽ 1876ع کان هن
کي انڊيا جي (Empress) شهزادي قرار ڏنو ويو. ڪراچي ۽ ممبئي جا ڪئينس
روڊ، (جيڪي هاڻ مولوي تميزالدين خان روڊ ۽ مهارشي ڪاروَ مارگ سڏجن ٿا)، ايمپريس
مارڪيٽون، وڪٽوريا روڊ، وڪٽوريا پارڪ، وڪٽوريا بگي (گهوڙي گاڏي) ممبئي جي وڪٽوريا
ٽرمينس (V.T) ريلوي اسٽيشن، جنهن جو
نالو اڄ به وڪٽوريا اسٽيشن سڏجي ٿي، ممبئي جو مشهور ”وڪٽوريا جوبلي ٽيڪنيڪل
انسٽيٽيوٽ VJTI انجنيئرنگ ڪاليج، جنهن جو
نالو هاڻ بدلائي شيواجي جي ماءُ نالي ”ويرماتا جيجا ٻائي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ“ ڪيو
ويو آهي، اهي سڀ هن راڻي وڪٽوريا نالي آهن. وڪٽوريا نالي عمارتون ۽ پارڪ وغيره نه
رڳو ڪراچي ۽ ممبئي ۾ آهن، پر لاهور، دهلي، مدراس، ڪلڪتي ۽ ويندي ٻين ملڪن جي شهرن: ڪولمبو، ملاڪا، ڪيپ ٽائون، ڊربن، نيروبي، گهانا ۽ ٻين ملڪن ۾ آهن. هن راڻيءَ جون
مورتيون (Bust) به ڪيترن ئي شهرن ۾ نظر
اچن ٿا، جن مان ڪيترن هنڌن تان ملڪن کي خودمختياري ملڻ تي لاٿا ويا آهن، ڪٿي ته
اڃا تائين آهن.
راڻي وڪٽوريا، تمام وڏو
عرصو انگلينڊ جي (۽ انڊيا جي پڻ) حاڪم ٿي رهي. هن جي وفات 1901ع ۾ ٿي ۽ سندس 63
ورهيه حڪومت جي دور کي وڪٽورين دور سڏجي ٿو، جنهن ۾ انگلينڊ وڏي ترقي ڪئي ۽ يورپ
سان سٺي دوستي رهي. راڻي وڪٽوريا کي 9 ٻار ۽ 42 پوٽا ڏوهٽا ٿيا، جن سڀني جي شادي
هن پنهنجن هٿن سان يورپ جي ملڪن جي مختلف شهزادن سان ڪرائي، ان ڪري کيس ”يورپ جي
ڏاڏي“ به سڏيو وڃي ٿو.
راڻي وڪٽوريا، انگلينڊ جي
ناليواري بادشاهه ”جارج ٽئين“ جي پوٽي ۽ ڊيوڪ آف ڪينٽ جي ڌيءَ هئي. جارج ٽئين جي
هن چوٿين نمبر پٽ (ڊيوڪ آف ڪينٽ) 50 ورهين جي ڄمار ۾ شادي ڪئي ۽ کيس وڪٽوريا اڪيلو
ٻار ٿيو. ڄمڻ وقت انگلينڊ جي تخت لاءِ سندس پنجون نمبر هو جو ان وقت سندس ڏاڏو
جارج ٽيون بادشاهه هو. جنهن بعد سندس ٽن وڏن چاچن (جن شادي نه ڪئي) ۽ پيءُ جو وارو
هو. پر سندس ڏاڏي جي وفات وقت پاڻ ئي رهجي وئي ۽ انگلينڊ جي تخت ۽ تاج جي مالڪ ٿي. سندس حڪومت ۾ انگريزن جي حڪومت ۽ ڪالونيون عروج تي رهيون. ايتري قدر جو اها چوڻي
مشهور ٿي ته؛ انگريزن جي حڪومت تان ڪڏهن به سج نٿو لهي.
ممبئي (بمبئي) ۾ جيڪا
انگلش يا هندي (اردو) ڳالهائي وڃي ٿي، ان جو پنهنجو ئي اسٽائيل آهي. جيئن ڪراچيءَ
۾، خاص ڪري ڪياماڙيءَ، کارادر ۽ ڪلفٽن پاسي جيڪا اردو ڳالهائي وڃي ٿي، ان جو لهجو
۽ لفظ مڪراني، سنڌي، بلوچي، ڪڇي، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين جا مڪسچر آهن. اهڙيءَ طرح
ممبئي جيتوڻيڪ مهاراشٽرا رياست جو شهر آهي، جنهن جي سرڪاري زبان مراٺي آهي، پر
ممبئي ۾ ٻين رياستن جا ماڻهو پڻ رهڻ ڪري هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي زبان هندي
آهي، جيڪا هندي دهلي ۽ حيدرآباد دکن جي هنديءَ کان مختلف آهي. ان ڪري بمبئي جي
هنديءَ کي هتي جا ماڻهو Bhindi (ڀنڊي) به سڏين ٿا يعني Bombay Hindi اهڙيءَ طرح هتي استعمال
ٿيندڙ انگريزي آهي، جيڪا انگلينڊ جي انگريزيءَ کان بلڪل نرالي آهي، ڇو جو بمبئي جي
انگريزي ۾ ڪيترا ئي مڪاني زبانن جا لفظ ۽ محاورا آهن، ان ڪري بمبئي جي انگريزيءَ
کي Binglish سڏين ٿا يعني بمبئي انگلش،
جيئن سنگاپور جي انگريزيءَ کي Singlish سڏين ٿا. پر ممبئي يا
پوني ۾ ڪنهن کان پڇندائو ته سنگلش ڇا آهي؟ ته هو توهان کي چوندو ته ‘Singlish’ سنڌي ۽ انگريزيءَ جو
مڪسچر آهي. اڄ ڪلهه ڪيتريون ئي سنڌي فلمون ٺهيون آهن، جن ۾ ڊائيلاگ انگريزيءَ ۾
آهن ته گانا سنڌيءَ ۾. يا ڊائيلاگ به ڪجهه سنڌيءَ ۾ آهن ته ڪجهه انگريزيءَ ۾. سو
اهڙين فلمن کي سنگلش فلمون سڏين ٿا.
بمبئي کي ڪنهن زماني ۾
ڪيترا ماڻهو ”پارسي آستان“ به سڏيندا هئا. ڇو جو هتي نه فقط گهڻي کان گهڻا پارسي
رهيا ٿي، پر هنن جي بمبئي جي مختلف ادارن ۽ واپار وڙي تي وڏو ڪنٽرول هو.
ايران واري سفرنامي
”ايران ڏي اڏام“ ۽ ”ايران ڪي دن“ ۾ لکي چڪو آهيان ته؛ اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾
عربن ايران فتح ڪيو، جيڪو ان زماني ۾ پارس (پرشيا) سڏبو هو. ’ايران‘ نالو ته هاڻ
منو صدي کن اڳ رکيو ويو. ايران ۾ اسلام جي فتح بعد ساساني سلطنت جو 651 ۾ خاتمو
ٿيو. ان وقت ايران جا رهاڪو باهه جا پوڄاري (Zoroastrians) هئا. اسلام جي آمد بعد،
ڪيترا ئي مجوسي (باهه جا پوڄاري) مسلمان ٿيا، ڪجهه پراڻي مذهب تي رهيا، ٻيا جهاز
ڀري هندستان جي اولهه ڪناري تي، گجرات جي بندرگاهن ۾ اچي رهيا ۽ مڪاني ماڻهو کين
پارسي سڏڻ لڳا، جو هو پارس کان گجرات پهتا هئا. وقت سان گڏ هو مڪاني ٻولي، گجراتي
پڻ سکڻ لڳا ۽ اڄ ننڍي کنڊ جا پارسي، گجراتي ڳالهائين ٿا.
انڊيا ۾ پورچوگالي ۽ پوءِ
انگريز آيا ته هنن سان گڏ هي واپار وڙو ڪرڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ سورت جو شهر وڏو
بندرگاهه هو ۽ گهڻي ڀاڱي پارسي، سورت ۽ ڪراچي ۾ رهيا ٿي. ممبئي (بمبئي) تي انگريزن
جو قبضو ٿيڻ بعد، هنن سورت جي پارسين کي بمبئي لڏي هلي رهڻ لاءِ چيو ۽ هو خوشيءَ
سان هليا آيا، جو پارسين کي انگريزن جو وهنوار ۽ طور طريقو پسند هو. ايتري قدر جو
ڪيترن پارسين پنهنجا نالا ۽ ويس وڳا به انگريزن جهڙا رکيا. ممبئي جي سڀ کان پراڻي
اخبار ”بمبئي سماچار“ پارسين هلائي ٿي. ڪانگريس جا جهونا سياستدان دادا ڀائي
نوروجي، پيروز شاهه مهتا ۽ ڊنشا واچار پارسي هئا. انڊيا جو سڀ کان وڏو ڪارخانيدار
جمشيت جي ٽاٽا پارسي هو. ويندي ممبئي کي اڄ واري شڪل ڏيڻ ۾ پارسين جو هٿ آهي، جو
ممبئي جي ڪيترن رستن ۽ پلين جي ٺهڻ لاءِ پارسين پئسا ڏنا، خاص ڪري جيجي ڀائي ۽
ريڊي مني پارسي خاندان وارن ڏنا. ريڊي منيReady Money ممبئي جي هڪ مخير پارسي
فئملي جي ذات آهي.
رڪارڊ موجب، پهريون پارسي
جيڪو 1640ع ۾ بمبئي ۾ اچي Settle ٿيو، اهو دورابجي ”نانا
ڀائي“ هو. 1661ع کانپوءِ، جڏهن بمبئي برٽش راڄ حوالي ٿي ته، انگريزن جي چوڻ تي
ڪيترا پارسي واپاري، واڍا، رازا ۽ ڪمي ڪاسبي اچي بمبئي ۾ رهيا. 1673ع ۾، انگريزن
پارسين کي مالابار-هل وٽ دخما (Tower
of Silence) ٺاهڻ لاءِ زمين ڏني، جيڪو
اڄ تائين قائم آهي ۽ پارسي پنهنجن عزيزن جا لاش اتي ڇڏيو اچن، جيئن انهن کي
سرڻيون، ڳجهون ۽ ڪانگ ڪٻرون کائي ختم ڪن. 1736ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارا، سورت
جي شهر جي هڪ واڍي مان (جنهن اتي جهاز ٿي ٺاهيا) ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ هن کي سندس ٻين
ڏهن ڪاريگرن سميت بمبئي وٺي آيا، جن اچي بمبئي شپ يارڊ ٺاهيو. هي پارسي لوجي
نسروانجي واڍيا هو، جنهن پنجاهه سال 40 رپيه في مهيني جي پگهار تي، انگريزن وٽ ڪم
ڪيو. ان بعد سندس اولاد جهاز ٺاهيندو رهيو. هنن جا ٺهيل فريگيٽ جهاز، انگريزن
ٽرافالگر جي لڙائيءَ ۾ به استعمال ڪيا.
چون ٿا ته؛ 1800ع تائين
بمبئي جو اڌ، پارسين حوالي هو. ايتري قدر جو هو، پنهنجا محل جهڙا بنگلا، انگريزن
کي ڳري مسواڙ تي ڏيندا هئا. بمبئيءَ جي پهرين ڪاٽن مِل ۽ پوءِ اسٽيل مل، پارسين
هنئي. 1960ع کان پارسين جون ڇوڪريون به هائر تعليم ۾ اچي ويون. بزنيس کان علاوه
تعليم، سياست ۽ اسپتالن ۾ پارسين جو نالو هو.
No comments:
Post a Comment