Friday, December 09, 2011

بمبئي جي روڊن تي بالي وڊ اداڪارائون - الطاف شيخ


بمبئي جي روڊن تي بالي وڊ اداڪارائون
الطاف شيخ
انڊيا جي ٻين شهرن وانگر ممبئي جي رستن تي به ڪيترا ئي دفعا پنهنجي منهن اڪيلي سر ڍڳين کي سير سپاٽو ڪندي ڏٺم. ٻين شهرن جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ ممبئي ۾ تمام گهڻي ٽرئفڪ آهي، پر هي ڍڳيون رستن تي گهمي گهمي ايڏيون Bold ۽ ٽرئفڪ جي مزاج کان واقف نظر اچن ٿيون، جو هنن کي ڪنهن به قسم جو خوف يا فڪر ناهي. ڏاڍيون Composed ۽ پرسڪون نموني سان رستو ٽپندي، رستي جي ڪناري تي لڳل گاهه يا ڀاڄيون وڪڻڻ وارن طرفان اڇلايل ڀاڄيون کائيندي ۽ ڇيڻا لاهيندي نظر اچن ٿيون. ڪو به واٽهڙو يا ڪار وارو کين ڊسٽرب نٿو ڪري. ”هندو ڌرم ۾ ڳئون کي پوڄيو وڃي ٿو.“ مون اهو ٻڌو هو يا گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ذهن ۾ هو. ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ روم ۾ جتي آئون ٽڪيل هوس، اتي جي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ هڪ جرمن پروفيسر جنهن کي هندو ڌرم جي وڏي ڄاڻ هئي، تنهن گيسٽ هائوس جي ٽي وي لائونج ۾ مون کي ٻڌايو ته؛ ”هندو ڪڏهن به ڳئون جي پوڄا نٿو ڪري...“
For India, the Cow represents the sacred Principle of motherhood. She symbolizes charity and generosity because of the way she distributes the milk, which is essential for the nourishment of the young...
هن پروفيسر چيو ته؛ ڳئونءَ کي انڊيا ۾ اگهنيا چيو وڃي ٿو، يعني اها شيءِ جنهن کي ذبح نه ڪجي. ظاهر آهي هوءَ ماءُ وانگر ٻارن لاءِ کير ڏئي ٿي. ان کير جو حق ادا ڪرڻ لاءِ ڇا هن کي ڌڪارجي يا ڪُهي ڇڏجي، جڏهن هوءَ پوڙهي ٿي وڃي يا کير ڏيڻ لائق نه رهي؟


”اهو ٻڌي توهان کي حيرت ٿيندي ته هندو ڌرم ۾ ڳئون جي گوشت کائڻ جي به جهل ناهي،“ هن پروفيسر ٻڌايو، ”بلڪ ويدن وارو زمانو Beef eating ايج هئي. پر پوءِ جين ۽ ٻڌ ڌرم جي مشهور ٿيڻ ڪري، جنهن ۾ ڪنهن به ساهه واري جانور، پکي يا جيت جڙي کي مارڻ جي منع آهي. انڊيا ۾ هڪ اهڙو ثقافتي انقلاب آيو، جنهن ۾ هي گوشت کائڻ وارو ملڪ، (Vegetarian) ڀاڄيون کائڻ وارو بنجي ويو.“
بهرحال ڳالهه اها آهي ته هيءُ گگدام جانور، انڊيا ۾ عزت جي قابل سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هي بيحد ڪارائتو جانور آهي ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ هڪ غريب لاءِ هي ماءُ جو ئي ڪردار ادا ڪري ٿو. ڳئون کير ڏيڻ ڇڏي ڏئي ته گهر جا ٻارڙا کير ۽ مکڻ کان سڪيو وڃن. ممبئي يونيورسٽيءَ جي نهرو لائبريري ۾ ڪم ڪندڙ هندو ليڊي انچارج، ڳئونءَ بابت چيو ته؛ ”ڳئون قدرت طرفان خلقيل مڙني گگدام جانورن جي نمائندگي ڪري ٿي.“
In respecting the cow, we are showing respect for all living things, a notion that ties in deftly with “Ahinsa”, and Vegetarianism.
۽ اهو ئي نقطو آهي، جنهن جي گانڌيءَ پرچار ڪئي ٿي.
ڏٺو وڃي ته هيءُ جانور، انڊيا جي ايڪاناميءَ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. ڍڳيون ٻارن لاءِ کير مکڻ يعني صحت مهيا ڪن ٿيون، ته سندن نر ڍڳا هر هلائڻ ۽ ڍڳي گاڏيون ڇڪڻ ۽ بار ڍوئڻ جي ڪم ۾ اچن ٿا. انڊيا جي هڪ اخبار ۾ پڙهي رهيو هوس ته؛ انڊيا ۾ ڏيڍ ڪروڙ ڍڳي گاڏيون آهن، جيڪي اٽڪل 15 بلين ٽن سامان انڊيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڍوئين ٿيون. سڀ کان وڏي مدد هن جانور جو ڇيڻو آهي، جيڪو سرڪاري انگ اکرن مطابق سال ۾ 800 ملين ٽن پيدا ٿئي ٿو. جرمن پروفيسر چيو ته؛ ويدن ۾ آهي ته فقط ڍڳيءَ جو ڇيڻو نرالو آهي. ٻئي ڪنهن جانور جي فضلي (Excrement) کي ڇهڻ سان وهنجڻ ضروري آهي، پر ڍڳيءَ جو ڇيڻي گندگي بدران جراثيم ڪش آهي، جنهن ۾ Antiseptic خاصيتون آهن. اها ڳالهه ماڊرن سائنس به ثابت ڪري چڪي آهي. هڪ طرف ته ڇيڻي ۾ بئڪٽريا نه آهن، ٻئي طرف اهو آسپاس جا جراثيم ماري ٿو. ڍڳيءَ جي ڇيڻي جو ذرو ذرو Antiseptic آهي. سمجهو ته Lysol يا Mr. Clean آهي.
ڍڳين جي لٿل ڇيڻي جو وڏو حصو، زمين ۾ ڀاڻ طور استعمال ٿئي ٿو، باقي ٻارڻ ۾ ڪم اچي ٿو. ڇيڻي جي ٻرڻ ۾ نه تپش آهي نه ڌپ. هن جي باهه هلڪي ۽ برابر (uniform) رهي ٿي. توهان چلهه تي ديڳڙي ڇڏي، ڪجهه وقت لاءِ ڪچهري ڪري سگهو ٿا، ٻوڙ نه سڙندو. ڇيڻي بدران ڪوئلو استعمال ڪرڻ تي انڊيا حڪومت کي جيڪر ڏيڍ بلين ڊالر هر سال خرچ ڪرڻو پوي. ڇيڻو Insulation جو به ڪم ڪري ٿو. ڀتين ڇتين تي لڳل ڇيڻو، ڳوٺاڻن جي گهرن کي سياري ۾ سرديءَ کان روڪي ٿو ۽ اونهاري ۾ گرميءَ کان. ڇيڻي جي ڪري، مکيون ويجهو نٿيون اچن ۽ ڇيڻي ٻرڻ تي مڇر غائب ٿيو وڃن.
نهرو لائبريريءَ جي انچارج ٻڌايو ته؛ ”ڳئون ڪارائتي هجڻ يعني Utilitarian قدرن ڪري نه پر روحاني (Spiritual) ڳالهين ڪري، پوتر سمجهي وڃي ٿي. جيئن رڍ عيسائين لاءِ آهي، تيئن ڍڳي هندن لاءِ آهي. ڪرشنا هندو ديوتا ڍڳيون چارڻ وارو ڌنار هو ۽ ڍڳو شِو ديوتا جي سواري جو سمبل آهي.“ بقول جرمن پروفيسر جي؛“Today the Cow has almost become a Symbol of Hinduism.” مغرب ۾ مختلف ڳالهه آهي. اتي ڳئونءَ کي هلندڙ چلندڙ هئمبرگر سمجهيو وڃي ٿو، پر انڊيا ۾ ڳئون ماتا، ”ڌرتي ماتا“ جو سمبل آهي. ڇو ته ڳئون به ڌرتيءَ وانگر انسان کي گهڻو ئي ڪجهه ڏئي ٿي پر هُن کان موٽ ۾ ڪجهه به نٿي گهري...
ڳئونءَ ماتا جي هندو ڌرم ۾ توڙي انڊيا جي سماجي ۽ ڪلچرل ماحول ۾، مٿانهين مانَ جي مون کي خبر هئي جو منهنجو هندو ڌرم جي ماڻهن سان، خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي تامل، مليالم، ڪنهڙ، تيلگو ڳالهائڻ وارن سان سنگاپور، ملائيشيا ۽ سري لنڪا ۾ گهڻو واسطو رهيو آهي. ڏکڻ هندستان جا هندو ته ايتري قدر جو هر سال سنگاپور ۽ ملائيشيا جي شهرن ۾ ڳئون ماتا جي نر يعني ڍڳي يا گابي کي سينگاري سرگس (شهر گشت) ڪرائين ٿا. هن جشن کي هو ٿائيپوسام سڏين ٿا. اها به ڄاڻ هئي ته ڪيترا هندو نه فقط ڳئون ماتا جو خيال ڪن ٿا، پر انهن شين کي به قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، جن ۾ ڳئون جو ڇيڻو يا “Gomutra” شامل آهي.
بهرحال آئون اهو کڻي نه چوندس ته؛ هندو ڳئون کي پوڄين ٿا، پر اهو ضرور چوندس ته؛ هو هن جانور جي تمام گهڻي عزت ڪن ٿا، جنهن جو اسين غير هندو، انڊيا کان ٻاهر رهي اندازو لڳائي نٿا سگهون. ڳئون، جنهن کي هو پيار ۽ عزت مان ڳئون ماتا يعني امڙ به سڏين ٿا، ان لاءِ ڪيترا هندو، خاص ڪري انڊيا جا رهاڪو ڪو معمولي چرچو ٻڌڻ به پسند نه ڪندا. پوڙهيون ۽ بي گهر ڍڳيون، ڀلي ڏينهن تتي جو ممبئي يا دهلي جو مين روڊ روڪي بيهي رهن، پر گاڏين وارا صبر کان ڪم وٺي، هنن جي لنگهڻ جو انتظار ڪندا رهندا. مون کي به ان ڳالهه جو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن منهنجي هڪ سنڌي هندو دوست، منهنجي هڪ ڍڳين بابت اي ميل ڪيل چرچي واري ڳالهه کي دل ۾ ڪيو ۽ منهنجي ڳالهه جو مطلب هن ڍڳين جي شان ۾ گستاخي سمجهيو. ٿيو هيئن جو اڳئين دفعي دهلي ۽ بڙودا وغيره ويو هوس ته پاڪستان کان ڪنهن دوست يا پڙهندڙ جو خط نه آيو هو، پر هن ڀيري ممبئي پهچڻ سان پهرين ڏينهن کان اي ميل اچڻ شروع ٿي ويا. بلڪ جنهن کي به فون ڪري ٻڌايان ته ممبئي پهچي ويو آهيان، ته هو يڪدم اهو سوال ڪري ته؛ ”ممبئي جهڙي شهر ۾ گهمي رهيو آهين، ضرور باليوڊ جي فلمي ائڪٽريسن سان ملاقات ٿيندي هوندي؟“ اها ڪا لڪيل ڇپيل ڳالهه ناهي ته؛ پاڪستاني، انڊين فلمن جا شوقين آهن ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ويندي ملائيشيا، سنگاپور يا آفريڪا جي ملڪن جا ماڻهو جن کي هندي يا اردو نٿي اچي، اهي به انڊين فلمون شوق سان ڏسن ٿا. اسان جي ملڪ جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي فلمي اداڪارن کان واقف نه آهن، پر بالي ووڊ جي هر فلم ائڪٽر ۽ ائڪٽريس کي سڃاڻن ٿا ۽ ممبئي اچڻ تي هنن جي اها ڪوشش رهي ٿي، ته ڪنهن فلمي ستاري سان ملون. مون کي به ممبئي پهچڻ سان ڪجهه دوستن پڇيو، ته آيا آئون به ڪنهن فلمي اداڪار سان ملڻ جي خواهش رکان ٿو ته هو ان جي پورائي جي ڪوشش ڪن. پر مون صاف انڪار ڪيو، ان ڪري جو هڪ ته ان لاءِ گهڻو وقت ضايع ٿيو وڃي، ٻي ڳالهه ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ پنهنجن دلپسند اداڪارن سان ملڻ جو واقعي گهڻو شوق هو جيڪو بنا ڪنهن محنت جي اوچتو ئي اوچتو هانگ ڪانگ، سنگاپور، ڪولمبو ۽ لنڊن جهڙن بندرگاهن جي هوٽلن ۾ رهائش دوران پورو ٿي ويندو هو. جو اهي فلمي اداڪار انهن ئي هوٽلن ۾ رهڻ لاءِ اچي نڪرندا هئا، جن ۾ اسان کي جهازران ڪمپني جهاز جي پهچڻ يا مرمت ٿيڻ تائين ترسائيندي هئي. پر هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته راجيش کنا، رنڌير ڪپور، امجد خان يا شرميلا ٽئگور، هيما ماليني ۽ پروين بابي جهڙن سان جتي پهرين گهڙي ملڻ ۾ خوشي ٿيندي هئي، اتي ٻئي ڏينهن يا ٽئين ڏينهن انهن کان پري پيو ڀڄبو هو. هوٽل جي ڊائننگ هال يا لائونج ۾ کين ويٺل ڏسي پاسو پيو ڪبو هو. اها Tendency ڪا حيران ڪن ناهي. مون شيخ اياز جي ڪيترن چاهيندڙن ۽ دوستن کي، جيڪي اڄ سندس وفات بعد قبر اڳيان بيهي فوٽو ڪڍائي وڏي هام ٿا ڀرين، سندس حياتيءَ ۾ کانئس پري ڀڄندو ڏٺم ۽ چوندو ٻڌم ته؛ بور ٿو ڪري. تڏهن ته پارسي جهازن جو مالڪ ۽ انگريزي اخبار جو ڪالم نويس، اردشير ڪواسجي پنهنجن پرستارن کي، جيڪي ساڻس ملڻ جي خواهش ڪن ٿا، اڦٽ اهو ئي چوندو آهي: ”ڀائي ملي ڇا ڪندائو؟ نه ئي ملو ته بهتر آهي.“
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ممبئي بالي ووڊ جي ستارن سان ڀريو پيو آهي، پر ائين به نه آهي ته ڪو هو عام ماڻهن وانگر فٽ پاٿن تي پيا هلن ۽ جنهن تنهن سان ملندا وتن. پر جيڪو ماڻهو ممبئي نه آيو آهي اهو ائين ئي سمجهي ٿو، ته ممبئي ۾ گهمندي ڦرندي ڪنهن چوراهي تي پريٽي زنٽا بيٺي آهي، ته ڪنهن تي راکي ساونت، درگاهه حاجي علي جي بس اسٽاپ تي بس يا ٽئڪسي لاءِ بپاسا باسو ۽ نيها دوپيا بيٺيون آهن، ته ڪري روڊ تي پريانڪا چوپڙا ۽ رياسين دهي بڙا پيون کائين.
ممبئي جي رستن تي پوڙهين، ڏٻرين، بيمار ۽ سست ڍڳين کي ڏسي شروع جي ڏينهن ۾ مون انهن جا فوٽا ڪڍيا هئا، سو اهي اٺ ڏهه فوٽو پنهنجن دوستن ۽ پڙهندڙن کي اي ميل ڪري لکيو هيو؛ مان ته بابا ٽن ڏينهن کان ممبئي جي مختلف روڊن تي چڪر پيو هڻان، پر مون کي ته نڪا ڪا پريٽي زنٽا ٿي نظر اچي نه وري ڪا قطرينا ڪيف، سميرا زيدي، امرتا رائو، سيلينا جيٽلي يا ديپڪا پڙوڪون! ها البت مختلف قسمن جون ڍڳيون ضرور نظر اچن ٿيون.
اها اي ميل منهنجي هڪ هندو واقفڪار کي پسند نه آئي. جنهن کان مون معافي ورتي جو اهڙي اي ميل ڪرڻ سان منهنجو مطلب کل ۽ خوشي پيدا ڪرڻ هو ۽ نه ڪنهن جي دل آزاري.

No comments:

Post a Comment