پيار ڪري ڏس...
الطاف شيخ
پوني ۾ ساڌو واسواڻي مشن
جي PRO نريش سنگهاڻي ۽
ائڊمنسٽريٽر آفيسرياڻي رجني آهوجا مون کي جيڪي ساڌو واسواڻي انتظاميا سان واسطو
رکندڙ اسپتالون ڏيکاريون، انهن مان هڪ اکين جي اسپتال پڻ هئي. ڪي. ڪي انسٽيٽيوٽ
نالي اکين جي هيءَ اسپتال هتي جي مشهور ڪوريگائون پارڪ ۾ هوٽل ”تاج بلو ڊائمنڊ“ جي
پٺيان آهي. هن اسپتال جو معيار، عوام لاءِ خدمت ۽ مختلف آپريشنن لاءِ فين جا اگهه
ڏسي حيرت ٿي. ساڳي طرح انڊيا جي مختلف شهرن ۾ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون ڏسي رشڪ ٿو
ٿئي، ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به اهي شيون ان معيار ۽ سهولت جون هجن. آئون اهو چوندس
ته انڊيا جا امير توڙي غريب ان معاملي ۾ خوش نصيب آهن، جو هنن وٽ ديسي اگهه تي
ولايتي سهولتون موجود آهن. تعليمي ادارن جي اعليٰ تعليم ۽ ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جو
اعليٰ معيار، ڄاڻ، صفائي سٺائي ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا
ماڻهو تعليم ۽ علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. ويندي يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ انڊين ۽ مڪاني
ماڻهو هوائي جهاز جون ٽڪيٽون ڀري علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا، جيڪو بقول هنن جي هنن کي
سستو ۽ بهتر لڳي ٿو. ممبئي ۽ پوني جي ڪيترن ئي اسپتالن ۾ پاڪستان کان به مريض اچن
ٿا. ممبئي ايندي وقت ايئرپورٽ تي هڪ ڪراچي جي پٺاڻ فئملي ملي، جيڪا ممبئي کان اڳتي
مدراس وڃي رهي هئي، جتي هنن کي اهڙي ڪا آپريشن ڪرائڻي هئي جيڪا پاڪستان ۾ نٿي ٿي
سگهي.
جنهن وقت آئون پوني جي
هيءَ اسپتال ڏسڻ ويس ان وقت انڊين آئڊل سنگر ۽ اداڪار موهن لالواڻي ۽ سندس پيءُ
وجئه لالواڻي پڻ هن اسپتال ۾ غريب مريضن کي تحفا ڏيڻ آيا هئا. هتي جي فلمي اداڪارن
۽ پئسي وارن مشهور شخصيتن جي اها سٺي ۽ اجر جهڙي ڳالهه آهي، ته هو پاڻ جهڙن امير
ماڻهن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ گهرائي ڊنرون کارائڻ پٺيان پئسو ضايع ڪرڻ بدران
سرڪاري ۽ خيراتي اسپتالن ۾ وڃي، غريب ۽ لاچار مريضن جي دلجوئي ڪن ٿا ۽ کين پئسي
ڏوڪڙ جي به سهائتا ڪن ٿا. مون ڏٺو ته هي سنڌي نوجوان موهن لعل بيحد پيار ۽ خلوص
سان بيمار پوڙهن کي ڀاڪر پائي ملي رهيو هو ۽ کين پنهنجن هٿن سان بسڪيٽ کارائي رهيو
هو ۽ هن ڪم پويان ڪا به سياسي لچائي يا سستي شهرت جو پهلو نه هو. منهنجي پڇڻ تي هن
ٻڌايو ته هو پوني ۾ ڪنهن مائٽ جي فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ هينئر جيئن ته
کين واندڪائي هئي، سو پاڻ ۽ سندس پتا اهو ئي سوچيو، ته ڪنهن اسپتال ۾ غريب ۽
لاوارث مريضن جي هلي خيريت معلوم ڪجي.
دراصل اهڙي ئي دل ۽ سوچ
رکندڙ هتي جا ماڻهو اڳتي هلي غريبن جي ڀلي لاءِ اسپتالون ۽ اسڪول کولين ٿا، جن سان
پوني ۽ ممبئي جهڙا شهر ڀريا پيا آهن. پوني جي هڪ اهڙي ئي اسپتال جي شروع ۾ ڳالهه
ڪري چڪو آهيان، جيڪا لتا منگيشڪر پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ ٺهرائي آهي.
انڊيا جي ٻن ٽن چئنلن تي
ائنڪر طور ڪم ڪندڙ هڪ سمارٽ ۽ سهڻي ڇوڪريءَ جو نالو آڏواڻي ٻڌي، ممبئي يونيورسٽي
جي پروفيسر منوهر لعل مٽلاڻيءَ کان پڪ ڪيم ته اها سنڌي آهي ڇا؟
”جي ها. سندس سڄو نالو
پراتيڀا آڏواڻي آهي،“ منوهر ٻڌايو، ”پاڻ ڪيترن ئي ٽي وي پروگرامن ۾ ائنڪر طور ڪم
ڪري چڪي آهي. جهڙوڪ: نيوز ميڪر، جيون ڪي دو پل، نمستي سينما وغيره...“
انهن ڏينهن ۾ هن انڊيا جي
مشهور چئنل ”سحارا ون“ تان RETAKE نالي نئون شو شروع ڪيو
هو، جنهن جو پهريون مهمان مسٽر راجڪمار هيراٺي هو، جيڪو انڊيا جي مشهور ڪاميڊي فلم
”منا ڀائي ايم بي بي ايس“ جو ايوارڊ يافته ڊائريڪٽر آهي.
”پراتيڀا آڏواڻيءَ اننيا
ڀارتي نالي هڪ حب الوطنيءَ تي ڊاڪيومينٽري فلم پڻ ٺاهي آهي،“ پروفيسر منوهر ٻڌايو؛
”هن هندي ٽي وي سيريل ’ديوتا‘ ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي. هن مشهور ٽي. وي پروگرام ۾
هوءَ جرنلسٽ ٿي آهي. ان کان علاوه پراتيڀا ‘Swayam
Infotainment’ نالي دهليءَ ۾ پنهنجو پراڊڪشن
هائوس پڻ کوليو آهي، جنهن جي پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي ۽ مختلف عنوانن تي ٽي وي
پروگرام ٺاهي ٿي.“
اسان جڏهن جهاز-رانيءَ جي
تعليم حاصل ڪري رهيا هئاسين، يعني سٺ واري ڏهي جا وچ وارا سال هئا، ته ساڌنا نالي
هڪ سنڌي ڇوڪري انڊيا جي فلم انڊسٽري ۾ هيروئن ٿي اڳيان آئي. هوءَ پنهنجي وارن جي
اسٽائيل کان ياد ڪئي وئي ٿي ۽ فئشن Icon ٿي وئي. فئشن ۽ اسٽائيل
جو وهنوار (Tradition) اڄ هڪ دفعو وري هڪ سنڌي
فلم ائڪٽريس بالي ووڊ ۾ کڻي آئي آهي، جنهن جو نالو پريتي جهانگياڻي (Preeti Jhangiani) آهي. معصوم چهري واري هن
سنڌي فئشني ڇوڪريءَ کي اڃا تائين ڪيترا ئي ماڻهو هندي فلم ’محبتين‘ جي حوالي سان
سڃاڻن ٿا. هوءَ اڄ ڪلهه ڊئنمارڪ جي سنڌي بزنيس-مين منگهارام هارواني جي سنڌي فلم
’پيار ڪري ڏس‘ ۾ هيروئن طور نظر اچي رهي آهي. وڏي عرصي بعد اڄ ڪلهه مڙيئي سنڌي
فلمون هڪ ٻئي پويان ٺهي ويون آهن. ڊئنمارڪ جي منگهارام هاروانيءَ کان علاوه آمريڪا
۾ رهندڙ لڪشمن ڀاٽيا ’پاڙيواري‘ ۽ دبئي جي ڪوشي لالواڻيءَ The Awakening سنڌي فلمون ٺاهيون آهن.
مسٽر منگهارام هڪ وڏو واپاري ۽ امير بزنيس-مين آهي ۽ دنيا جا جيڪي 100 امير ترين
انڊين واپاري ولايت ۾ رهن ٿا، هارواني انهن مان هڪ آهي. سندس نالو نه فقط ڊئنمارڪ
۾ پر ڀر وارن ملڪن ۾ به مشهور آهي. اسان سوئيڊن ۾ پڙهندا هئاسين ته هن سنڌي بزنيس -مين
جون ڳالهيون مالمو (سوئيڊن) ۾ رهندڙ انڊين توڙي پاڪستانين کان ٻڌندا هئاسين.
هارواني هن کان اڳ به فلمون ٺاهي چڪو آهي، خاص ڪري ”پيار ڪا ترانه“ مشهور ٿي پر
”پيار ڪري ڏس“ سندس پهرين فلم آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر ڪمل نٿاڻي آهي. هيءَ فلم گانن
جي ڪري به گهڻو مشهور ٿي. هن جا گانا گهنشام واسواڻي کان علاوه جگجيت سنگهه به
ڳايا آهن.
آئون نٿو سمجهان، ته
جگجيت سنگهه هن کان اڳ سنڌي ۾ ڳايو هجي. هن فلم ۾ پريتي جهانگياڻي کان علاوه جتن
لالواڻي، منيڪا لالواڻي، وشال وتواڻي، نِيرو آسراڻي، سيما موٽواڻي، جيا اسراڻي،
پرڪاش رامچنداڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي آهي. فلم جا گانا سنڌي جي مشهور شاعرن پرڀو وفا
۽ واسديو نرمل لکيا آهن.
پريتي جهانگياڻي 1980ع ۾
ڪرناٽڪ رياست جي بئنگلور شهر ۾ هڪ سنڌي فئملي ۾ ڄائي. هن گجرات رياست جي احمد آباد
شهر جي سينٽ زئوئير ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. ڪرناٽڪ (ڏکڻ هندستان) ۾ ننڍپڻ گذارڻ
۽ گجرات ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڪري، هن کي سنڌي، انگريزي ۽ هندي زبانن کان علاوه گجراتي
۽ تيلگو به اچن ٿيون. هن پنهنجو ڪيريئر ٽي وي جي ميوزڪ پروگرام “Chui
Mui” کان شروع ڪيو. هوءَ
پهريون دفعو اميتاڀ بچن ۽ شاهه رخ خان جي هندي فلم محبتين ۾ آئي. ان ۾ هن جو ليڊنگ
رول نه هو، پر هن فلم ۾ پنهنجي ڏات کي ضرور مڃرايو. نه ته ان کان اڳ هن فقط مليالم
۽ تيلگو زبانن جي فلمن ۾ ڪم ڪيو هو. سال 2000ع ۾ هندي فلم محبتين ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن
ڪيترين ئي هندي ۽ انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جهڙوڪ: تيرا کيا کهنا، آواره، پاگل
ديوانه، نا تم جانو نا هم، آن A Bird in Danger،
چاهت ايک نشه، چهرا، چاند کي پار چلو... وغيره.
هن فلم (پيار ڪري ڏس) جي
پروڊيوسر منگهارام هارواني لاءِ لکي چڪو آهيان ته ڊئنمارڪ ۾ رهي ٿو. سندس ڪمپني
سُنڪيو جي هيڊ آفيس ڊئنمارڪ جي گادي واري شهر ڪوپن هيگن ۾ آهي، جتان سوئيڊن جو
بندرگاهه ’مالمو‘ جتي اسان جي جهاز راني جي يونيورسٽي آهي، ائين آهي جيئن دادوءَ
کان مورو. وچ ۾ بالٽڪ سمنڊ جي هڪ معمولي پٽي آهي. بهرحال انهن ٻنهي بندرگاهن ۾
اسان جا جهاز پڻ ايندا ويندا رهن ٿا. هارواني جي Sunico ڪمپني اليڪٽرڪ جو سامان،
موبائيل فون ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جو Equipment جهازن ۽ اوسي پاسي جي
ملڪن کي سپلاءِ ڪري ٿي. منهنجي خيال ۾ منگهارام هارواني پهريون انڊين آهي جنهن جي
سامان سپلاءِ ڪرڻ جي ڪمپني اسڪينڊينوين ملڪن ۾ کلي. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ هن جي پيءُ
جو ڪاروبار اجمير راجسٿان ۾ هو، جتي هو 1947ع ۾ ڄائو ۽ جوڌپور مان مڪينيڪل
انجنيئرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن
کي ڊئنمارڪ جي Schlumberger ڪمپني طرفان مڊل ايسٽ ۾
نوڪري ملي. نوڪري جي سلسلي ۾ هن جي بحرين، دبئي، ايران، ڪويت، مسقط ۽ قطر ۾ بدلي
ٿيندي رهي. 1971ع ۾ هو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) لڏي آيو ۽ ايڪسپورٽ امپورٽ جو ڌنڌو
شروع ڪيائين. محنتي ۽ ڄاڻو ته اڳهين هو، ويتر ڀاڳ به ساٿ ڏنس. ٿورن ئي سالن ۾ هن
جي ڪمپنيءَ جي ساک ۽ مشهوري سڄي يورپ ۾ قائم ٿي وئي. ايڪانامسٽ جي ويجهڙائي واري
پرچي ۾ پڙهي رهيو هوس، ته هارواني جي Sunico ڪمپني ڊئنمارڪ جي 1000
ڪمپنين ۾ 34 نمبر تي آهي.
واپاري ڌنڌي کان علاوه
هارواني فري لانس جرنلسٽ پڻ آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊئنمارڪ ۾ جيڪو ”انڊيا
ويزن“ نالي هندي/ اردو جو چئنل هلي ٿو، ان جو مالڪ هارواني آهي.
1993ع ۾ منگهارام
هاروانيءَ انڊيا جي مشهور اداڪار ديوانند سان گڏجي هڪ انڊو ڊئنش فلم ”پيار کا
ترانا“ ٺاهي. ان بعد سنيڪو فلم پروڊڪشن نالي هڪ ڪمپني پڻ کولي. پيار کا ترانا (The
Melody of love) جنهن جو ڊائريڪٽر ديوانند
هو، 1993ع ۾ انڊيا ۽ ڊئنمارڪ ۾ رليز ٿي پر افسوس جو هيءَ فلم نفرت ۽ جهيڙي جو
ترانو ثابت ٿي. هاروانيءَ ديوانند مٿان پئسن جي ڏيتي ليتي ۾ گهپلي خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس
درج ڪيو ۽ اهو پڻ ته ديوانند قتل جون ڌمڪيون ٿو ڏئي. هي سول ڪيس 1994ع ۾ بمبئي هاءِ
ڪورٽ ۾ درج ڪيو ويو. 8 سال ڪيس پينڊنگ ۾ رهڻ بعد آڪٽوبر 2002ع ۾ هميشھ لاءِ Settle ٿي ويو. رضا نامي مطابق
ديوانند منگهارام هاروانيءَ کي هڪ ڪروڙ ويهه لک رپيا ڀري ڏنا.
هارواني پنهنجي سنڌي فلم
۾ ننڍي کنڊ جي مشهور ۽ دل پسند ڳائڻي جگجيت سنگهه ۽ سندس سنڌي شاگرد گهنشام
واسواڻيءَ جا گانا رکيا آهن. گهنشام 24 آگسٽ 1954ع تي ممبئي ۾ سنتداس واسواڻي جي
گهر ۾ ڄائو ۽ اڄ به ممبئي جي هڪ علائقي باندرا ۾ رهي ٿو. سندس گهر جو نالو ’گل
مهر‘ آهي ۽ فون نمبر 9820272823-0091 آهي. پاڻ B.Sc ڪرڻ بعد وڪالت يعني ايل ايل بي پڙهيو، ان بعد ڊي
ايم ايم ڪيائين.
گهنشام، هندوستان جي
مختلف شهرن کان علاوه، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳائيندي نظر اچي ٿو. کيس مون
پهريون دفعو آمريڪا ۾ ۽ پوءِ دبئي جي هڪ سنڌي فنڪشن ۾ ڏٺو. ھو K.T.N ٽي وي چينل تي به اڪثر
نظر اچي ٿو. منهنجي خيال ۾ تاجل بيوس جي ڪلام ’سنڌ منهنجي امان‘ جي موسيقي ٺاهڻ ۽
ڳائڻ تي هن کي سڀ کان گهڻي شهرت ملي. پاڻ اردو/ هندي فلمن ۾ به ڳايو اٿس. خاص ڪري
انڪش، ڪالڪا، ساتوان آسمان، وغيره ۾. سنڌي فلم ”پيار ڪري ڏس“ کان علاوه ٻين به
ڪيترين ئي سنڌي فلمن ۽ سيريلن ۾ ڳايو اٿس. جهڙوڪ فلم ’هل ته ڀڄي هلون‘، ’امي يا
ممي‘ ۽ ڪير ڪنهن جو.... وغيره. دراصل گهنشام واسواڻي جو پيءُ شري شانتو (سنتداس) واسواڻي ۽ ماءُ شريمتي تلسي پڻ سٺا راڳي هئا. پر اها حيرت جي ڳالهه ٿي، ته سندن پٽ
گهنشام هيڏي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ به ڪا نوڪري ڪرڻ بدران پنهنجي اباڻي
پروفيشن کي جاري رکيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته
پريتي جهانگياڻي ”جي هند ڪاليج، ممبئي“ جي دلپسند انگلش ليڪچر ٽيچر ڪملا جهانگياڻي
جي ڌيءَ آهي. هي اهو ڪاليج آهي جنهن ۾ منهنجي ميزبان پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ
به پڙهايو.
No comments:
Post a Comment