يوگنڊا تي هاڻ ڪنهن جي حڪومت آهي
الطاف شيخ
يوگنڊا کي آزادي ڏيڻ کان اڳ 1962ع جي شروع وارن مهينن ۾ انگريزن
اليڪشن ڪرائي جنهن ۾ يوگنڊا جي ”لانگو“ قبيلي جي سردار جو پٽ ”ملٽن اوبوٽي“ کٽي
ويو ۽ ملڪ جو پهريون وزيراعظم مقرر ٿيو. ملڪ جو عوام جيڪو سالن کان يوگنڊا کي انگريزن
کان ڇڏائڻ ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هئو اهو بيحد خوش ٿيو ته هاڻ سندن
ملڪ تمام گهڻي ترقي ڪندو پر سندن پهريون ئي وزيراعظم اوبوتي ناڪارو ۽ نڪمو ثابت
ٿيو. هن کي عوام جي اون ۽ خوشحاليءَ بدران هر وقت پنهنجي ڪرسي مضبوط ڪرڻ ۽ گهڻي
کان گهڻو پاور ۽ دولت حاصل ڪرڻ جو فڪر لڳو رهيو. ملڪ جي صدر کي جيڪي ٿورا گهڻا
پاور مليل هئا اهي به پاڻ کسي هڪ طاقتور وزيراعظم بنجي هر مخالف جو خاتمو آڻيندو
رهيو. بي انتها دولت ڪمائڻ جي چڪر ۾ هن هڪ بيڪار فوجي آفيسر عيدي امين کي اعليٰ
عهدي تي رکي پوءِ هن سان ملي ڪري ڀر واري ملڪ ڪانگو مان سون ۽ عاج جي سمگلنگ ڪرائڻ
لڳو ۽ جڏهن پارليامينٽ ان بابت سوال اٿاريا ۽ عيدي امين کي فوج مان ڪڍڻ لاءِ زور
ڀريو ته هن ماڳهين آئين کي suspend ڪري پاڻ صدر ٿي ويٺو ۽ ايمرجنسيءَ جو اعلان
ڪيائين. هيءَ 1966ع جي ڳالهه آهي. اوبوتي سڀ ڪجهه پاڻ ٿي ويٺو جيڪي وڻيس ٿي اهو
ڪيائين ٿي. مخالف قبيلن جي سياستدانن کي بنا ڏوهن جي جيل اماڻيو ٿي يا غائب ڪرائي
ڇڏيو ٿي. ملڪ جي خزاني جون ٽجوڙيون خالي ڪرائي ڇڏيائين. سندس قبيلي جي ماڻهن،
دوستن ۽ خوشامدڙين کي جيئن وڻيو ٿي تيئن ڪيو ٿي. يوگنڊا جهڙو ملڪ جيڪو انگريزن جي
ڏينهن ۾ سڄي آفريڪا ۾ امن ۽ سانت وارو هڪ سهڻو ملڪ سمجهيو ويو ٿي اهو پنهنجي
ماڻهوءَ جي ڪنٽرول ۾ اچڻ بعد سڌريو ته نه پر ماڳهين تباهه ٿي ويو. اهو ملڪ جنهن جي
هر شهر ۾ يورپ ۽ ايشيا جا ٽوئرسٽ سُک سان گهمندي نظر آيا ٿي، اتي هاڻي مڪاني ماڻهو
به خوف کائڻ لڳا. جتي ڪٿي چوريون، خون ۽ اغوائون عام ٿي پيون. نه رڳو انگريز ۽
يورپين جي پراپرٽي تي قبضا ۽ انهن جا قتل ٿيڻ لڳا پر گرجا گهرن جي پادرين کي به نه
ڇڏيو ويو. ملڪ جا ماڻهو توڙي ڌاريان ان انتظار ۾ هئا ته هن مان جان ڇٽي. آخر جنوري
1971ع ۾ اوبوتي جيئن ئي سنگاپور جي ٽوئر تي ويو ته پٺيان سندس فوجي جنرل عيدي امين
(جنهن لاءِ چون ٿا ته شروع ۾ انگريزن به چاهيو ٿي ۽ سندس ڳجهه ڳوهه ۾ مدد ڪئي هئي) ملڪ جون واڳون سنڀالي ويهي رهيو. اوبوتي جي جهاز کي يوگنڊا ۾ لهڻ کان روڪيو ويو ۽
هن ڀر واري ملڪ تنزانيا ۾ وڃي پناهه ورتي.
عيدي امين صدر ٿيندي ماڻهن کي سک جو ساهه پٽڻ بدران اهڙا ته وٺي ڪم
ڪيا جو سگهو ئي هر هڪ چوڻ لڳو ته ان کان ته پهريون وارو حاڪم بهتر هو. ملڪ ۾ بک ۽
بيروزگاري بيحد وڌي وئي. عيدي امين ان جو سبب ملڪ ۾ رهندڙ انڊين کي ٺهرائي کين 30
ڏينهن جي نوٽيس تي پنهنجو مال ملڪيت پٺيان ڇڏي ملڪ مان نڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو. هن
مڪاني ۽ ڌارين ماڻهن جون خونريزيون ته ايتريون ڪيون جو ماڻهو هن کي آفريڪا جو هٽلر
سڏڻ لڳا. انگريزن ۽ آمريڪن کي به اهڙيون سڌيون ٻڌايائين ۽ گاريون ڏنائين جو هو
پنهنجا سفارتخانا ئي پٽرائي هليا ويا. پنهنجن ۽ ڏورانهن سان هٿ چراند ڪرڻ بعد هاڻ
هن پاڙيسري ملڪ تنزانيا تي فوج چاڙهي هن جو ڪجهه حصو پنهنجو ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو پر
ان ۾ هو مار کائي ويو. تنزانيا جون فوجون اچي سندس گاديءَ واري شهر ڪمپالا کان
نڪتيون ۽ هن سعودي عرب ڀڄي جان ڇڏائي.
1979ع ۾ عيدي امين يوگنڊا ڇڏي سال ڏيڍ کن 1980ع ۾ اليڪشن ٿي) انٽر گورنمنٽ
۾ ٽي کن صدر ٿيا: مُووانگا، يوسف لُول ۽ گاڊ فري. اليڪشن ۾ اوبوتي جي يوگنڊا پيپلس
ڪانگريس (UPC) سياسي پارٽي کٽي وئي ۽
اوبوتي هڪ دفعو وري ملڪ جو صدر ٿي ويو. سڀني مخالف پارٽين اهو ئي چيو ته اليڪشن ۾
ٺڳي هلي آهي. ملڪ ۾ ماڳهين گوريلا جنگ شروع ٿي وئي، ڪيترائي مليٽري گروپ حڪومت جي
خلاف ويڙهاند ڪندا رهيا جن ۾ هڪ UNLA (يونائيٽيڊ نئشنل لبريشن آرمي) پارٽي به هئي جنهن
جي قيادت يوويري مُوسيونيءَ ڪئي. 27 جولاءِ 1985ع تي اوبوتي کي طاقت جي زور تي
حڪومت مان زوريءَ ڪڍيو ويو. هي انقلاب جن ٻن فوجي آفيسرن برگيڊيئر اولارا اوڪيلو ۽
جنرل ٽيٽو اوڪيلو آندو اهي ڪجهه مهينن لاءِ ملڪ جا حاڪم ٿي ويٺا پر سڄي ملڪ ۾ ايڏي
ته بدامني ۽ گوڙ گهمسان وڌي ويو جو هنن جي وس کان ڳالهه زور ٿي وئي. ان بعد
موسيونيءَ جي پارٽيءَ ڪنٽرول سنڀاليو. ملڪ ۾ هن دفعي فوجي انقلاب اچڻ تي اوبوٽي هڪ
دفعو وري تنزانيا ۾ پناهه ورتي، جتان پوءِ هو زئمبيا هليو ويو. 10 آڪٽوبر 2005ع تي
سائوٿ آفريڪا جي شهر جهانسبرگ جي هڪ اسپتال ۾ سندس گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ سندس موت
ٿيو. کيس هڪ سابق صدر جي حيثيت سان ڪمپالا ۾ دفنايو ويو، جنهن ۾ صدر موسيونيءَ به
شرڪت ڪئي جيڪا ڳالهه يوگنڊا جي ڪجهه قبيلن کي پسند آئي، ڪجهه سخت ناراض به ٿي پيا.
بهرحال 1986ع کان وٺي يوگنڊا جو صدر يوويري موسيوني (Yoweri Museveni) هلندو اچي. هو حڪومت جو به
هيڊ آهي ته رياست جو به. يوگنڊا جي نئين آئين مطابق ملڪ جو صدر وزيراعظم جي چونڊ
ڪري ٿو جنهن جو ڪم سندس مدد ڪرڻ آهي. اڄ ڪلهه اپولو نيسبامبي وزيراعظم آهي. نئشنل
اسيمبلي پارليامينٽ ٺاهي ٿي جنهن جا 332 ميمبر ٿين ٿا. انهن مان 228 ميمبر چئن
سالن لاءِ اليڪشن ۾ چونڊجي اچن ٿا. باقي 104 ميمبر ملڪ جي مختلف گروپن (ويندي فوج) ذريعي چونڊجن ٿا. گذريل اليڪشن جيڪا 2006ع ۾ ٿي هئي ان ۾ به موسيونيءَ کي سوڀ حاصل
ٿي.
موسيوني گذريل 24 سالن کان يوگنڊا جو صدر هلندو اچي. هو ڪو ملڪ لاءِ
مهاتر ۽ لي ڪئان يو ته ثابت نه ٿي سگهيو آهي جن ڏهن سالن اندر ملائيشيا ۽ سنگاپور
جي قسمت بدلي ڇڏي پر وري به پهرين ٺڳن ڦورن اوبوتي ۽ عيدي امين کان بهتر ثابت ٿيو
آهي. هن يوگنڊا جو اميج ڪجهه بهتر بڻايو آهي. بهرحال هي صدر موسيوني توڙي سندس
وزيراعظم اپولو (سڄو نالو اپولو رابن نِسبامبي) پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهن. مُوسيوني
(سڄو نالو يوويري ڪاگوتا مُوسيوني) منهنجو هم عمر آهي. يعني هو 1944ع ۾ ڄائو آهي.
پاڻ اوبوتي يا عيدي امين وانگر ڪنهن قبيلي جي سردار جو پٽ هجڻ بدران هڪ غريب ڌراڙ
(مال چاريندڙ) جو پٽ آهي. مختلف اسڪولن مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن
يونيورسٽي آف دارلسلام مان ايڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ گرئجوئيشن ڪئي. يونيورسٽي
جي ڏينهن ۾ ئي هن يونيورسٽي جي شاگردن جو آفريڪن ريوالشنري فرنٽ ٺاهيو هو ۽
پورچوگالين جي قبضي ۾ آيل ڀر واري ملڪ موزمبق مان گوريلا جنگ جي سکيا حاصل ڪئي. 1970ع ۾ جڏهن يوگنڊا جو صدر اوبوتي هو ته هن انٽيليجنس سروس ۾ نوڪري حاصل ڪئي. 1971ع ۾ جڏهن ميجر جنرل عيدي امين ملڪ ۾ انقلاب آندو ۽ اوبوتي کي ڀر واري ملڪ
تنزانيا ۾ پناه وٺڻي پئي ته هي موسيوني به تنزانيا ڀڄي ويو. پوءِ 1979ع ۾ عيدي
امين جي لڏڻ بعد هي پنهنجي وطن موٽي آيا. موسيوني دراصل انگريزي جي لفظ Sevenيعني ستن مان
نڪتل آهي. يعني ’سيون وارو‘. هي سيون نمبر انگريزن جي فوج جي هڪ بٽالن (پلٽون) Seventh Battalion of King’s African Rifles تان ورتل آهي. جنهن ۾ ڪيترن ئي يوگنڊا جي سپاهين
نوڪري ڪئي ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ انگريزن پاران جرمن آفريڪي فوجين جو مقابلو ڪيو. هن
بٽالن ۾ نوڪري ڪرڻ وڏي فخر جي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي ۽ نه رڳو انهن فوجين پر انهن جي
اولاد به پاڻ کي مُسيوني (Museveni) سڏائيندي
فخر محسوس ڪيو ٿي. مُسيوني جي لفظي معنيٰ آهي Seven جو فرزند (Son of Seven).
انهيءَ
۾ ڪو شڪ ناهي ته مسيوني ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي سٺو مقرر ۽ ليکڪ آهي. ائين ته
يوگنڊا جو پهريون صدر ملٽن اوبوتي به يوگنڊا جي مڪاريري يونيورسٽي جو شاگرد هو
جنهن ۾ انگريزن جي ٻارن به تعليم حاصل ڪئي ٿي. پر اوبوتي تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو.
کيس يونيورسٽيءَ مان Misconduct جي ڪري رسٽيڪيٽ ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اهو ئي ٻڌائي ٿو ته هن
پاڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنو. بهرحال هتي پاڻ يوگنڊا جي موجوده صدر موسيوني جي ڳالهه ڪري رهيا
هئاسين ته هو سٺو ليکڪ پڻ آهي. سندس هڪ ڪتاب، بلڪ ڪو سگهه ساري ته ٻه ڪتاب ضرور
پڙهڻ کپن. خاص ڪري اڄ جي نوجوان سياستدانن کي ۽ سياست جي مضمون سان دلچسپي رکندڙ
شاگردن کي پڙهڻ کپي. اهي هن ريت آهن.
1- Sowing
the Mustard Seed هي ڪتاب
يوگنڊا جي آزادي ۽ جمهوريت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو آهي ۽ مڪملن ايڊيوڪيشن وارن
1997ع ۾ ڇپايو. سندس ISBN نمبر
آهي 1-64234-333-0.
2- What’s
Africa’s problem? هي ڪتاب
آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽا پريس وارن سال 2000 ۾ ڇپايو.
بهرحال
موسيوني جي سٺي Reputation هوندي به هن پنهنجن مائٽن مٽن کي خوب ورسايو آهي. ملڪ جون ٻه
اهم ۽ امير ترين شخصيتون جنرل سليم صالح ۽ ڊاڪٽر وائليٽ ڪاجو بِيري صدر موسيوني جو
ڀاءُ ۽ ڀيڻ آهن. جنرل سليم صالح جيڪو ڄمڻ وقت عيسائي هو ۽ سندس نالو Caleb
Akandwanaho هئو صدر صاحب
جو صلاحڪار ٿي رهيو. فوج ۾ هجڻ جي باوجود پلاٽن ۽ گهرن جي خريد وڪرو ۽ Aviation جو بزنيس ڪندو رهيو. ان کان علاوه پرڏيهي ڪمپنين ۽ بئنڪن ذريعي
ڪميشن ۽ ڪرپشن جي حد ڪري ڇڏيائين. 1998ع ۾ يوگنڊا جي فوج لاءِ ناڪاره قسم جا
هيليڪاپٽر خريد ڪري ڪميشن کائڻ تي جڏهن گهڻي بدنامي ٿيس ته هن فوج مان استعيفا ڏني
جنهن لاءِ صدر موسيوني اهو ئي چوندو رهيو ته هن کي ڪرپشن ڪري نه پر هر وقت نشي ۾
رهڻ ڪري فوج مان ڪڍيو ويو.
يوگنڊا
جي صدر جي ڀيڻ ڪاجوبِري (سڄو نالو Violet Kajubiri Froelich) يوگنڊا جي جنگلي جيوت جي ڪلبن جي جنرل سيڪريٽري آهي. هوءَ
ايڊيوڪيشن سروس ڪميشن جي به ميمبر آهي. بهرحال اهو آهي ته هوءَ ڪافي پڙهيل ڳڙهيل
آهي. هن بايولاجي ۾ M.Sc ۽
سائنس ۾ Ph.D ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح صدر صاحب جي زال جينيٽ به ڪافي پڙهيل
ڳڙهيل آهي. هن ويلس انگلنڊ مان پوليٽيڪل سائنس فلاسافي ۽ انگلش لٽريچر ۾ تعليم
حاصل ڪئي. ان بعد هن ”ايسٽ آفريڪن ايئرويز“ هوائي ڪمپنيءَ ۾ گرائونڊ هوسٽس ٿي ڪم
ڪيو. 1971ع ۾ عيدي امين جڏهن حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته هوءَ تنزانيا لڏي وئي ۽
پوءِ 1979ع ۾ عيدي امين جي حڪومت ختم ٿي ته هوءَ يوگنڊا موٽي آئي. 1981ع ۾ جڏهن
سندس مڙس موسيونيءَ ان وقت جي صدر اوبوتي جي حڪومت خلاف گوريلا جنگ شروع ڪئي ته
جينيٽ ٻارن کي وٺي نئروبي (ڪينيا) هلي وئي جتي ٻه سال رهڻ بعد هوءَ سئيڊن جي شهر
گوٿنبرگ ۾ وڃي رهي. 1986ع ۾ جيئن ئي سندس مڙس يوگنڊا جو صدر ٿيو ته هوءَ ڪمپالا
(يوگنڊا) موٽي آئي. کيس هڪ پٽ مُوهوزي (جيڪو ڪرنل آهي) ۽ ٽي ڌيئون نتاشا، پئشنس ۽
ڊائنا آهن. اڄ ڪلهه جينيٽ کي سندس مڙس صدر موسيونيءَ ملڪ جو رياستي وزير مقرر ڪيو
آهي.
هتي
ٻه چار سٽون يوگنڊا جي وزيراعظم اپولو نسبامبي لاءِ به لکندو هلان جيڪو تمام گهڻو
قابل ماڻهو آهي. يعني تعليم جي حوالي سان ۽ يوگنڊا جي ماڪيريري (Makerere) يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايو پڻ اٿس ۽ هيءَ يونيورسٽي دنيا جي سٺين
يونيورسٽين مان مڃي وڃي ٿي جنهن ۾ انگريزن ۽ يورپين جي ٻارن پڻ پڙهندي فخر محسوس ڪيو
ٿي. نوڪريءَ جا آخري 25 سال کن منهنجو به ٽيچنگ سان واسطو رهيو ۽ اڃان تائين وزٽنگ
ليڪچرر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو. يورپ جي ڪجهه
ملڪن سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ يوگنڊا جي هن يونيورسٽي ماڪيريري جي به ڪجهه آفريڪي ۽
يورپي شاگردن ۽ استادن سان ملاقات ٿي آهي جن مان آمريڪن پال ايڊورڊ ٿيروڪس به هڪ
آهي. جنهن جا ناول ۽ سفرناما مشهور آهن. هن ڪجهه سال يوگنڊا جي هن ماڪيريري
يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پڙهايو. هن جو هڪ مشهور سفرنامو Dark Star Safari نالي آهي جنهن ۾ هن يوگنڊا جي هن وزيراعظم اپولو رابن جو سال
2001ع ڌاري ورتل انٽرويو ڏنو آهي. انهن ڏينهن ۾ اپولو ماڪيريري يونيوسٽيءَ ۾
پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ جو سربراهه (Head) هو.
يوگنڊا
جو هي وزيراعظم اپولو رابن ملڪ جي صدر موسيونيءَ کان 6 سال وڏو آهي ۽ 1938ع ۾ ڄائو
هو. پاڻ يونيورسٽي آف لنڊن مان B.Sc ۽
ايڪانامڪس ۾ آنرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان بعد آمريڪا جي يونيورسٽي آف شڪاگو مان
پوليٽيڪل سائنس ۾ M.A ڪيائين
۽ ڪينيا (آفريڪا) جي يونيورسٽي آف نئروبيءَ مان PhD ڪيائين. پاڻ (پروفيسر اپولو رابن نسبامبي) 1978ع کان 1987ع
تائين ماڪريري يونيورسٽي جي سائنس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ان بعد هو 1994ع تائين
هيڊ رهيو ان بعد ماڪريري انسٽيٽيوٽ آف سوشل ريسرچ (MISR) جو
1996ع تائين ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ان بعد 1999 تائين تعليم ۽ راندين جو وزير ٿي رهيو. ان کانپوءِ اڄ تائين هو يوگنڊا جو وزيراعظم آهي. سندس پهرين زال جي وفات بعد 2003ع
۾ هن موجوده زال سان شادي ڪئي. اولاد ۾ هن کي چار ڌيئرون آهن.
مٿي اسان
واري يار آمريڪن پروفيسر پال ايڊورڊ ٿيروڪس جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن سان
منهنجيون سنگاپور ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. هن کي به مون وانگر آفريڪا جا شهر
ممباسا، نئروبي، دارالسلام، زئنزيبار ۽ ڪمپالا بيحد پسند هئا. پاڻ آمريڪا جي ميڊ
فورڊ شهر ۾ 1941ع ۾ ڄائو يعني اسان واري حميد سنڌي ۽ عنايت بلوچ جو همعمر آهي.
سندس ماءُ اطالوي آهي ۽ پيءُ فرينچ ڪئناڊين هو. پاڻ جڏهن يوگنڊا جي ماڪريري
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي رهيو هو ته هو ائين ئي خوش هو جيئن اسان ملائيشيا جي
ميريٽائيم اڪيڊمي ۾ پڙهائيندي خوشي محسوس ڪري رهيا هئاسين. پروفيسر پال ٿيروڪس
ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ناراض عوام جي جلوس اڳيان سندس زال جي ڪار اچي وئي. هوءَ آخري
مهينن سان پيٽ سان هئي. حڪومت خلاف نعرا هڻندڙ مظاهرين، هن جي زال جي ڪار کي اونڌو
ڪري باهه ڏيڻ ٿي چاهي، پر پوءِ ڇڏي ڏنائونس. هي اهڙو واقعو هو جنهن پال ٿيروڪس کي
ڪمپالا ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. جتان پوءِ هو سنگاپور هليو آيو، جتي منهنجي ساڻس
ملاقات ٿيندي رهي.
پال
ٿيروڪس جا ڪيترائي ناول ۽ سفرناما مشهور آهن جن مان هڪ The Great Railway Bazaar آهي. جنهن ۾ هن لنڊن کان ٽوڪيو تائين ٽرين ذريعي ڪيل اوٽ موٽ
جي سفر جو احوال لکيو آهي. هن جو هڪ ٻيو سفرناموThe
Old Pataganian Express آهي جنهن ۾ پڻ هن ٽرين جي
سفر جو احوال لکيو آهي جيڪو سفر هن بوسٽن (USA) کان
ارجنٽائنا تائين ڪيو. ان کان علاوه هن جو هڪ چين جو سفرنامو Riding
the Iron Rooster ۽ پئسفڪ سمنڊ
جي سفر جو The
Happy Isles of Oceania آهي.
سندس سڀ کان بهترين سفرنامو، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ Dark
Star Safari آهي جنهن ۾ پال ٿيروڪس
قاهره (مصر) کان ڪيپ ٽائون (ڏکڻ آفريڪا) جي سفر جو احوال ڏنو آهي. هن ڪتاب جي ڪجهه
بابن (Chapters)جا
عنوان هن ريت آهن:
· Up and Down the Nile
· The Djibouti Line to Harar
· The Longest Road in Africa
· Figawi Safari on the Bandit Road
· The Bush Train to Dares Salaam
· The Kilimanjaro Express to Mboya
· River Safari to the Coast.......
وغيره
وغيره.
No comments:
Post a Comment