شهيد پاڳاري کي هو بچائي
نه سگهيو...
الطاف شيخ
حيدرآباد سنڌ جي مشهور
ڊاڪٽر منگهن مل جي نُنهن ۽ ممبئي جي ناليواريENT سرجن ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي
جي زال سُرلا ٻڌايو ته سندس پٽ ڊاڪٽر ديپڪ اڄ ڪلهه پنهنجي پيءُ جي ڪلينڪ تي ويهي
ٿو، جيڪا هن شهر ممبئي جي مشهور روڊ پيڊر روڊ (Pedder
Road) تي آهي. پيڊر روڊ ممبئي
جي ڏاکڻي حصي ڪمبالا-هل واري امير علائقي ۾ آهي، جيڪو ڊبليو جي پيڊر نالي آهي. هو
صاحب 1879ع ۾ ممبئي جو ميونسپل ڪمشنر هو. هي روڊ اڄ ڪلهه انڊيا جي سماجي جاکوڙي
گوپال رائو ديشمک نالي آهي، پر ممبئي جي ٻين رستن وانگر هن روڊ کي به پراڻي نالي
سان سڏيو وڃي ٿو.
منجيت ڪرپلاڻي 1996ع کان
نيويارڪ جي مئگزين ”بزنيس ويڪ“ جي بيورو چيف آهي. ان کان اڳ هوءَ سال کن نيو يارڪ
جي رسالي Worthجي اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهي ۽ 1989ع کان 1994ع تائين نيويارڪ جي هڪ ٻئي
مشهور رسالي Forbes جي ڊپٽي چيف رپورٽر ٿي
رهي. پنهنجي اخباري ڪئريئر جي شروعات، هن ممبئي جي رسالي ”بزنيس ورلڊ“ کان ڪئي. هن
وقت سندس عمر 50 سالن جي لڳ ڀڳ آهي.
مئڊم سرلا ٻڌايو ته
”منجيت جي اڃان شادي نه ٿي آهي. ڊاڪٽر ديپڪ جي ڪجهه سال اڳ آشا ڀاواني نالي سنڌي
ڇوڪريءَ سان شادي ٿي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ رشي ۽ هڪ ڌيءَ ريناتا آهي.“
مئڊم سرلا جو سهرو ۽
ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻي جو پيءُ ڊاڪٽر منگهن مل جيتوڻيڪ MBBS ڊاڪٽر نه هو، نه وري ڪا
سندس سرجريءَ ۾ ڊگري ٿيل هئي، پر هو سڄي حيدرآباد ضلعي ۽ اوس پاس ۾ قابل فزيشن ۽
سرجن طور مڃيو ويو ٿي. هو هر قسم جي آپريشن ڪري ويندو هو. اسان جي ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد
ميمڻ به هن وٽ پهرين Anaesthetist (بيهوشي
جي ڊاڪٽر) جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو هو. ڊاڪٽر منگهن مل جي هٿن ۾ شفا هئي. هو غريبن جو
وڏو خيال ڪندو هو. ڊاڪٽري کي هن خدمت جو پيشو سمجهيو ٿي ۽ سندس ڊاڪٽري بابت ٻڌايل
ڪيترائي قول اسان ننڍي هوندي ڊاڪٽر عابد ميمڻ کان ٻڌي حيران ٿيندا هئاسين. ان جي
ئي نقشِ قدم تي ڊاڪٽر عابد به سڄي عمر هي مسيحي پيشو اختيار ڪيو. ڊاڪٽر منگهن مل
ڊاڪٽر عابد ميمڻ کان 36 سال وڏو هو. پاڻ 7 مارچ 1892ع تي حيدرآباد ۾ ساڌو مل جي
گهر ۾ ڄائو. 1913ع ۾ هن LCPS واري ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل
ڪئي ۽ پنهنجو نرسنگ هوم کوليو.
هي مضمون لکڻ دوران ڊاڪٽر
عابد ميمڻ جي ٻن حيدرآبادي جهونن دوستن: پرواني ڀٽي ڪالم نويس ۽ مشهور وڪيل ڪاڪي
ڪشنچند پارواڻيءَ کان فون ذريعي ڊاڪٽر منگهن مل جو پڇيم، ته هو صاحب به سندس تعريف
۾ شروع ٿي ويا. هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽر منگهن مل جو نرسنگ هوم اڄ واري ريشمي گلي ۾ هو،
پر سندس گهر هيرآباد ۾ هو ۽ هو سٺي نبض شناس سان گڏ سٺو سرجن به هو. مئڊم سرلا
ناريءَ ٻڌايو ته سندس سهري ڊاڪٽر منگهن مل هڪ دفعو عورت جي ڇاتيءَ جي آپريشن به
ڪئي. ”آئون ننڍي هيس. مون کي آپريشن ڏسڻ جو شوق هو،“ سُرلا ٻڌايو، ”پوءِ ڊاڪٽر
منگهن مل آپريشن ٿيٽر ۾ مون کي اسٽول تي ويهاري هن عورت جي آپريشن ڪئي. آپريشن کان
اڳ هن مون کان وچن ورتو، ته جي ڊني آهين ته مريض لاءِ به مصيبت ٿي پوندي ۽ توکي به
مار ملندي.“
ڊاڪٽر منگهن مل جي ايڏو
هوشيار ڊاڪٽر ٿيڻ بابت جڏهن مون سرلا کان پڇيو، ته هن ٻڌايو ته ان پٺيان ٽي ڳالهيون
آهن: ”هڪ ته ڊاڪٽر منگهن مل ننڍي هوندي کان هوندو ئي هوشيار هو. هو اسڪول ۾ هميشھ
اول نمبر کڻندو هو. ٻي ڳالهه ته هو بيحد محنتي ۽ اڻ ورچ هو. هن کي پنهنجي پروفيشن
سان پيار هو. هن پئسي خاطر پورهيو نٿي ڪيو، پر ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ٿي ڪيو. ٽين
۽ آخري ڳالهه اها ته هو انگريز ڊاڪٽر گري (Gray)جهڙي قابل ڊاڪٽر وٽ ڪم
سکيو.“
ڊاڪٽر منگهن مل جڏهن LCPSڪري حيدرآباد جي سول
اسپتال ۾ سرڪاري نوڪري ڪئي، ته ان وقت سندس باس ڊاڪٽر ڪرنل J.E گري هو. ڪراچي واري ڊائو
ميڊيڪل ڪاليج (جيڪو هاڻ يونيورسٽي آهي) ان جي ٺهڻ ۾ ڊاڪٽر گري جو به وڏو هٿ آهي.
ڊائو ميڊيڪل ڪاليج هڪ ننڍي ڪاليج جي شڪل ۾ 1941ع ۾ پهرين حيدرآباد ۾ کوليو ويو. ان
بعد ان کي مٿانهون درجو ڏيڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ شفٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ هڪ ڪميٽي ٺاهي،
جنهن ۾ ڪرنل جي اِي گري جيڪو ان وقت انسپيڪٽر جنرل سول هاسپيٽلس هو، پڻ هڪ ميمبر
ٿيو. ان کان علاوه هن ڪميٽيءَ ۾ ڊاڪٽر هرميندس واڌواڻي وزير صحت ۽ مسٽر اڀيچند
ايگزيڪيوٽو انجنيئر هئا. ڊائو ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر 10 ڊسمبر 1945ع تي سنڌ جي
گورنرSir
Hugh Dowرکيو، تيسين هي ڪاليج عارضي طور اين. جي وي هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ۾
هلايو ويو ۽ پاڪستان ٿيڻ تائين هي ڪاليج ممبئي يونيورسٽي سان Affliated رهيو. ڊاڪٽر منگهن مل
زندگيءَ جا آخري سال پنهنجي پٽ ڊاڪٽر ناري وٽ بمبئي ۾ گذاريا، جتي 80 سالن جي ڄمار
۾ 1972ع ۾ وفات ڪيائين.
مٿي پاڻ فقط ڊاڪٽر ناري ۽
سندس پتا منگهن مل ڪرپلاڻي جي فئملي جو ذڪر ڪيو آهي. آخر ۾ ٻه ٽي سٽون ڊاڪٽر ناري
جي زال سرلا جي فئملي بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪا پڻ سنڌ جي هڪ مشهور ۽ پڙهيل
ڳڙهيل فئملي آهي.
سُرلا جو پتا گوبند رام
ڀاوناڻي اتر سنڌ جو هڪ وڏو زميندار ٿي گذريو آهي. گوبند رام جي ڄم جي تاريخ 10
ڊسمبر 1900ع آهي. اسين ننڍا هئاسين. يعني 50 ۽ 60 وارين ڏهائين ۾ حيدرآباد ايندا
هئاسين، ته قلعي ۽ گاڏي کاتي کان تلڪ چاڙهي ۽ هيرآباد ڏي ايندا هئاسين، ته هڪ
فوجدار واري گهٽي به ايندي هئي. جنهن کي ديوان صورت سنگهه جي گهٽي به سڏبو هو. حيدرآباد ۾ هڪ ٻي گهٽي ”ڀائي مولچند گيانيءَ جي گهٽي“ سڏبي هئي. خبر ناهي اهي گهٽيون
اڃان انهن نالن سان ئي سڏجن ٿيون يا نه. پر جيڪي انهن نالن کان واقف آهن، انهن کي
مئڊم سرلا سڃاڻڻ ۾ ڪا دقت نه ٿيندي، ڇو جو سرلا جي پيءُ گوبند رام جو صورت سنگهه
ڏاڏو هو ۽ مولچند صورت سنگهه جو ڀاءُ هو.
صورت سنگهه ۽ مولچند ٻه
ڀائر ديوان سکانند جا پٽ هئا. ديوان مولچند وڏو ڀاءُ هو. هو پهرين سنڌ جي ميرن وٽ
محرر مقرر ٿيو ۽ ڀريا مان شادي ڪيائين. پوءِ دنيا کان ڪنارو ڪري، ساڌن جي سنگ ۾
زندگي بسر ڪيائين. سندس جنم جو سال 1799ع آهي. پاڻ 70 ورهين جي ڄمار ۾ 1869ع ۾
پرلوڪ پڌاريو. صورت سنگهه جو گهر حيدرآباد جي سري گهاٽ طرف دونهين واري گهٽي جي
ويجهو هو، جيڪا گهٽي سندس نالي سان مشهور ٿي. پاڻ فوجدار هو، ان ڪري اها گهٽي
فوجداري واري گهٽي پڻ سڏجڻ لڳي.
صورت سنگهه کي چار پٽ
هئا، جن مان ٻيو نمبر ڏيئل مل هو، جنهن جو جنم حيدرآباد ۾ 1873ع ۾ ٿيو. هي ڏيئل
سرلا جو ڏاڏو هو. ڏيئل مل 1889ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ٻه سال ڪراچي جي ڪاليج مان پڙهي
بمبئي مان 1895ع ۾ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪري. 1901ع تائين شڪارپور ۾ وڪالت ڪيائين،
جنهن بعد جيڪب آباد ۾ جج ٿيو ۽ 1928ع ۾ پينشن ورتائين. هو اسڪائوٽ ڪمشنر ۽
حيدرآباد جي ڏيئلداس ڪلب جو سيڪريٽري ٿي رهيو. پاڻ سياست ۾ به حصو ورتائين. ديوان
ڏيئل مل کي هڪ پٽ گوبند رام (سُرلا جو پيءُ) ٿيو. سندس جنم سندس ڌيءَ سرلا مطابق
1900ع آهي، پر ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي مطابق 1898ع آهي. سندس 1970ع ۾ وفات ٿي.
ديوان ڏيئل مل جج جي نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ائگريڪلچر جو وزير پڻ ٿيو. سرلا
ٻڌايو ته سندس ڏاڏو اتر سنڌ جو ايڏو ته وڏو جاگيردار هو، جو هن جي زمينن تي سندس
نالي ٺهيل ريلوي اسٽيشن ”ڳڙهي ڏيئل مل“ هوندي هئي، جنهن تي ريل گاڏي بيهندي هئي.
سُرلا جو نالو گلي ٻائي
هو ۽ سرلا جا ناناڻا پڻ سنڌ جي تاريخ ۾ مشهور آهن. خاص ڪري سُرلا جو نانو ٽهلرام
واسواڻي انگريزن جي ڏينهن ۾ پوليس جو اعليٰ ۽ اهم آفيسر رهي چڪو آهي. سرلا جڏهن
پنهنجي ناني جو نالو ٻڌايو ته آئون حيرت مان سندس چهري کي ڏسڻ لڳس ۽ هوءَ به اکين
سان اکيون ملائي خاموش ٿي وئي. مون کي لڳو ته ٽهلرام واسواڻي جو نالو مون پهرين به
ڪٿي ٻڌو يا پڙهيو هجي.
”ٽهلرام واسواڻي؟!“
منهنجي وات مان، ڪنفرم ڪرڻ لاءِ نه پر بي اختيار نڪتو.
”جي ها، ٽهلرام واسواڻي
منهنجي ماتا جو پتا ۽ منهنجو نانو هو،“ سرلا وراڻيو ۽ پوءِ مون ڏي ڏکويل نگاهن سان
ڏسي چيو:
“At
the time of the arrest of Peer Pagarah he was one of the senior police
officer but could not help”
No comments:
Post a Comment