ٽاور آف لنڊن ۽ مشهور ڪوهنور هيرو
عبدالحي پليجو
گذريل آرٽيڪل ۾ مون اوهان کي ٽاور آف لنڊن جي باري
۾ پئي ٻڌايو. ٽاوَر آف لنڊن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون آهن. اسان
به هڪ قطار ۾ بيهي رهياسين. برٽش ميوزم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪابه في ڪانهي. پر هت ٽاوَر
آف لنڊن لاءِ داخلا في آهي ۽ انهيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ اسان قطار ۾ بيٺا آهيون. پنهنجي
واري تي اسانکي به ٽڪيٽ ملي، جيڪا هٿ ۾ کڻي ٽاوَر آف لنڊن جي اندر داخل ٿيڻ لاءِ مين
گيٽ تي اچي بيٺاسين، گيٽ بند آهي، ٽاوَر آف لنڊن جي اندر سير پاڻ مرادو نه پر سڄو گائيڊ
گروپ جي شڪل ۾ ڪرائيندا آهن، تنهن ڪري جيئن جيئن گائيڊ واندا ٿين، تيئن تيئن ماڻهواندر
داخل ٿين ۽ انهن کي اول کان آخر تائين گهمائي ڦيرائي ٻاهر روانو ڪن. فرانس جي لوور
عجائب گهر ۾ يورپ جا سياح گهڻي تعداد ۾ انهيءَ ڪري وڃن ٿا، جو انهيءَ ۾ موناليزا جي
تصوير رکيل آهي ۽ ٽاوَر آف لنڊن ۾ هندستاني، پاڪستاني ۽ بنگلاديشي وڏي تعداد ۾ انهيءَ
ڪري وڃن ٿا، جو هت هندستان جو مشهور هيرو ڪوهه نور رکيل آهي، جيڪو ماڻهو ٽاوَر آف لنڊن
گهمي ڏسي سگهي ٿو. اهڙي طرح سان ٽيپو سلطان جي تلوار وري اسڪاٽ لينڊ جي تاريخي قلعي
ڪئسل آف ايڊنبرگ ۾ رکي آهي. اسان سان گڏ ننڍڙن ٻارن جو هڪ گروپ به شامل آهي، جنهن کي
سندن ماسترياڻي هر هڪ ڳالهه سمجهائي رهي آهي. ڪيڏا نه پيارا ٻارڙا آهن... پنهنجي استاد
جي هر ڳالهه ڌيان سان ٻڌي رهيا آهن ۽ معصوم زبان ۾ پنهنجي استاد کان سوال ڪري رهيا
آهن، مِنا تمام ڌيان سان کين ڏسي رهي آهي ۽ مونکي ٻڌائي رهي آهي. هت اسانکي هڪ سنڌي
فئملي به گڏي، جيڪا حيدرآباد جي هئي. اسانجي گائيڊ اسان کي هر هڪ شئي جي باري ۾ اهڙي
ته سهڻي نموني سان سمجهائي رهيو آهي، ڄڻ ته هر هڪ شيءَ جي اسانجي اڳيان تصوير ڇڪجي
وئي.. پاڻ هر هڪ ڳالهه تمام وڏي آواز ۽ تقرير جي انداز ۾ ٻڌائي ۽ سمجهائي رهيو هو،
جيڪو سلسلو اول کان آخر تائين جاري رهيو. ٽاوَر آف لنڊن، ٽوڪيو ٽاوَر ۽ ايفل ٽاوَر وانگر صرف ٽاوَر نه پر هڪ قلعي
نما محل آهي، جنهن جي وڏي تاريخ آهي. جيڪا سَوَن سالن تي مُحيط آهي، پر انهيءَ جي مقابلي
۾ ٽوڪيو ۽ پئرس وارا ٽاوَر جديد دور جي ٽاوَرن جي عڪاسي ڪن ٿا. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي
جدا ۽ منفرد حيثيت آهي. ٻنهي کي هر روز سڄي دنيا جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ڏسن ٿا.
اسان ٽاوَر جي ٻاهران ٽاوَر جي باري ۾ هڪ ڪتاب خريد ڪيو، جنهن کي آهستي آهستي پڙهندا
گائيڊ کي ٻُڌندا، فوٽو ڪڍندا اڳتي وڌي رهياسين. استنبول جو گيلاٽا ٽاور ۽ اٽلي جو پيزا
ٽاور دنيا جا قديم ترين ٽاور آهن. ان سنڌي فيملي جي هڪ ميمبر ٽاور تي لڳل جهنڊي ڏانهن اشارو ڪري مِنا پُڇيو ته؛
”هي ڇا جو جهنڊو آهي؟“ مون کيس ٻڌايو ته، هي برطانيا جو قومي جهنڊو آهي. لنڊن ٽاوَر،
شهر تي نوَ سَؤ سالن کان وڌيڪ وقت حڪمراني ڪئي آهي ۽ اڄ پڻ اهو راڄڌانيءَ جو سڀ کان
وڏي اهم علامت ۽ سياحن لاءِ پرڪشش آهي. پنهنجي طويل تاريخ دوران هي ٽاوَر شاهي
محل، قلعو، قيد خانو، ڦاسي گهاٽ، اسلحي خانو، ڪارخانو، ضرب خانو، چڙيا گهر سان گڏوگڏ
شاهي جواهرات، نوادرات ۽ هٿيارن جو نمائش گهر به رهيو آهي. اڄ اهو ٽاور برطانوي تاريخ جي طاقتور ترين علامتن يعني قديم شاهي غلامن، لنڊن
جي ڪارن ۽ وڏن ڪانگن ۽ شاهي هيرن جواهرن جو گهر آهي. لنڊن ٽاور حقيقت ۾ هڪ نه پر گهڻن
ئي ٽاورن، محلن، قلعن ۽ متفرق جڳهين جو مجموعو آهي، جن کي پسڻ ۽ پروڙڻ سان متاثر ڪندڙ
ڄاڻ ۽ لطف حاصل ٿئي ٿو. هيٺ انهيءَ جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
الهندو شاهي دروازو ۽ آبي رستو:
هي علائقو لنڊن ٽاوَر جي سياحن لاءِ مقرر ڪيل مکيه
دروازي کان وٺي آبي رستي جي دنگ وٽ ڪريڊل ٽاور تائين مشتمل آهي. هي ماڳ ٽاور وٽ پهچڻ
شرط يا ته موٽندي ٽاوَر ڇڏڻ وقت گهمي سگهجي ٿو.
الهندو لنگهه:
ايڊورڊ پهرئين جي وقت کان وٺي (۱۲۷۲ع کان ۱۳۰۷ع) محل ۾ وڃڻ جو مکيه زميني رستو ڪيترن ٽاورن ۽ لچڪدار پلين مان گذرندو
هو، جيڪو پوءِ ٿيندڙ ڪيترين ئي ترميمن سبب، اڄ اها اصلي صورت وڃائي ويٺو آهي. ايڊورڊ
اول طرفان قلعي ۾ ٿيل توسيع ۾ نئين ٻاهرئين پناهه ديوار ۽ شهر ۽ نديءَ وارا مکيه دروازا
شامل آهن. شهر جي طرف وارو نئون شاهي دروازو ۱۲۷۵ع کان ۱۲۸۱ع جي وچ ۾ اڏيو ويو، جنهن
۾ ٽي ٽاوَر (۱) لائين ٽاوَر (۲) مڊل ٽاوَر ۽ (۳)
باءِ وارڊ ٽاوَر جوڙيا ويا. لائين ٽاور بعد ۾ ڊاٺو ويو. هن وقت جديد ڪنڪريٽ پُل، ٽاور
هل کان مڊل ٽاور تائين وڃي ٿي. جديد پُل تان
قديم لچڪدار پُل جا آثار ۽ لائين ٽاوَر جي ٻاهرين ديوار ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جا پٿر
ٽاوَر شاپ جي اڳيان ٺهيل پٽڙيءَ ۾ لڳل نظر ايندا.
هن ٽاور ۾ شاهي چڙيا گهر قائم هو، جنهن ۾ شينهن به
هوندا هئا، تنهن ڪري هن ٽاوَر جو نالو لائين ٽاوَر رکيو ويو. شاهي چڙيا گهر ۱۸۳۴ع ۾ موجود لنڊن زُو ڏانهن منتقل ڪري لائين ٽاور کي
ڊاهي، انهيءَ هنڌ پمپ هائوس اڏيو ويو ۽ ان کي ٽاور شاپ طور استعمال ڪجي ٿو.
مڊل ٽاور:
لائين ٽاور کان مڊل ٽاور ڏانهن هڪڙي لچڪدار ننڍي پُل
هئي، سا هاڻي ڦٽي وئي آهي. ۱۷۱۷ع
۾ جارج اول ماڊل ٽاور ۾ ترميم ۽ ڪجهه سڌارو ڪري گيٽ تي هٿيار وغيره چاڙهيا. هي ٽاور
هن وقت يئومين گارڊ (قديم غلام محافظ) جي رهائشگاهه آهي. ٽاور جو بچاءُ حقيقتاً گيٽ
وٽ لوهي سيخن جي ٺهيل ٻن طاقن کي زمين ۾ لڳل کانچن ۾ لڳائي ڦاٽڪ بند ڪرڻ سان ٿيندو
هو. اهي کانچا اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
باءِ وارڊ ٽاوَر
ماڊل ٽاوَر ۽ باءِ وارڊ ٽاور جي وچ ۾ هڪ ننڍو رستو
هوندو هو، جنهن ۾ اصل کان هڪ لچڪدار پُل هوندي هئي. ياد رکڻ گهرجي ته انهيءَ هنڌ موجود
کاهيءَ ۾ ۱۸۴۳ع تائين پاڻي ڀريل هوندو هو. هي گيٽ هائوس ايڊ ورڊ
اول جي ٺهرايل ٻن گول ٽاورن سميت اڃا تائين گهڻن ئي اصل مهانڊن جو حامل آهي. ماڊل ٽاور
وانگر باءِ وارڊ ٽاور پڻ لوهي سيخن جي ٺهيل ٻن طاقن سان ڦاٽڪ بند ڪري محفوط رکيو ويندو
هو. ڦاٽڪ وٽان لنگهندي اهو سيخدار طاق ۽ خوني سوراخن جو سلسلو ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪي سوراخ
شايد حمله آور دشمنن طرفان گيٽ کي باهه سان ساڙڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا، ڦاٽڪ جي
اڳئين پاسي ساڄي طرف تيراندازيءَ لاءِ ٺهيل اصلي سوراخ آهي، جيڪو ڦاٽڪ جي حفاظت لاءِ
استعمال ٿيندو هو.
ڦاٽڪ جي ٿورو پويان ساڄي طرف هڪ ننڍو خانگي لنگهه آهي،
جيڪو گهاٽ کان ٽاوَر ڏانهن ويندڙ هو ۽ شاهي خاندان پاران پندرهين ۽ سورهين صدين دوران
استعمال هيٺ هو. انهيءَ لنگهه تي ننڍڙو ڦاٽڪ ۽ گهاٽ واري پاسي کان لچڪدار پل پڻ ڏسي
سگهجي ٿي. اهو پوسٽرن گيٽ اصل ۾ ايڊورڊ اول ٺهرايو هو. پر سندس موجود صورت پندرهين
صديءَ کان شمار ڪجي ٿي.
واٽرلين يا آبي رستو
باءِ وارڊ ٽاور جي هيٺان لنگهڻ کانپوءِ اوهان انهيءَ
هنڌ پهچندا، جتي اوهانجي کاٻي هٿ تي اتر طرف ويندڙ ضرب خاني واري گهٽي آهي ۽ اڳيان
اٿوَ واٽرلين. اهو هنڌ ايڊورڊ اول جي دور وارو آئوٽر وارڊ يعني خارجي ميدان آهي. اهو
وارڊ ايڊورڊ اول طرفان لنڊن ٽاور جي توسيع دوران ان وقت قائم ڪيو ويو، جڏهن ۱۲۷۵ع کان ۱۲۸۲ع جي درميان محل جي اولهه، اتر ۽ اوڀر طرفن کان هڪ نئين ٻاهرين بچاءُ
واري اضافي ديوار (آئوٽر ڪريٽن وال) تعمير ڪئي وئي. نهر سان لڳو لڳ موجود واٽرلين وارو
سمورو علائقو آئوٽر وارڊ قرار ڏنو ويو ۽ ٽيمس نديءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ ٽاوَرن تي
مشتمل بچاءُ جي شاهي ديوار تعمير ڪئي ويئي، انهيءَ کان اڳ ۾ اندروني پناهه واري ديوار
تي اڏيل سمورا ٽاور نهر جي ڪپ تي قائم هئا.