دِل اَڙجي وئي دمام سان
فهيم اختر
ڀاڱو پھريون
سعودي عرب جي اوڀر واري صوبي Eastern Province جي گاديءَ جو هنڌ دمام، ملڪَ جي پنجن وڏن شهرن ۾ ليکيو
ويندڙ ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو تيل پيدا ڪندڙ علائقو مڃيو وڃي ٿو. دمام کان ۱۵ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ الظهران جو
شهر ۽ ۲۰ ڪلوميٽر
ڏکڻ – اوڀر ۾ الخُبَر جا شهر آهن. ٽيئي شهر دمام، الظهران ۽ الخُبَر پاڻ ۾ ويجھا هجڻ ڪري گِريٽر دمام يا دمام ميٽروپوليٽن ٺاهين
ٿا. ۲۰۱۲ع تائين ٽنهي شهرن جي گڏيل آبادي لڳ ڀڳ ۴,۱۴۰,۰۰۰
هئي جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي
رهي آهي. انهن ٽن ۽ اهم شهرن کان سواءِ هن صوبي ۾الجُبيل، النعريه، الحفوف، حفرالباطن،
القطيف، راس تنوره، ابقيق ۽ الاحساء شهرَ پڻ موجود آهن. جن مان هر شهر جو تاريخي منظرنامو
۽ اهميت واري واري سان بيان ڪبي. ايراضيء جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ
King Fahd International
Airport دمام کان اُتر– اولهه ۾ ۲۰
ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي،
جيڪو اٽڪل ۷۸۰ چورس
ڪلوميٽرن جي ايراضيء تي پکڙيل آهي، ۽ پوري صوبي کي اهو هڪ ئي ايئرپورٽ آهي. ان کان
علاوه دمام جي بندرگاهه فارسي نارPersian Gulf تي وڏي ۾ وڏي بندرگاهه آهي.