Monday, May 25, 2015

رام جي رام کي ڀيٽا - الطاف شيخ

رام جي رام کي ڀيٽا
الطاف شيخ
سال کن اڳ شاهه لطيف يا شايد سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ ڇوڪريءَ فون ڪيو ته هوءَ منهنجي لکڻين تي پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز لکڻ جو ارادو رکي ٿي. آئون ڪنهن گهري سوچ ۾ پئجي ويس. مونکي ماٺ ۾ ڏسي هن پڇيو ته آيا سندس آواز مون تائين پهچي پيو يا نه؟
”جي ها. ٻڌي رهيو آهيان“، مون وراڻيو مانس، ”پر آئون سوچي رهيو آهيان ته……“
”جي، سر! چئو“

Sunday, May 03, 2015

اسانجو سُپر هاءِ وي - الطاف شيخ

اسانجو سُپر هاءِ وي
الطاف شيخ
ڪراچي کان حيدرآباد آئي مونکي چار سال کن ٿي ويا هئا. چار سال وڏو عرصو آهي جنهن ۾ مڪي، مديني ۽ جدي کان ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ جڪارتا جهڙن شهرن ۾ ته تمام وڏي تبديلي ۽ ماڊرنائيزيشن اچيو وڃي ۽ ڪو زمانو هو جو چئبو هو ته پئرس جا رستا آرسيءَ جيان ٿا چمڪن.... اڄ ڪو ايشين يا آفريڪن اهڙي وائي نٿو واري جو ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا جهڙا آفريڪي ملڪ هجن يا فلپين، سنگاپور ۽ ويٽنام جهڙا ايشيائي ملڪ.... ڪنهن به شهر کان ٻاهر نڪر ته ڇا سهڻا ۽ مضبوط رستا آهن..... ڀلي پيا مينهن وسن توهان بي ڊپا ٿي گاڏيون هلايو.... اسانجو هر ڳالهه ۾ مقابلو انڊيا سان رهي ٿو ۽ اسان جا اخبار وارا انڊيا جي ڪنهن روڊ حادثي يا ٽرئفڪ جئم جي خبر وڏن چَشڪن سان ڏين ٿا جنهن کي پڙهي اسان جا ماڻهو سمجھن ٿا ته انڊيا ۾ ڪا ڀينگ پئي وسي پر اڄ انڊيا جا به شهر توڙي روڊ رستا ماڊرن ملڪن جي مقابلي ۾ آهن. هنن جون وقت جون پابند ۽ هر سهوليت سان پُر ريل گاڏيون ۽ بسون ڏسو ۽ رستن تي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٺهيل انهن جا اسٽاپ ۽ اسٽيشنون ڏسو.... هڪ ميلو ۽ رونق هوندي آهي ۽ ماڻهو ڏينهن رات بي ڊپا ٿي سفر پيا ڪن. اسانجي جھانگارا باجاره، شاهه پنجو، سڪرنڊ ۽ باڊهه جهڙن هندوستاني ڳوٺن جون بس اسٽاپ واريون هوٽلون ڏسو ته اهي به بين الاقوامي سهولت واريون آهن تڏهن ته يورپي ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ انڊيا گهمڻ ۽ موڪلون گذارڻ اچن ٿا....

Friday, May 01, 2015

رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ماتلي - بدر ڌامراھ

رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ماتلي
بدر ڌامراھ
ڳچ سال ٿيندا جو آتم ڪهاڻي، ”ڪيئي ڪتاب“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو. هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ ٻه ڳالهيون دل تي نقش ٿي ويون جيڪي اڄ به چٽيءَ طرح ياد اٿم، هڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي شخصيت ۽ ٻيو ”ماتلي“ شهر.

بشاري مقدسي جي نظر ۾ چوٿين صدي هجريءَ جي سنڌ - مختيار ملاح

بشاري مقدسي جي نظر ۾ چوٿين صدي هجريءَ جي سنڌ
مختيار ملاح
چوٿين صدي هجريءَ ۾ ڪيترا ئي عرب سياح ۽ مؤرخ سنڌ جو سفر ڪرڻ آيا ۽ سنڌ بابت  ڪيترائي ڪتاب لکيائون. تن ڪي اهڙا به مؤرخ ۽ محقق هئا جن سنڌ نه ڏسڻ جي باوجود سنڌ بابت تحقيق ڪئي. پر جن سنڌ کي اکين سان ڏٺو، انهن ئي قابل ذڪر حوالا ڏنا ۽ سنڌ جي ملڪي حالتن جو صحيح جائزو ڏنو، اهڙن نالن ۾ هڪ ممتاز جاگرافي دان بشاري مقدسيءَ جو به آهي.

Saturday, April 18, 2015

ڄام جي ٽنڊي کان ڄام پور تائين - مير اعظم علي ٽالپر

ڄام جي ٽنڊي (سنڌ) کان ڄام پور (پنجاب) تائين
مير اعظم علي ٽالپر
سنڌي زبان ۾ هڪ پهاڪي جو تفصيل هن ريت آهي ته ڪنهن جي اچڻ سان ڀاڳ کُلندو آهي ته وري ڪنهن جي وڃڻ سان به قسمت ۾ تبديلي ايندي آهي. ان کانسواءِ مهمان ۽ پارٽي اچڻ جو ڪو ٽائيم مقرر نه آهي. اهڙن مثالن وانگر هڪ عزيز ۽ سڄڻ ناليواري ڊاڪٽر مير امان الله ٽالپر اچانڪ فون ڪري، حڪم ڪيو ته؛ صبح جو پنجاب جي ڊيره غازي خان لاءِ تيار ٿيو ته هلنداسين ۽ هلي مائٽ محمد مرزا ٽالپر سان سندس وڏي ڀاءُ در محمد ٽالپر جي وفات تي تعزيت ڪنداسين. سائين جي حڪم تي عمل ڪندي اسان گڏ نڪتاسين ته گمبٽ ۾ قافلي ۾ ٽالپر اتحاد جي شڪل ۾ ڊاڪٽر محمد خان ٽالپر، ڪامريڊ عبدالڪريم ٽالپر، عبدالهادي ٽالپر، مير مشتاق ٽالپر، ڊاڪٽر اعجاز ٽالپر ۽ ٻيا عزيز به شريڪ ٿي ويا.

Sunday, January 11, 2015

پيالي جيترو ڪوئيٽا شهر - آدرش

پيالي جيترو ڪوئيٽا شهر
آدرش
روزن وارو مهينو دنيا لاءِ ڀلارو ٿي ايندو آهي، پر اسان وٽ ڪرفيو ۽ مهانگائي جو مهينو ٿي ايندو آهي، گذريل ڪجهه سالن کان سخت گرمي جي مهينن ۾ رمضان مبارڪ جو مهينو اچي ٿو، گذريل سال جولائي جي مهيني ۾ آيو، سون ته سهاڳو اهو جو اسان  جي پاڙي جي بجلي جو ٽرانسفارمر به سڙي ويو ته واپڊا وارا به صفا سڙيل. رشوت بنا ڪاٿي ٿا اچن. جڏهن پاڙي مان چندو ڪري ڀڀ ڀريونِ ته ٺاهي وڃن، زال به رٺلَ ۽ پيڪين ويل. مان وري وڻ  تي اڪيلي پکيءَ وانگر ويٺل ڪيلو کائي رونا ليليٰ جا طالب الموليٰ جا ڳايل ڪلام پيو ويٺو جهونگاريان. اهڙي ڏکئي وقت ۾ شاعر دوست سجاد مهر ابرِ بهاران ٿي آيو، پڇڻ لڳو، ”ڪوئيٽا هلبو؟ منهنجا ته اڳ ئي ٽپڙ ٽيشن تي هُيا سو وراڻيومانس؛ ”ڇو نه هلبو، اهڙو هلبو جو ڏيهه ڏسندو“.

پئسفڪ جي پاڙي ۾ - ياسر قاضي

پئسفڪ جي پاڙي ۾ -۱
ياسر قاضي
منهنجي زندگيءَ جو هي پهريون سفرنامو آهي. مسافري ته ٻالجتيءَ کان وٺي پُکي ۾ پئي، پر ياد ڪونهيم ته ڪڏهن ڪو سفر ترتيب سان ڪيو هُجيم. زندگيءَ ۾ هر قسم جو اڙانگهو ۽ سڙانگهو سفر ڪيو اٿم. سائيڪل تي هجان يا جهاز جي بزنس پلس ڪلاس ۾، ان سفر جو حَظُ ناهيان وڃائيندو ۽ هر سفر جي ڀرپُوريت جو لطف ماڻيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي سفرن مون کي گھڻو ڪجھه سيکاريو آهي ۽ آءٌ ”سفر ــ وسيلهء ظفر“ کان وٺي، ”مرد رُلي ته کُلي“ جهڙن سمورن سفري چوڻين کي نه فقط مڃيندو آهيان، پر تجربا ڪري اهڙن پهاڪن کي سچ به پاتو اٿم.