Sunday, July 31, 2011

آفريڪا ۾ عورتن لاءِ رسمون - الطاف شيخ


آفريڪا ۾ عورتن لاءِ رسمون
الطاف شيخ
ڇوڪرن جو طهر نه فقط انهن ملڪن ۾ جتي مسلمان رهن ٿا پر ڪيترن عيسائي ۽ يهودي خاندانن ۾ به عام آهي. اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ جيڪا ڳالهه مذهبي نقطي نگاهه کان ضرور ڪئي وئي اها گذريل صديءَ ۾ ميڊيڪل سائنس طرفان صحيح ۽ صحتمند ثابت ٿي. اڄ جا ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل ۽ هائيجن جو خيال رکندڙ مرد لاءِ طُهر ضروري سمجهن ٿا. هن کان اڳ سوڊان جي سفرنامي ۾ ڇوڪرين جي طهر بابت لکي چڪو آهيان جيڪو سڄي آفريڪا ۾، يمن ۽ مصر جهڙن ڪجهه عرب ملڪن ۾ ۽ اوڀر پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ عام آهي. ملائيشيا پاسي هاڻ اهو رواج (جنهن کي ڪجهه ماڻهو مذهبي رسم سمجهن ٿا) هن صديءَ جي شروع ٿيڻ سان ڪافي گهٽجي ويو آهي، نه ته اسي واري ڏهي جي شروع ۾ مون جڏهن سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري جي شروعات ڪئي هئي ته پهريون دفعو پنهنجي آفيس جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ کان سندس شاديءَ جو ڪارڊ وٺڻ وقت اهو ٻڌي حيرت ٿي هئي ته فلاڻي تاريخ سندس شادي ٿيندي ۽ ان کان هڪ ڏينهن اڳ سندس نڪاح ۽ طُهر ٿيندو، جنهن ۾ فقط عورتن کي مدعو ڪري رهي آهي. مون کي ڪجهه گهڙين لاءِ ائين به محسوس ٿيو ته صباريا پنهنجي گهوٽ عبدالرحمان جي طهر لاءِ چيو هجي جيڪو پڻ اسان جي نيول اڪيڊمي ۾ لئبررين هو. ڇو جو ملائيشيا ۾ اچي اهو مون ضرور نوٽ ڪيو ته ٻهراڙيءَ ۾ ڪن ڪن ٻارن جو وڏي عمر ۾ طهر ٿو ٿئي يا جڏهن ڪنهن مسلمان ملئي ڇوڪريءَ جي ڪنهن چيني عيسائي يا ٻڌ ڇُوڪري سان شادي طئي ٿئي ٿي ته شادي کان اڳ هو مسلمان ٿي طهر ڪرائي ٿو. بهرحال بعد ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ٻي ملئي ڇوڪريءَ کان جڏهن پڪ ڪيم ته هُن به اهو ئي ٻڌايو ته ٽائپسٽ صباريا جو طهر ٿيندو.

Friday, July 29, 2011

‘زهينگ هي’ جا آفريڪا ڏي سفر - الطاف شيخ


‘زهينگ هي’ جا آفريڪا ڏي سفر
الطاف شيخ
گذريل هڪ مضمون ۾ پاڻ ڪجهه اهڙن ناليوارن سياحن (Tourists) جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪي آڳاٽي زماني ۾ آفريڪا جي هن اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن ممباسا ۽ ملينديMalindi  ۾ آيا جيڪي اڄ ڪلهه ڪينيا جا شهر آهن. انهن ٽوئرسٽن ۾ ابن بطوطا جيڪو مراڪش کان آيو ۽ پورچوگال جو واسڪو ڊاگاما به آهي. ابن بطوطا خشڪي رستي حج لاءِ مڪي پهتو. اتان پوءِ ٻيڙيءَ رستي بحر احمر Red Sea ٽپي پوءِ اوڀر آفريڪا جو ڪنارو وٺي ممباسا پهتو. هوڏانهن واسڪوڊاگاما گهران (لسبن کان) سامونڊي سفر ڪيو ۽ پهريون يورپي آهي جيڪو ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ اڪري ممباسا ۽ مليندي پهتو. اهڙي طرح انهن ڏينهن ۾ زهينگ هي  Zheng Heنالي هڪ مسلمان سياح، جهازران Mariner، نئين دنيا جي ڳولائوءَ Explorer ۽ جهازن جي فليٽ ائڊمرل پنهنجي شان شوڪت ۽ رعب تاب سان آفريڪا جي هنن بندرگاهن ۾ پهچي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. واسڪوڊ اگاما ته پاڻ سان 5 جهاز کڻي ڳوٺان نڪتو هو، جنهن مان ٻه جهاز ته ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان مڙندي ٻڏي ويا هئس. ابن بطوطا هڪ عام ڪمزور تختن واري ٻيڙيءَ ۾ آيو پر زهينگ هي (جنهن جو نالو حاجي محمود شمس هو، زهينگ هي سندس چيني لقب هو) هڪ نه ٻه نه پر 200 کن جهازن جي فليٽ سان گڏ سفر ڪيو ٿي جنهن ۾ پنجاهه سٺ کن جهاز ته بيحد وڏا، سهڻا ۽ قيمتي تحفن سان ڀريل رهيا ٿي جيڪي تحفا هن چين جي حاڪم طرفان مختلف سلطنتن ۽ ملڪن جي سردارن، بادشاهن ۽ حاڪمن کي ڏنا ٿي. اهي جهاز ٽريزر شپ (خزاني وارا جهاز) سڏبا هئا ۽ انهن جهازن جي اڏاوت ۽ ڪاريگريءَ نه فقط ان وقت جي عام ماڻهو ۽ جهاز سازن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر اڄ به اسين تعجب کائون ٿا ته ان وقت جڏهن هر ڳالهه جي تر جيتري ترقي مس ٿَي ٿِي اتي چيني ماڻهن جهاز سازيءَ ۾ ايڏي وڏي پئماني تي ترقي ڪيئن ڪئي!

Thursday, July 14, 2011

ابنِ بطوطا ۽ ٻين جي ممباسا ۾ آمد - الطاف شيخ


ابنِ بطوطا ۽ ٻين جي ممباسا ۾ آمد
الطاف شيخ
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوڀر آفريڪا وارو ڪنارو جنهن کي هندي وڏو سمنڊ ڇهي ٿو، ان تي ممباسا تمام جهونو ۽ مشغول بندرگاهه ليکيو ويو ٿي. پورچوگالي، انگريز ۽ ٻيا يورپي ته گهڻو گهڻو پوءِ آيا پر ايراني، مصري، عرب، سومالي ننڍي کنڊ جا واپاري، هنرمند، پورهيت صدين کان ممباسا ۾ ايندا رهيا. هو پاڻ کي به خوشحال بڻائيندا رهيا ته ممباسا کي به سکيو ستابو ٺاهيندا رهيا. اڄ به انهن ماڻهن جي پنجين يا ڇهين ٽهي (جنريشن) ممباسا جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ماضيءَ ۾ ممباسا ائين هو جيئن اتر ۾ عدن، ڏکڻ ۾ ڪولمبو ۽ اوڀر ۾ جاوا – جنهن لاءِ سنڌ ۾ چوڻي مشهور آهي ته ”جيڪي ويا جاوا، سي هميشه ٿيا ساوا.“
ممباسا بابت لکت ۾ گهڻو مواد پورچوگالي ڊائرين ۽ Chronicles مان ملي ٿو. سڀ کان آڳاٽيون لکڻيون 16 صديءَ جون آهن. هي لکڻيون ان وقت جون آهن جڏهن پورچوگالين ٺٽي کي 1555ع ۾ ساڙيو ٻاريو. 1558ع ۾ آدم شاهه ڪلهوڙي جي وفات ٿي، بعد ۾ ان صديءَ جي آخر ۾ 1592ع ۾ مرزا جاني بيگ ترخان کي شڪست آئي ۽ مغل شهنشاهه اڪبر سنڌ کي دهليءَ سان شامل ڪري ڇڏيو. بهرحال پورچوگالين جا ممباسا بابت لکيل هي Chronicles تواريخِ طاهري کان به آڳاٽا آهن جيڪا مير طاهر محمد نسيانيءَ 1621ع ۾ لکي.
ممباسا بابت ابن بطوطا به پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي. ابن بطوطا هڪ مسلمان سياح هو. سندس نالو ابوعبدالله محمد هو. پاڻ 1304ع عيسوي سن ۾ موراڪو (مراڪش) جي شهر طنج (Tangir)  ۾ ڄائو. يعني مغل شهنشاهه همايون ۽ بابر کان به گهڻو اڳ ڄائو. 21 سالن جي ڄمار ۾، يعني 1325ع ۾ هو گهران حج لاءِ نڪتو پر پوءِ موٽڻ کان اڳ ملڪ ملڪ گهمندو رهيو. هو سنڌ ۾ به آيو ۽ پنهنجي سفر ۾ بکر، سيوهڻ، لاهري بندر ۽ ٺٽي جي ڳوٺ جنهاڻ سومرا جو به احوال لکيو اٿس. هو عدن پهچڻ بعد اوڀر آفريڪا وارو ڪنارو ڏيئي ممباسا پهتو هو. عدن کان پهرين زيلا شهر پهتو جنهن ۾ هن کي چار ڏينهن لڳا. اڄ جو ماڊرن شهر زيلا (Ziala) جبوتي کان 24 ميل پري ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) جي ڪناري تي آهي. هن سمنڊ جي اتراهين ڪناري تي جده ۽ عدن جهڙا شهر آهن ته ڏاکڻي ڪناري تي جبوتي ۽ زيلا وغيره. زيلا لاءِ ابن بطوطه لکي ٿو ته ”هن شهر جا مسلمان ڪارا شيدي آهن ۽ بربرا سڏجن ٿا. هو امام الشافعي مڪتبِ فڪر جا مسلمان آهن. ڪيترائي شيعا مسلمان آهن جيڪي رڍون ۽ اٺ چارين ٿا.“

Wednesday, July 13, 2011

انگريز راڄ جا دڪان الطاف شيخ


انگريز راڄ جا دڪان
الطاف شيخ

جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ يورپ ۽ آمريڪا سان گڏ آفريڪا به ڪيترن ڳالهين ۾ ماڊرن ٿي ويو آهي جتي توهانکي جپاني ۽ جرمن ڪارون نظر اچن ٿيون، ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي چئنل نظر اچن ٿا. آفريڪا جي هر ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر مجموعي طور سڄو آفريڪا گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد لڳو پيو آهي. وري به ڏٺو وڃي ته انهن سڀني ملڪن ۾ ڪينيا بهتر آهي.
آفريڪا جا اتراهان ملڪ مصر، لبيا، ٽيونيشيا، آلجيريا ۽ موراڪو، اهي ڀونچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ وارا ملڪ آهن، جيڪي يورپ جي ويجهو ۽ تيل ۽ ٽوئرزم ڪري امير ملڪ آهن. باقي صحرا رڻ پٽ کان هيٺ وارو سڄو آفريڪا اڄ به هيڻن حالن ۾ آهي. آفريڪا کنڊ جو هيٺ پوڇڙ وارو ملڪ جيڪو سائوٿ آفريڪا سڏجي ٿو، ان کي اسان هنن ۾ شامل نٿا ڪريون، جو اهو ملڪ اڄ به گورن انگريزن جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ٻيو انگلنڊ لڳي ٿو. باقي ٻيا ملڪ ائنگولا ۽ نميبيا هجي يا زئمبيا ۽ ملاوي، برنڊي ۽ روانڊا هجي يا چاڊ ۽ برڪانو فاسو.... ڪرپش، چوري، ٺڳي، غير قانونيت، بدامني جام آهي. اهي ناسور اسان جي ايشيا جي ملڪن ۾ به آهن، پر ڪي ڪي ملڪ جپان، ملائيشيا، سنگاپور، ڪويت، سعودي عرب به آهن جيڪي يورپ جي ملڪن جي برابري ڪن ٿا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪوريا، فلپين، ٿائلنڊ، دبئي، ايران ۽ انڊيا جهڙا انهن کي فالو ڪن پيا.
اسان هتي فقط ڪينيا ۽ آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جن سان صدين کان انڊيا، ايران ۽ عرب ملڪن جو واپار هو. جتي اسان جي ملڪن جا ماڻهو واپار وڙي، نوڪري ۽ پورهئي لاءِ ويا ٿي ۽ اُتان لونگ، چانهه ۽ شيدي غلام اسان وٽ پهتا ٿي ۽ جن ملڪن جي ٻولي ۽ ڪلچر تي هڪ ٻئي جو اثر رهيو. آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جو مٿان کان جائزو وٺبو ته اٿوپيا ۽ سوماليا کان شروع ٿئي ٿو. اٿوپيا جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ائبيسينيا به سڏبو هو ۽ عربي زبان ۾ حبش سڏبو هو، جيئن زئنزيبار ’زنجبار‘ سڏبو هو ۽ اڃان به عرب ان نالي سان سڏين ٿا. حبش (اٿوپيا) دراصل بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جو ملڪ آهي. هڪ طرف سعودي عرب آهي ته ٻئي پاسي حبش آهي. حضور ﷺ جن جي ڏينهن ۾ حبش وڏو امير ملڪ هو، جنهن بادشاهه جي سلطنت يمن تائين هئي. مڪي جا مسلمان ٻيڙين ذريعي هجرت ڪري حبش پهتا هئا. حضرت بلال هن ملڪ جو هو. عربن جو گهڻو واسطو حبش جي ماڻهن سان رهيو ٿي، جيڪي ان وقت حبشي سڏبا هئا. بعد ۾ جڏهن سوڊان، ڪينيا، تنزانيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن جا شيدي پهتا ته اهي پڻ حبشي سڏجڻ لڳا، جو اهي سڀ حبش کان ٿيندا سعودي عرب پهتا ٿي ۽ ماڻهن هنن کي حبش جو سڏيو ٿي. جيئن ملايا (اڄ واري ملائيشيا) ۾ آڳاٽي زماني ۾ هر هڪ ڌاريو ماڻهو بنگال واري ڪناري کان ٿيندو اتي پهتو ٿي ۽ بنگالي سڏيو ويو ٿي. پورچوگالي به خليجِ بنگال وارو ڪنارو ڏيئي ملايا پهتا ته انهن کي به ملئي ماڻهن بنگالي سڏيو پر شڪل جا گورا هجڻ ڪري کين اڇو بنگالي (پوتيح بنگالي) سڏيو. سو اهڙي طرح اسان وٽ به هر آفريڪن لاءِ ”حبشي“ لفظ استعمال ٿئي ٿو. بهرحال اڄ ان حبش ملڪ (اٿوپيا) جي حالت سڀ کان خراب آهي، جنهن جا ماڻهو ڪينيا ۾ امير ترين سڏيا ويا ٿي پر هاڻ سوماليا ۾ به سخت بدامني آهي. يمن وانگر جتي ڪٿي اغواڪاري لڳي پئي آهي. هيٺ ملاوي، موزمبق، سوازي لئنڊ ۾ به اهو ئي حال آهي. وري به يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا انهن ۾ بهتر آهن جن تي انگريزن جو راڄ هو. اهي ٽئي ملڪ وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري آهن. انگريزن جي ڏينهن ۾ اهو علائقو ”ايسٽ آفريڪا“ سڏبو هو ۽ سڄو علائقو سلجهيل سمجهيو ويو ٿي. يوگنڊا جي ستياناس عيدي امين ڪئي، تنزانيا جي به سياستدانن حالت خراب ڪري رکي آهي. ان ڪري بچيو وڃي ڪينيا آهي. ان ڪري ڪنهن يورپي يا آمريڪن کي آفريڪا گهمڻ جو شوق ٿئي ٿو، ته هو ڪينيا جو رخ ڪري ٿو. پوءِ اتان ڪو اڌ، هڪ فارينر ڀر واري آفريڪي ملڪ ۾ به وڃي ٿو 

Thursday, July 07, 2011

چئن زالن وارو صدر جومو ڪينياتا - الطاف شيخ


چئن زالن وارو صدر جومو ڪينياتا
 الطاف شيخ
ڪينيا جي ماڻهن لاءِ جومو ڪينياتا ائين آهي جيئن اسان پاڪستانين لاءِ قائدِ اعظم محمد علي جناح. جيئن جناح صاحب پاڪستاني قوم جو ابو سمجهيو وڃي ٿو تيئن جومو ڪينياتا ڪينيا وارن لاءِ آهي. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪيترين ئي شين جو نالو جناح صاحب سان منسوب آهي، تيئن نئروبيءَ جي هوائي اڏي جو نالو، ملڪ جي وڏي ۽ اهم يونيورسٽيءَ جو نالو يا ڪيترن ئي شهرن جي اهم روڊن، عمارتن، پارڪن ۽ پُلين جو نالو جوموڪينياتا آهي. جومو ڪينياتا هن ملڪ (Kenya) کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي سال جدوجهد ڪئي، جيل ڪاٽيا، عام ماڻهوءَ ۾ شعور پيدا ڪيو. پاڻ ڪينيا جو پهريون صدر ٿي گذريو آهي. جتي ڪينيا ۽ جوموڪينياتا جي ڳالهه ٿي هلي اتي ڪيڪويو (Kikuyu) ۽ مائو مائو (Mau Mau) جا نالا به اچن ٿا. مائو مائو ڪينيا جي اها تحريڪ آهي، جيڪا جوموڪينياتا جهڙن هلائي ۽ انگريزن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. انگريزن هن تحريڪ جي ميمبرن جو وڏو انگ قتل ڪيو. ڪيڪويو ڪينيا جو هڪ قبيلو آهي جنهن سان جوموڪينياتا ۽ ٻين ڪيترن مائو مائو جي ميمبرن جو واسطو هو. آفريڪا جي ٻين ملڪن وانگر ڪينيا ۾ به ڪيترا ئي قبيلا آهن جن ۾ ملڪ جا ماڻهو ورهايل آهن. هر قبيلي جو پنهنجو ڪلچر، رسم رواج ۽ اصول آهن. ڪيڪويو ڪينيا جو سڀ کان وڏو قبيلو آهي، جنهن جي ماڻهن سنڌ جي حرن وانگر، انگريز راڄ جي سڀ کان گهڻي مخالفت ڪئي. ڪيڪويو جنگجو قسم جا ماڻهو آهن، جيئن انڊيا ۾ سک ۽ گورکا جن کي انگريزن پنهنجي فوج ۾ رکيو. ڪيڪويو قبيلي جي ماڻهن انگريزن جي فوج ۾ نوڪري لاءِ وڃڻ به چاهيو ٿي ته به انگريزن کين رکڻ نٿي چاهيو، جو انگريزن کي هنن جي وفاداريءَ تي هميشه شڪ رهيو ٿي. بهرحال هن قبيلي بابت ڪو عام ماڻهو يا ائنٿروپالاجي جو شاگرد معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هجي ته هن کي جومو ڪينياتا جو ڪتاب Facing Mount Kenya پڙهڻ کپي. ڪينيا جو هي باباءِ قوم اسان جي جناح صاحب کان ڪافي ننڍو هو. محمد علي جناح 18 سالن جو هو ته جومو ڪينياتا 1894ع ۾ گاتندو ۾ ڄائو. چوڌاري انگريزن جو راڄ هو. هن ملڪ جو اڄ وارو نالو ڪينيا اڃان وجود ۾ نه آيو هو. هي علائقو “برٽش ايسٽ آفريڪا” سڏبو هو. جومو ڪينياتا (JOMO KENYATTA) جو ڄمڻ وقت نالو ڪمائو (KAMAU) هو. ڪي ماڻهو، خاص ڪري مسلمان ملڪن جا اهو ٿا سمجهن ته جومو مسلمان هو ۽ سندس نالو جمعو هو، جيڪو نالو اڄ به آفريڪا جي مسلمانن ۾ عام آهي. جوموءَ پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي طهر جو به احوال لکيو آهي. دراصل اڄ به آفريڪا جي ڪيترن قبيلن ۾ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جو پنهنجي قبيلي جي ڪلچر مطابق طهر ٿئي ٿو. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويندي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڇوڪرين جي هن قسم جي طهر بابت تفصيلي احوال آئون پنهنجي اڙدو واري سفرنامي “سمندر ڪي دن” ۾ لکي چڪو آهيان 

Friday, July 01, 2011

آفريڪا جون بيماريون - الطاف شيخ


آفريڪا جون بيماريون
الطاف شيخ
هتي ڪجهه اهڙين بيمارين جو مختصر احوال لکان ٿو جيڪي آفريڪا کنڊ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهن ۽ جن بابت، جڏهن به اسان جو جهاز ممباسا، ڊڪار، عابد جان، زئنزيبار، موپوتو يا آفريڪا جي ڪنهن ٻئي بندرگاه ۾ ويو ٿي ته اسان کي خبردار ڪيو ويو ٿي جيئن اسان پنهنجو پاڻ کي انهن بيمارين کان بچائي رکون. ڪن بيمارين جي بچاءَ لاءِ ته سُيون ۽ ٽُڪا (Vaccines) به لڳرائڻا پيا ٿي. ڪن مکين، مڇرن ۽ ڪينئن کي جسم تي وهڻ کان ڀڄائڻ لاءِ جسم کي مَکڻ لاءِ ڪجهه دوائون ۽ Spray به رکڻا پيا ٿي.

آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو - الطاف شيخ


آفريڪا ويندي خبرداريءَ کان ڪم وٺو
الطاف شيخ
اڄ ڪلهه اسان پاڪستانين تي دهشتگردي جي سچن ڪوڙن الزامن لڳڻ ڪري ۽ اسان جي ملڪ جي ناڻي جو قدر بنهه ڪرڻ ڪري اسان لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ مسئلو ٿي پيو آهي. چاهي گهمڻ لاءِ وڃون يا ڪنهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ يا جاب ملڻ تي نوڪريءَ تي چڙهڻ لاءِ وڃون، ڌارئين ملڪ جي ايئرپورٽ جي اميگريشن ۽ ڪسٽم پوليس کان جنهن پاڙي ۾ رهون ان جا پاڙيسري اسان تي شڪ ڪن ٿا ته ڪٿي اسان سندن امن ۾ رخنوته نه وجهنداسين. ڪي نشي واريون شيون ته سمگل نه پيا ڪريون، ڪٿي ڪو بم ڦاڙڻ لاءِ ڪو اليڪٽرانڪ سرڪٽ ته نه پيا ٺاهيون، گهر جي مسواڙ ڏيڻ بنا ڀڄي ته نه وينداسين. ٻيا ملڪ ته ٺهيو پر حج لاءِ سعودي عرب ٿا وڃون ته اتي به معلم اسانجو پاسپورٽ پاڻ وٽ ائين ٿو ضبط ڪري ڄڻ ته قيدي هجون. ايئرپورٽ تي اسانجي ملڪ جي مردن جي ته ڇا عورتن جي به اهڙي سخت چڪاس ڪئي وڃي ٿي جو دل ۾ اچي ٿو ته مذهب ۽ فرض جي پوئواري ڪري آيا آهيون گهمڻ لاءِ هرگز نه اچجي. پر ڏٺو وڃي ته هنن ڌارين ملڪن جو ڏوه ناهي. سنگاپور ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن جو به ڏوه ناهي، جتي چرس هيروئن يا ڪو ٻيو نشو کڻي وڃڻ موت جي سزا آهي ان هوندي به اسان جا ماڻهو نٿا مڙن. ڪيترائي دفعا مرد ته مرد پر عورتون جدي ايئرپورٽ تي جهليون ويون جيڪي چرس ۽ هيروئن نه فقط پنهنجن چئمپلن ۾ لڪائي حج لاءِ پهتيون پر ڪئپسولن هي صورت ۾ پنهنجي پيٽ ۽ زنانن عضون ۾ لڪائي ايئرپورٽ مان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو برداشت ڪندو ته هڪ ڌاريون مهمان گهمڻ يا عبادت جو بهانو ڪري هنن جي ملڪ ۾  هنن جي ماڻهن کي نشي جي عادت وجهي هنن جي زندگي تباه ڪري.