Friday, November 30, 2018

سڊنيءَ ۾ رولاڪي - عبدالله عثمان مورائي


سڊنيءَ ۾ رولاڪي
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”ڪٿان جا آهيو؟“
”سڪرنڊ ۽ موري جا.“ وراڻيوسينس.
”اوهان ڪٿي جا آهيو؟“
ٻڌايائين؛ ”مان خيرپور ميرس جو آهيان پر سڊني ۾ گذريل ٽيهن سالن کان رهان ٿو.“
اوبر ٽيڪسي جو ڊرائيور هيو ته پنجابي، پر سنڌي صاف پئي ڳالهايائين. وڌيڪ چيائين؛ ”مونکي خوشي پئي ٿئي جو مان سنڌي گهڻي وقت کان پوءِ پيو ڳالهايان. هونءَ به سنڌي ۽ پنجابي ۾ تمام گهڻا لفظ ۽ جملا بلڪل ساڳيا آهن.“

Monday, November 26, 2018

الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٿيندڙ پي ايڇ ڊي- ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو


الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٿيندڙ پي ايڇ ڊي
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف کي سڃاڻپ محترم الطاف شيخ صاحب ڏياري آهي. جڏهن به سفرنامي جو ذڪر ٿئي ٿو ته الطاف شيخ جو نالو زبان تي اچي وڃي ٿو. هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن جو خالق الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اُردو جو به وڏو ليکڪ آهي. وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي، الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن تي گذريل چئن سالن کان تحقيق جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ان حوالي سان منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ محترمه رضيه ٻگهيو پي ايڇ ڊي ڪري پئي، سندس ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ تحقيق جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي گهر اسان جو وڃڻ ٿيو، ساڻس ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. اسان کيس سالگره مبارڪ به چئي. ان ڪچهريءَ مان سندس ڪجهه ڳالهيون اوهان سان ونڊجن ٿيون.

Friday, November 23, 2018

جڏھن بوندون برسنديون... ميان مير چانڊيو


جڏھن بوندون برسنديون...
ميان مير چانڊيو
ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ صدين کان هلندي پيئي اچي، ليڪن هاڻي ته جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري سنڌ جي مختلف ٻين علائقن ۾ به پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويئي آھي. ماڻھو دُٻن جو گندو ۽ جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. جنهنڪري ماڻھن جي صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. پيٽ، گردن ۽ جگر جي مختلف بيمارين ڪري ماڻھن ۾ موت جي شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي. صحت جي عالمي اداري ملڪ جي ڪجھ ٻين علائقن سميت سنڌ ۾ جر جي پاڻي ۾ ٽيھ سيڪڙو سينکيو رپورٽ ڪيو آھي ۽ ان کي پيئڻ لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏنو آھي. اهڙي پاڻيءَ کي واپرائڻ سان جگر، گردا، ۽ تلي آھستي آھستي ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏين ۽ ماڻھو موت طرف ڌڪجڻ لڳي ٿو. ان رپورٽ اچڻ کان اڳ مون کي ھڪ ڊاڪٽر دوست به ٻڌايو هو ته جر جو پاڻي پيئڻ خودڪشي برابر آھي جڏھن کان ان ۾ سنکئي جو مقدار وڌڻ شروع ٿيو آھي. هن اين جو اوز ۾ ڪم ٿي ڪيو جنهن اين جي اوز کلئي پاڻيءَ کي هٿرادو فلٽر ڪري پيئڻ لائق بنائڻ تي ڪم ٿي ڪيو. ڊاڪٽر انسان دوست ماڻھو هو، هن ۾ سنجيدگي ۽ ديرينائي جهلڪي رهي هئي. اهي گڻ وچٿري عمر جا هوندا آھن. هو ته اڃان ڦوھ جواني ۾ ھو. ان ۾ ماڻھن لاءِ خدمت جو جذبو چنڊ جي چٽائيءَ وانگر نظر اچي رهيو هو. هن مون کي ٻڌايو ته مون تنهنجا ڪتاب پڙھيا آھن، جن ۾ محبت، انسانيت ۽ فطرت ڪنهن موم بتيءَ جيان ٻرندي نظر اچي ٿي. ماڻھوءَ جي جسم کي پائندگي ناهي پر ڪتاب گهڻي عرصي تائين لکندڙن کي زندھ رکن ٿا. هن ٻڌايو ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو بندوبست حڪومت کي آڳاٽو ڪرڻ کپندو هو، ليڪن حڪومت اڃان تائين ان سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪري سگهي آھي سواءِ ڪجھ ھنڌن تي آر او پلانٽ ڏيڻ جي. اهي به گهڻو ڪري ناڪاره بڻجي چڪا آھن. اسان اها رات اسلام ڪوٽ کان ٽيھ ميل کن ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ڳوٺ ڪهڙي ۾ جعفر سميجي وٽ رهيا هئاسين، جنهن تي آئون اڳ لکي چڪو آھيان.

Monday, October 22, 2018

انٽارڪٽيڪا جي هوائن سان پرڏيهي ماڳن جو سير - عبدالله عثمان مورائي


انٽارڪٽيڪا جي هوائن سان پرڏيهي ماڳن جو سير
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
سگريٽ جو وڏو ڪش هڻندي چيائين ته عبدالله مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو جڏهن مون سيوهڻ ۾ ملنگن تي حملي جي خبر ٻڌي. جيڪو به ٿيو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ ۽ خراب ٿيو. مون کي ياد آهي ته روبرٽ مون وٽ موري اچڻ کان پهريان ڪراچي کان سيوهڻ گهمڻ ويو هو. روبرٽ سان منهنجي دوستي 2006 کان هلندي اچي پئي، جڏهن اسان هڪ ئي جيپ ۾ گلگت کان شندور ميلو گهمڻ لاءِ ويا هئاسين ۽ پرويز مشرف کي اتي نچندي ڏٺو هئوسين. پوءِ آئون واپس گلگت موٽي آيو هئس ۽ روبرٽ وري شندور کان چترال واري پاسي هليو ويو هيو ۽ پوءِ ڪجهه سالن کان پوءِ مون وٽ موري گهمڻ آيو هيو.

Sunday, September 30, 2018

جرمنيءَ جو دورو - ڊاڪٽر رميش ڪمار


جرمنيءَ جو دورو
ڪجهه يادون
ڊاڪٽر رميش ڪمار
Image result for germany images photos
پنهنجي هڪ جرمني جي دوري دوران فرينڪفرٽ ايئرپورٽ تي پهريون نظارو جيڪو ڏسڻ وٽان مليو هو اهو اڄ به منهنجي دل ۽ دماغ ۾ تازو آهي. ان جو سبب اُتي ڪجهه ستر جي لڳ ڀڳ هوائي جهاز هئا، جيڪي انتهائي منظم انداز ۾ فضائي آپريشن ۾ مصروفِ عمل هئا. مون مختلف ملڪن جي قومي ۽ خانگي ايئرلائينز جي مختلف رنگن جي جهازن جي موجودگي ۾ جيڪا شديد کوٽ محسوس ڪئي، اها هئي پاڪستان جي قومي ايئرلائن جي جهازن جو اُتي نه هجڻ. ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جي قومي ايئرلائن سڄي دنيا جي پسنديده ترين ايئرلائن جي حيثيت رکندي هئي پر اڄ زوال جو شڪار پي آءِ اي دنيا جي رڳو ۲۱ ملڪن ۾ رسائي ڪرڻ تائين مجبور آهي. يورپ جي مصروف ترين ايئرپورٽس مان ان جرمن ايئرپورٽ کي اهو منفرد اعزاز حاصل آهي ته دنيا جي پهرين ايئرلائن گذريل صدي جي شروعات ۾ فرينڪفرٽ ايئرپورٽ ۾ ئي قائم ڪئي وئي هئي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري هوٽل وڃڻ لاءِ ٽيڪسي هائر ڪئي ته ڊرائيور منهن مهانڊي مان پاڪستاني لڳو. ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بعد خبر پئي ته هونئن ته ناروال سان تعلق رکي ٿو پر جرمن قانون موجب پاڪستاني نيشنلٽي سرينڊر ڪرڻ کانپوءِ هاڻ جرمن شهري آهي. جرمن دنيا جي انهن ملڪن ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي، جتي ٻٽي شهريت رکڻ قانون طور منع آهي ۽ جرمنيءَ جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ڏيهه جي شهريت کان موڪلائڻو پوندو آهي. مونکي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي دورن دوران پرڏيهي پاڪستانين سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي پر جيڪو ڏک مون ناروال جي هن ڊرائيور جي ڳالهين ۾ ڏٺو، اهو وسارڻ جوڳو ناهي. پاڪستان جي ناسازگار حالتن کيس هجرت جو ڏک برداشت ڪرڻ تي مجبور ته ڪيو پر پاڪستاني شهريت وڃائي هاڻ هو نفسياتي طور پاڻ کي ٻين پاڪستانين جي نظر ۾ غير ملڪي سمجهڻ لڳو هو.

Tuesday, September 25, 2018

ڪجهه ذڪر فرانس جي ناٽرڊيم گرجا گهر جو - عبدالحي پليجو


ڪجهه ذڪر فرانس جي ناٽرڊيم گرجا گهر جو
عبدالحي پليجو
پاڻ وٽ سگريٽ پيئندڙ شخص، سگريٽ نه پيئندڙ ٻئي شخص جو ڪو خيال ئي ڪونه ڪندو آهي. هونئن به اسانجي معاشري ۾ رواداري ۽ سهپ گهٽ آهي. اسان عورت ۽ ٻارن جو به جائز احترام ڪونه ٿا ڪريون، جڏهن ته معاشرو، اخلاقيات ۽ مذهب انهن ڳالهين لاءِ خاص هدايت ٿو ڪري پر خبر نه آهي ڇو اسان ائين ڪونه ٿا ڪريون. ڪنهن حد تائين اسان انهن جي دل آزاري به ڪريون ٿا، پر يورپ ۽ استنبول ۾ مون ٻارن ۽ عورتن لاءِ وڏي عزت ۽ احترام ڏٺو. ڪنهن مصروف روڊ تي سائي بتي ٻرندي به ڪو ٻار يا عورت غلطيءَ سان روڊ ڪراس ڪيو ته سوين گاڏيون بيهي رهنديون، جيسين نه اهي ٻار يا عورتون روڊ ڪراس ڪن. ڪنهن پوليس واري ٻار کي اتي بيٺل ڏٺو ته کڻي يا آڱر کان وٺي ان کي روڊ ڪراس ڪرائيندو. ڪيڏو نه فرق آهي پنهنجي ۽ يورپ جي معاشري ۾!! ان جا گهڻا ئي مثال آهن. پر توهان صرف هڪ ننڍو مثال وٺو. يعني پنهنجي ۽ يورپ جي پوليس جو. يورپ ۾ پوليس ماڻهن لاءِ هڪ پيار ۽ محبت جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي هر ننڍو وڏو عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿو. وڏا ته ٺهيو پر ننڍا معصوم ٻار جڏهن صُبح سوير اسڪول ايندي ويندي ڪنهن پوليس واري کي ڏسن ته ضرور کيس سلام ڪن. انگلينڊ ۾ ته ننڍا ٻار پوليس وارن کي پيار مان چون ئي بوبي. جيڪي پڻ انهن ننڍڙن ٻارن لاءِ ٽافيون کيسن ۾ وجهيو گهمن ۽ هيلو هيلو ڪرڻ شرط يڪدم ٽافي ڪڍي کڻي ٻار کي ڏيندا ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ پاڻ وٽ پوليس نفرت جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي معاشري ۾ شديد نفرت سان ڏٺو ٿو وڃي. ان حد تائين جو ڪنهن فلم ۾ ڌاڙيل ۽ پوليس جي مقابلي وارو سين هوندو ته ماڻهن جي پوليس کان وڌيڪ انهيءَ ڌاڙيل سان همدردي هوندي. انهيءَ فلمي سين ۾ ڪنهن ڌاڙيل جي گوليءَ سان جي ڪو پوليس وارو مري پيو ته سڄي هال ۾ تاڙين جا ٺڪاءُ ٿي ويندا. انهيءَ مان اهو تاثر ٿو ملي ته غريب ۽ مسڪين عام ماڻهوءَ کي پوليس سان تِر برابر به همدردي ناهي.

Friday, July 27, 2018

مورائي مراڪش ۾


مورائي مراڪش ۾!
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”مان آهيان ته سئيڊش پر گذريل پنجويهن سالن کان ڊينمارڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناروي ۾ رهان ٿي. پيشي جي حوالي سان مان نرس آهيان.“ جهاز اسٽاڪهولم Stockholm کان مراڪش Marrakech طرف تيزيءَ سان اڏري رهيو هو. جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل چوونجاهه سالن جي اين Ann مون کان پڇيو ته تون مراڪش ۾ ڪهڙي هوٽل ۾ رهندين ۽ ڪهڙيون جايون گهمڻ جو سوچيو ۽ رٿيو اٿئي؟ مون کيس هوٽل جو نالو ٽيمپو Tempo ۽ روڊ جو نالو ابوبڪر صديق ۽ عمر بن الخطاب ٻڌايو. اهو هوٽل حورنيج جي علائقي ۾ هو. پاڻ روڊ جو نالو ٻڌي يڪدم وراڻيائين ته منهنجو هوٽل ته ٻيو آهي پر روڊ ساڳيو آهي. سندس هوٽل جو نالو اماني Amani هو، جيڪو منهنجي هوٽل کان هڪ ٻن منٽن جي وکن تي هو.