ممبئي وڃڻ لاءِ ريل جي
ٽڪيٽ ورتم
الطاف شيخ
(نوٽ: الطاف شيخ جو انڊيا بابت ھيءُ نئون
سفرنامو آهي. هن کان اڳ وارا، ھندستان بابت سفري ڪالم ھئا جيڪي سندس ڪتاب؛ ‘هلي
ڏسجي هندستان’ ۾ شايع ٿي چڪا آهن)
ڪجهه ڏينهن پوني ۾ ڇا رهڻ ٿيو، پوني
جي ماڻهن خاص ڪري ساڌو واسواڻي مشن سان وابسته ماڻهن (جيڪي منهنجا ميزبان به هئا)
ڇا پيار ڏنو، جو پوني ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ واري شام
جو پوني جي رستن تي واڪ ڪندي ۽ هاڻ نيتو وولوو ڪمپني جي بس ۾ پوني جون گهٽيون
ڇڏيندي ڏک پيو ٿئي. گذريل ستَ اَٺ
ڏينهن جا واقعا اکين اڳيان پيا ڦرن. پوني ۾ اچڻ وقت پاڻ کي هن شهر ۾ ڪيترو
اجنبي محسوس ڪري رهيو هوس. هاڻ هفتي کن بعد پوني ڇڏيندي ائين پيو لڳي، ڄڻ آئون سالن کان هتي هوس. سالن کان
هنن رستن تي هلندو رهيس. ان ۾
ڪو شڪ ناهي، ته ايتري گهٽ وقت ۾ منهنجو دنيا جي
ڪنهن ٻئي شهر ۾ شايد ايترو گهڻو هلڻ ٿيو هجي. پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾، بسن ۾، جئه
موتياڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي
شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾، ۽
ويندي چندرو موهيناني جي موٽر سائيڪل تي، پوني جي رستن تي ايترو هليو آهيان جو
هيءَ بس جڏهن پوني ڇڏي رهي آهي، ته
خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا منهنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نه پر حيدرآباد مان گذري رهيو
هجان. ريلوي اسٽيشن، گاڏي کاتو، حيدر چونڪ، رسالا روڊ، پٺاڻ ڪالوني، هيرآباد،
سٽيزن سوسائٽي، راجپوتانا اسپتال وغيره وغيره.