Wednesday, January 16, 2019

مالٽا ۾ ڪجهه ڏينهن جي مهماني


مالٽا ۾ ڪجهه ڏينهن جي مهماني!
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
هونءَ ته هر ماڻهو خواب ڏسي ٿو ۽ خواب ڏسڻ حق پڻ آهي، ڪي خواب ننڊ ۾ ڏسن ٿا ته ڪي وري جاڳ ۾. جاڳ ۾ ڏٺل سپنا لفظن جي شڪل وٺن ٿا ۽ جيڪڏهن انسان ۾ همت هجي ته اهي لفظ وري ان خواب کي ساڀيان واري پاسي وٺي وڃن ٿا. ڪن ماڻهن لاءِ انهن سپنن کي ساڀيان ڪرڻ سولو آهي ته ڪن لاءِ وري تمام ڏکيو. سولائي ۽ ڏکيائي جو دارومدار ملڪي ۽ ذاتي معيشت، ملڪي جاگرافي ۽ تعليم تي هوندو آهي. بهرحال اهو هڪ وڏو بحث آهي جنهن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو.

Saturday, January 05, 2019

خواجه غريب نواز جي نگري مان - ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي


خواجه غريب نواز جي نگري مان ...
ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي
آئون نئين سال ۲۰۱۹ع جو پنهنجو هي پهريون ڪالم، حضرت خواجه سيد محمد معين الدين چشتي المعروف خواجه غريب نواز جي نالي ڪرڻ چاهيندس، جن جي آخري آرامگاهه جي زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آئون درگاهه اجمير شريف ۾ حاضري ڏئي رهيو آهيان. مون هتي پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي، علائقائي امن ۽ استحڪام، پاڪ-ڀارت جي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ خصوصي دعائون به گهريون آهن. راجسٿان ۾ واقع حضرت خواجه غريب نواز جي درگاهه اجمير شريف کي برصغير پاڪ و هند ۾ موجود دين جي بزرگن جي مقدس مزارن ۾ اهم ترين سمجهيو وڃي ٿو. حضرت خواجه غريب نواز هڪ اهڙي قابل احترام شخصيت آهي، جن جا مڃيندڙ هر مذهب سان تعلق رکن ٿا ۽ پوري دنيا ۾ ڦلهيل آهن. هڪ اندازي مطابق روزانو هڪ لک پنجاهه هزار عقيدتمند درگاهه اجمير شريف جي زيارت ڪندا آهن ۽ مختلف نوعيت جون دعائون پڻ گهرندا آهن. هِتي مونکي بالي ووڊ جا فلمي ستارا به شوبز ۾ نالو ٺاهڻ ۽ فلمن جي ڪاميابيءَ جي لاءِ حاضري ڏيندي نظر آيا. مونکي درگاهه اجمير شريف ۾ مختلف مذهبن ۽ قومن سان تعلق رکندڙ زائرين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو پڻ موقعو مليو، جن ۾ مسلمانن کانسواءِ هندو، سِک، عيسائي، پارسي ۽ ٻُڌ مت سان تعلق رکندڙ به شامل آهن، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي پاڪستاني زائرين کي ويزا جي حوالي سان پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت ذڪر ڪندي ٻڌو ويو. درگاهه اجمير شريف ۾ غير مسلم زائرين به مسلمانن وانگر چادرون، گُل ۽ نذرانو پيش ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان هوندا آهن ۽ پنهنجي بي پناهه عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. هتي مختلف قسمن جو لباس پائيندڙن خاص طور تي مغربي لباس ۾ ڍڪيل عقيدت مندن جي موجودگي روح کي وڻندڙ منظر پيش ڪري ٿي.

هڪ سفر ڪجھ تاثر - رئوف نظاماڻي


هڪ سفر ڪجھ تاثر
رئوف نظاماڻي
ويجھڙ ۾ لاهور وغيره وڃڻ ته ٿيو هو پر ڪراچيءَ کان ٻاهر سنڌ ڏسڻ جو اتفاق، هڪ ڊگھي عرصي کان نه ٿيو هو. تازو هنڱورجا ۾ هڪ شاديءَ جي دعوت ملي ته مون سوچيو ته ان موقعي کي هٿان نه وڃائجي ۽ گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي هڪ جھلڪ ضرور پسجي ۽ اهو ڏسجي ته اتي ان دوران ڪهڙيون تبديليون واقع ٿيون آهن. مون سوچيو ته بجاءِ رات جي، ڏينهن جو سفر ڪجي ته جيئن سنڌ کي ڏسي سگھجي. منهنجو مقصد رڳو منزل تي پهچڻ نه پر سفر ڪرڻ ۽ سنڌ ڏسڻ هو. ان ڪري مون ڏينهن جي سفر کي ترجيح ڏني ته جيئن سڄو منظرنامو منهنجي آڏو هجي.

Sunday, December 16, 2018

اٺ ڏينهن آذر بائيجان ۾ - ڊاڪٽر نواز علي شوق


اٺ ڏينهن آذر بائيجان ۾
ڊاڪٽر نواز علي شوق
ننڍڙي لاءِ قصن ۾ ٻڌندا هئاسون ته آذربائيجان نالي هڪ ملڪ آهي، جتي ڪوهه ڪاف آهي. ان جبل تي پريون رهن ٿيون. جيئن جنت جي حورن لاءِ طرح طرح جا تصور پيدا ٿيندا هئا، تيئن ڪوهه ڪاف ۽ اتان جي پرين متعلق به عجيب و غريب خيال دل ۾ اڀري ايندا هئا. تصوراتي دنيا جون رنگينيون به عجيب هونديون آهن. جڏهن ادبي دنيا ۾ آيس ۽ شاهه لطيف جو رسالو پڙهيم ته سُر ڪوهياري ۾ شاهه صاحب ڏونگر کي مخاطب ٿي، ان کي ڪاف (قاف) جي تاريخي نالي سان مخاطب ٿي فرمايو آهي:

Friday, November 30, 2018

سڊنيءَ ۾ رولاڪي - عبدالله عثمان مورائي


سڊنيءَ ۾ رولاڪي
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”ڪٿان جا آهيو؟“
”سڪرنڊ ۽ موري جا.“ وراڻيوسينس.
”اوهان ڪٿي جا آهيو؟“
ٻڌايائين؛ ”مان خيرپور ميرس جو آهيان پر سڊني ۾ گذريل ٽيهن سالن کان رهان ٿو.“
اوبر ٽيڪسي جو ڊرائيور هيو ته پنجابي، پر سنڌي صاف پئي ڳالهايائين. وڌيڪ چيائين؛ ”مونکي خوشي پئي ٿئي جو مان سنڌي گهڻي وقت کان پوءِ پيو ڳالهايان. هونءَ به سنڌي ۽ پنجابي ۾ تمام گهڻا لفظ ۽ جملا بلڪل ساڳيا آهن.“

Monday, November 26, 2018

الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٿيندڙ پي ايڇ ڊي- ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو


الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٿيندڙ پي ايڇ ڊي
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف کي سڃاڻپ محترم الطاف شيخ صاحب ڏياري آهي. جڏهن به سفرنامي جو ذڪر ٿئي ٿو ته الطاف شيخ جو نالو زبان تي اچي وڃي ٿو. هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن جو خالق الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اُردو جو به وڏو ليکڪ آهي. وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي، الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن تي گذريل چئن سالن کان تحقيق جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ان حوالي سان منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ محترمه رضيه ٻگهيو پي ايڇ ڊي ڪري پئي، سندس ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ تحقيق جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي گهر اسان جو وڃڻ ٿيو، ساڻس ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. اسان کيس سالگره مبارڪ به چئي. ان ڪچهريءَ مان سندس ڪجهه ڳالهيون اوهان سان ونڊجن ٿيون.

Friday, November 23, 2018

جڏھن بوندون برسنديون... ميان مير چانڊيو


جڏھن بوندون برسنديون...
ميان مير چانڊيو
ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ صدين کان هلندي پيئي اچي، ليڪن هاڻي ته جر جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري سنڌ جي مختلف ٻين علائقن ۾ به پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويئي آھي. ماڻھو دُٻن جو گندو ۽ جر جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. جنهنڪري ماڻھن جي صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وڃي. پيٽ، گردن ۽ جگر جي مختلف بيمارين ڪري ماڻھن ۾ موت جي شرح ۾ واڌارو ٿي رهيو آھي. صحت جي عالمي اداري ملڪ جي ڪجھ ٻين علائقن سميت سنڌ ۾ جر جي پاڻي ۾ ٽيھ سيڪڙو سينکيو رپورٽ ڪيو آھي ۽ ان کي پيئڻ لاءِ انتهائي هاڃيڪار قرار ڏنو آھي. اهڙي پاڻيءَ کي واپرائڻ سان جگر، گردا، ۽ تلي آھستي آھستي ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿا ڏين ۽ ماڻھو موت طرف ڌڪجڻ لڳي ٿو. ان رپورٽ اچڻ کان اڳ مون کي ھڪ ڊاڪٽر دوست به ٻڌايو هو ته جر جو پاڻي پيئڻ خودڪشي برابر آھي جڏھن کان ان ۾ سنکئي جو مقدار وڌڻ شروع ٿيو آھي. هن اين جو اوز ۾ ڪم ٿي ڪيو جنهن اين جي اوز کلئي پاڻيءَ کي هٿرادو فلٽر ڪري پيئڻ لائق بنائڻ تي ڪم ٿي ڪيو. ڊاڪٽر انسان دوست ماڻھو هو، هن ۾ سنجيدگي ۽ ديرينائي جهلڪي رهي هئي. اهي گڻ وچٿري عمر جا هوندا آھن. هو ته اڃان ڦوھ جواني ۾ ھو. ان ۾ ماڻھن لاءِ خدمت جو جذبو چنڊ جي چٽائيءَ وانگر نظر اچي رهيو هو. هن مون کي ٻڌايو ته مون تنهنجا ڪتاب پڙھيا آھن، جن ۾ محبت، انسانيت ۽ فطرت ڪنهن موم بتيءَ جيان ٻرندي نظر اچي ٿي. ماڻھوءَ جي جسم کي پائندگي ناهي پر ڪتاب گهڻي عرصي تائين لکندڙن کي زندھ رکن ٿا. هن ٻڌايو ته پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو بندوبست حڪومت کي آڳاٽو ڪرڻ کپندو هو، ليڪن حڪومت اڃان تائين ان سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪري سگهي آھي سواءِ ڪجھ ھنڌن تي آر او پلانٽ ڏيڻ جي. اهي به گهڻو ڪري ناڪاره بڻجي چڪا آھن. اسان اها رات اسلام ڪوٽ کان ٽيھ ميل کن ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ڳوٺ ڪهڙي ۾ جعفر سميجي وٽ رهيا هئاسين، جنهن تي آئون اڳ لکي چڪو آھيان.