مورن جي ديس جي ياترا
نصير مرزا
اصل ۾ ان طرف مورن
۽ مور جهڙن ملوڪ ماڻهن جو واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ ئي آئون وڃي رهيو هوس. بس انهن سان
ملڻ ۽ مور جي ٽهوڪن ٻُڌڻ لاءِ ئي ڪارونجهر ياترا لاءِ آئون گهران نڪتل هوس ۽ هيءُ
نئين ڪوٽ وارو ڪس ۽ گس هو، جنهن وٽان هيٺ ترائي ۾ آئون ڇا لٿس، پويان راضي شاهه جي
مزار جي احاطي مان مائي ڀاڳيءَ جو سندس لحد مان آواز مون ڪنايو، ”مهراڻي جا مير،
واڳون وطن تي وار...“ ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن ڦٽل کوهه ڪناري روهيڙي جي وڻ تان، مور جو
پهريون ٽهوڪو ٻُڌي ورتو! هاڻي رستي ۾ اوچن ڀٽن جي هُن پار، منهنجي شاعر يار ماٺيڻي
اوٺي جو ديار آيو، ڳوٺ خانور اوٺو...دوربين مون سان ساڻ هُئي، جنهن مان ماضيءَ جي ڪنهن
جهروڪي ۾ بيٺل هو مون کي صاف نظر آيو. ڇا ته افلاطوني عشق جو قائل ۽ شروع کان ئي
خودڪشي ڪرڻ ڏي مائل- مزاجن ڪنفيوزڊ، پر چوويهه ئي ڪلاڪ عاشق، نيٺ لاحاصل کي حاصل ڪرڻ
لاءِ درياهه سنڌ ۾ لهي ويو، سندس لاش ڪوٽڙي بئراج جي ٻائيتالهين دروازي وٽان مليو،
جنهن کي ايڌيءَ وارن لاوارث ڄاڻي ٽنڊي يوسف جي بي ڪنار قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪري ڇڏيو.
تڏهن تُرت ريڊيو حيدرآباد تي مون سندس هيءُ ڪلام رڪارڊ ڪيو، ”روح جا ريلا هاءِ اڪيلا،
توکي سُڏڪي ساريان.“ هاڻي مون خانور اوٺي مان به ڪنهن مور جو ٽهوڪو يا شايد ماٺيڻي
اوٺي جو آواز ڪنائيو...”خدا حافظ ماٺيڻا“، مون چپن ۾ چيو ۽ خانور اوٺي کان مُنهن
موڙي مٺي ديار ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو، جتي جي اسپتالن ۾ اُڃ، بُک ۽ دوائن جي اڻاٺ سبب
ٻارن جي موت ۽ مورن جي روسٽ ٿيڻ وارين خبرن کان آئون اڳي ئي آگاهه هوس- اجهو مٺيءَ
کان ننگر تائين چوطرف ڇا ته روهيڙي جا املهه وڻ، زير زمين معدنيات، پيٽرول، گئس،
بليڪ گولڊ، ڪارونجهر ۾ گرينائٽ ۽ چائنا ڪلي هجڻ جي باوجود ان ديار ۾ داخل ٿيڻ سان،
ڪنهن اسپتال جي دروازي وٽ مون ٻُڌو، ڇتا ڇُڙيل ڪائي سوڳوار ماءُ چئي رهي هئي...”مٺيون
ٻيون، آئون مٺي ناهيان-“