Thursday, February 03, 2011

سنگاپور ۽ قُلف کولڻ جو هنر - الطاف شيخ

سنگاپور ۽ قلف کولڻ جو ھنر
الطاف شيخ
سنگاپور ۾ جنهن کي چاٻي ٺاهڻ ۽ قلف کولڻ جو هنر اچي ٿو ان جي وڏي لئه آهي.
وئڪيشن دوران، سنگاپور ۾، ڪليمنٽي روڊ تي هڪ ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ شهاب جي گهر رهيل هوس ته هڪ ٻئي بنگالي دوست ڪئپٽن ظهور اسان کي منجهند جي مانيءَ تي گهرايو. ٻارن سوڌو شهاب جي ڪار ۾ اسان ٽئگور روڊ تي ڪئپٽن ظهور جي گهر پهتاسين. ٻه ٽي ٻيا به پراڻا ڪلاس ميٽ آيل هئا جن مان ڪجهه سنگاپور ۾ ئي نوڪري ڪئي ٿي ۽ ڪجهه اهڙا هئا جن جا جهاز انهن ڏينهن ۾ سنگاپور آيل هئا. اسان سڀ هيڏانهن هوڏانهن جي خبرن ۾ لڳي وياسين. زالون پنهنجي ڪچهريءَ ۾ محوِ هيون ۽ ٻار چوڌاري ڊوڙي رهيا هئا. مانيءَ جو ڪم چئين بجي ڌاري لٿو ۽ هاڻ اٿڻ جي پئي ڪئيسين. خاص ڪري مون کي تڪڙ هئي جو آئون ملائيشيا کان آيل هئس ۽ اها منهنجي سنگاپور ۾ رهڻ جي ويزا جي آخري شام هئي. مون کي شهاب جي گهر واپس وڃي سامان ۽ پنهنجي ڪار کڻي باءِ روڊ ملائيشيا موٽڻو هو.

ٿوري ٿوري دير کان پوءِ مون واچ ۾ ٿي ڏٺو جو هاڻ هڪ هڪ منٽ منهنجي لاءِ ڳرو پئي لڳو ۽ وڌيڪ ڳالهين ۾ مزو نه پئي آيو. ذري ذري پاسا پئي ورايم يا پيرن جي کسر پسر ٿي ڪيم ته من ٻيا همراهه به اٿڻ جي ڪن. پر جهاز وارا همراهه جيڪي سالن کان پوءِ مليا هئا، هڪ ڳالهه ختم ڪري ٻي ٿي شروع ڪيائون. ايتري ۾ ٻار به ٿڪجي اچي ڪُنڊن پاسن ۾ ويٺا، جن هيترو وقت اسان جي دانهن، دڙڪن ۽ منٿن تي به ماٺ نٿي ڪئي. پر هاڻ مسڪين شڪل ٺاهي ائين ويهي رهيا جو تعجب ٿي لڳو. خاص ڪري شهاب جا پٽ جيڪي هُر چُر کان هڪ منٽ به باز نه ايندا آهن. هن دعوت ۾ ايندي وقت به شهاب کين سمجهائيندو آيو ته پرائي گهر ۾ ماٺ ڪري وهجو. پر پهچڻ سان ڪئپٽن ظهور (ميزبان) جي پٽ سان ملي ٻنهي دانهون، ڊوڙون ۽ مارڪٽ شروع ڪري ڏني. پر هاڻ سندن ان اوچتي خاموشيءَ تي ڪئپٽن ظهور جي پُٽ ثاقب کان پڇيم: “خير ته آهي، ماٺ ٿي ويا آهيو. پاڻ ۾ رُٺا آهيو ڇا؟”
“نه انڪل، ائين ئي.” ثاقب وراڻيو. پر لڳو ته ڪا ڳالهه آهي جا هو لڪائي رهيو آهي.
“ائين ئي ٿڪجي پيا آهيون.” ۽ پوءِ ٻه چار گهڙيون ترسي چيو: “انڪل توهان وٽ چاٻيون آهن؟”
“ڇو–؟” مون تعجب مان پڇيو.
“انڪل شهاب جي ڪار جون چاٻيون سندس پٽن ڪار ۾ اندر لاڪ ڪري ڇڏيون آهن.
اهو ٻُڌي مون تي ڄڻ بم ڪريو.
شهاب ۽ ٻين به ڇاهي ڇاهي ڪري پڇڻ شروع ڪيو. شهاب هڪ سياڻپ ڪئي هئي ته ڪار جي اسپيئر ڪُنجي، گهَرَ جي چاٻين واري ڇلي ۾ وجهي ڇڏي هئي جيئن آفيس ۾ يا ڪٿي گس پنڌ تي ڪار جي چاٻي گم ٿي وڃي يا ڪار اندر لاڪ ٿي وڃي ته زال کي فون ڪري اها فالتو ڪنجي گهرائي وٺجي. ۽ هينئر ته زال به سامهون موجود هئي ته گهر جون چاٻيون به. ڇو جو گهر کي تالو هڻي سڀ هتي پهتا هئاسين. سو ڀر ۾ بيٺل وڏي پٽ کي ڪار جي چاٻي ڪار ۾ اندر لاڪ ڪرڻ لاءِ دڙڪو ٻه ڏيئي چيو: “چڱو وڃ. ماءُ کان گهر جون ڪنجيون وٺي اچ ته هلون. انڪل کي به ملائيشيا وڃڻو آهي. دير پئي ٿئي.
پر هو چُرڻ بدران اُتي ئي بيٺو رهيو.
“منهنجي شڪل ڇا پيو ڏسين؟ بابا وڃ. جلدي ڪر.” شهاب چيو، پر جواب ۾ سندس پٽ بدران ڪئپٽن ظهور جي پٽ وراڻيو: “انڪل! هن اهي چاٻيون به ڪار اندر وجهي ڇڏيون.
“هان!” پهرين مون تي، هاڻ ڄڻ شهاب تي به بم ڪريو.
پوءِ ته بس جيڪو اهڙين مهلن تي حشر ٿيندو آهي. فلاڻا هيءَ چاٻي کڻ، فلاڻا هوءَ چاٻي کڻ- ويندي اوڙي پاڙي مان اهي چاٻيون به گهرايون ويون جن جي، قلف جي ٽُنگ ۾ گهڙڻ جي به اميد نه هئي.
اوڙي پاڙي مان پنيل، جڏهن سڀ چاٻيون آزمايون ويون ته پوءِ گهر ۾ موجود اسڪريو ڊرائيور (پيچڪش) کان انبوري ۽ سنهي تار تائين هر لوهي شيءِ آزمائي ويئي. ان افراتفريءَ دوران جهاز وارا همراهه جيڪي هيستائين پُرسڪون حالت ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا سي پنهنجي ڪا مشغوليت ٻڌائي، اسان کان موڪلائي، پاڻ سان آندل اڪيلي ڪار ۾ روانا ٿي ويا. رهجي وياسين اسين. آئون ٽئڪسي يا بس ۾ روانو ٿي سگهيس ٿي. پر منهنجي بئگ ۽ پاسپورٽ وغيره شهاب جي گهر هئا ۽ شهاب جي گهر جي ڪنجي پڻ ڪار اندر ڦاٿل هئي.
ڪئپٽن ظهور کي چيم ته اڄ آهي به موڪل جو ڏينهن. هاڻ ڪار جي تالي کولڻ واري همراهه کي ڪٿان ڳولي وٺي اچبو؟
“ان جي پرواهه ناهي. فون ڪري وٺنداسين. بس جي پاڻ کان کُلي وڃي ته سٺو نه ته کولرائڻ جي في جي چٽي پئجي ويندي.
ڪجهه دير ٻي به، تالو کولڻ لاءِ، سَٽون ڏيندا رهياسين. پر در نه کليو. آخر ڪئپٽن ظهور ٽيليفون ڊئريڪٽري گهرائي.
“ڇو. ڪو همراهه سڃاڻو اٿئي ڇا؟” مون پڇيومانس.
“نه، ڪار جا لاڪ کولڻ وارن جا ٽيليفون نمبر، ڊئريڪٽريءَ ۾ الڳ ڏنل هوندا آهن، جن مان هڪ کي فون ڪري وٺون ٿا.
ڪئپٽن ظهور نمبر ملايو ۽ مون دل ئي دل ۾ دعا گهُري ته هڪ ته قلف کولڻ وارو شل گهر ۾ هجي، ٻيو ته اچڻ لاءِ ها ڪري ۽ ٽيون ته کيس هي گهر هٿ اچي وڃي. ڇو جو هي گهر اپر ٿامسن روڊ جهڙي اهم رستي تي هجڻ بدران ڪجهه اندر ٽئگور روڊ تي هو.
ٽيليفون جهٽ لڳي ويو ۽ ڪار جو تالو کولڻ واري همراهه اسان جو فون نمبر، جاءِ جي ائڊريس ۽ ڪار جو نمبر ورتو. تيسين اسان چانهه پيئڻ شروع ڪئي. اڃا چانهه پي بس ڪئيسين ته تالي کولڻ واري جو فون آيو.
“آئون توهان جي ڪار وٽ پهچي ويو آهيان ۽ تالو کوليان ٿو.
ظهور چيو ته هاڻ هلو ٻاهر. تالي کولڻ وارو پهچي ويو آهي. ٻاهر نڪري ڏسون ته اسان جي پراڻي ماڊل واري ننڍڙي ڪار اڳيان نئين ماڊل جي هونڊا اڪارڊ ڪار بيٺي آهي. پڙهندڙن جي لاءِ اها ڄاڻ ضروري آهي ته سنگاپور ۾ ٻيون شيون کڻي سستيون آهن پر ڪار جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري ٿي. سنگاپور حڪومت طرفان اهو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي جيئن گهٽ کان گهٽ ماڻهو ڪار خريد ڪن. سو ان حالت ۽ مهنگائيءَ ۾ جتي پراڻي ڪار رکڻ به وڏي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي اتي نئين ماڊل جي هونڊا اڪارڊ يا ڪا ٻي گاڏي رکڻ وڏي ڳالهه آهي. ڪار ۾ موبائيل فون پڻ لڳل هو جنهن مان سمجهيم ته هي همراهه کڻي ڪٿي به هجي، هن سان فون ذريعي رابطو رکي سگهجي ٿو. يعني هو اهو زمانو هو جڏهن اڃا هٿ وارا موبائيل ته نڪتا هئا ڳرين قيمتن تي ڪار وارا فون مارڪيٽ ۾ اڃا هاڻ آيا هئا. هي نوجوان پنجويهه ڇويهه سالن جو مَس ٿيندو. سندس زال ۽ ٻن سالن جو ٻار به ڪار ۾ ويٺو هو. پاڻ ٻڌائين ته هو آرچرڊ روڊ جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ چانهه پي رهيا هئا ته اسان جو فون آيو ۽ ٻارن کي گهر ڇڏي اچڻ بدران سڌو هيڏانهن رخ ڪيائون.
هڪ خوبصورت ننڍڙي بئگ مان اوزار ڪڍي تالي جو اندريون سَنڌو ورتائين ۽ پوءِ سنهين چهنبدار لوهي پٽين سان سَٽ ڏيئي تالو کولي ورتائين. ڪي پنج منٽ به ڪونه لڳا. ايتري قدر جو هن پنهنجي گاڏيءَ جي انجڻ به بند نه ڪئي هئي. شهاب ان ڪم جو مقرر اجورو- سنگاپوري پنجيتاليهه ڊالر ڪڍي سندس هٿ تي رکيا ۽ هو ٿئنڪس چئي روانو ٿي ويو. تالي کولڻ واري کان مون ڪيترائي سوال پڇڻ چاهيا ٿي ۽ جيتوڻيڪ هو هر سوال جو جواب ايمانداريءَ سان ڏيندو رهيو پر وقت ايترو گهٽ هو جو رڳو اهو معلوم ڪري سگهيس ته هن اهو قلف کولڻ جو هنر ڪنهن استاد کان سکيو آهي جنهن وٽ پهريان ٽي سال نوڪر ٿي ڪم ڪيائين. هاڻ جيڪي ڪمائي ٿو اهو سندس آهي.
· هو هر قسم جو تالو کولي سگهي ٿو. چاهي ڪار جو تالو هجي يا ڪٻٽ ٽجوڙيءَ جو.
· تالو کولڻ جو اگهه پنجيتاليهه ڊالر آهي، جيڪو سڄي سنگاپور ۾ مقرر آهي.
· تالي جي ڪُنجي ٺاهڻ جو اگهه ويهه کان ٽيهه ڊالر آهي.
· پر جيڪڏهن ڪُنجي اڳهين موجود آهي ۽ ان کي ڏسي هوبهو ان جهڙي ٻي ٺاهڻي آهي ته پوءِ ان جي ٺهرائڻي تمام گهٽ آهي. بهرحال ان جو مدار ڪنجيءَ جي ور وڪڙن ۽ ڌاتوءَ تي آهي. سولي ڪنجيءَ جا گهٽ پئسا ڏکئي جا گهڻا.
· تالي کولڻ واري لاءِ موبائيل (پاڻ ساڻ کڻي هلڻ وارو) فون ضروري آهي جيئن مصيبت ۾ ڦاٿل جيئن ئي فون ڪري ته مدد لاءِ پهچي سگهجي.
· ان کان علاوه سنگاپور جي گهر گهٽين جي ايتري ڄاڻ هئڻ کپي جيتري ٽئڪسي ڊرائيور کي ٿئي ٿي. بلڪ ان کان به وڌيڪ هجڻ کپي. جيئن هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران صحيح هنڌ تي پهچي وڃجي.
“ڀلا روز گهڻي ڪمائي ٿئي ٿي؟” مون پڇيومانس.
“بس ڪڏهن ٻه يا ٽي ڪيس ملن. ڪڏهن ته هڪ به نه.
“سڀ کان گهڻا ڪيس صبح جو ملن يا شام جو. آفيس وارن ڏينهن تي يا موڪل وارن ڏينهن تي؟” مون آخري سوال ڪيومانس.
“موڪل وارن ڏينهن تي. خاص ڪري رات جي وقت. نشي جي حالت ۾ ڪيترا همراهه ڪار جي چاٻي ڪڍڻ بنا دروازو لاڪ ڪريو ڇڏين. يا وري انهن ماڻهن جي چاٻي لاڪ ٿئي ٿي جن جا ٻار ڏنگا آهن.

No comments:

Post a Comment