ڪٿي گدامڙي، ڪٿي جو لوڻ
الطاف شيخ
ڪراچيءَ ۾ هڪ شاديءَ جي دعوت ۾ ڊاڪٽر لطيف سومرو ڀر ۾ ويٺو هو. گهوٽ ڪنوار دادو پاسي جا هئا. هڪ جوڻيجو ۽ ٻيو قريشي.
“اڄڪلهه مڪسڊ شاديون عام ٿي ويون آهن.” مون لطيف کي چيو.
“مون کي لڳي ٿو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو،” لطيف چيو؛ “جو سڀ هڪ ٻئي جا مائٽ ٿي وينداسين.”
“هيءَ پهرين شادي آهي جنهن ۾ ڪنهن جوڻيجي ڌارين مان شادي ڪئي آهي،” مون چيو؛ “گهوٽ ڪنوار کي ڊبل مبارڪ ڏيڻ کپي.”
“پهرين شادي ڪيئن ٿو چئين؟” لطيف منهنجي درستي ڪندي چيو؛ “مون جو اڄ کان پنڌرنهن سال اڳ نسرين جوڻيجو سان شادي ڪئي. ان جو ڪريڊٽ ڇٽو.”
ٻئي پاسي ويٺل، سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر اعجاز قريشيءَ چيو:
“بابا جنهن جو جتي لکيل آهي اتي ٿيو وڃي. ڇا ڪنهن کي خبر هئي ته ڪيچ مڪران جو شهزادو پنهون، هيڏو ڏور اچي سسئيءَ سان شادي ڪندو. هو ڇا چوندا آهن ته مڱيا نه پرڻجن پر لکيا پرڻجن.”
اتي مون به مڪسڊ شادين- يعني گهوٽ ڪٿي جو ته ڪنوار ڪٿي جي بابت، هڪ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي چوڻي ٻڌائي:
Asam di Gunung
Garam Di Laut
Akhirnya Berjumpa
Dalam Belanga Juga
اسام يعني گدامڙي، جيڪا جابلو علائقي کان اچي ٿي، نيٺ وڃيو ديڳڙي ۾ لوڻ سان ملي- جيڪو سمنڊ جي شيءِ آهي. تهذيبي يا جاگرافيائي فرق کڻي ڪيترا به هجن ته به پيار جو جادو هر ڳالهه تي ڇانئجيو وڃي.
انگريز جنهن به ملڪ ۾ حڪومت ڪئي ته اتي اها خاطر ڪئي ته سندس نوڪر جو مان مٿاهون هجي. جيئن ان ذريعي باقي عوام/ رعيت کي سولائيءَ سان قبضي ۾ ڪري رکي. ملڪ جو واپاري، مذهبي رهنما يا رئيس وڏيرو، جنهن به انگريز بهادر جي طاقت کي مڃيو ٿي، ان کي معزز ضرور سمجهيو ويو ٿي، پر انهن سڀني کان مٿاهون درجو انگريز حڪومت جي نوڪر جو هو. پوءِ اهو کڻي هڪ آفيسر هجي يا دربان پٽيوالو پر انگريز جو پگهاردار سڏائڻ (يا ڪمپنيءَ جو يا سرڪار جو)، هڪ وڏو مرتبو هو.
اڄ انگريز هليا ويا آهن پر بنگلاديش، پاڪستان، هندستان، سريلنڪا جهڙن ملڪن جي ماڻهن جي دماغ مان اهو سرڪاري ڪاموري وارو ٽانءُ نه نڪتو آهي. اڄ به هندستان جو ڪمشنر هجي يا پاڪستان جو سپرنٽينڊنٽ پوليس، بنگلاديش جو سيڪريٽري هجي يا سريلنڪا جو ڪسٽم/ اميگريشن ڊائريڪٽر- نالي ۾ پبلڪ سرونٽ- يعني عوام جو خادم هوندو، پر انهن جي خدمت ڪرڻ بدران انهن جي زندگين سان راڱا ڪندو وتندو.
انگريز سرڪار جي ڏينهن ۾ اڄ واريون رشوتون ۽ ظلم نه هئا پر عزت ۽ دٻدٻو هو. انگريز سرڪار يا ڪمپنيءَ (ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ) جو ڪلارڪ پٽيوالو به پاڻ کي، هن دنيا جي گولي تي، خدا کانپوءِ ٻئي نمبر تي پاڻ کي اهم سمجهيو ٿي. انگريز هليا ويا پر اڄ به انگريزن جي سابق راڄ وارن ملڪن ۾ اڃا تائين، نفسياتي طرح سرڪاري ڪامورو پاڻ کي اهم ترين سمجهي ٿو. پوءِ ڀلي سرڪاري نوڪريءَ ۾ پگهار گهٽ هجي، اٽي ۽ لٽي جي پورت نه ٿئي پر اڄ به ٿوري پگهار تي به سرڪاري نوڪريءَ کي سڀ کان اتم، سڀ کان اعليٰ سمجهيو وڃي ٿو. ان نفسياتي سوچ جا مريض پاڪستان، هندستان کان علاوه ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ، فجيءَ تائين ملندا.
سنگاپور جي ريلوي اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ هڪ تامل کان، سندس ريلوي ۾ نوڪري ڪرڻ جو سبب پڇيم- جڏهن ته سنگاپور اهڙو ملڪ آهي، جتي خانگي نوڪريون ۽ ڌنڌا جام آهن ۽ هر ماڻهو، جيڪو ايمانداريءَ سان ٽئڪس جي ادائگي ڪري ٿو، اهو عزت ماڻي ٿو. تامل وراڻيو:
“اهو بلڪل صحيح آهي ۽ مون پرائيويٽ ڌنڌو شروع ڪيو ٿي پر منهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي- جيڪي انگريزن جي ڏينهن کان سرڪاري نوڪري (ريلوي کاتي) ۾ رهيا انهن اهو ئي ضد ڪيو ته اڄ به سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح ڏجي.”
هن جي ويجهڙائيءَ ۾ سندس اباڻي صوبي تامل ناڊو مان شادي ٿي آهي. پاڻ ٻڌايائين ته ڪنواريتن کي جڏهن اها خبر پيئي ته هو سنگاپور ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهي ته وڌيڪ هنن نه سندس پگهار پڇيو، نه لڇڻ.
سرڪاري نوڪريءَ جو تامل ادب، تهذيب ۽ ڪلچر تي بيحد گهڻو اثر آهي. مٿئين تامل ڪلارڪ سندس زبان (تامل) جون ڪجهه چوڻيون/ پهاڪا ۽ انهن جي معنيٰ پڻ ٻڌائي. هڪ ٻه هن ريت آهن:
“ڪولي مي ايتا آلوم
ڪمپنيڪ ڪو مي اي”
(سرڪاري نوڪريءَ ۾ چاهي ڪڪڙ پالڻ جو ڪم هجي، ته به اها بهتر آهي.)
“آرا ايڪ ڪا آچو
وي ايلا ايا انالوم
آرا چا اناڪ”
(سرڪاري نوڪر جو پگهار، چاهي اڌ پئسو هجي، ته به اهو ڀلو.)
“کنگهه!” تازو گريجوئيٽ ٿيل ۽ هاڻ هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻيءَ چيو، “مون کي پاڻ هفتي کن کان کنگهه نٿي ڇڏي. ڪالهه جنرل وارڊ ۾ داخل ٿيل هڪ بيمار ٻار جي ماءُ، مون کي هي جوشاندي جون پڙيون ڏنيون آهن هڪ ئي کائڻ سان ڪجهه ڪجهه فرحت محسوس پئي ڪريان. توهان به ٻه ٽي کڻي وڃو.”
دل ۾ آيو ته اهي جوشاندي جون پڙيون کڻي پنهنجي دوست ۽ هن جي پروفيسر/ ممتحن وٽ وڃان، جنهن گذريل سال هن کي فائنل ييئر ۾ پاس ڪيو هو.
پر هن جي پاس ٿيڻ لاءِ، کيس مون به ته سفارش ڪئي هئي. ڏوهاري هو يا آئون؟
- نيويارڪ گهمائيندي گهمائيندي، نور احمد نظاماڻي اقوام متحده جي ڊئگ هئمر شولڊ لئبرريءَ ۾ وٺي آيو. اتي هن مون کي هڪ ٿلهو متارو ڪتاب ڏيکاريو جنهن جا هڪ هزار اٺ سؤ ڇهانوي صفحا آهن. نالو اٿس: India At A Glance
- هندستان هڪ نظر ۾.
- پاڪستان آيل هڪ دوست ڪجهه ڏينهن مون وٽ ملائيشيا ۾ رهي جڏهن وڃڻ لڳو ته ملائيشيا بابت راءِ پڇيمانس.
پاڻ وراڻيائين: “ملئي ماڻهن جا سادا گهر ۽ سندن سادي سودي نموني جون شاديون ۽ دعوتون ڏسي هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي اٿم ته ملائيشيا جا ماڻهو غريب آهن پر ملڪ امير آهي. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ماڻهو امير ٿا لڳن پر ملڪ يعني حڪومت غريب آهي.”
“اهو ڀلا ڪيئن؟” وضاحت ورتيمانس.
“ڏس نه. پاڪستان ۾ ماڻهن جا ويس وڳا، محل ماڙيون، فئشن، شاهه خرچيون، دعوتن تي کاڌا پيتا ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا نمونا ڏسي، هرڪو ڌاريون آيل، اهو ئي چوي ٿو ته بلي! هن ملڪ کي آمريڪا يا جپان وغيره جي ايڊ- خيرات وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هيڏانهن ملائيشيا ۾ ڪو امير آهي ته به سادگي پسند آهي. سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ويس وڳي کان وٺي رهڻي ڪهڻي سادي آهي. پر ملائيشيا جي حڪومت کي امير ان ڪري چئي سگهجي ٿو جو چوڌاري ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. جيڏانهن وڃ ته رستا پيا ٺهن. پليون، اسپتالون، بندرگاهه، ايئرپورٽ، پارڪ، بس اسٽاپ ۽ اتي زالن مردن لاءِ اُس ۽ مينهن کان بچڻ لاءِ اڏاوتون. جيتوڻيڪ ملائيشيا جي حڪومت کي ايڏو تمام گهڻو پئسو به نه آهي پر جيڪي ڪجهه آهي اهو چڱيءَ طرح استعمال ٿي رهيو آهي ۽ هر شيءِ اعليٰ معيار جي، ۽ اهو سوچي ٺهرائي پيئي وڃي ته اها آئنده سانوڻيءَ تائين نه، پر ويهه پنجويهه سالن تائين، ان کي مرمت جي به ضرورت نه پوي. اسان وانگر نه ته ٻه دفعا مينهن پوڻ بعد نئون رستو اکڙيو وڃي. ملائيشيا جي موسم اهڙي آهي جو لڳاتار مينهن پيا وسن ته به سالن بعد به رستا اهڙا جهڙا اڃان ڪالهه ٺهيا هجن. هتي جا واسطيدار عملدار ڪميشن کائڻ بدران Quality Control ۽ اعليٰ معيار تي ڪرڙي نظر رکن ٿا. ساڳئي وقت سرڪار به دل کولي ترقياتي ڪمن پٺيان خرچ ڪري ٿي. نتيجي ۾ چوڌاري سهڻا رستا، سهڻيون سرڪاري آفيسون، پوليس وارن جون وڏيون گاڏيون، سهڻيون ورديون ۽ ڳرا پگهار، اسڪول ماسترن جا مٿاهان مان ۽ سهڻيون Salaries، هوادار اسڪول ۽ ٻارن لاءِ رسيس ۾ حڪومت طرفان ملندڙ مفت کير ۽ ميوو ڏسي لڳي ٿو ته هن ملڪ جي حڪومت کي پئسو ئي پئسو آهي. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ حڪومت جي غربت جو ڏيک ڀڳل رستن، چاپوڙا لٿل ڀتين وارن اسڪولن ۽ ٽڙڪيل شيشن وارين آفيسن ۽ گهٽ پگهار تي پوليس ۽ تعليم کاتي کي ڏسي، هرڪو ڌاريون ماڻهو لڳائي سگهي ٿو.
No comments:
Post a Comment