Sunday, November 04, 2012

هاءِ جواني ساري توکي هر ڪو - الطاف شيخ

هاءِ جواني ساري توکي هر ڪو
الطاف شيخ
اسان جي ڪاليجي ڏينهن ۾، يعني هيءَ ۱۹۶۰ع جي آسپاس جي ڳالهه آهي، صبح جو پي ٽي لاءِ پوري ڇهين وڳي سيٽي وڄندي هئي ۽ اسان سڀ شاگرد سفيد نِڪر ۾ هاسٽل ڇڏي اچي ميدان تي بيهندا هئاسين. اسان جي ڏينهن ۾ نه فقط پي ٽي ۽ راندين ۾ پر ڪلاس ۾ به نِڪر (چڊي) ۾ وڃبو هو.
ڪمرو ڇڏي ميدان ۾ اچي بيهڻ لاءِ وڄندڙ سيٽيءَ کان ۱۵ منٽ اڳ بيوگل وڄندو هو، جيڪو ننڊ مان اٿڻ جو اطلاع هوندو هو، جيئن پندرنهن منٽن ۾ اسان هٿ منهن ڌوئي، سليپنگ سوٽ لاهي چڍي، گنجي، جوراب ۽ رٻڙ جو بوٽ پائي سگهون.


مئٽرڪ بعد جڏهن فرسٽ ايئر ۾ آياسين ته ڪجهه دلير ٿياسين... يا شايد اعتماد آيو... يا ڪجهه دير وڌيڪ ننڊ ڪرڻ جو شوق ٿيو. منهنجي روم ميٽن شوڪت جماڻي، وزير شورو ۽ ڀر وارن ڪمرن ۾ رهندڙ ظفر خان (سابق چيئرمين PIA ۽ اينگرو) ۽ زين العابدين شاهه (رٽائرڊ ڪموڊور) اهو صلاح مشورو ڪيو ته صبح جو اٿي P.T لاءِ ڊريس بدلائڻ بدران ڇو نه رات جو پائي سمهجي، ۽ صبح جو اٿي هٿ منهن ڌوئڻ يا ڏندن کي برش ڪرڻ بدران سمهڻ مهل برش ڪجي. اهڙي طرح صبح جو ڏهه پندرنهن منٽ وڌيڪ سمهڻ لاءِ ملي ويندا. حيرت جي ڳالهه اها ته ان ۾ اسان کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي، بيوگل بدران اسان سيٽيءَ تي ٽپ ڏئي اٿندا هئاسين ۽ باٿ روم جو رخ رکڻ بدران سڌو اچي ميدان تي بيهندا هئاسين. ٻين، جن ان بابت ٻڌو اهي اسان تي کلندا رهيا ٿي ته ۱۵ منٽن جي ننڊ لاءِ وڏو Risk کڻي رهيا آهيون. ڪنهن ڏينهن وقت تي ميدان تي نه پهچندا ته سزا کائيندا. انهن جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا وقت تي پهچي نه سگهڻ تي ٽاڪ منجهند جو سزا خاطر ايڪسٽرا ڊرل ڪرڻي پئي، پوءِ ان گهاٽي جي ڪم کي ڇڏي ڏنوسين. سڀ کان گهڻا دفعا دير شوڪت جماڻي کان ٿي ۽ اتفاق آهي جو مون کان هڪ دفعو به نه ٿي، ان جو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو، جو آئون نه فقط چڍي ۽ گنجي پر رٻڙي جوتا (P.T Shoes) به پائي سمهندو هوس، جيڪو ڪم ٻين لاءِ دير جو سبب بڻيو هو. اها هئي ۵۲ سال اڳ ماضيءَ جي ڳالهه ۽ هاڻ حال جو احوال:
ان ڏينهن شوڪت جماڻيءَ سان گڏ ڪنهن دعوت ۾ وڃڻو هو، گهران نڪرڻ کان اڳ فون ڪيائين ته اچان پيو. ان بعد گهر پهچي هن رکي رکي ٻه دفعا بيل وڄائي، پر جلدي جلدي ۾ مون کان صحيح طرح ٽاءِ نه پئي ٻڌي ٿي، ان بعد ضرورت نه هجڻ جي باوجود واش روم ۾ وڃڻو پيو، شگر جي مريض کي نه ته رستي تي ضرورت پئجي سگهي ٿي. مانيءَ جي دعوت آهي ته گلو ڪوفيج گوري به ساڻ کڻجي، گهڻي شگر وارن لاءِ ته ائمرل نموني جي گوري به ضروري ٿيو پوي، جيڪا مانيءَ کان اڳ کائڻ ضروري ٿئي ٿي. ٻاهر نڪري شوڪت جي ڪار ۾ اچي ويٺس ته شوڪت اڌ اکري کل جي ورکا ڪندي چيو؛ ”يار ايڏي دير! پيٽاري ۾ ته پهرين ئي سيٽيءَ تي ميدان تي هوندو هئين.“ سندس اها ڳالهه ٻڌي مون کان به کل نڪري وئي.
”يار سچ ٿو چوين... اهي به ڪي ڏينهن هئا، جن کي گذرئي اڄ پورا ۵۲ سال ٿي ويا آهن.“ مون چيو.
”ننڊ ۾ هجڻ جي باوجود ڪيئن کٽ تان ٽپ ڏئي اٿبو هو ۽ گرائونڊ ڏي ڊوڙبو هو!“ شوڪت ياد ڏياريو.
”۽ هاڻ ته ڪرسيءَ تان اٿڻ لاءِ به زور ٿو لڳائڻو پوي، تڏهن ٻاهر نڪرڻ لاءِ رڳو جوتا پائڻا پوندا هئا، سي به هلندي هلندي پائي وٺبا هئا.“
”هينئر به ته رڳو جوتا ٿا پائڻا پون، ڪهڙا گهونگهرا ٿا ٻڌڻا پون.“ شوڪت چيو.
”فقط هڪ شيءِ هجي ته ان جو ذڪر ڪجي، چشمو پاءِ، نه رڳو پاءِ پر پڙهڻ وارو کيسي ۾ کڻي هل، ڊينچر (نقلي ڏند) لڳاءِ.... ۽ پاڻ واري خالد کي ته ڪنن ۾ ٻڌڻ جو آلو به لڳائڻو پوي ٿو، جنهن جي بيٽري چارج نه هجڻ ڪري بيٽري چارجر به کڻڻو پوي ٿو.“ مون چيو.
”لڳي ٿو هاڻ ڄاڻ ته لٺ کڻڻ جي به نوبت اچي.“ شوڪت چيو؛ ”سراج ته هر وقت ڪنڌ وارو ڪالر به لڳائي هلي ٿو.“ سراج راندين ۾ اسان سڀني کان هوشيار هو پر ظاهر آهي هاڻ هو به اسان وانگر ۷۰ سالن جو اچي ٿيو آهي ۽ ستر سال ڪا گهٽ عمر ته نه آهي، خاص ڪري پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي مرد جي زنده رهڻ جي سراسري عمر ۴۵ کان ۵۰ مس آهي.
دراصل انسان جي پيري به عجيب شيءِ آهي! هو ڇا چوندا آهن ته؛ ”مين ني لڙڪپن مين اسد، سنگ اٺايا تو سر ياد آيا“، پر اسان کي ننڍپڻ ۾ نه پر هاڻ پنهنجي ننڍپڻ جي ڳالهين تي افسوس ٿو ٿئي. ڪيئن جرمني، انگلينڊ يا فرانس جي ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ چڪر ڏيندي انهن پوڙهين تي چڙ ايندي هئي، جن اڳيان لنگهندي هو شئمپو، پائوڊر يا ڪڇو اڳيان ڪري ان تي لکيل قيمت پڇنديون هيون. اسان کي چڙ يا حيرت ان ڳالهه تي ايندي هئي ته هنن کي چشمو لڳو پيو آهي ته به پاڻ نٿيون پڙهن، پر هاڻ جڏهن آئون ڪنهن کان لکيل قيمت يا ننڍن اکرن وارا لفظ پڇندو آهيان ته ننڍپڻ جا ڏينهن، بلڪ جوانيءَ جا ڏينهن ياد اچي ويندا آهن ۽ سخت ڏک ٿيندو آهي. ڇو جو وڏي عمر ۾ ويجهي جي نظر لاءِ الڳ عينڪ ٿي ٿئي، جيڪا اڪثر گهر وسريو وڃي، يا ٻن انگن يا اکرن کي پڙهڻ لاءِ پري جي عينڪ لاهي، کيسي مان ويجهي نظر جي عينڪ ڪڍي ڪير لڳائي!
موبائيل فون جو ڪارڊ جنهن پان واري کان وٺندو آهيان، ان کي چوندو آهيان ته مهرباني ڪري فون ۾ وجهي ڏئي. هو اڪثر، خاص ڪري جڏهن مشغول هوندو آهي يا موڊ ۾ نه هوندو آهي ته چئي ڏيندو آهي ته؛ ”سر، هي ته ڪو ڏکيو ڪم آهي ڪو نه، توهان کي اهو به نٿو اچي.“ هو مون کي هر وقت لنڊي سٿڻ ۽ هوائي چپل ۾ ڏسي سوچيندو آهي ته آئون خبر ناهي ڪير آهيان، چار درجا پڙهيل به آهيان يا نه. ڪمپيوٽر ۾ ڪا خرابي ٿيندي آهي ته به دڪاندار کي گهرائي چوندو آهيان ته؛ هن ۾ هي هي پروگرام ڊائون لوڊ ڪر ۽ بعد ۾ اسڪئنر ۽ پرنٽر مان ڪڍيل تارون صحيح طرح فڪس ڪري پوءِ وڃ. هڪ دفعي ته هن بيزاريءَ مان چئي ڏنو ته، ”سر، توهان کي اهو به نٿو اچي!“ کلندي چيومانس؛ ”ڳالهه ٻڌ! پاڪستان ۾ ڪيترا منهنجي عمر جا اديب ۽ شاعر آهن، جيڪي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپ ڪندا هوندا، جيڪي فوٽو شاپ، ايڊوب ۽ ويب سائيٽ ٺاهي ويندا هوندا؟ هڪ ڳالهه ٻڌ.... آئون تنهنجي عمر جيڏو هوس ته نه فقط دنيا جي سمنڊن تي جهاز هلايم پر پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز مون هلايو.“ هو وائڙن وانگر مون کي غور سان ڏسڻ لڳو. اهو نه چوندس ته منهنجي اها ڳالهه ٻڌي هو مون مان متاثر ۽ مرعوب ٿيو، پر هو مون کي اهڙي نموني سان ڏسڻ لڳو، ڄڻ دل ۾ چئي رهيو هجي ته هي اڇي ڏاڙهيءَ وارو ڪوڙ ته ڪهڙا ٿو ڳالهائي.
دراصل هن جو ڪهڙو ڏوهه! جنهن مسجد ۾ آئون نماز پڙهندو آهيان، ان ۾ منهنجا ٻه ٻيا هم پيشه، يعني جهازن جا چيف انجنيئر ايندا آهن. عمر ۾ کڻي مون کان سال يا اڌ وڏا هجن، يا ننڍا به ٿي سگهن ٿا پر ظاهري طرح انهن ۾ مون جهڙو به حال ناهي، ٻنهي جا وار چانديءَ جهڙا سفيد، هڪ جو ته پٺيءَ جو ڪنڊو به ٿورو چٻو ٿي ويو آهي. آهستي آهستي ٿي مسجد جون ڏاڪڻون چڙهندا ۽ آئون اڪثر سندن ۽ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ياد ڪري سوچيندو آهيان ته ڪير چوندو ته اسان سالن جا سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف جهاز هلايا.... طوفانن جو مقابلو ڪيوسين، سمنڊ جي ڇولين کي منهن ڏنوسين، انجڻ جون خرابيون دور ڪرڻ لاءِ چوويهه چوويهه ڪلاڪ انجڻ روم ۾ ڪم ڪيوسين. لڏندر جهاز ۾ هڪ ئي گهڙيءَ ۾ انجڻ جي تري ۾ ڪرئنڪ ڪيس ۾ ڪم چالو ٿي رکيوسين ته ٻي گهڙيءَ ۾ باندر وانگر ست ماڙ مٿي، جهاز جي فنل ۾ موجود، ايگزاسٽ بئالر کي ٿي ڏٺوسين، جنهن جي سخت گرمي ۽ انجڻ جي exhaust مان تيزابيت واري ڌپ ۾ ساهه پيو گهٽبو هو پر اسان کي فقط دماغ ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته جهاز هلندو رهي، هلندو رهي ۽ ان سان واسطو رکندڙ سوين مشينون صحيح ڪم ڪنديون رهن. هڪ اهڙي ئي خراب موسم ۽ طوفاني رات ۾ جڏهن اسان جي جهاز جون انجڻيون ۽ جنريٽر بند ٿي ويا هئا ۽ جهاز ٻڏڻ واري مرحلي ۾ وڃڻ کان اڳ اونڌو ٿي رهيو هو ته اوندهه ۾ منهنجو ڏاڪڻ جي مٿين ڏاڪن تي ڪريل تيل تان پير ترڪي ويو هو ۽ ڪافي مٿانهينءَ تان مين انجڻ جي سلينڊرن مٿان اچي ڪريو هوس. پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري بيهوش ٿي ويو هوس. بعد ۾ ٺيڪ ٿي وري ڊيوٽيون ڏيڻ لڳس پر گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا کن دنيا جي مختلف ملڪن جي اسپتالن ۾ رهيس، ان کي به ۳۵ سال ٿي ويا آهن، پر اڄ به ڪڏهن ڪڏهن پٺيءَ جي ڪنڊي کي سٽ اچي ويندي آهي ته ٻئي کي هٿ ڏئي مسجد جا ٽي ڏاڪا چڙهندو آهيان. هڪ اهڙيءَ گهڙيءَ ڀر واري گهٽيءَ جي رهاڪوءَ پنهنجي مئٽرڪ جي شاگرد پٽ کي مون سان ملائيندي هن کي چيو ته، انڪل جهازن جو چيف انجنيئر ٿي رهيو آهي، هن پنهنجي دور جا وڏي کان وڏا بحري جهاز هلايا... ۽ هو مون کي ان حيرت مان ڏسندو رهيو، جنهن سان آئون پنهنجن ٻن ساٿين کي ڏسي هنن ۽ پاڻ بابت سوچيندو آهيان ته ڇا واقعي اسان ايڏا دليريءَ جا ڪم ڪيا؟!

No comments:

Post a Comment