Sunday, November 25, 2012

نبي ڪريم صلعم جي نگري ۾ ۹ ڏينهن - شير محمد ملڪاڻي


نبي ڪريمﷺ جي نگري ۾ ۹ ڏينهن
شير محمد ملڪاڻي
عمري ۽ حج جي ادائگي ۱۲ ڏينهن مڪي، منيٰ مزدلفه ۾ قيام کانپوءِ سعودي حڪومت جي سرڪاري سيپڪو ڪوچ ۾ ۸۰ ريال في فرد (ساڍا سترهن سؤ پاڪستاني رقم) ڀاڙو ڏئي مڪي کان شهنشاهه ڪونين وه مڪان رحمة اللعالمين سرڪار دو جهان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي شهر مدينه منوره لاءِ روانا ٿياسين. سيپڪو جي ڪوچ آرام ده ۽ هوائي جهاز جهڙي هئي، سيپڪو جي بسن ۾ پاسپورٽ کانسواءِ سفر لاءِ ٽڪيٽ جاري نٿو ڪيو وڃي، سيپڪو ڪوچ جي ٽڪيٽ ڪمپيوٽرائيڊ ۽ عوامي جهاز وانگر هوندو آهي، ڪوچ رستي ۾ اڌ ڪلاڪ مسافرن جي کاڌي وغيره لاءِ بيٺي، جنهن کانپوءِ اٽڪل ساڍان چئن پنجن ڪلاڪن کانپوءِ مدينه منوره پهتي، جتان اڌ ڪلاڪ پنڌ ڪري پاڪستان هائوس پهتاسين، پاڪستان هائوس ۲ ۾ اسان کي پاڪستان هائوس نمبر هڪ ۽ ۳ منزل تي ڪمرو نمبر ۳۰۵ الاٽ ڪيو، عجب اتفاق اهو ته مڪي ۾ اسان وٽ به ڪمرو نمبر ۳۰۵ ئي هو، ڪمري ۾ سامان رکي تيار ٿي اسان پنج ئي دوست مسجد نبوي ۾ آياسين، پاڪستان هائوس نمبر هڪ کان مسجد جو پنڌ ۱۰ کان ۱۲ منٽن جو هو، مسجد نبوي ۾ به ڏاڍي رش هئي، حضور اڪرم جن به سومر ڏينهن مدينه ۾ پهتا هئا ۽ اسان به سومر ڏينهن مسجد نبوي ۾ حاضر ٿياسين سومر ۽ خميس تي مڪي ۽ مسجد نبوي ۾ عرب روزو رکندا آهن يا ته پر هو عصر جي نماز کانپوءِ اڳين صفن ۾ پلاسٽڪ جون صفون وڇائي مهمانن جي لاءِ کجون کجيه حلو، بند، سليماني چانهه ۽ آب زم زم مغرب جي آذان وقت ويهاري کارائيندا آهن ۽ آذان جي ۱۰ منٽن ۾ وڇايل دسترخوان بند ٿيو وڃن.


مغرب جي نماز کانپوءِ شهنشاهه ڪون و مڪان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي درود و سلام پنهنجي پنهنجن گهر وارن ۽ دوستن طرفان پيش ڪرڻ جو شرف نصيب ٿيو، سوا سال ۾ ٻيو دفعو پنهنجي گهر گهرائڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيوسين، مسجد نبوي ۾ تر ڇٽڻ جي جاءِ به ڪانه هئي، هن دفعي مسجد نبوي جي ٻاهران چوطرف کليل اڱڻ کي خوبصورت ڇتين سان خوبصورتي سان ڍڪيو ويو آهي، مسجد نبوي ۾ لکين ماڻهن جي نماز پڙهڻ جي گنجائش آهي پر حج جي موقعي تي مسجد نبوي کان ٻاهر چوطرف گهٽين ۽ رستن ۾ نمازين جا هجوم لڳل هوندا هئا، مسجد ۾ عام طور تي نماز کانپوءِ لکين حاجين جو رخ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي حاضري ۽ سلام ڪرڻ لاءِ هوندو هو، سعودي سيڪيورٽي حڪام ڪنهن وقت ته حاجين لاءِ دروازا بند ڪري ڇڏيندي هئي پر عوام جي هجوم سبب آخر هو گيٽ کولڻ جي مجبور ٿي پوندا هئا، حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو روضو مبارڪ مسجد نبوي جي اتر اوڀر جي ڪنڊ تي آهي، جتان زائرين ڏکڻ طرف کان مسجد نبوي ۾ اندرين پاسان ”رياض الجنته“ وٽان به ايندا هئا ۽ اتر طرف کان نڪرندا هئا.
رياض الجنته مسجد نبوي جي اڳئين حصي ۾ آهي، هن حصي ۾ ڀوري رنگ جو قالين جڏهن ته باقي مسجد جو قالين ڳاڙهي رنگ جو آهي، مسجد نبوي جي اوڀر طرف هڪ ننڍڙي کجي بازار آهي، حج تي آيل زائرين کجين وٺڻ لاءِ ايندا آهن، هتي ۵ کان ۲۵ ريال في ڪلو عام کجي ۽ ۶۰ کان ۷۰ رپيا اجوا کجي وڪامي رهي هئي، ان کانسواءِ مديني ۾ رستن فٽ پاٿن ۽ ريڙهن تي به کجي، تسبيحون، ٽوپيون، گهڙيون وڪامنديون هيون.
مسجد نبوي ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سائي گنبذ جي تصويرن ڪڍڻ لاءِ سوين غير ملڪي به مشغول هئا، پاڪستان هائوس ۾ گرائونڊ فلور تي رسيپشن، ٽي وي لائونچ پاڪستاني هوٽل ۽ ڊسپينسري قائم هئي، جتي پاڪستاني حاجين جو علاج ڪيو ويندو هو، ڊسپينسري ۾ سفارش تي حج ڪرڻ لاءِ جونيئر ڊاڪٽر آيل هئا، جيڪي اڪثر مريضن کي سعودي اسپتال ۾ علاج لاءِ ريفر ڪندا هئا، مدينه منوره ۾ ۹ ڏينهن قيام دوران جنگ احد جي شهيدن جي يادگارن قبلن واري مسجد ”قبلتين“ بير عثمان جنگ خندق جي زيارت ڪئي سين، جنهن کانپوءِ اسلام جي سڀ کان پهرين مسجد ”مسجد قباء“ جي زيارت ڪئي سين ۽ ٻه نفل ادا ڪياسين، مسجد ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي حديث لکيل آهي ته جيڪو شخص مسجد قباء ۾ ٻه نفل ادا ڪندو ان کي عمري جو ثواب ملندو، هتي زائرين جي هر وقت رش رهي ٿي، مسجد نبوي ۽ مديني مان پنڌ يا مختلف سوارين تي هتي ايندا آهن، هتي مختلف دڪان، شاپنگ سينٽر، کاڌي پيتي جا اسٽال، خوبصورت پارڪ پڻ آهي، خوبصورت کجين جا وڻ ۽ ڦوهارا لڳل آهن، هتي ۹ ڏينهن قيام کانپوءِ ۽ ۴۱ باجماعت نمازن جي ادائگي کانپوءِ نبي آخر زمان صلي الله عليه وآله وسلم جي شهر کي خدا حافظ چئي مڪي لاءِ روانا ٿياسين.

1 comment:

  1. اڻ سڌي طرح فراهم ڪندڙ ۽ فنڊ کان سواء فاسٽ ۽ قابل اعتماد مالي قرضو. آئون توهان کي 30،000 يورو کان 3،000،000 يورو تائين قرض پيش ڪري ٿو. هن قرض جي پختگي 240 مهينن تائين مقرر ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن به وقت جي ابتدائي واپسي جي امڪان سان. هڪ ذاتي ملاقات هڪ قرض جي معاهدي تي دستخط ڪرڻ لاء پڻ توهان جي شهر ۾ پڻ ڪري سگهجي ٿو. توهان اي ميل تي مفت ۽ بغير ڪنهن به درخواست تي درخواست ڪري سگھو ٿا:

    ReplyDelete