Sunday, November 25, 2012

پربتن جي ديس ۾ - ڊاڪٽر عبدالڪريم بلوچ


پربتن جي ديس ۾
ڊاڪٽر عبدالڪريم بلوچ
اپريل2012ع ۾ فلبرائٽ پيڙهڪا (فائونڊيشن) نيپال طرفان کٽمنڊو ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ريجنل ڪانفرنس جو اهتمام ٿيل هو. ڪانفرنس جو موضوع هو ”تبديليءَ جو سفر: فل برائيٽ اسڪالرن جو ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي سماجن تي اثر“. هندستان، پاڪستان، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا، افغانستان، قزاڪستان، اُزبِڪستان، ترڪمنستان ۽ تاجڪستان جي فلبرائٽ اسڪالرن کي شرڪت جي دعوت هئي. پاڪستان مان ستن ڄڻن جو وفد هو، جنهن ۾ مون کان سواءِ ڊاڪٽر محمد ميرجت زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام کان، پنجاب يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر صفدر علي، انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ مان آفاق قريشي ۽ لبنى ايوب، اين جي او جي عتيقه ناگره ۽ فلبرائٽ پيڙهڪا جو ڊائريڪٽر مظهر اعواڻ شامل هئا. فلبرائٽ پروگرام آمريڪي وزارت خارجه جو تعليمي مٽاسٽا جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. هن پروگرام تحت هر سال تقريباً 600 اهل پاڪستاني شاگردن کي آمريڪي يونيورسٽين ۾ ايم ايس سي ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي.


نيپال کي ڏسڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگهيا ٿي. مثلاً ٻڌ مت جي جنم ڀومي هئڻ، جنهن جي چوگرد دنيا تياڳڻ، جوڳ وٺڻ، ڏک جهاڳي معرفت کي رسڻ ۽ پرين پسڻ جي ڪوريئڙي جو تاڃي پيٽو اڻيل آهي. حالانڪه موجوده دور ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو هندو ڌرم جا پوئلڳ آهن، 11 سيڪڙو ٻڌمت ۽ 4 سيڪڙو مسلمان آهي، جڏهن ته باقي 5 سيڪڙو مختلف مذهبن جا ماڻهو آهن. سڄو کٽمنڊو شهر پراڻن ٻُڌَ مت مندرن ۽ هندو مذهب جي مندرن سان ڀريل آهي، جن مان ڪيترائي گڏيل قومن جي هيريٽيج لسٽ تي آهن. نيپال اترکان (ٿٻيٽ Tibet) چين ۽ باقي ٽنهي طرفن کان ڀارت سان ڳنڍيل آهي. نيپال جي آدمشماري Population 2 ڪروڙ 70 لک آهي. جن مان ويهه لک ٻاهر مزدوري ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ ڪا وڏي صنعت ناهي. کٽمنڊو واديءَ جي آدم شماري 50 لک آهي. ملڪ جو وڏي ۾ وڏو معاشي ذريعو سياحت آهي. جڏهن ته 90 سيڪڙو سياح آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن کان اچن ٿا. نيپال جي ٻي ڇِڪَ هتان جو هماليه جبلن جو نه کٽندڙ سلسلو آهي، جيڪو نيپال کان چين تائين پکڙيل آهي. دنيا جي 10 اوچن جبلن مان 8 هتي آهن، جن ۾ دنيا جو سڀ کان اوچو جبل مائونٽ ايوريسٽ به شامل آهي. مائونٽ ايوريسٽ کي ڏسڻ لاءِ لکين سياح هر سال اچن ٿا. 1856ع ۾ گريٽ ٽرگناميٽرڪ سروي آف برٽش انڊيا معلوم ڪيو ته ايورسٽ جي اوچائي 29002 فِٽ يا 8840 ميٽر آهي. رايل جاگرافيڪل سوسائٽي 1865ع ۾ سرويئر جنرل آف انڊيا سرجارج ايورسيٽ جي نالي ساگرمَٿه چوٽيءَ جو نالو مائونٽ ايورسيٽ رکيو. هتان جي گورکا ويڙهاڪن جي بهادري به بي مثال آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي اڄ ڏينهن تائين دوبدو مقابلي لاءِ برطانوي ۽ هندستاني فوج ۾ گورکا بٽالين موجود آهي.
هن سال 26 اپريل تي اسان جي اڏام اسلام آباد کان ڪراچي ۽ ڪراچيءَ کان کٽمنڊو رٿيل هئي. پي آئي اي پنهجي لاجواب خدمتن جو رڪارڊ قائم رکندي، اسان کي سُور ڏيئي اسلام آباد کان ڪراچي ۽ ڪراچيءَ کان کٽمنڊو ليٽ ٿيندي رهي ۽ اسانجي صبر کي آزمائيندي رهي. جڏهن ته ڪجھه ڏينهن اڳ آئون سنت لوئس آمريڪا کان اتحاد فضائي واٽ جي شاندار اڏام ذريعي اسلام آباد پهتو هوس. کٽمنڊو ۾ اسانجي اڏام شام جو ڇهين بجي تِري ڀَوَن بين الاقوامي هوائي اڏي تي لٿي. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي اقتصاديات جو دارومدار سياحت تي آهي، تنهنڪري سياحن جي آسانيءَ خاطر هوائي اڏي تي لهڻ وقت هڪ تصوير، اڌ صفحي تي نالو پاسپورٽ نمبر ڪٿان پيا اچو لکي ڏيڻ تي اتي جو اتي بنا فيءَ جي هڪ مهني جي ويزا هڻي ٿا ڏين. ٻاهر نڪتاسين ته هوا ۾ شام جي خنڪي هئي. هوٽل جي گاڏي تيار هئي، جنهن آڻي هوٽل پهچايو. کٽمنڊو ۾ اسانجي رهائش پنج ستاره هوٽل ياڪ اينڊ ييٽي ياڪ Yak and Yeti ۾ هئي، جيڪا هتان جي مرڪزي علائقي دربار مارگ تي هئي. در اصل ياڪ انهيءَ هماليائي ٻڪري کي چون ٿا، جنهن جي وارن مان خوبصورت ڪشميري ۽ پشمينه شالون ٺهن ٿيون ۽ ييٽي هماليائي برفاني ديو هيڪل ماڻهوءَ کي چون ٿا، جيڪو سالن کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي نظر ايندو آهي. هاليوُڊ وارن به هڪڙي فلم ييٽي نالي سان ٺاهي آهي. عالمن جي راءِ آهي ته نيپال لفظ نيپا مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي نِواڙ بادشاهت. نواڙ لوڪ اڄ به کٽمنڊو واديءَ جا اصل رهاڪو مڃيا وڃن ٿا. 500 سال قبل مسيح ڏاکڻي نيپال جي ننڍين رياستن جي الحاق ۾ کتري شاهي خاندان ۾ هڪ شهزادو سڌارٿ گوتم (483-563 قبل مسيح) لُمبيني ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ بادشاهه هو. سندس شادي 16 سالن جي عمر ۾ سندس هم عُمر سوٽ سان ڪرائي وئي. جوانيءَ ۾ ماڻهن جا دُکَ درد ڏسي هِنَ دنيا داري کي تياڳي، جوڳ ورتو ۽ ڏک کي من جي آزادي ۽ نرواڻ (روشنيءَ) جو پيش خيمو سمجهيو، جيڪو پوءِ مهاتما گوتم ٻُڌ جي نالي سان مشهور ٿيو. ٻُڌ معنى Enlightened يعني اندر جو نرواڻ حاصل ڪيل. ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ اڄ به سڄي ڏکڻ ۽ اوپر ايشيا ۾ پکڙيل آهن.
نيپال تاريخ ۾ قبل مسيح کان 2001ع تائين بادشاهت رهيو آهي. 12 صدي عيسويءَ ۾ الهندي نيپال ۾ مَلاَ گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي، جيڪا 200 سال رهي. مَلاَ لفظ جي معنى آهي ڪشتيءَ جو پهلوان يا ”ملهه“. عجيب اتفاق آهي ته سنڌيءَ ۾ ”ملهه“ لفظ ساڳي معنى ۾ استمعال ٿي ٿو. اڄ ڏينهن تائين کٽمنڊو ۾ مَلاَ لوڪ رهن ٿا. انگلستان ۾ تعليم دوران اسان سان هڪڙو مَلاَ اريگيشن انجنيئر رهندو هو. 1448ع ۾ بادشاهت ٽن حصن ۾ ورهائجي ويئي (کٽمنڊو، پتن ۽ ڀڳت پور) پتن هينئر به کٽمنڊو سان ڳنڍيل شهر آهي، جتي تمام گهڻا مندر، محل ۽ تاريخي جايون آهن، جن تي ڪاٺ جو شاندار ڪم ٿيل آهي. گهڻا مندر ۽ محل گڏيل قومن جي سنڀال هيٺ آهن. 18 صديءَ عيسويءَ ۾ هڪ گورکي بادشاهه، پرٿوي نرائن شاه نيپال جي ڇڙوڇڙ مملڪتن کي ڳنڍي هڪ ڪيو. ڪو زمانو هو جو نيپال بادشاهت جو دنگ ستلج نديءَ تائين هو. 16-1815ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ نيپال وچ ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ گورکن وڏي جوان مرديءَ سان مقابلو ڪيو. برطانيه ۽ نيپال وچ ۾ سُگالي نالي ٺاهه ٿيو ۽ نيپال سِڪِم جو والاَريل حصو خالي ڪيو.
1911ع کان 1955ع تائين تِري ڀوَن بادشاهه رهيو. 1923ع ۾ نيپال ۽ برطانيه وچ ۾ دوستيءَ جو معاهدو ٿيو. 1955ع کان 1972ع تائين شاه مهندرا بادشاهه رهيو. هن جمهوريت ختم ڪري پنچائت نظام قائم ڪيو، جنهن جي سياسي پارٽيون مخالفت ڪنديون رهيون. 1972ع کان 2001ع تائين بِير بِڪرَم شاه برندا نيپال جو بادشاهه رهيو. جنهن جمهوري سڌارا آندا ۽ مئي 1991ع ۾ پارليامنٽ بحال ٿي. کٽمنڊو جي دربار مارگ تي بادشاهه جو محل گهمڻ وياسين، جنهن کي هاڻي عجائب گھر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هيءُ اهو ئي محل آهي جتي هارورڊ يونيورسٽيءَ مان سند يافته آخري بادشاهه شاه برندرا جي وڏي پُٽ شهزادي بپندرا پسند جو پرڻو نه ٿيڻ تي بادشاهه، راڻي اسواريا ۽ سڄي شاهي خاندان کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو ۽ پوءِ پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي. اهو واقعو 2001ع ڌاري محل جي سنوڪر روم ۾ پيش آيو. جتي اهو واقعو پيش آيو محل جي انهي حصي کي هاڻي ڊاٺو ويو آهي. انهي واقعي کان پوءِ بادشاهه جو ڀاءُ شهزادو گياندرا جيڪو انهي قتلام ۾ بچي ويو هو، بادشاهه جي تخت تي ويٺو پر کيس نيپالي عوام قبول نه ڪيو ۽ بادشاهه کي تخت ڇڏڻو پيو. ڪميونسٽن جي مائوسٽ تحريڪ جي نتيجي ۾ بادشاهت 2008ع ۾ ختم ٿي ۽ نيپال هاڻي وفاقي جمهوريت آهي، جنهن ۾ وزيراعظم مائوسٽ آهي. نيپالي ماڻهو نسلي اعتبار کان ٽن هنڌن کان لڏ پلاڻ جو نتيجو آهن. هڪڙا ٿٻيٽي شرپا، ٻيا رنگون برمان کان آيل ۽ ٽيان آسام هندستان کان آيل. کٽمنڊو واديءَ جي ڏکڻ ۾ جبلن جو سلسلو ”مهاڀارت“، جڏهن ته اترين پاسي اناپورنا جابلو سلسلو آهي.
2008ع جي رپورٽ موجب نيپال جي GDP 12 ارب ڊالر آهي، جنهن ۾ زراعت جي 40 سيڪڙو، سروسز جي 41 سيڪڙو ۽ صنعت جي 22 سيڪڙو ڀاڱيداري آهي. 76 سيڪڙو ماڻهسيه (آبادي) زراعت سان وابستا آهي. 20 لک ماڻهو نار ۽ ٻين ملڪن ۾ مزدوري ڪن ٿا. 25 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. غير ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ يا رهندڙ ساليانو هڪ ارب ڊالر نيپال موڪلين ٿا. سڀ کان وڏي ٻولي نيپالي آهي، جيڪا 70 سيڪڙو ماڻهو ڳالهائين ٿا. انهيءَ کان علاوه ميٿيلي، ڀوڄپوري، ٿارو، تمنگ ۽ نواڙ يا نيپال ڀاشا به ڳالهايون وڃن ٿيون. هندي ۽ اردو هر ڪو سمجهي ٿو. دال ڀت هتي جو عام کاڌو آهي. ان کان سواءِ ڀاڄيون، چٽڻيون ۽ ماني به استعمال ٿئي ٿي. نيپال ۾ ثقافت جا انيڪ رنگ آهن. هر علائقي جا پنهجا لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ آهن. مينهن جي آمد جا راڳ ۽ ناچ، لاباري جا لوڪ گيت ۽ ناچ، جابلو علائقي ۽ ترائيءَ جي ماڻهن جا لوڪ گيت ۽ ناچ. بسنت پور ۾ پراڻا محل آهن. پتن ۾ انيڪ ٻڌمت جا مندر ۽ شِوَ جا مندر آهن، جن تي ڪاٺ جو نفيس ڪم ٿيل آهي. هتي ڪشميره ۽ پشمينه، بهترين ۽ نفيس شالون ٺهن ٿيون، جيڪي 5 ستاره هوٽلن ۾ تمام مهانگيون پر بسنت پور ۽ ٿامل ۾ مناسب قيمتن ۾ ملن ٿيون. هتي مڪمل امن امان آهي. سياحن جي ضرورت جي هر شَي ملي ٿي. ناڻي جي مٽاسٽا انتهائي آسان آهي. ڊالر، پائونڊ يورو، هندستاني رپيو، درهم، يين سڀ مٽائي سگهجن ٿا، پاڪستاني روپيه هتان مٽائي وڃڻا پوندا. ڊالر ۾ 83 روپيا نيپالي ملن ٿا. ٿامل جو علائقو نائٽ لاَئف لاءِ مشهور آهي. قدم قدم تي بيئر بار ۽ ريسٽورينٽ آهن. جتي عالمي سياحن جي پسند جي هر شَي ملي ٿي. يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن لاءِ هيءُ ملڪ انتهائي سستو آهي. ڪانفرنس دوران هڪ رات پتن گهمائڻ وٺي هليا ۽ رات جي ماني هڪ روايتي نيپالي بحاليه Restaurant ۾ هئي، جتي مانيءَ کان اڳ لوڪ راڳ ۽ لوڪ ناچ جو پروگرام هو. ڪانفرنس جي آخري رات ثقافتي شام ۽ سانجھاندو هو. جنهن ۾ ستار، سارنگي ۽ طبلي تي مختلف ڌنون وڄايون ويون ۽ نيپال جا انيڪ لوڪ ناچ ڏيکاريا ويا. 29 اپريل تي شام جو مينهن پيو ته ٻڌايو ويو ته سڀاڻي جبل تي ڪڪر نه هوندا ۽ سج اڀرڻ مهل مارنڱ اڏام وٺي ايورسيٽ ڏسي سگهجي ٿو. 30 اپريل تي صبح جو 6.30 بجي 175 ڊالر جي ٽڪيٽ سان ننڍي جيٽ اسٽريم جهاز ۾ مائونٽ ايوريسٽ ڏسڻ وياسين. 20 مسافرن مان هر هڪ کي جهاز جي دريءَ ڀرسان سيٽ ڏني وئي. هماليه جي نه کٽندڙ قطار ـــ هڪ ڪلاڪ جي اڏام هئي. نيپال کان چين طرف ويندي، مائونٽ ايوريسٽ تقريباً آخري وڏي چوٽي آهي. کٽمنڊو ۽ ايوريسٽ جي وچ تي هندن جو تيرٿ گوري شنڪر جبل آهي. هر هڪ مسافر کي 5 منٽن لاءِ ڪاڪپٽ ۾ وٺي ٿي ويا، ته جيئن جبل چٽا ڏسي سگهجن. ايوريسٽ پنهجي سموري عظمت سان توهانجي آڏو. بلڪل نه وسارڻ جهڙو. 30 اپريل تي شام جو 5 وڳي کٽمنڊو کان ڪراچيءَ ڏانهن واپسيءَ جي اڏام هئي، بورڊنگ پاس وٺي ويـٺاسين. پي آءِ اي جو جهاز اچڻ کان نابري واري بيٺو. ڪراچيءَ کان چريو ئي مس ته واپس موٽايائونس. انجنيئر جبني ويا نقص ڪڍڻ ۾. خدا ڀلو ڪري محمد احمد بارڪزئي جو جيڪو هتي پي آءِ اي جو ڪنٽري مينيجر آهي ۽ پنهجي حيدرآباد جو آهي. هن لک عزتون ڏنيون ۽ هوائي اڏي تي مسافرن لاءِ مانيءَ جو بندوبست ڪيو ۽ رات جو کٽمنڊو جي بهترين هوٽل اناپورنا ۾ رهايو. پهرين مئي تي صبح جو 9 بجي پي آءِ اي جي اڏام ۾ کٽمنڊو کان ڪراچي پهتاسين.

No comments:

Post a Comment