Saturday, November 17, 2012

ڇا توھان سان به هي مسئلو آهي.- الطاف شيخ

ڇا توھان سان به هي مسئلو آهي.....؟!!
الطاف شيخ
هي ڳالهيون پڪ توهان سان به ٿينديون هونديون ۽ توهان به مون وانگر سفر ڪندا هوندا، يعني انگريزيءَ وارو سفر. اڪثر منجهند مهل جڏهن دل ٿوري دير سمهڻ لاءِ چوندي آهي ته فون جي گهنٽيءَ تي ننڊ رفو چڪر ٿي ويندي آهي.
”توهان الطاف شيخ آهيو؟“ ٻئي طرف کان هميشه ڪنهن ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ جو آواز ايندو آهي.


”آپ کي دو منٽ لي سکتي هين.“ اهو چئي پوءِ هوءَ شروع ٿي ويندي آهي ته.... آئون فلاڻي انشورنس ڪمپنيءَ طرفان پئي ڳالهايان. ڏسو نه، انشورنس ڪرائڻ مان ڪيڏا نه فائدا آهن. خدانخواسته توهان جو موت ٿي پوي ته توهان جي ٻارن جي تعليم جاري رهي نه سگهندي ۽ جي توهان ۶۰ سالن تائين جيئرا رهيا ته توهان کي انشورنس ڪمپني هيترا لک رپيا ڏيندي... اسان چاهيون ٿا ته توهان سڪون جي زندگي گذاريو...“ وغيره وغيره. آئون هميشه اهڙن فونن تي ڊگهي ڳالهه ٻڌڻ بدران فون ڪندڙ ڇوڪريءَ کي يڪدم چوندو آهيان ته، بيبي اجايو پنهنجو يا منهنجو وقت نه وڃاءِ، آئون جنهن عمر ۾ آهيان، ان ۾ انشورنس جي نه مونکي ضرورت آهي ۽ نه توهانجي ڪمپني منهنجي انشورنس ڪندي.
ڪو زمانو هو... اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ، جڏهن انشورنس ڪمپنين جي ايجنٽن جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي اسان به انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. هر سال ايجنٽ مقرر رقم وٺي ويندو هو. ان وقت ڊالر جي قيمت چار رپيا هئي. سٺ سال جي عمر تي پاليسي مئچوئر ٿيڻ تي جڏهن رقم ملي ته اسان جو رپيو ايترو ڪري چُڪو هو، جو ڊالر سٺ رپئي ملي رهيو هو ۽ سون جي اگهه آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪيون... يعني فائدو ته ڇا، مُور به نصيب نه ٿيو. فائدو ٿيو ته انشورنس ڪمپنيءَ کي، جيڪا اسان جهڙن کان پئسا وٺي زمينون ۽ سون خريد ڪندي رهي. ان کان علاوه ان ايجنٽ کي به ٿيو، جيڪو هر وقت اسانکي اهو احساس ڏياريندو ٿي رهيو ته هو اسانجو وڏو همدرد آهي ۽ اسان جي فڪر ۾ سندس هانءُ ٿو ڦاٽيس. بعد ۾ خبر پئي ته هنن ايجنٽن کي، جيڪي اسان جهڙا ماڻهو ڦاسائين ٿا. هر سال اسان کان ورتل رقم جو ڏهه سيڪڙو کين ملي ٿو. ان انشورنس جي ڪم ۾ ڪمپني ۽ ايجنٽ ئي ڪمائين ٿا. وقت کان اڳ مرڻ تي فقط وحيد مراد جهڙا خوش نصيب ثابت ٿين ٿا، جن کي Pay ڪرڻ سان انشورنس ڪمپنيءَ جي مشهوري ٿئي ٿي ۽ ٻيا سادا ماڻهو سولائيءَ سان ڦاسن ٿا. باقي توهان ۽ اسان جهڙي ماڻهوءَ جي مرڻ تي وارثن کي انشورنس ڪمپني جتيون گسرائي ٿي. اڄ ڪلهه ماڊرن دور آهي. ’شڪار‘ ڳولڻ لاءِ انشورنس ڪمپنيون مرد ايجنٽن کي گهر گهر موڪلڻ بدران هو فون ذريعي ماڻهن کي Convince ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. ان ڪم لاءِ هنن روزگار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ڇوڪرين کي ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾ وهاري، کين فون ڏئي ڇڏيا آهن ته سڄو ڏينهن ماڻهن جو ويٺيون مٿو کائو. آئون ته هاڻ سندن پهرئين جملي بعد، پنهنجو فون بند ڪري ڇڏيندو آهيان يا صاف صاف چوندو آهيان ته، آئون ستر سالن جو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهيان، مونکي انشورنس وڪڻڻ تي ماڳهين توهانجي نئين ڪمپني چالاڻو ڪري ويندي.
اڄڪلهه بئنڪن وارن به ان قسم جون بيروزگار ڇوڪريون وهاري ڇڏيون آهن، جيڪي بئنڪ ۾ ايندڙ ويندڙ کي سڏي يا مليل لسٽ مطابق، ماڻهن کي فون ذريعي ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏين ٿيون. ”ڏسو نه! توهان کي پاڻ سان پئسا کڻي هلڻ بدران فقط ڪارڊ کڻي هلڻو پوندو. توهان فقط خريداري ڪريو Payment بئنڪ ڪندي.“ ڪيترا سمجهندا آهن ته ڄڻ هو مفت ۾ ٿا شاپنگ ڪن. اها خبر ئي نه اٿن ته بئنڪ پنهنجو به حصو رکي ٿي ۽ توهان کي مجبورًا ڳڻيل چونڊيل دڪانن تان ئي خريداري ڪرڻي پوي ٿي. هڪ دفعي مونکي ۽ منهنجي هڪ ڪئپٽن دوست کي هڪ اهڙي جهاز تي بدلي ڪيو ويو، جيڪو هانگ ڪانگ ۾ بيٺو هو. اسان ٻنهي کي ڪمپنيءَ طرفان هڪ اُڪي رقم ملي ته ان مان پاڻهي ٽڪيٽ به خريد ڪريو، ته ٽئڪسين جا ڀاڙا ۽ ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ جو خرچ ڪريو. منهنجي ساٿي ڪئپٽن، جنهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ هو، هن اُن ذريعي ڏهه سيڪڙو ڊسڪائونٽ تي، ٽريول ايجنٽ کان ٽڪيٽ حاصل ڪئي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. آئون پنهنجي ٽڪيٽ لاءِ ان دڪاندار وٽ پهتس ۽ چيومانس ته آئون ڪئش تي ٽڪيٽ خريد ڪري رهيو آهيان، قيمت ۾ ڪيتري ڇوٽ ڏيندين؟ ظاهر آهي ڪئش تي ته توهان ڪنهن کان به خريداري ڪري سگهو ٿا. ڪريڊٽ ڪارڊ تي ٽڪيٽ وڪڻڻ وارن کي ايئر ڪمپنين طرفان وڏي Margin مليل ٿئي ٿي. جنهن ٽڪيٽ جو سرڪاري اگهه هڪ لک رپيا رکيو وڃي ٿو، اها هلي آيل هڪ عام خريدار کي ستر يا اسي هزار رپين ۾ به ڏيو ڇڏين. ان ڏينهن دڪاندار اهو سوچي ته مون جهڙو گراهڪ هٿ مان ٿو وڃي، جو ڪئش وارو هر دڪاندار وٽ وڃي سگهي ٿو، مونکي هن ٽيهه سيڪڙو ڪميشن ڏني!
ڪيترا ڪريڊٽ ڪارڊ جي واکاڻ ۾ اهو دليل ڏيندا آهن ته بابا ڪئش چوري به ٿي سگهي ٿي. اهڙن ماڻهن کي شايد ڪريڊٽ ڪارڊ جي فراڊن جي خبر ناهي.. اسان وٽ ته ٺهيو پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ به فراڊ پيا ٿين ۽ سندن پڙهيل ڳڙهيل ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان واقف گورا ته ڇا پر اسان جا ايشيائي پيا ٺڳيون ڪن. ماتليءَ جي هڪ همراهه بابت پنهنجي آمريڪا جي سفرنامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي هو آمريڪا جي ماڻهن کي ٺڳي ويو. ڪريڊٽ ڪارڊ هڪ وڏي سهولت آهي فقط ان بزنيس مئن لاءِ، جنهن کي پنهنجي ڪارخاني يا مل لاءِ روزانو شاپنگ ڪرڻي پوي ۽ هو نوٽن جا بنڊل کڻي هلڻ بدران ڪارڊ کڻي هلي. ولايت ۾ ذري گهٽ هر دڪان، هوٽل، پيٽرول پمپ وارو ڪريڊٽ ڪارڊ قبول ڪري ٿو. ٽنڊو الهيار، سجاول يا سيوهڻ جي همراهه کي ڪارڊ رکڻ جي ڪهڙي ضرورت؟! ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪيترا دڪان آهن، جيڪي ڪريڊٽ ڪارڊ قبول ٿا ڪن؟ هڪ دفعي جڏهن جهاز جي مرمت لاءِ آئون هيلسنڪي (فنلنڊ) آيو هئس ته منهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ خرچ پکي هلائڻ لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ منهنجي حوالي ڪيو هو، جو مونکي فنلنڊ کان علاوه ڀر وارن ملڪن ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ ناروي ۾ به اچڻو پيو ٿي ۽ هڪ ئي وقت ٽن چئن ملڪن جو ناڻو رکڻ ڏکي ڳالهه آهي. يا هر ملڪ ۾ ڪير بدلائيندو رهي، جو ڪڏهن صبح ڪوپن هيگن ۾ گذارڻو پيو ٿي ته شام ڀر واري بندرگاهه مالمو (سيئڊن) ۾. ٻنهي جي وچ ۾ فقط اڌ ڪلاڪ جو سامونڊي سفر آهي. ان کان علاوه ڪريڊٽ ڪارڊ جي ڪري مونکي رسيدون گڏ ڪرڻيون نٿي پيون. هر شيءِ جو اگهه ۽ نالو بئنڪ ذريعي ڪمپنيءَ کي پهچي ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح هو مون تي نظر رکي سگهيا ٿي ته آئون هنن جو پئسو صحيح طرح خرچ ڪري رهيو آهيان. آمريڪا وانگر يورپ ۾ به هر دڪاندار وٽ ڪريڊٽ ڪارڊ قبول ڪرڻ لاءِ بندوبست آهي. باقي ذاتي زندگي ۾ پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ رهي ڇا اسان جهڙن ماڻهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ رکڻ کپي؟ جن جو سڄو پگهار پٽاٽا، بصر، ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ ۽ کار، ڇنل بوٽن کي موچيءَ کان ٽانڪا هڻائڻ ۾ دف ٿيو وڃي. پر هو ڇا چوندا آهن ته؛ ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ناهي. اهڙا به شوقين ۽ ظاهري شان شوڪت رکڻ وارا ماڻهو آهن، جيڪي Status symbol خاطر ٻن ٻن بئنڪن جا ڪريڊٽ ڪارڊ پنهنجيءَ ٻٽونءَ ۾ کڻيو هلن. ڪالهه ئي هڪ همراهه آچر بازار ۾ مونکي ڪارڊ ڏيکاريا، جيڪو ٽماٽن ۽ ڌاڻي ڦودني جي اگهه تي ڀاڄيءَ واري سان بحث ڪري رهيو هو ته ڪجهه ته سستي ڪر. مون سندس گولڊن ڪارڊ ڏسي چيو ته؛ ”يار تو کي ته لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ تي هجڻ کپي، جنهن کي پئسي جو نه پر وقت جو فڪر هجي.“ پر يارو سڄي دنيا ۾ مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي جو وڏا وڏا امير به ٻه رپيا بچائڻ لاءِ سبزي منڊين ۽ آچر بازارن ۾ ڦرندا وتن. اتي اسانجي بئنڪن ۾ نوڪري ڪندڙ ڪلارڪ ڇوڪريون، اسانجي ماڻهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جون دعوتون ڏيو، هنن جي ڦٽن تي لوڻ ٿيون ٻُرڪين.


No comments:

Post a Comment