Wednesday, November 14, 2012

استنبول جي توپ ڪاپي محل ۾ محفوظ ڪيل نوادرات! - عبدالحي پليجو


استنبول جي توپ ڪاپي محل ۾ محفوظ ڪيل نوادرات!
عبدالحي پليجو
اسان هاڻي هتان ٽيڪسي ڪري دنياءِ اسلام، ترڪي ۽ استنبول جي انهيءَ عجائب گهر ڏانهن روانا ٿياسين، جيڪو هڪڙي شاهي محل ۾ قائم ڪيو ويو آهي. انهيءَ محل کي هت توپ ڪپي محل جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي. هي استنبول وڃي ۽ ماڻهو هي عجائب گهر نه ڏسي ته معنيٰ استنبول ئي نه ڏٺو! هتي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي تبرڪات سان گڏ ٻين نبي سڳورن، اصحابِ ڪرام ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اولاد جون به ڪيتريون ئي لاجواب، بي مثال ۽ يادگار شيون سَوَن سالن کان هن عجائب گهر ۾ محفوظ آهن. اسان ٽيڪسيءَ مان لهي، ٽڪيٽ وٺي، سيڪيورٽيءَ وارن کان ڪليئر ٿي پوءِ عجائب گهر اندر داخل ٿياسين. هت سياحن جي تمام گهڻي رش هئي. منيٰ چيو ته، هت پهرين حضور ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي تبرڪات جي زيارت ڪري پوءِ ٻين گئلرين ۾ هلنداسين. دنيا جي مختلف مسلم قومن وقتاً فوقتاً انيڪ قسمن جا نوادرات گڏ ڪري محفوظ ڪيا آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جا حامل “مقدس نوادرات تا اوقاف” سڏيا وڃن ٿا. انهن جو تعداد ڇهه سئو کان به وڌيڪ آهي. هت توپ ڪپي محل جي “خصوصي ايوان” ۾ مذڪور نوادرات ۾ به سڀني کان وڌيڪ تقدس جا حامل هيٺيان اسم قرار ڏنا ويا آهن. (1) عيسائي حواري جان بَيپٽِسٽ جو سِرُ مبارڪ. (2) حضرت علي ڪرم الله وجهه جن جي تلوار. (3) رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو هڪڙو وار مبارڪ. (4) حضرت موسيٰ عليه السلام جي لَٺ. (5) حضرت يوسف عليه السلام جي پڳ مبارڪ ۽ (6) حضرت دائود عليه السلام جي تلوار.


نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو هڪڙو جبو مبارڪ، چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن وقت افغانستان جي شهر قنڌار واري مرڪزي مسجد ۾ محفوظ ڪيل آهي. افغان ماڻهن جي روايت موجب اهو جبو مبارڪ، بخارا جي امير مراد بيگ، افغان امير احمد شاهه کي تحفي طور ڏنو هو. اهو جبو مبارڪ نهايت حفاظت سان بند رکيو ويو آهي ۽ فقط ڪنهن خطرناڪ قومي گهوٽالي دوران زيارت لاءِ ٻاهر آندو ويندو آهي. تاريخ موجب انهيءَ جبي مبارڪ جي زيارت سن 1930ع ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيل ڪالرا جي مرض دوران ڪرائي وئي هئي، جنهن کان پوءِ اتي اها بيماري ختم ٿي وئي هئي. مقدس نوادرات جي هن ذخيري بابت پهريون ڀيرو حقيقي جامع احوال توپ ڪپي محل ۾ قائم عجائب گهر جي منتظم طرفان پڌرو ٿيو. انهيءَ ذخيري ۾ ڇهه سئو کان به وڌيڪ نوادرات رکيل آهن، جن ۾ ڪيترن ئي پيغمبر سڳورن، اصحابن ۽ درويشن سان منسوب اسم به اچي وڃن ٿا. اهي نوادرات محل جي بيحد ڳجهن ڪمرن مان وڏي جاکوڙ سان ڳولهي ڦولهي ۽ جانچي رکيا ويا آهن. انهن ۾ ڪجهه اهڙا مقدس نوادرات به آهن، جن جي روزانه نمائش نٿي ٿئي. توپ ڪپي محل ڪئين صدين تائين گهڻن ئي بادشاهن جو رهائش گاهه هو، جنهن دوران هتي گهڻن ئي پرڏيهي بادشاهن، سفيرن ۽ اميرن جي آجيان، ملاقات ۽ مهماني ٿي. هن محل جي اهميت نه فقط منجهس رهندڙ سلطانن جي ڪري آهي. پر انهيءَ جي افاديت منجهس محفوظ ڪري رکيل انهن مقدس نوادرات جي سبب پڻ وڌي وئي آهي. سن 1517ع ۾ مصر فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان سليم اول، مملوڪ رياست، عباسي خلافت ۽ حجاز جي امارت مان هٿ آيل نوادرات استنبول کڻائي آيو. سلطان سليم اول هٿ آيل نوادرات توپ ڪپي محل ۾ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سندس جاءِ نشينن به اها روايت وِيهين صدي عيسويءَ تائين برقرار رکي. انهن حاڪمن پيغمبر سڳورن ۽ ٻين عظيم مسلم شخصيتن جي مقدس شين سان گڏ تعظيم جي حامل مختلف ماڳن مان هٿ آيل نوادرات هن محل ۾ سهيڙي ۽ سنڀالي رکيا. اوڻويهين ۽ ويهين صدي عيسوي جي شروعات دوران انهن نوادرات کي نقصان پهچائڻ کان بچائي محفوظ ڪرڻ جو مکيه سبب اهو هيو، جو هڪ فرقي پاران اهڙين شين کي نقصان پهچائڻ جي مهم هلائي وئي هئي. هو مذڪور نوادرات جو تعاقب ڪرڻ لڳا. انهيءَ سبب مذڪوره مقدس نوادرات کي توپ ڪپي محل ۾ محفوظ ڪيو ويو.
پهرين عالمي جنگ دوران جڏهن مديني منوره کي خلافت عثمانيه کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، تڏهن شهر جي نگران فرحدين پاشا چند مقدس نوادرات سميت مديني منوره جي حاڪمن کي ڪئين صدين دوران ملندڙ سوکڙيون استنبول شهر ڏانهن موڪليون، اهي هن وقت توپ ڪپي محل ۾ قائم عجائب گهر ۾ محفوظ ڪيل آهن. ميوزيم جي مقدس نوادرات واري رجسٽر ۾ داخلا موجب انهن جو تعداد 605 آهي، جنهن ۾ هٿيار، لباس ۽ ڪتب خاني سان وابسته اسم به شامل آهن. پيغمبر سڳورن سان وابسته شين کي امانات سڏجي ٿو ۽ ٻين عظيم مسلم هستين سان وابسته شين کي تبرڪات سڏجي ٿو. ماضيءَ جي دستاويزن ۾ انهن سمورن اسمن کي “ال امانات ال مبارڪه” لکيو ويو آهي. هن وقت انهن کي “مقدس نوادرات” ڪوٺين ٿا. تحسين نالي مصنف پنهنجي ڪتاب “امانات مقدس” جيڪو سن 1953ع ۾ شايع ٿيو، تنهن ۾ لکيو آهي ته: الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو ڪَئين صدين دوران تقدير جي مختلف تاريخي واقعات سبب هي مقدس نوادرات هڪ هند ميڙيا ويا.

No comments:

Post a Comment