Saturday, November 17, 2012

بالٽيمور جي ”ڪُماري“ جون يادون - آڪاش سنتورائي


بالٽيمور جي ”ڪُماري“ جون يادون
آڪاش سنتورائي
جهڙي ريت ڪنهن دور ۾ ڪراچي جو لالو کيت وارو علائقو ”خطرناڪ“ سمجهيو ويندو هو اهڙي ريت ئي آمريڪا ۾ وڃڻ بعد بالٽيمور جي هڪ علائقي بابت ٻڌڻ ۾ آيو ته اهو خطرناڪ آهي ۽ اُتان جو ”لالو کيت“ آهي. واشنگٽن کان 45 منٽن جو روڊ رستي سفر طئي ڪرڻ بعد ميري لينڊ رياست جي هڪ خوبصورت شهر بالٽيمور پهتاسين، جتي اسان جي رهائش هاربر جي بلڪل ڀر واري هوٽل تي هئي، ان جي ڀر واري علائقي ۾ هڪ خوبصورت هاربر موجود آهي، جيڪو Inner Harbor جي نالي سان مشهور آهي. اسان جي هوٽل ريڊووڊ اسٽريٽ تي هئي ۽ ان هوٽل کان صرف 3 روڊ ڪراس ڪرڻ بعد ”لالو کيت“ وارو علائقو شروع ٿئي ٿو، جتي ڇڙواڳ ڪارا فوٽ پاٿ تي بيهي هر ايندڙ ويندڙ تي هوٽنگ ڪندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ صرف چئوطرف هڪ روڊ تي مشتمل هن ننڍڙي علائقي ۾  رڳو نائيٽ ڪلب، بليو بار ۽ ڊانسنگ ڪلب آهن شايد انهيءَ ڪري هن روڊ تي ڇڙواڳ ڪارن جو داٻو آهي. هر ڪلب ۽ دڪان جي دروازي تي ڪا اُپسرا سگريٽ جا ڪش هڻي پنهنجي  وڏي کڙي واري سينڊل سان ٽڪ ٽڪ ڪندي ايندڙ ۽ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائي رهي هئي.


 ڳالهه بالٽيمور شهر جي خوبصورتي جي نڪتي هئي ته هن شهر جا روڊ رستا ۽ عمارتون ته واقعي ئي شاندار آهن جنهن ۾  سڀ کان خوبصورت عمارت هاربر تي موجود ورلڊ ٽريڊ سينٽر انسٽيٽيوٽ ۽ بئنڪ آف آمريڪا جي بلڊنگ آهي. خوبصورتي وانگر بالٽيمور شهر پنهنجي تاريخ به رکي ٿو. برطانوي راڄ دوران ميري لينڊ حڪومت 1729ع ۾ هتي هڪ پورٽ ۽ واپاري مرڪز ٺاهيو، جنهن جو مقصد وچ ائٽلانٽڪ علائقي سان تماڪ ۽ ڪڻڪ جو واپار ڪرڻ هو. بالٽيمور کان اوهايو تائين ملڪ جي پهرين ريل جي پٽڙي وڇائي وئي. 1844ع ۾ پهريون ڀيرو واشنگٽن کان  ٽيگراف ڪميونيڪيشن جي شروعات بالٽيمور ۾ ڪئڪي وئي. هن شهر ۾ ڪيٿولڪ فرقي جو پهريون چرچ به موجود آهي. هن وقت بالٽيمور هڪ ميٽرو پوليٽن جي حيثيت ماڻي چڪو آهي، شهر جي 45 ميل  ڊگهي هاربر تان هر سال 4 هزار ٻيڙن ذريعي دنيا جي ساڍا 3 سئو ملڪن جي بندر گاهن سان بحري واپار ٿئي ٿو. انٽرنيشنل وزيٽرز ليڊرشپ پروگرام تحت اسان جي هن اسٽڊي ٽوئر دوران اسان 4 آگسٽ جي شام کان 9 آگسٽ جي منجهند تائين هتي ترسيل هئاسين، بالٽيمور ۾ اسان جي ميزباني ورلڊ ٽريڊ سينٽر انسٽيٽيوٽ وٽ هئي، جنهن جي ڊائريڪٽر مس نينا بنڪوف اسان کي ڀليڪار ڪيو. مس نينا اصل ۾ بلغاريه جي آهي، واشنگٽن کان بالٽيمور پهچڻ بعد هوٽل ۾ چيڪ – اِن ڪرڻ جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ئي اسان شهر ۾ گهمڻ لاءِ نڪري پياسين، ٻاهر برسات به وسي رهي هئي. برسات ۾ پُسندي اسان هاربر پهتاسين جتي ڏاڍي رش هئي، رات دير تائين هاربر تي ويهي موسم جو مزو ورتوسين ۽ رات جي ماني هڪ دوست جي مشوري تي ”هُوٽرز“ ۾ کاڌي.
 بالٽيمور ۾ اسان جي اسٽڊي ٽوئر جي حوالي سان 4 موضوع رکيل هئا، جنهن ۾ ايڪنامڪ جرنلزم ۾ رياست جو ڪردار، آمريڪي حڪومت ۽ سياست ۽ سماج جا صحافت تي اثر، صحافت ۾ استعمال ٿيندڙ فن ۽ آرٽيڪل چونڊڻ جي اهليت شامل هئا. اهو به ٻڌائيندو هلان ته اسان جو اسٽڊي ٽوئر ايڪنامڪ جرنلزم بابت هو ۽ بالٽيمور شهر واپار جي حيثيت نه صرف تاريخي حيثيت رکي ٿو پر هن وقت به بحري واپار جو مرڪز آهي، هتي اسان لاءِ ميري لينڊ ڊپارٽمينٽ آف بزنيس اينڊ ايڪنامڪ ۾ ليڪچر رکيل هو جنهن ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته واپاري سرگرمين بابت ميڊيا ڪوريج ڪيئن هجي ٿي. ان کانسواءِ هڪ اهم اداري ڪمپٽرولر آف ميري لينڊ ۾ ليڪچر اٽينڊ ڪيوسين. اهو ادارو رياست جي بجيٽ سازي توڙي مالي معاملن ۾ مڪمل سهڪار ڪري ٿو ۽ ٽيڪسن بابت راءِ عامه حاصل ڪري ٿو. بالٽيمور ۾ سڀ کان اهم ليڪچر ميري لينڊ يونيورسٽي ۽ فلپ ميرل ڪاليج آف جرنلزم ۾ رکيل هئا. يونيورسٽي جي نائيٽ جرنلزم سينٽر ۾ ترڪي سان تعلق رکندڙ ٽيچر مِس رِدا سميت ٽن استادن اسان کي مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏنا. هن ئي سينٽر ۾ پرڏيهي صحافين لاءِ فل برائٽ اسڪالرشپ تحت مختلف فيلوشپ پروگرام به ٿين ٿا. هر سال پاڪستان مان هڪ ٻه صحافي اها فيلوشپ حاصل ڪندا آهن. ميري لينڊ يونيورسٽي مان موٽڻ بعد اسان جي گروپ جي دوستن لاءِ واٽر ٽيڪسي يعني ٻيڙي ذريعي اِنر هاربر جو دورو رکيل هو. رستي جي هڪ ريسٽورنٽ تي منجهند جي ماني کائڻ بعد سڌو هاربر پهتاسين جتي واٽر ٽيڪسي لاءِ ٽڪيٽ اڳ ئي خريد ڪيل هئا، جنهن ڪري اسان کي ڊگهي لائين ۾ بيهڻو نه پيو، ٻيڙي ذريعي اڌ ڪلاڪ هاربر جو دورو ڪيوسين جتي پاڻي اندر وڏين هوٽلن سان گڏوگڏ سيمينٽ فيڪٽري ۽ شگر مل به پاڻي تي ٺهيل هئي.
جيتوڻيڪ آمريڪا پهچڻ بعد تعارفي گڏجاڻي ۾ ئي اسان کي ٻڌايو ويو هو ته هتي ڪنهن به ماڻهو مان ڪافي يا ماني جي اُميد نه رکجو، اهو سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ کي ڪرڻو پوندو. هڪ دوست ته اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو آمريڪي توهان کي ماني لاءِ دعوت ڏئي ته به توهان جي ماني جو بل توهان کي ئي ڀرڻو پوندو. واقعي واشنگٽن ۾ 4 ڏينهن رهڻ دوران ڪنهن به ليڪچر يا ميٽنگ ۾ اسان لاءِ ڪافي يا ماني جو بندوبست نه هو پر وري شابس آهي ”بالٽيمور سَن“ اخبار جي ڪالم نگار جي- هينڪاڪ کي جنهن ملاقات دوران ڪولڊ ڊرنڪ پياري. جي- هينڪاڪ ميري لينڊ جي معاشي مامرن تي گهڻو لکيو آهي، جڏهن ”بالٽيمورسن“ اخبار جي ميٽنگ هال ۾ پهتاسين ته سڀ کان پهرين هن ڪولڊ ڊرنڪ جي آڇ ڪئي ته اسان سڀني چيو ته ”يار صحافي جو قدر صحافي ڀائر کي ئي ٿي سگهي ٿو.“ ڪالم نگار هينڪاڪ Hencock پنهنجي ليڪچر کانپوءِ اخبار جي نيوز روم جو دورو ڪرايو، جيتوڻيڪ نيويارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ جي نيوز روم وانگر هن اخبار جو نيوز روم اعليٰ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان سلهاڙيل آهي.
بالٽيمور شهر گهمڻ لاءِ ڪا به ٽيڪسي يا گاڏي کڻڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته شهري انتظاميه طرفان ”چارم سٽي“ بس سروس مهيا ڪئي وئي آهي، جنهن جا 2 روٽ پرَپل ۽ اورينج شروع آهن ۽ هاڻي گرين روٽ به شروع ڪيو ويندو، انهيءَ بس سروس جو نظام ڪمپيوٽرائيزڊ آهي. شهر جي مختلف  چونڪن تي ان جا اسٽاپ ٺهيل آهن. پرپل توڙي اورينج بس جا روٽ مختلف آهن ۽ اها بس سروس بلڪل مفت آهي. اسان انهيءَ بس سروس مان ڀرپور فائدو ورتوسين ۽ شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺيسين خاص ڪري ريل روڊ ميوزيم، آئش ميوزيم، ڊائون ٽائون جي رهڻي ڪهڻي، تاريخي ڪيٿولڪ چرچ، ميري لينڊ سائنس سينٽر، والٽرس آرٽ گيلري، بالٽيمور ميوزيم آف آرٽ وغيره گهمياسين.
بالٽيمور جو ذڪر ڪجي ۽ ”ڪُماري ريسٽورنٽ“ کي ياد نه ڪجي ته اهو ذڪر اڌورو ٿيندو، چارم سٽي سرڪيولر بس جي پرپل روٽ تي واقع ڪيٿولڪ چرچ ۽ واشنگٽن اسڪوائر کان اڳتي پرڏيهي کاڌن جا ريسٽورنٽ آهن، جن ۾ اسان جي اک نيپالي ريسٽورنٽ ”ڪُماري“ تي پئي ۽ اسان جي گروپ مان اڌ دوست فاسٽ فوڊ پسند ڪندا هئا پر مون سميت فريال، نجيب، اسماعيل دلاور، تنوير شهزاد ۽ رياض دائود زئي جي چونڊ ”ڪماري“ هئي. ڪماري ريسٽورنٽ جي اسٽاف جي پياري ۽ مٺڙي انگريزي ۽ پنهنجي علائقي جي حساب سان مهمان نوازي واري رويي اسان کي ٻئي ويلا انهيءَ ريسٽورنٽ تي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو، ننڍي قد واري ويٽر دُرگا صبح جو ڪاليج پڙهندي آهي ۽ شام جو هتي ڪم ڪري ٿي. هڪ ڀيري ڀارتي ڪانگريس اڳواڻ هن ريسٽورنٽ تي پنهنجي گرل فرينڊ سان گڏ آيو، رات جي ماني کان اڳ انهيءَ ڪانگريسي نيتا پنهنجو پاڻ کي ”ٽُن“ ڪري ڇڏيو هو ۽ ٽيبل تي ويهڻ سان ئي ويچاري ويٽر درگا کي داٻا ڏيڻ لڳو. ”توهان مون کي سڃاڻو نٿا، آئون ڪانگريس جو اڳواڻ آهيان“، وغيره جا جملا به چوندو رهيو. بالٽيمور ۾ رهڻ دوران فوٽوگرافي سڀ کان گهڻي ڪئي، هتان جو هاربر، چارم سٽي بس جو سفر ۽ ڪماري ريسٽورنٽ جي ماني هميشه ياد رهندي.

No comments:

Post a Comment