Sunday, November 25, 2012

ڪجهه ذڪر پئرس جي لوور ميوزيم جو - عبدالحي پليجو


ڪجهه ذڪر پئرس جي لوور ميوزيم جو
عبدالحي پليجو
پاڻ وٽ بهشت جو تصور معنيٰ ٿڌاڻ، ۽ دوزخ جو تصور معنيٰ سج نيزي برابر، زمين ٽانڊا ئي ٽانڊا، سخت باهه ۽ گرمي. گرين لينڊ ۾ وري بلڪل انهيءَ جي ابتڙ، يعني بهشت معنيٰ باهه ئي باهه ۽ گرميءَ جا آڙاهه، ۽ دوزخ معنيٰ ٿڌاڻ ۽ برف ئي برف! چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، سو جنهن جنهن خطي ۾ انسان جي جيڪا جيڪا ضرورت آهي، انهيءَ ضرورت مطابق ئي انسان پنهنجا پنهنجا بهشت ۽ دوزخ جوڙي ورتا آهن. اسان آهستي آهستي ٿي بس ۾ چڙهي پنهنجين سيٽن تي ويٺاسين، ته اسانجي گائيڊ اسان کي اسانجي  tourجي باري ۾ ٻڌايو، ”پاڻ پهريائين لوور (Louvre) عجائب گهر هلنداسين. تنهن کانپوءِ ورسائي (Versailles) هلنداسين. جيئن ته اڄ جا ٻئي ٽوئر آپشنل هئا. اسان فقط پهرئين ٽوئر ۾ هنن سان گڏ هئاسين، تنهن کانپوءِ اسانجو پروگرام هنن کان الڳ هو. يعني ڊزني لينڊ ڏسڻ. آپشنل ٽوئر ۾ گهڻو ڪري سڀ سياح ڪونه هوندا آهن. تنهنڪري هر روز واري رش به ڪانه هوندي آهي ۽ سيٽ جي ويهڻ جي به ڪا پابندي ڪانه هوندي آهي.


اسانجي بس پئرس جي صاف سٿرن، سهڻن، سينگاريل، سنواريل رستن تان هلندي نه پر ڄڻ ته ٽلندي، ٽمندي، مائي ڀاڳيءَ جي لوڪ گيت”تارن مان ترندي اچي، ڇولين مان ڇُلندي اچي... هو دل ٻاروچل، ٻاروچل پئي ڪري“ جيان اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن هلڻ لڳي. جڏهن ’سَين‘ (Seine) دريا تان گذري، ته باغن ۽ باغيچن جي ايڏي ساوڪ، جن وچان رستي تي هلندي، رنگا رنگ ڪپڙن ۾ ملبوس عورتون، ڏسي مونکي زيب النساءَ  جو هيءُ شعر ياد اچي ويو:
”لبِ جُو، سبزه زار، شراب و رُوءِ نگار“
يعني، ندين جي ڪنارن جي چو طرف، سرسبز ساوڪون، سهڻا ساجن، شباب ۽ شراب.
اسان اهي سرسبز ساوڪون ۽ ملوڪ ماڻهو ڏسندا، اچي پنهنجي اڄ جي پهرئين منزل، لوور عجائب گهر جي اڳيان بس مان لٿاسين. اتي سياحن جي بسن جو ميڙو متل هو. ٻاهر، پري کان، هلڪي نيري رنگ جي شيشن سان ٺهيل تمام وڏو ٽڪنڊو ڏسندي، ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته احرامِ مصر کي شيشا هنيا ويا آهن.
جڏهن متران، فرانس جو صدر چونڊيو ويو، ته هُن ٻين ڪيترين پئرس جي يادگار عمارتن سان گڏ لوور ميوزم جي نئين سر جوڙجڪ جو پڻ حڪم ڏنو. ان تي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تنقيد ڪئي ويئي. پر متران ان کي رد ڪندي، پنهنجي انهيءَ فيصلي تي قائم رهيو. متران ترقي پسند سوچ رکندڙ هو. هن صدر چونڊجڻ شرط ملڪ ۾ ڪيئي انقلابي اعلان ڪيا، جنهن ۾ فرانس طرفان نيٽو ڇڏڻ جو به اعلان شامل هو. ان اعلان تي ته ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر رجعت پسند لابيءَ مٿس زبردست تنقيد ڪئي. پر هن ڪابه پرواهه نه ڪئي. ڇو ته ماڻهن جي وڏي اڪثريت سندس انهن ترقي پسند تبديلين جي واکاڻ ڪئي ۽ اهڙي طرح هو ٻه ڀيرا صدر چونڊجي، ۱۴ ورهيه ان عهدي تي رهيو. فرانس ۾ صدر جو عهدو ستن سالن جو آهي.
اسان دنيا جي هن عظيم عجائب گهر ۾ پنهنجي گائيڊ جي سربراهي ۾، بنا ٽڪيٽ جي، مٿان کان هيٺ سيڙهين ذريعي داخل ٿي وياسين. هيڏي ساري مخلوق کي ڏسندي حيرت ٿي. هيٺ تمام وسيع لابي ٺهيل هئي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سياح فوٽا ڇڪي ۽ موويون ڀري رهيا هئا. هيٺ بيشمار ننڍا ننڍا دُڪان هئا، جن تي ريفريشمينٽ سان گڏ ضرورت جو سامان پڻ دستياب هو. سڄي ميوزيم ۾ سيڪيورٽي جو سهڻو بندوبست نظر آيو. عجائب گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏيون، وڏيون قطارون لڳل هيون. اسان به پنهنجي واري اچڻ تي پنهنجي گائيڊ سان گڏ ميوزم ۾ داخل ٿياسين. اندر بلڪل رش ڪونه هو، ڇو ته هيڏي وڏي ميوزيم ۾ ماڻهو چئو طرف پکڙجي ويا هئا. جنهنڪري سڪون نظر آيو. رش هو به ته صرف موناليزا واري تصوير جي هال ۾ هو. اُتي هونئن به هر وقت ميڙو متو پيو هوندو آهي. پئرس ۾ ايندڙ هر سياح جي اها خواهش هوندي آهي ته ليونارڊو ڊا ونچي (Leonardo da Vinci) جي هن بيمثال شاهڪار کي ضرور ڏسجي. سڀ کان وڌيڪ سيڪيورٽي به هن ئي سيڪشن ۾ نظر اچي ٿي، ڇو ته هن تصوير جي وڏي اهميت آهي. هي تصوير ڪيترا دفعا چوري به ٿي آهي، جنهنڪري هاڻ هن جي حفاظت لاءِ چوويهه ڪلاڪ سخت سيڪيورٽي جو بندوبست ٿيل آهي. اسان پنهنجي گائيڊ جي پٺيان پٺيان، هڪ گئلريءَ کان ٻي گئلري ڏسندا، اڳتي وڃي رهيا آهيون. لوور عجائب گهر جو مختصر پر جامع تعارف ڪجهه هن ريت آهي.
فرانسيسي عمارت سازيءَ جي عروج جي شاهدي ڏيندڙ هن عجائب گهر ۾ ٽن لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ تصويرون فن جي شاهوڪاريءَ جو ثبوت آهن. هتي جي هر شيءَ هڪ ئي وقت نمائش لاءِ موجود آهي. هيءُ ميوزيم موناليزا سميت ٻين انيڪ فنڪارن جي فن جو گهر آهي.
هي دنيا ۾ سڀ کان وڏو محل ۽ عجائب گهر آهي. ان جي مُهاڙيءَ جي صفائي کانپوءِ، هي اڳ کان به وڌيڪ سهڻو ٿي پيو آهي. هن عظيم ميوزيم کي سڄو هڪ ڏينهن ۾ گهمڻ ممڪن ناهي، ڇو ته توهان وٽ ايترو وقت آهي نه ئي گهربل سگهه، جو نوادرات جو ذخيرو تمام وڏو آهي. فقط هڪ ڏينهن ۾ پئرس شهر گهمندڙ سياح ڪوشش ڪري سڀ کان وڌيڪ مشهور عورتن، موناليزا ۽ وينس ڊي مِيلو جون تصويرون ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهن جي ميڙ مان پاڻ نڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪجهه گهڙيون پاڇي آهن، ته وِنگڊ وِڪٽري نالي مجسمو، جنهن جي ڳچي ڀڳل آهي، اهو ڏسڻ گهرندو آهي. اهو مجسمو سيمو ٿريس ماڳ تان لڌو ۽ اندازن ۲۰۰ ق-م جو چيو وڃي ٿو.
عجائب گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڱڻ تي شيشي جي ٺهيل ۷۱ فُٽ اوچي گنبذ منجهان لنگهڻو پوندو. اهو گنبذ هڪ ماهر عمارت ساز، آءِ ايم پئي، جي نگرانيءَ ۾ جوڙيو ويو ۽ ۱۹۸۹ع ۾ جڙي راس ٿيو. گنبذ شيشي جو هئڻ سبب ان جي هيٺان ٺهيل استقباليه دُڪانن ۽ هوٽلن تي سج جي روشني پوي ٿي. عمارت جي مرمت سبب نمائش لاءِ گهربل گئلرين ۾ ۸۰ سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ ٽوئر وارين گاڏين لاءِ زير زمين گيريجون پڻ ٺاهيون ويون آهن. ميوزيم ۾ داخلا لاءِ گهربل ٽڪيٽ لاءِ قطار ۾ بيهڻ کان بچڻ لاءِ گهربل ٽڪيٽون ٽيلي فون تي به خريد ڪري سگهجن ٿيون. اهي ٽپال وسيلي به گهرائي سگهجن ٿيون يا توهان FNAC جي ڪنهن به پئرس واري آفيس تان حاصل ڪري سگهو ٿا. هتي گڏ ڪيل شين کي، نمائش ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ، ستن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: ايشيائي نوادرات، مصري نوادرات، رومي نوادرات، يوناني نوادرات، مجسما، پينٽنگز يا چتر، ڇپيل شيون ۽ ڊرائنگ جا شاهڪار وغيره. ۱۹۹۷ع ۾ نين گئلرين جو تعداد وڌايو ويو. انهن ۾ اٽلي جون پينٽنگز ۽ رومي شيشي ۽ ڪُنجهي جو سامان، مشرقي نوادرات ۽ مصري نوادرات به رکيل آهن.

No comments:

Post a Comment